; سنڌي شخصيتون: ڊاڪٽر محمد ابراهيم سنڌي

22 April, 2012

ڊاڪٽر محمد ابراهيم سنڌي

محمد ابراهيم سنڌي

سنڌي ٻولي جو خدمتگار

ممتاز علي وگھيو



محمد ابراهيم سنڌي شاه ڪريم بلڙي جي لڳ ڀڳ ڳوٺ خير محمد سمون ۾ پيدا ٿيو. سندس جنم جي تارخ ۵ نومبر ۱۹۵۳ع آهي سندس ابتدائي تعليم اتي ئي ٿي، اِنهيءِ کان پوءِ پاڻ عبدالرحيم ڪاتيار ۾ داخله ورتائين. جتي اٺين درجي جو امتحان پاس ڪري، بدين جي لڳ، رپ جي ڊي جي هاءِ اسڪول ۾ داخله ورتائين. اتي نائون ڪلاس پاس ڪيائين. ان زماني ۾ عبدالرحيم هاءِ اسڪول ٿيو، جنهنڪري پاڻ واپس اچي عبدالرحيم هاءِ اسڪول ۾ داخله ورتائين. انهيءِ اسڪول مان ميٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين. غريب هئڻ ڪري وڌيڪ تعليم تعليم حاصل نه ڪري سگھيو. ان ڪري ترت نوڪري ھٿ ڪرڻ جي ڪوشش ڪيائين. سندس ڪوششن رنگ لاتو ۽ پرائمري استاد طور مقرر ٿيا. سندس مقرريءَ وارو زمانو ۱۹۷۳ع هو. حيدرآباد ٽريننگ ڪالج مان پي ٽي سي پاس ڪيائين. انٽر سجاول ڪاليج مان. جڏهن ته بي اي، ايم اي سنڌي ادب ۾ حيدر آباد ڊگري ڪاليج مان حاصل ڪيائين.


پاڻ تعليمي معاملي ۾ خاموش نه رهيا. پر سندن تعليم جو سلسو جاري رهيو. انهيءَ ڪري جلدي بي ايڊ ۽ ايم ايڊ فرسٽ ڪلاس ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان پاس ڪيائين. دوستن جي تعاون ۽ مدد سان، استادن جي تنظيم جو صدر مقرر ٿيو. ادبي شغلن ۾ دلچسپي هئڻ ڪري، پاڻ ڪجھ عرصو سنڌي ادبي سنگت بلڙي شاه ڪريم جو سيڪريٽري رهيو.

پاڻ لکڻ جي شروعات، اٺين ڪلاس کان ڪيائين. ان زماني ۾ بزم طالب المولى شاخ بلڙي شاه ڪريم جو ميمبر ٿيو. گڏ گڏ ادبي مشاهرن ۾ پاڻ فعال رهيو. سندس، ٻارن جي ادب تي لکيل، پهرين ڪهاڻي، ٻارڙن جي ٻاري پروگرام ۾ نشر ٿي. جنهن کي ان وقت جي انائونسر ساراهيو.

سندس کوڙ سارا مضمون، ڪالم ۽ مقالا آهن، جيڪي مختلف ادبي رسالن ۽ ڪتابن ۾ شايع ٿيا آهن. مثلاً؛ هلال پاڪستان اخبار، هفتيوار گلن جهڙا ٻارڙا، ماهوار اديون ڪراچي، روزانو جاڳو اخبار، اطلاعات کاتي جو ڀٽائي نمبر ڪراچي، روزانه عبرت، عبرت ميگزين، سنڌو اخبار، هفتيوار سنڌو رسالو، هزار داستان، روزانه آفتاب، روزانه خادم وطن، ماهوار نئين زندگي، ماهوار الفاروق ڪراچي، ماهوار لطيف ڊائجيسٽ، ماھوار الصادق، ماهوار مرڪ، ماهوار سرتيون، ماهوار ڪوڪ، ماهوار المدينه ڀينڊو شريف. انهيءَ کان سواءِ پاڻ لطيف تي گھڻو لکندا آهن.

سندس اڻ ڇپيل شاعريءَ جا مجموعا:

۱. سنڌ سچ ٻڌاءِ

۲. اندر روح رهيام

سندس مضمونن ۽ مقالن جو هڪ اڻ ڇپيل ڪتاب، جيڪو ان شاءَ الله ڪوڪ پاران جلد ڇپرايو ويندو، سو آھي:

۱. اندر تون اجار

سندس ذاتي لائبريري ۾ چڱا خاصا ڪتاب موجود آهن. جن ۾ لطيفيات تي ڪافي مواد موجود آهي. انهيءَ کان سواءِ سندس لائيبريري جي اها خاصيت تعريف جوڳي آهي ته وٽس گھڻو ڪري مواد سنڌي ٻوليءَ ۾ آهي. انهيءَ کان سواءِ جي ڪو انگريزي يا اردو ڪتاب هوندو ته اهو به ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ سنڌي ادب سان لاڳاپيل هوندو. پاڻ مذهبي شخصيت آهي. ان ڪري سندس ڪتبخاني ۾ اسلام تي به ڪافي ڪتاب ملندا. پاڻ انتهائي مهمان نواز آهن. اهو ئي سبب آهي جو بلڙي شاه ڪريم ۾، درگاه تي، پوري سنڌ جا اديب اچن ٿا. انهن اديبن کي اڳي ئي خبر هوندي آهي ته هت هڪ مهمان نواز اديب رهندڙ آهي. ان ڪري سڀني اديبن جو ميزبان پاڻ هوندو آهي.

راقم الحروف حيران آهي ته هڪ ماستر، جنهن جي ٻي ڪا به آمدني نه هجي، سو ايڏي مهمان نوازي ڪيئن ٿو ڪري سگھي. بهرحال هي ايمان جو مسئلو آهي. خدا کيس پنهنجي پڄت کان وڌ مهمان نوازيءَ جو جذبو عطا ڪيو آهي، جنهن جو کيس نه صرف دين و دنيا پر قيامت جي ڏينهن به اجورو ملندو. منهنجي خيال ۾ اهڙا تمام گھٽ اديب هوندا جن جو سنڌ جي اڪثر اديبن سان اهڙا لاڳاپا هجن.

پاڻ نه صرف نثر سٺو لکندا آهن، پر موزون شاعري ۾ به کين ملڪو حاصل آهي. تازو ڪراچي يونيورسٽي مان پي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪئي اٿن. سندن مقالي جو عنوان آهي؛ شاه جي شاعري ۾ مرد جو ڪردار.

انهيءَ کان، ڪافي ڏينهن اڳ، سراج ميمڻ جي همشيره فهميده حسين ميمڻ، شاه جي شاعري ۾ عورت جو ڪرادار تي مقالو لکي، پي ايڇ ڊي جي ڊگري حاصل ڪئي هئي. هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته ملهه ڪنهن ماري آهي يعني فهميده عورتن کي نروار ڪري وئي آهي يا ابراهيم سنڌي، مردن کي نروار ڪيو آهي. بهرحال ان ۾ ڪا به شڪ شبهي جي گنجائش نه آهي ته هن وقت ٽنڊو محمد خان ۾ سندس وجود ڪنهن برڪت کان گھٽ نه آهي. اهڙا با اخلاق ۽ باڪردار اديب، ورلي پيدا ٿيندا آهن. اسان ڌڻيءَ در دعاڳو آهيون ته خدا کيس وڏي حياتي ڏئي ته پاڻ ٽنڊو محمد خان جي خدمت ڪندا رهن.


 

ڊاڪٽر محمد ابراهيم سنڌي

شاهه ڪريم جي نگريءَ جو فقير

اعظم ڀٽي

سائين ڊاڪٽر محمد ابراهيم سنڌي انتهائي قابل احترام ۽ شفيق استاد آهي، جنهن جي شفقت، پيار ۽ محبت اسان لاء هميشه هڪ وڏي ڏڍ ۽ حوصلي مثل آهي، ھۡو پي ايڇ ڊي ڊاڪٽر آهي، "شاهه لطيف جي ڪلام ۾ مرد جو ڪردار" جي موضوع تي هۡن ڊاڪٽوريٽ جي سنّد حاصل ڪئي، سنڌي ٻولي، علم، ادب ۽ ثقافت سان سندس بي پناهه پيار اسان لاء اتهاسڪ اۡتساهه جو سبب بڻيل رهيو آهي، يادگيرين جا تاڪيا کولي، تاريخ جي گهٽين ۾ گهۡمائڻ وارو سندس منفرد انداز، هڪ قابل ۽ فخرمند استاد جو عڪاس هوندو آهي، سندس ادبي خدمتن جو طويل باب ڪڏهن به وسرڻ جهڙو ناهي، هۡو تاريخ تي دسترس به ڪجهه سرس رکي ٿو، اظهار جي آزاديءّ جي حوالي سندس اختلاف راء رکڻ وارو لاڙو روايتي انداز کان منفرد هوندو آهي، پيرسنيءّ ۾ به سنڌي ٻولي، علم، ادب ۽ ثقافت جي خدمت وارو جۡنون سندس جذبن جي جوانيءّ جو ساکي بڻيل رهي ٿو، هۡو شاهه عبدالڪريم بۡلڙي واري جي نگريءّ جو اهو فقيري مزاج رکندڙ مهمان نواز ۽ مهندار آهي، جنهن پنهنجي مهمان خاني تي سنڌي ادب جي تمام وڏن وڏن نالن وارن وجودن جا هٿ ڌۡوئاريا آهن. يادگيرين جي ان تاڃي پيٽي جي ور ور جو واس اڄ به سندس ذهن ۾ تازي گلاب جيان مهڪندڙ آهي. عۡمر جي فرق جي باوجود اسانجي رفاقتن کي ڪڏهن ڪو گرهڻ نه لڳو آهي، پاڻ وڏا وڙ ڪري شاهه ڪريم جي نگريءّ کان پنڌ پيو، اجرڪ جي ڦۡلڙين جيان منهنجي مختصر آستاني کي اچي سۡونهن ارپيائين، ان پنڌ جو وڏو سبب اسانجي گڏيل خوشيءّ ۽ تاريخي ڪاميابيءّ جو جواز، منهنجو سنڌي ادبي سنگت، سنڌ جو مرڪزي خزانچي چونڊجڻ هو، جنهن ڪاميابي کي هۡو پنهنجي ڪاميابيءّ سمجهي، اجرڪ جهڙا رنگ ارپڻ آيو هو، مون لاء ان کان وڏو اعزاز ٻيو ڪهڙو ٿي سگهي ٿو ته حوصلا افزائيءّ جي ان جوهر، ٽهيءّ جي فرق کي مٽائي، مون لاء مڃتا جا موتي آڻي اچي محبت جي ونڊ ڏني، هي فقير منش شخص پنهنجي مزاج ۾ جيتري سادگيءّ رکي ٿو، ان کان وڌيڪ هۡو نئين ٽهيءّ جي لاء فڪرمند هوندو آهي، سندس سوچڻ ۽ لوچڻ جا اولڙا توڙي جو روايتي رنگن کان مختلف آهن پر هۡن کي نئين ٽهيءّ مان تمام گهڻيون اميدون وابسته آهن، شايد سندس هي پنڌ به ان تسلسل جي ڪڙيءّ جيان لڳو. چند لمحن جي ويهڪ ٻولي، علم، ادب، ثقافت، موسيقي، تاريخ، لطيفيات سميت لوڪ ادب بابت ڄاڻ جا ڪيئي گۡل پسايا، جن جي مهڪ من ۾ ائين واسو ڪري ويهي رهي ڄڻ ته اسان هڪڙي ٽهيءّ جا مسافر هۡجون، جنهن جو رستو يا دڳ هڪجهڙائي جو هيجان هجي. مونکي هۡو موهن جي دڙي جي مٽيءّ جو اهڙو دراوڙ محسوس ٿيندو آهي، جيڪو تاريخ جي سفر ۾ اڻانگي پنڌ جا پيچرا لتاڙي اچي شاهه ڪريم جي نگريءّ ۾ ٿانيڪو ٿيو، جتان هۡن رڳو امن، پيار، محبت ۽ خدمت جا جوهر ڏيکاريا. هۡن جي يادن جي تاريخ ۾ مثبت ۽ منفي قسم جا اڻ ڳڻيا داستان محفوظ ٿيل آهن، جيڪي اگر سندس آٿم ڪٿا ۾ عيان ٿين ته حيرت جو هڪ نئون جهان جوڙي وجهن، شخصن کان وٺي ادارن تائين هۡن جي من جي اوطاق ۾ ڪيئي قصا ۽ ڪهاڻيون ميزبان جو رۡوپ ۾ توڙي مهمان جي حيثيت ۾ ائين محفوظ آهن جيئن ڄڻ ته هۡن جي حافظي جي تازگيءّ جو چٽو ثبوت هجن. شاهه ڪريم، ٽنڊو محمد خان توڙي لاڙ پٽ يا سموري سنڌ جي تاريخ سندس سيني ۾ هڪ طويل دستاويز جيان محفوظ آهي. سندس باري ۾ عام خيال اهو آهي ته معلومات جي ونڊ ۾ هۡو ڏاڍو محتاط رهي ٿو پر جڏهن آمهون سامهون خيالن جي کوجنا وارا آثار ظاهر ٿين ٿا ته هۡو ڏاڍي بيباڪ انداز ۾ روانيءّ سان، تسلسل سان تاريخ جا تاڪيا کولي ويهي ٿو، سندس تنقيد ۽ اصلاح جا زاويا به انفراديت جا حامل آهن، هۡو هر ان قابليت جو قائل آهي جيڪا شعور ۽ لاشعور سان گڏ گڏ سفر ڪري ٿي پر ان لاء هۡن وٽ سنّد ۽ تصديق جي وڏي اهميت آهي. شال سندس وجود ائين ئي کانئس جونيئر ٽهيءّ لاء نيڪ تمنائن جا گۡل ورهائيندو رهي. جن نيڪ تمنائن لاء هۡن وٽ فرضن ۽ قرضن کان به اعلي' ۽ اۡتم سوچ جا ويڙها وسيل آهن. يقينن شاهه ڪريم جي نگريءّ جو هي فقير منش اديب اسانجو اثاثو ۽ ڇپر ڇانوّ آهي، جنهن جي تقليد جي رستن کي اڃا به ويڪرائيءّ جون واٽون گهۡربل آهن. بس سندس شفقت ۽ محبتن جي ڪٿ لاء لفظن جو ذخيرو مونکي بيوس ڪري وجهي ٿو. جنهن کي وس ۾ ڪرڻ جي ڪا تمنا به الاء ڇو مونکي اڌۡوري ٿي ڀاسي، ڪنهن به شخصيت جي باري ۾ مڪمل دسترس وارو ڏانءۡ واقع به اڙانگو پنڌ آهي. شال انهن محبتن کي ڪا مات نه اچي!!

 

(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۸ ڊسمبر ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)




ڊاڪٽر محمد ابرهيم سنڌي

انتقال پرملال.. ڀلاري رات اسان کان وڇڙي ويو. :

ڊاڪٽر محمد علي محمدي

ھي اھي سندس آخري پيغام جيڪو ڊاڪٽر محمد ابرهيم سنڌي ۷ مارچ ۲۰۲۴ع تي مون ڏانھن مئسيج ڪيو.ھاڻي ٿوري دير اڳ وڃي رب کي پرتو

انا لله وانا اليه راجعون

(ڊاڪٽرمحمد علي محمدي سائين منهنجو ڪتاب ڪمپوز ٿيل آھي۔توهان کي اڳي به عرض ڪيو هوم وري به گذارش آهي ته ڪتاب (حيات الحيوان علامه ڪمالدين محمد بن موسي بن عيسي الميري۔۷۴۲.۸۰۸ھ)سنڌي ترجمو ڪيو آھي جيڪڏهن توهان جي معرفت سان مهراڻ اڪيڊمي وارا ڇپيندا ته لک لائق ۔ڪتاب سڄو سيٽ ٿيل تقريبن ڪمپيوٽر وارا صفحا ۸۵۰ ٿيندا ۽ اهو ڪتاب ۴۲۵ صفحن جو ٿيندو۔توهان دلچسپي وٺندا ته ڪتاب ڇپجي ويندو۔ ابراهيم سنڌي)

منھنجي ساڻس ڏيٺ ويٺ ڪيترن سالن کان صرف موبائل ٿي ھئي . ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڪچھريون ڪندو ھو . سندس علم ۽ جاکوڙ کان متاثر ھوس ڪيترن ئي دعوتن باوجود سندس حاضري ڀري نه سگھيس . ڀلاري رات وڃي دارالبقا راھي ٿيو.

آيوڪانگ قاصد صبح جو سويرو۔

اڄ ايندو اڱڻ تنهنجي محبوب پيارو۔

لھي ڏک ويندا۔ ڪندو سنهنج سائين۔

 وريو بخت تنهنجو آ بيشڪ ڀلارو۔ (محمد ابرهيم سنڌي)

تعارف:

ابراهيم ”سنڌي“ ڊاڪٽر: اديب، عالم ۽ لطيف شناس، ڊاڪٽر محمد ابراهيم سنڌيءَ جو پورو نالو محمد ابراهيم ولد محمد دائود سمون آهي. سندس جنم ۵ نومبر ۱۹۵۳ع تي ڳوٺ خير محمد سمون، تعلقي بلڙي شاهه ڪريم، ضلعي ٽنڊي محمد خان ۾ ٿيو. ۱۹۷۳ع ۾ تعليم کاتي ۾ استاد مقرر ٿيو. هن انٽر گورنمنٽ سجاول ڪاليج مان، بي اي ۱۹۸۶ع ۾ ۽ ايم.اي ۱۹۸۸ع ۾ پاس ڪرڻ بعد، بي ايڊ ۽ ايم ايڊ جا امتحان پاس ڪيا. هن ڪراچي يونيورسٽيءَ مان. ڊاڪٽرنوازعلي شوق جي نگرانيءَ ۾ ”شاهه لطيف جي ڪلام ۾ مرد جو ڪردار“ جي عنوان تي ۲۰۰۹ع ۾ پي ايڇ ڊي ڪئي. لطيفيات ۽ تاريخ تي تحقيقي ڪم سندس خاص مشغلو آهي. ۸۵-۱۹۸۴ع ۾ ”شاهه ڪريم بلڙيءَ مان سندس سرپرستيءَ ۾“ بسنت پبليڪيشن نالي رسالي جاري ٿيو. ساڳئي ئي شھر مان ۱۹۹۳ع ڌاري ”ڪوڪ“ جي نالي سان رسالو پڻ جاري ٿيو، جنھن جوپاڻ سرپرست رهيو.مارئي تنظيم طرفان (شاهه سچل ۽ سامي انٽرنيشنل ڪانفرنس دهلي) ۾ سنڌ جي اديبن جي وفد سان هند جي سفرڪرڻ کان پوءِ ۲۰۱۴ع ۾حج جي سعادت حاصل ڪئي. سندس ڇپيل ڪتابن ۾: ’ٽنڊي محمد خان ضلعي جو سماجي اڀياس‘ (درجو ٽيون. سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ ڄام شورو ۲۰۰۶ع)، ”شاهه لطيف جي ڪلام ۾ مرد جو ڪردار“، (لطيفيات: ۲۰۱۱ع)، ’اندر تون اجار‘ (لطيفيات: ۲۰۱۷ع)، ’راحت القلوب‘ (ترجمو: ۲۰۱۵ع)، ’انيس العاشقين‘ (مولانا محمد نورنگزادي جو حج جو سفرنامو، تحقيق ۽ ترتيب: ۲۰۱۶ع)، ’بسم جون برڪتون‘ (۲۰۲۱ع)، ’شاهه جي ڪلام ۾ حيوانات، جمادات ۽ نباتات جو ذڪر“ (تحقيق: ۲۰۲۱ع)، ”ڪا جا روح رهاڻ“ (سوانحي خاڪا، مضمون) ۽ ”رولاڪ راهون“ (آتم ڪٿا) قابل ذڪر آهن. ڊاڪٽر محمد ابراهيم سنڌيءَ جي ذاتي لائبرري ۾ ڪتابن جو هڪ وڏو ذخيرو موجود آهي. ان کان علاوه موسيقيءَ جو وڏو خزانوآڊيو۽ وڊيوجي صورت ۾ موجود آهي

رب پاڪ سندس مغفرت فرمائي کيس جنت الفردوس عطا فرمائي پونئرن کي صبر سھڻ جي سگھ عطا فرمائي آمين.

سندس جنازي نماز صبح ۹ بجي درگاھ بلڙي شاه ڪريم ۾ ٿيندي .

ڊاڪٽر محمد علي محمدي

پنوعاقل ۷ اپريل ۲۰۲۴ع


 

ڊاڪٽر محمد ابراهيم سنڌي جي موڪلاڻي

ڊاڪٽر محمد ابراهيم سنڌي جو جنم ۵ نومبر ۱۹۵۳ع تي ڳوٺ خير محمد سمون لڳ بلڙي شاھ ڪريم ضلع ٽنڊو محمد خان ۾ ٿيو.

سنڌي ادب ۾ ايم اي ڪرڻ کان بعد ڪراچي يونيورسٽي مان [ شاھ عبداللطيف جي شاعري ۾ مرد جو ڪردار ] عنوان ھيٺ تحقيقي مقالو لکي پي ايڇ ڊي جي سند حاصل ڪيائين جيڪا بعد ۾ روشني پبلڪيشن ڪنڊياري جي طرفان شايع ٿي.

ماھوار شريعت سکر ۾ به ڪيترائي مضمون لکيائين.انھن مان ڪجھه ھن ريت آھن.

پاڻ جن شخصيتن تي مضمون لکيا جيڪي بعد ک شريعت رسالي ۾ شايع ٿيا انھن مان ڪجھ ھن ريت آھن

(۱) مولانا خان محمد سومرو

(۲) مولانا خير محمد خضري مگسي

(۳) مولانا عبدالرحمان سومرو

(۴) مولانا محمد راھوٺي

(۵) مولانا محمد عمر مگسي

(۶) مولانا محمد يونس سمون

(۷) مولانا محمود مگسي

ان کان علاوھ ٻيا به ڪافي مضمون ماھوار شريعت سکر ۾ شايع ٿيل آھن

ڊاڪٽر محمد ابراهيم سنڌي اڄ اسان کان ھميشه لاءِ جدا ٿي ويو سندس وفات جو ٻڌي وڏو ڏک ٿيو.

ٽنڊو محمد خان :

سنڌي ادبي سنگت ٽنڊي محمد خان جي ضلعي رابطا سيڪريٽري اعظم ڀٽي، شاخ ٽنڊي محمد خان جي سيڪريٽري رفيق آس لغاري، ڪائونسلر مشڪور ڦلڪارو، شاخ آبادگار شگرملز جي سيڪريٽري سيد اسلم شاهه، ڪائونسلر لعل بخش "لالڻ" سٺيو، شاخ بلڙي شاهه ڪريم جي سيڪريٽري محمد عثمان پنهور، ڪائونسلر عبدالخالق"ناز" ميمڻ، شاخ گاجا جي سيڪريٽري شرف نظاماڻي، ڪائونسلر اعجاز نظاماڻي، آغا جان آغا، ڊاڪٽر قادر بخش مگسي، اعجاز علي جسڪاڻي، گل خاصخيلي، مختيار نظاماڻي، ڊاڪٽر جمال ناصر سولنگي، عاشق علي ڳاهو ۽ ٻين سنڌي ٻولي جي ناليواري اديب، دانشور، محقق، شاهه لطيف جي عاشق ۽ شاهه لطيف جي شاعري جي پارکۡو ڊاڪٽر محمد ابراهيم سنڌي جي جيءۡ جهوريندڙ وڇوڙي تي گهري ۡڏک ۽ غم جو اظهار ڪندي سنڌي ادبي سنگت ضلعي ٽنڊي محمد خان پاران ٽي ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪيو آهي. هنن گڏيل تعزيتي بيان ۾ چيو آهي ته ڊاڪٽر محمد ابراهيم سنڌي جي وڇوڙي سان سنڌي ادب ۾ هڪ وڏو خال پيدا ٿي پيو آهي، جنهن جا اثرات هڪ وڏي عرصي تائين قائم رهندا. ڊاڪٽر ابراهيم سنڌي، سنڌي ٻولي، علم ۽ ادب جو خدمت گۡذار ۽ کاهوڙي ڪردار هو، جنهن لڳ ڀڳ هر موضوع تي قلمي پورهيو ڪري، سنڌي ٻولي ۽ ادب جي جهول ۾ هڪ وڏي ادبي ذخيري جو واڌارو ڪيو، ٻولي جي اهڙن جاکوڙي ۽ متحرڪ ڪردار جي علمي ۽ ادبي خدمتن کي ڪڏهن به وساري نٿو سگهجي. سندس وڇوڙو سنڌي ادب لاء هڪ وڏو سانحو آهي. هنن دۡعا ڪئي آهي ته رب پاڪ سندس درجا ۡبۡلند ڪري ۽ پونئرن کي صبر جي توفيق عطا فرمائي.

اعظم ڀٽي

رابطا سيڪريٽري

سنڌي ادبي سنگت، ضلعو ٽنڊو محمد خان

 ۷ اپريل ۲۰۲۴ع

بمطابق ۲۷ رمضان المبارڪ ۱۴۴۵هجري

بروز آچر


 

ڊاڪٽر محمد ابراهيم سنڌي

يادگيريون

ميان مير چانڊيو

يادن جي وهڪري لوڙھي اڄ بلڙي شاهه ڪريم جي ان گهٽيءَ ۾ آندو، جيڪا گهٽي بازار مان درگاهه ڏانهن وڃي ٿي. جنهن ئي گهٽيءَ جي ڇيڙي تي ۷ اپريل جي ڏينهن ڊاڪٽر ابراهيم سنڌي جي جنازي نماز ٿي هئي. اها سوڙھي گهٽي بازار مان نڪري اڳيان وڃي درگاه جي قريب ڪشادي ٿئي ٿي, ان ئي گهٽيءَ جي اوڀر طرف وڏا قديم وڻ آھن. انهن وڻن لڳ گهٽيءَ جي اڀرندي ڪناري کان هڪ مٿانهين هنڌ تي هڪ ڪچي اوطاق ياد ٿي اچي، جيڪا ڊاڪٽر ابراهيم سنڌي جي هوندي هئي، جنهن ۾ کٽون، ڪرسيون ۽ ٻه الماريون ڪتابن سان سٿيل پيل هونديون هيون. هڪڙو پٽ پنکو هوندو هو. ٽيبل جي مٿان اجرڪ چادر طور وڇايل هوندي هئي. اوطاق جي اندرئين دروازي تي ڪاٺ جي تختيءَ تي لکيل هوندو هو: “محمد ابراهيم سنڌي”. اوطاق جي ڪمري ۾ ابراهيم سنڌي جو ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ سان گڏ فوٽو ڪاٺ جي فريم ۾ قيد لڳل هوندو هو. مهنجي ساڻس پهرين ملاقات ڪڏھن ٿي، ياد نه آھي، پر ايترو ياد اٿم ته جڏھن آئون هن سان پهريون دفعو مليو هوس ته هن جا وار چٽڙا ٿي ويا هئا. هو ان وقت ساڳئي شھر جي پرائمري اسڪول ۾ پڙھائيندو هو، جنهن وقت سيد دلشاد علي شاه جهڙا جهونا استاد به ساڳئي اسڪول ۾ پڙھائيندا هئا. ان عرصي دوران هن جو نوجوان ڀاءُ گذاري ويو. آئون هن جي ڳوٺ هن سان ڏک ونڊڻ ويو هوس، جيڪو ڳوٺڙو هڪ واهه جي ڪناري هو. اتي ڪچي اوطاق ۾ تڏو وڇايل هو. واهه جي ڪناري کان نمن ۽ ٻٻرن جا گهاٽا وڻ ھئا، جن تي پکين ٻوليون ٿي ٻوليون. گهاٽن وڻن ۾ پکين جا آکيرا به هئا، جن ۾ پکي آنا لاهي ٻچا ڦوڙيندا هئا. پوئين دفعي آئون تڏھن ويو هوس، جڏهن پاڻ حج تان موٽيا هئا. ان وقت واهه کي کانٽي جي بهاني وڻ وڍائي پکين جا آکيرا ختم ڪرايا ويا هئا. پکي الائي ڪيڏانھن اڏامي هليا ويا. پکي، جانور، انسان سڀ هن سنسار ۾ ڪجھ عرصو رهي اڻ ڄاتل لوءِ لڏي ٿا وڃن، جنهن لوءِ جي پهرين ڪائي خبر ناهي ھوندي. مون پهريون دفعو زندگي کي بهار جي ٻپهري وانگي تڏھن محسوس ڪيو هو، جڏھن منهنجو ڀاءُ جمن، مامون نورمحمد ۽ سئوٽ ھاشم گهران ٽھڪ ڏيندي شھر لاءِ نڪتا هئا. ويرم ئي ڪانه گذري ته سندن رتو رت لاش گهر پهتا هئا. هو ٽيئي ڄڻان ايڪسيڊنٽ ۾ گذاري ويا هئا. پوءِ ته مون پرجوش جيئڻ جو آسرو ئي پلي ڇڏيو هو. ٻين جو مرڻ ڏسي ماڻهن جي پنهنجي حالت به مئلن جهڙي ٿي وڃي ٿي. جڏھن هو پاڻ سنڀالي هن محسوساتي عالم ۾ موٽن ٿا، تڏھن گهڻو ڪجھ وسري وڃي ٿو ۽ وري جنهن پل هنن کي ٻين جو موت ياد پوي ٿو ته هو زندگي تان آسرو پلي ٿا ڇڏين. جيئن بهار ٻپهري گذريندي دير نٿي ڪري، ايئن زندگي به گذرندي دير نٿي ڪري. مون کي هڪ پراڻي دوست موسيٰ ملڪاڻي هڪ هڪ دفعي چيو هو ته جيڪا به زندگي ملي آھي، اها مسرت سان گذارجي. باقي غم ۽ درد ۾ گهارڻ ويتر مشڪل هوندو آھي. موسيٰ ان وقت گلاس مٿان گلاس ڏوڪي رهيو هو. رات جي پهرئين پهر ۾ تڏ جي ٻولڻ جو آواز اچي رهيو هو، جيڪو آواز وقت گذرڻ سان ويتر تيز ٿيندي ٿي ويو. ان وقت مون کي ڪنهن ڪتاب ۾ پڙھيل مصر جي شاعر بربط نواز جو هي گيت ياد آيو:

اڄ جي رات عيش ۽ طرب ۾ گذار

بهترين ۽ فرحت ڏيندڙ خوشبوئن جو مزو وٺ

مهو جا گل ۽ ڪنول جا هار

پنهنجي محبوب جي ڳچي ۽ ٻانهن ۾ سجاءِ

۽ نغما ٻڌ، ساز ٻڌ

ھي وقت خوشي ۽ شادماني ۾ بسر ڪر

سوچ وهم ۽ ويچار کي ڀڄائي ڪڍ

رڳو خوشين کي ڌيان ۾ رک

ماڻھو اهي وڇوڙا ۽ ڏک ڪيئن ٿو وساري سگهي، جيڪي هن کي تکي ڪاتيءَ وانگي هيئين ۾ ٽنبجي ويندا آھن ۽ پوءِ حساس ماڻھو دل ڀري روئي ته ڏيندو آھي، پر کلي نه سگهندو آھي. ماڻھو تيستائين کلندو آھي، جيستائين ان کي درد جو نانگ نٿو ڏنگي. جڏھن کان ماڻھوءَ کي دنيا جا ڏنل زخم پيا چڪندا آھن، تڏھن کان ماڻھو زندگي جو فرار پيو ڳوليندو آھي. منير احمد ماڻڪ، علاما آءِ آءِ قاضي، عرفان مهدي جهڙن ماڻھن شايد زندگي کان فرار ۾ خودڪشي چونڊي هئي.

آئون زندگي جي ڏکائين، تنهائين، عشقن ۽ شوق جي ذڪر کي ڇڏي ٻيهر شاه ڪريم جو رخ ٿو ڪريان. شاه ڪريم ۾ ڪيترائي دوست هوندا هئا، جيڪي ادبي ذوق رکندڙ هئا، جن ۾ نيازمند بلڙائي، عبدالله ميمڻ, عثمان پنهور، ساگر ميمڻ، دلدار مگسي، راجا رند، سومار سمون ۽ ابراهيم سنڌي. ابراهيم سنڌي اڳيان هلي اها اوطاق وڪڻي درگاه جي اولھ طرف پلاٽ وٺي پڪي اوطاق ٺھرائي. پوءِ وري ان اوطاق تي ادبي ميلا متل رهندا هئا. سندس جنم ۵ نومبر ۱۹۵۳ع تي ڳوٺ خير محمد سمون، تعلقي بلڙي شاهه ڪريم، ضلعي ٽنڊي محمد خان ۾ ٿيو. ھو ۱۹۷۳ع ۾ تعليم کاتي ۾ استاد مقرر ٿيو. هن انٽر گورنمنٽ سجاول ڪاليج مان، بي اي ۱۹۸۶ع ۾ ۽ ايم.اي ۱۹۸۸ع ۾ پاس ڪرڻ بعد، بي ايڊ ۽ ايم ايڊ جا امتحان پاس ڪيا. هن ڪراچي يونيورسٽيءَ مان. ڊاڪٽر نواز علي شوق جي نگرانيءَ ۾ “شاهه لطيف جي ڪلام ۾ مرد جو ڪردار” جي عنوان تي ۲۰۰۹ع ۾ پي ايڇ ڊي ڪئي. لطيفيات ۽ تاريخ تي تحقيقي ڪم سندس خاص مشغلو هو. ۸۵-۱۹۸۴ع ۾ شاهه ڪريم بلڙيءَ مان سندس سرپرستيءَ ۾ “بسنت پبليڪيشن” نالي رسالو جاري ٿيو. ساڳئي ئي شھر مان ۱۹۹۳ع ڌاري “ڪوڪ” جي نالي سان رسالو پڻ جاري ٿيو، جنھن جو پاڻ سرپرست رهيو. جيڪي ٻئي رسالا اڳيان هلي بند ٿي ويا. پاڻ مارئي تنظيم طرفان “شاهه، سچل ۽ سامي انٽرنيشنل ڪانفرنس” (دهلي) ۾ سنڌ جي اديبن جي وفد سان گڏ هندستان جي سفر تي به ويو هو. اتان موٽي ۲۰۱۴ع ۾ حج جي سعادت حاصل ڪيائين. سندس ڇپيل ڪتابن ۾: “ٽنڊي محمد خان ضلعي جو سماجي اڀياس” (درجو ٽيون. سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ ڄام شورو ۲۰۰۶ع)، “شاهه لطيف جي ڪلام ۾ مرد جو ڪردار”، (لطيفيات: ۲۰۱۱ع)، “اندر تون اجار” (لطيفيات: ۲۰۱۷ع)، “راحت القلوب” (ترجمو: ۲۰۱۵ع)، “انيس العاشقين” (مولانا محمد نورنگ زادي جو حج جو سفرنامو) اچي وڃن ٿا. سندس ڪجھ اڻ ڇپيل ڪتاب به موجود آھن، جن ۾ شاهه جي ڪلام ۾ حيوانات، جمادات ۽ نباتات جو ذڪر “ڪا جا روح رهاڻ” ۽ “رولاڪ راهون” (آتم ڪٿا) اچي وڃن ٿا. مون کي سندس آتم ڪٿا جو مسودو ڏنو هئائين ته جيئن آئون ان کي ڏسان. مون ان مسودي کي ڏسي کيس واپس ڪيو. چيائين ته هاڻي هي مسودو ڪنهن کي ڏجي ته ڇپجي. مون چيو ته سائين پبلشرن کان ويٺو پناه گهر. پئسا وٺندا پورا، پوءِ پيا ناز نخرا ڪندا. چيائين ته بابا آئون رٽائر ماڻھو آھيان. گهر جو، اوطاق جو خرچ ۽ ٻيا ڪئين خرچ آھن. ڪتاب ڪيئن ڇپرائجي؟ پاڻ ۽ نيازمند بلڙائي ڪڏھن ڪڏھن ڪٿان موٽندي يا ڪيڏانھن ويندي مون وٽ ايندا هئا. پاڻ هاڻي هن فاني جهان ۾ نه رهيو آھي. هن کي ساري مون کي غالب جو شعر ياد ٿو اچي:

الاهي ميري لبون پر يه ڪس ڪا نام آتا هي

ڪه ميري نطق ني بوسي ميري زبان ڪي لئي

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۱۳ اپريل ۲۰۲۴ع تي ڇپيل)

 

No comments:

راءِ ڏيندا