; سنڌي شخصيتون: اياز عالم ابڙو - معصوم سنڌي

27 April, 2012

اياز عالم ابڙو - معصوم سنڌي


اياز عالم ابڙو
مصور گهراڻي جو گل
معصوم سنڌي
اياز عالم، سنڌ جو نامور چترڪار، وڊيو گرافر، ڪهاڻيڪار، شاعر ۽ محقق آهي. هن 3 مئي 1950ع تي قمبر ۾، نامياري چترڪار ۽ استاد محمد عالم ابڙي جي گهر ۾ جنم ورتو. پرائمري تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول ۽ مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول حيدرآباد مان 1966ع ۾ پاس ڪيائين.
کيس چترڪاري ۽ فوٽوگرافي ورثي ۾ ملي. ٻالڪپڻ ۾ ئي ادبي ميدان ۾ قدم رکيائين. ڊرامي جي دنيا ۾ اسٽيج، ريڊيو ۽ ٽي ويءَ لاءِ ڪيترائي ڊراما لکيائين. سندس ٽي. وي ڊرامن ۾ ’ڏات جي ڏيهه ۾‘، ’گهايل مرڪ‘، ’پنهنجا پنهنجا سپنا‘، ’ڪُن ۽ ڪنارا‘ ۽ علامه آءِ آءِ قاضيءَ جي زندگيءَ تي لکيل ڊرامو ’انت بحر‘ مشهور ٿيا. سندس ريڊيو ڊرامن ۾ ’سوڀارو سانول‘، ’انت بحر‘ ۽ ٻيا تمام گهڻو پسند ڪيا ويا.


تحقيقي ميدان ۾ ايازعالم، سنڌ جي پسمنظر ۾ ريڊيو ۽ ٽي ويءَ لاءِ ڪيتريون ئي فلمون ۽ دستاويزي پروگرام تيار ڪيا. 1982ع ۾ سندس تيار ڪيل دستاويزي فلم ’ميربحر‘ کي جرمنيءَ جي عالمي فيسٽيول ۾، اسڪرپٽ جي بنياد تي پهريون انعام مليو. سنڌ جي پسمنظر ۾ دستاويزي فلمن جا ڪيترا ئي اسڪرپٽ مڪمل ڪري چڪو آهي، جن کي وڊيو رڪارڊنگ ڪري محفوظ ڪرڻ چاهي ٿو.
هيءُ اٺ سال ميونسپل هاءِ اسڪول قمبر ۾ آرٽس ۽ ڪرافٽس ٽيچر رهيو. انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ جي آڊيوويوئل سيڪشن ۾ فوٽوگرافر ۽ وڊيوگرافر طور 5 سال خدمتون سرانجام ڏنائين. سنڌي روزاني ” الک“ حيدرآباد ۾ 2 سال آرٽسٽ طور ڪم ڪيائين. ڄامشوري ۾ ئي رهي ٿو.

No comments:

راءِ ڏيندا