محمد ابراهيم
سنڌي
سنڌي ٻولي جو
خدمتگار
ممتاز علي وگھيو
محمد ابراهيم سنڌي شاه ڪريم
بلڙي جي لڳ ڀڳ ڳوٺ خير محمد سمون ۾ پيدا ٿيو. سندس جنم جي تارخ ۵
نومبر ۱۹۵۳ع آهي سندس ابتدائي تعليم اتي ئي ٿي، اِنهيءِ کان پوءِ
پاڻ عبدالرحيم ڪاتيار ۾ داخله ورتائين. جتي اٺين درجي جو امتحان پاس ڪري، بدين جي
لڳ، رپ جي ڊي جي هاءِ اسڪول ۾ داخله ورتائين. اتي نائون ڪلاس پاس ڪيائين. ان زماني
۾ عبدالرحيم هاءِ اسڪول ٿيو، جنهنڪري پاڻ واپس اچي عبدالرحيم هاءِ اسڪول ۾ داخله
ورتائين. انهيءِ اسڪول مان ميٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين. غريب هئڻ ڪري وڌيڪ تعليم
تعليم حاصل نه ڪري سگھيو. ان ڪري ترت نوڪري ھٿ ڪرڻ جي ڪوشش ڪيائين. سندس ڪوششن رنگ
لاتو ۽ پرائمري استاد طور مقرر ٿيا. سندس مقرريءَ وارو زمانو ۱۹۷۳ع
هو. حيدرآباد ٽريننگ ڪالج مان پي ٽي سي پاس ڪيائين. انٽر سجاول ڪاليج مان. جڏهن ته
بي اي، ايم اي سنڌي ادب ۾ حيدر آباد ڊگري ڪاليج مان حاصل ڪيائين.