انور سولنگي
مکڻ جھڙو ماڻھو ۽ ڊرامن جو مکڻ خان
سيد يار محمد شاهه
سنڌي اداڪارن جي تاريخ ۾ انور سولنگي جو نالو هميشه نمايان رهندو.
سندس جنم ۽ وفات بابت، سندس فني سفر ۽ خوبصورت ڪارڪردگيءَ بابت ڪيترا ئي مضمون
سندس لاڏاڻي وقت شايع ٿيا ۽ سندس حياتيءَ ۾ سندس ڪيترا ئي انٽرويو شايع ٿيا، پر
آهسته آهسته وقت گذرڻ سان هو اسان کان وسري ويو، جيئن
سڀ وسرندا پيا وڃن.
هن هفتي اتفاق سان مون به انور سولنگي بابت لکڻ چاهيو ته ادي قاسم
راڄپر به فون ڪري ياد ڏياريو ته 3 اپريل تي سندس ورسي آهي. مرحوم جو هڪ اسٽيج
ڊرامو، جيڪو شايد مرحوم انور بلوچ صاحب جيڪو ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جو پروڊيوسر
هو، ان جو لکيل ۽ ان جي ئي هدايت ۾ نيو ميجسٽڪ سنيما حيدرآباد ۾ پيش ڪيو ويو،
مونکي اتفاق سان اهو ڏسڻ جو موقعو مليو ۽ اهو شايد 1968-69ع جو دور هو. ان ڊرامي ۾
انور بلوچ ۽ انور سولنگيءَ مرڪزي ڪردار ادا ڪيا هئا، مونکي اڄ به ٻنهي جي خوبصورت
پرفارمنس ياد آهي ۽ هميشه ياد رهندي.
ان کانپوءِ جڏهن ڪراچي ٽيليويزن تان سنڌي ڊرامن جو دور شروع ٿيو ته
ابتدا ۾ عبدالڪريم بلوچ سنڌي ڊراما ٺاهيا، ان کانپوءِ هارون رند، منظور قريشي،
محمد بخش سميجو، بيدل مسرور، عبدالحق عظيم، فدا حسين بلوچ، اقبال لطيف ۽ ذوالفقار
نقوي ”ناٽڪ رنگ“ لاءِ ڪيترائي سنڌي ڊرامه ٺاهيا. ريڊيو پاڪستان جي انهن صداڪارن جن
بلوچ صاحب سان گڏ ڪم ڪيو، انهيءَ کيپ کي بلوچ صاحب ڪراچي ٽيليويزن تي آندو، انهن ۾
نور محمد لاشاري، اي آر بلوچ، سيما، زرينه بلوچ، عبدالحق ابڙو ۽ انور سولنگي شامل
آهن ۽ انهن سنڌي فنڪارن پنهنجي فن جي پورهئي سان اڳتي هلي ڊرامه سيريل ”ديوارين“ ۽
”جنگل“ جي ذريعي بلند مقام حاصل ڪيو، انهن سنڌي فنڪارن، رائيٽرن، هدايتڪارن ۽ اردو
ڊرامن کي بين الاقوامي شهرت عطا ڪئي. انهن ڏينهن ۾ انور سولنگي ۽ مشتاق جسڪاڻي جي
جوڙي مزاح ۾ هڪ سڃاڻپ بڻجي وئي، انهن جي شهرت جي سبب سنڌي فلمسازن به کين پنهنجي
سنڌي ۽ اردو فلمن ۾ موقعو فراهم ڪيو. انور سولنگي ۽ مشتاق جسڪاڻي جي ”ڍولڻ ۽ مکڻ
خان“ واري جوڙيءَ کي مرحوم شاهه اسد سنڌي فلم ”پرو“ ۾ انهن ئي نالن سان ڪاسٽ ڪيو.
اڳتي هلي انور سولنگي کي نامور هدايتڪار نذرالاسلام اردو فلم ”خواهش“ ۾ اهم رول
ڏنو، جيڪو هن خوب نڀايو.
انور سولنگي هڪ حساس، سفيد پوش ۽ قدرتي ڏات سان نوازيل فنڪار هو،
جنهن کي منهنجي نظر ۾ سندس صلاحيتن موجب، ڪڏهن به مڪمل ڪردار نه مليو، پر هن سوين
ڊرامن ۾ سوين يادگار ڪردار ادا ڪيا، جنهن تي کيس پي ٽي وي ايوارڊ به مليو. مون
ساڻس تمام گهڻن يادگار سنڌي اردو ڊرامن ۾ يادگار ڪردار ڪيا، جن ۾ هڪ ڊرامو ”ڪونج“
هميشه ياد رهندو، جنهن جو پروڊيوسر محمد بخش سميجو مرحوم هو. مرحوم سان جڏهن به گڏ
ڪو منظر رڪارڊ ٿيندو هو، ته هو هر طرح سان اسان کي زيرِ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو هو،
ڊرامه سيريل ”ڪونج“ جي هڪ منظر ۾ مرحوم ريهرسل دوران جيڪا اداڪاري مون سان گڏ ڪئي
۽ آئون رڪارڊنگ دوران انهيءَ رسپانس جو منتظر هئس ته اچانڪ مرحوم غور سان موکي
ڏسي، ڊائيلاگ مون ڏانهن ڏسي ڳالهائڻ بدران ڪنڌ ٻئي طرف ڪري آهسته آهسته ڳالهائڻ
شروع ڪيو، مون کي سمجهه ئي نه پئي آيو ته پاڻ کي ڪيئن بچايان، مجبورن مون کي
پنهنجي ڳري آواز ۾ مڪالمه ڳالهائيندي کيس مون ڏانهن ڏسڻ تي مجبور ڪيو. مرحوم
منهنجي لکيل ڪافي سارن ٽي وي ڊرامن ۽ فلمن ۾ مون سان گڏ ڪم ڪيو. منهنجي سنڌي فلم
”علي گوهر“ ۾ ڪيريڪٽر ايڪٽر جي ڪردار ۾ محمود صديقي ۽ مون سان جيڪي ڊرامائي منظر
فلمبند ڪرايائين، سي هميشه مون کي ياد رهندا. ان کان پوءِ منهنجي فلم ”محب شيدي“ ۾
هڪ ظالم صوبيدار جو ڪردار بهترين انداز ۾ ڪيائين. اهڙي طرح اسان سنڌي فنڪارن مان
جنهن به، جڏهن ساڻس گڏ ڪنهن منظر ۾ اداڪاري ڪئي هوندي ته محتاط انداز ۾ ڪئي هوندي. سندس زندگيءَ ۾ ڪئين لاڙها چاڙها آيا، ايڪسيڊنٽ ۾ ڄنگهه ڀڳيس، زال وڏي خدمت ڪيس،
سندس گهر واريءَ جي ڀائرن تمام گهڻو ساٿ ڏنس، ڄنگهه ۾ راڊ لڳرائي کيس هلڻ جهڙو ڪرڻ
کانپوءِ، کيس عمرو به ڪرايائون، جنهن کانپوءِ سندس طبعيت ۾ هڪ روحاني تبديلي به
اچڻ لڳي هئي، پر وري سنڌي چينل کليا ته ڊرامن ۾ سندس ڪم جي مصروفيت وڌي وئي، هڪ اڌ
ڊرامو سنڌي چينل تي پاڻ به ٺاهيائين پر ان جوکم جهڙي ڪم ۾ وري هٿ نه وڌائين.
انور سولنگي قدرت جي ڏات سان نوازيل اهڙو ته فنڪار هو جو
ساڻس گڏ ڪم ڪندڙ هدايتڪار به سوچي سمجهي هدايتون ڏيندا هئا. سڀئي سندس سينئر ۽
حساس ترين فنڪار هئڻ جي ڪري، هميشه هيٺائين وٺندا هئا. پاڻ مرحوم به جهڙي تهڙي
اداڪار ۽ هدايتڪار کي گاهه ئي نه وجهندو هو، ساڳئي وقت فنڪارن جي حقن حاصل ڪرڻ
واري تحريڪ ۾ ڀرپور حصو وٺندو رهيو، ۽ ان مقصد لاءِ هر وزير يا آفيسر وٽ هلي به
ويندو هو، ۽ اتي وڃي ڪڙو سچ به ڳالهائي ايندو هو.
فنڪارن ۾ انور سولنگيءَ جو قد ڪاٺ، رهڻي ڪهڻي ۽ رويو بالڪل مختلف
هوندو هو. سندس دوستن جو به دائرو گهٽ هوندو هو.
آخر ۾ ثقافت کاتو، ڪراچي ٽيليويزن ۽ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد وارا
کيس ياد ڪن نه ڪن، پر آئون عوامي آواز جي ذريعي فن جي سمنڊ جي انهن سپن جون
ساروڻيون ساريندو رهندس. انور سولنگي سنڌي فنڪارن جي تاريخ ۾ هڪ نمايان باب جي
حيثيت ۾ هميشه نمايان ئي رهندو. مون ۽ مون جهڙن ڪيترن فنڪارن هن جي فن مان گهڻو ئي
سکيو ۽ پرايو آهي. ڪيتري به تڪليف هجيس، ڪيتري بي روزگاري هجيس پر پنهنجو حق گهري
وٺندو هو، وڙهي وٺندو هو، ويچارو ٿي ايلاز ڪندي مون کيس ڪڏهن به ڏٺو، بلڪه مون اهو
ڏٺو ته جڏهن به ڪو پروڊيوسر پنهنجي سيريل جي ڪاسٽ ۾ انور سولنگي جهڙي فنڪار کي نظر
انداز ڪري ويندو هو ۽ اوچتو وري انور سولنگي سامهون اچي ويس ته پوءِ اهو پروڊيوسر
پاڻ کي “Guilty” محسوس ڪندي يا ته
کيس ڪاسٽ نه ڪرڻ تي معافي وٺندو، يا وري اوچتو ان ڳالهه جي احساس ٿيڻ کانپوءِ کيس
ڪاسٽ ڪرڻ جو ماحول ٺاهيندو هو، بهرحال مون جڏهن به کيس ٻڌو ته هڪ ڪامريڊ فنڪار
وانگر تقرير ڪندي، يا حقن جي جدوجهد جي ڳالهه ڪندي ٻڌو. انفرادي مسئلن کي به
اجتماعي مسئلن جي جدوجهد ذريعي حل ڪرائي ويندو هو. جنهن سان ٻين کي به فائدو ملندو
هو.
No comments:
راءِ ڏيندا