; سنڌي شخصيتون: آمنه خميساڻي

27 April, 2012

آمنه خميساڻي

آمنه خميساڻي

معصوم سنڌي



تعليمي ماھر ۽ استاد، پروفيسر اَمينه خميساڻي، ضلعي دادوءَ جي پاٽ شھر ۾، ۱۶ اپريل ۱۹۱۹ع تي ڄائي، سکر جو اڳوڻو ڪليڪٽر علي بخش چنو سندس والد ھو، مئٽرڪ جو امتحان ڪراچيءَ جي سينٽ جوزف اسڪول مان پاس ڪيائين. بي اي ۱۹۴۳ع ۾ پنجاب يونيورسٽي مان ۽ ايم اي انگلش، ۱۹۵۵ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪيائين ۽ ساڳئي ئي سال سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ انگريزي شعبي جي ليڪچرر مقرر ٿي، سموري حياتي تعليم جي خدمت لاءِ وقف ڪندڙ ھن خاتون، ۱۹۶۳ع ۾، آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ مان ’سترھين صديءَ جي انگريزي ادب‘ جي موضوع تي ڊپلوما ڪئي. ۱۹۶۹ع کان ۱۹۷ ۴ع تائين سنڌ يونيورسٽيءَ جي انگريزي شعبي سان وابسته رھي. هن سبجيڪٽ ايڪسپرٽ طور پشاور يونيورسٽي، بلوچستان يونيورسٽي ۽ سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊي ڄام ۾ پڻ پنھنجون خدمتون سرانجام ڏنيون. ۱۹۸۳ع ڌاري اقوام متحده جي جنرل اسيمبليءَ جي اٺٽيھين اجلاس ۾ نمائندگي ڪيائين. پاڻ عورتن واري رتبي جي پاڪستاني ڪميشن جي ميمبر ۽ ساڳي ڪميشن جي ۱۹۸۴ع واري ڇپيل رپورٽ جي سھڪاري ايڊيٽر پڻ رھي.


آمنه خميساڻيءَ مختلف موضوعن تي ڪيترا ئي تحقيقي مضمون لکيا، جن مان ’سنڌ جي عورت‘، ’ ڪربلا کان اڳ ۽ پوءِ‘، ’اسلام ۾ عورت جو مقام‘ ۽ ٻيا موضوع شامل آھن، ان کان سواءِ انگريزي ادب ۾ ملڪي ۽ غير ملڪي معاملن تي ڪيترا ئي ڪتاب لکيائين، جن ۾

(۱) “Drama Between Two World Wars”،

(۲) “Casual Peeps at English Literature”،

(۳) “Sindh‘s Contribution to English”،

مشهور آھن. تعليمي ميدان ۾ وڏو ڪردار ادا ڪندڙ اَمينه خميساڻي ۱۹۸۵ع ۾ وزٽنگ پروفيسر جي عهدي تان رٽائر ٿي. سندس وڏو ڪارنامو شاهه جي رسالي جو نثر ۾ مڪمل انگريزي ترجمو آهي، جيڪو ثقافت کاتي سنڌ پاران ۲۰۰۱ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو آهي. هيءَ وڏي تعليمي ماهر ۲۰۰۷ ع ۾ ڪراچي ۾ وفات ڪري ويئي.


پروفيسر آمنه خميساڻي

سنڌ جي تاريخ جي عظيم ليکڪه ۽ ماهر تعليم

مختيار ملاح

سنڌ جي تمام وڏي تعليمي ماهر، محقق، مترجم، ماهر لطيفيات ۽ اديب پروفيسر آمنه خميساڻي، جيڪا امينه خميساڻيءَ جي نالي سان مشهور آهي، سندس جنم تڏهوڪي ڪاموري علي بخش چنا جي گهر ۾ ۱۶ اپريل ۱۹۱۹ع تي ضلعي ڄامشورو جي شهر پاٽ ۾ ٿيو. سندس شادي خميساڻي فيمليءَ ۾ ٿيل هئي. مئٽرڪ جو امتحان ڪراچيءَ جي سينٽ جوزف اسڪول مان پاس ڪيائين. بي اي ۱۹۴۳ع ۾ پنجاب يونيورسٽي مان ۽ ايم اي انگلش، ۱۹۵۵ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪيائين ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ انگريزي شعبي جي ليڪچرر مقرر ٿي، ۱۹۶۳ع ۾ آڪسفورڊ يونيورسٽي مان Seventeenth Century Literature جي عنوان سان ڊپلوما پڻ حاصل ڪيو. هوءَ ۱۹۶۹ع کان ۱۹۷۴ع تائين سنڌ يونيورسٽيءَ جي انگريزي شعبي سان وابسته رھي. هن سبجيڪٽ اسپيشلسٽ طور پشاور يونيورسٽي، بلوچستان يونيورسٽي ۽ سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊي ڄام ۾ پڻ پنھنجون خدمتون سرانجام ڏنيون. ۱۹۸۳ع ڌاري اقوام متحده جي جنرل اسيمبليءَ جي ۳۸ اجلاس ۾ نمائندگي ڪيائين. پاڻ عورتن واري رتبي جي پاڪستاني ڪميشن جي ميمبر ۽ ساڳي ڪميشن جي ۱۹۸۴ع واري ڇپيل رپورٽ جي سھڪاري ايڊيٽر پڻ رھي.۱۹۸۵ع ۾ نوڪريءَ تان رٽائر ڪيائين.

ميڊم آمنه خميساڻي انگريزي ادب توڙي سنڌي ادب ۾ وڏيون خدمتون سر انجام ڏنيون آهن. پاڻ سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪهاڻيون، مضمون ۽ فيچر لکيائين، سندس مضمونن ۾ ’سنڌ جي عورت‘،’ڪربلا کان اڳ ۽ پوءِ‘، ’اسلام ۾ عورت جو مقام‘، ’شاهه لطيف جي شاعري‘ وغيره به شامل آهن. افسوس جو اڄ تائين ڪنهن به سندس لکڻين کي سهيڙڻ جي ڪوشش نه ڪئي آهي.

سندس وڏو ڪارنامو شاهه جي رسالي جو نثر ۾ مڪمل انگريزي ترجمو آهي، جيڪو جيڪو “Risalo of Shah Abdul Latif” جي نالي سان ثقافت کاتي سنڌ پاران ۲۰۰۱ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو آهي. ميڊم آمنه خميساڻيءَ جو ٻيو اهم ڪتاب سنڌي ماڻهن جو انگريزي زبان وَ ادب ۾ خدمتن جي باري ۾ آهي. اها سندس ادبي تاريخ آهي، جيڪو هن Sindh’s Contribution to English جي نالي لکيو. سندس ٻين ڪتاب ۾ Casual Peeps a English Literature ۽ Drama Between World Wars به شايع ٿيل آهن. جڏهن ته سندس انگريزي ۾ لکيل آرٽيڪل به تمام گهڻا آهن، جن ۾ هيٺيان شامل آهن:

1. Shah Abdul Latif and the English Romantic Poets a comparative study.

2. An Introduction to the Risalo of Shah Abdul Latif.

3. The Massage of Shah Abdul Latif.

4. The Triple Allegory in Shah Abdul Latif Sur Marvi.

5. Shah Abdul Latif’s Philosophy in “Sur Samoondi” and “The Image of Women” in his Risalo.

6. Concept of sacrifice in the poetry of Shah Abdul Latif

7. Philosophy of Goethe in Faust

8. T.S. Elliot’s Poetry in its Perspective

9. Themes and Symbolism in the Poetry of W.B. Yeats

10. Character Building

11. The Woman of Sind

12. Women’s Contribution to the Educational Development of Pakistan

13. Status of Women in Islam

سنڌ جي هن عالمه، اديب ۽ تعليمي ماهر ۱۲ ڊسمبر ۲۰۰۷ع تي ڪراچي ۾ وفات ڪئي.

 

(فيسبڪ پيج “سنڌ ھسٽاريڪل ۽ لٽريسي سوسائٽي “ تان ۲۷ اپريل ۲۰۲۲ع تي رکيل/ کنيل)



آپا آمنه خميساڻي

منهنجي پياري استاد

گل محمد عُمراڻي

سنڌ يونيورسٽي ۾ ۱۹۶۸ع کان ۱۹۷۲ع تائين، چئن سالن جي علمي ياترا ۾ سڀ کان محترم ۽ مقتدر هستي ۽ استاد جنهن مون کي گهڻو متاثر ڪيو، اها هئي آپا خميساڻي. سندس اصل نالو ته آمنه چنا آهي پر هوءَ پروفيسر آمنه عرف ”امينه“ خميساڻيءَ طور مشهور آهي ۽ سندس تعلق پاٽ شريف جي برگزيده علمي ادبي چنا خاندان سان هو. مسز خميساڻيءَ شادي مسٽر جي ايم خميساڻيءَ سان ڪئي، جيڪو سنڌ پوليس ڊپارٽمينٽ سان واڳيل هو ۽ سروس ۾ ڊي ايس پي جي عهدي دوران ان وقت جي هوم سيڪريٽري مسٽر محمد خان جوڻيجو جي آفيس تغلق هائوس ۾ هڪ ميٽنگ دوران دل جي دوري پوڻ سبب لاڏاڻو ڪري ويو. ميڊم خميساڻيءَ کي ٽي ٻار هئا ۽ هو بفضل الله زندهه سلامت ۽ خوش و خرم آهن. سندس واحد ڌيءُ ڊاڪٽر ياسمين هاڻ آمريڪا جي شهري آهي ۽ سندس وڏو فرزند ڪيپٽن رياض خميساڻي پي آءِ اي ۾ پائليٽ جي منصب تان رٽائر ٿي هاڻ ذاتي ڪاروبار ڪري ٿو ۽ سندس شادي حيدرآباد جي مشهور معروف سومرا خاندان ۾ ٿيل آهي. جن جي هڪ يادگار ”فاران هوٽل“ اڃا تائين صدر حيدرآباد ۾ مرڪز توجهه ۽ تفريح ڪاروبار جو دنُ آهي. سندس گهرواري پروين هڪ ڪار حادثي ۾ سپر هاءِ وي تي فوت ٿي وئي. ميڊم جو ننڍو پٽ مسٽر طارق خميساڻي آخري اطلاعن تائين ملٽي نيشنل (بي پي) برٽش پيٽروليم جو پاڪستان ۾ سربراهه ”چيف“ ايگزيڪيٽو (سي اي او) آهي. هي احوال ته هو ميڊم خميساڻي جي ٽن پيارن ٻارن جو.

ميڊم جو محترم والد صاحب خانصاحب علي بخش چنا صاحب، سنڌ جي ابتدائي ٻن چئن گريجوئيٽس ۾ شامل هو. ۲۰ صدي ۾ برٽش راڄ ۾ پي سي ايس آفيسر هو ۽ نواب شاهه، لاڙڪاڻو ۽ دادو ضلعن جو ڊپٽي ڪمشنر ٿي گذريو آهي. هن پنهنجي پياري ڌي آمنه کي پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ شهر لاهور جي مشهور ڪنئرڊ ڪاليج فار وومين ۾ بي اي ڪرڻ لاءِ موڪليو هو. جتان محترمه آمنه چنا صاحبه، موٽي اچي مائٽن جي رضامنديءَ سان شادي ڪري گهر سنڀالي ويهي رهي. ڪافي قيمتي سال گذرڻ کان پوءِ هن ايم اي انگريزي ادب ۾ ڪئي. جنهن جا محرڪ علامه آءِ آءِ قاضي ۽ مدر ايلسا قاضي هئا.

مون جڏهن ۱۹۶۸ع ۾ انگريزي ڊپارٽمينٽ ۾ داخلا ورتي ته اتي ٻه خاتون پروفيسر هيون. ميڊم خميساڻي ۽ ميڊم خالده سليم فاروقي. ميڊم فاروقي حال حيات آهي (عمر تقريبن ۷۰ کان مٿي هوندس پر بظاهر خوش پوشاڪ ۽ سٺي صحت بيهڪ ۽ گفتار و رفتار) ڪڏهن ڪڏهن ”هم“ ٽي وي چئنل تي مذاڪرن ۾ ديدار اتفاقن نصيب ٿيندو آهي.

ڳالهه جو محور آهي ميڊم خميساڻي ۽ سندس ساروڻيون، اڳ هڪ عدد داستان ۾ مان يوسف جکراڻي مرحوم جا ”ڪامريڊي“ مڪالما، ميڊم خميساڻي سان تفصيلن بيان ڪري آيو آهيان، جنهن ۾ ميڊم خميساڻي، جکراڻي صاحب کي تنبيهه ڪندي ائين چيو هو ته هيءَ يونيورسٽي هڪ (مقدس) جاءِ آهي ۽ جکراڻي صاحب واري ديسي انگريزيءَ ۾ ان کي secret (مخفي، ڳجهي) جاءِ ڪري سمجهيو، بهرحال ڪنڌڪوٽ ۽ بخشاپور واري تعليم جي معيار تي ڪهڙي ميار. ميڊم خميساڻي جي انگريزي گفتار، ڪنئڊ ڪاليج واري هئي، جتي انگريزيءَ سان گڏ فرينچ زبان پڙهڻ به لازم هوندي هئي ۽ آهي. هاڻ ته ”ڪامريڊ“ صحيح سنڌي ڳالهائڻ کان به وڌيڪ هٿيارن جي ٻولي ڳالهائڻ کي ترجيح ٿا ڏين!

سنڌ يونيورسٽي جا (اخلاقي ضابطه) ۽ هزارين، لکين رپيا خرچ ڪري گهرايل ڪانفرنسن جي اڃا مس به خشڪ ڪو نه ٿي ٿئي ته وڃيو ردي جي ٽوڪريءَ جي زينت ٿين. ميڊم خميساڻي جا ڪجهه پراڻا ۽ يادگار فوٽو گراف هاڻ ڀٽ شاهه جي ميلي جي ادبي ڪانفرنس ۾ پڙهيل مقالن وارن ڪتابن”پيغام لطيف“ ۽ ”ارمغان لطيف“ ۾ ڇپيل اوهان کي ملندا، جنهن ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو صدارت ڪري رهيو آهي ۽ اسٽيج تي سيڪريٽري طور ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ مرحوم نظر اچي ٿو. بلي ڇا ته زمانو هو!. بلوچ صاحب کان پوءِ جڏهن هو اسلام آباد بدلي ٿي ويو ته اسان جو هڪ ٻيو محترم استاد سائين الله بخش نظاماڻي (پرنسپل نور محمد هاءِ اسڪول ۽ مسلم ڪاليج) ڀٽ شاهه ادبي ڪانفرنس ۾ سيڪريٽريءَ جا فرائض انجام ڏيندو رهيو. هاڻ ته عجب تماشو ۽ سرڪس لڳو پيو آهي. ميڊيا جو زمانو آهي، نه رهيا آهن ڊاڪٽر بلوچ صاحب جهڙا محقق، دانشور ۽ عالم ۽ نه رهيا آهن. الله بخش نظاماڻي جهڙا تعليمدان به هاڻ ته جنهن کي ثقافت جي وزارت چونڊي اهو فنڪار صاحب پي ٽي وي اسٽائيل ۾ ڪمپئرنگ ڪندو، بلڪه اداڪاري ڪندي نظر ايندو آهي (ياسر قاضيءَ جي موجودگي اڃا ادبي چاشنيءَ کي برقرار رکيو اچي، شڪر آهي، نه ته، معاملو اڃا وڃي گهڻو هيٺ تحت الثراٰ تائين پهچي ها)! ميڊم خميساڻي جي پراڻن يادگار فوٽو گرافس ۾ ڳچ فوٽو، انگريزي ڊپارٽمينٽ ۾ به لڳل هئا، جيڪي اڄڪلهه جي ڊائريڪٽر صاحبان الائي ڪهڙي ڪنڊ ۾ لڪائي ڇڏيا آهن (اڄڪلهه ڊپارٽمينٽ جي جاءِ تي انگريزي زبان ۽ ادب جو انسٽيٽوٽ قائم ڪيل آهي جنهن جي سربراهي (ڊائريڪٽر) ڪري ٿو. ميڊم خميساڻي اسان کي آنرز جي ٽئين سال ۾ رومانٽڪ شاعري (Romantic Poetry) پڙهائي جنهن ۾ ڪالرج، ورڊس ورٿ، ڪيٽس، شيلي ۽ لارڊ ڀائرن کي پڙهڻ لازم آهي. رومانٽڪ شاعري دراصل نقلي ڪلاسڪ شاعري جي خلاف علم بغاوت آهي، جيڪا تصنع ٺاهه جوڙ، لفظي جادوگيري ۽ بناوٽي اظهاريت ۽ هٿرادو (گهاڙٽين) جي برڪس، عوامي ۽ آزاد ٻولي ۾، اندر جي اڌمن جو ٻي ساختا اقرار ۽ اڇل آهي. ميڊم خميساڻي جو پڙهائڻ وقت موثر انداز، تشريح ۽ تعبير ڪرڻ وارو لهجو عالماڻو ۽ بصيرت آميز هوندو هو. هن وٽ شاهه لطيف جو مطالعو ۽ مشاهدو، سنڌي ڪلاسيڪي شاعرن جا مثال ائين هوندا هئا. ڄڻ ته ورڊس ورٿ ۽ شيلي به شاهه لطيف جي فن ۽ فڪر کان متاثر هجن. اهڙو تقابلي جائزو ۽ اپٽار، شاگردن لاءِ امرت ڌارا هوندو هو. ڪٿي مغربي ادب جا سرچشما ۽ ڪٿي خالص مشرقي شاعري، سا به سلوڻي سنڌيءَ ۾ پر ميڊم خميساڻي وٽ اهو ڏانءُ ۽ ڏس هو، جنهن سان هوءَ ڪلاس ۾ دقيق فلسفياڻي ۽ مبهم موضوعن کي سلاست، رواني ۽ فراست سان آسان ڪري پيش ڪري ويندي هئي. هن خاتون وٽ شاهه لطيف جو مرتبو ۽ مان، غالب، اقبال، شيڪسپيئر ۽ گوئٽي کان مٿاهون هو. سندس لکيل انيڪ مضمون شاهه لطيف تي مون پاڻ انگريزي اخبارن ۾ ڏٺا هئا ۽ سندس وڏو ڪارنامو ۽ تحفو ”شاهه جي رسالي“ جو انگريزي ۾ ترجمو آهي. جنهن کي پهريائين ته فقط هڪ زبان، يعني انگريزيءَ ۾ ڪلچر ڊپارٽمينٽ وارن ڇپايو هو (۱۹۹۲) ۾، پوءِ وري منهنجي ايامڪاريءَ (۲۰۰۲) ۾ ميڊم جي پرزور اصرار تي مون پاڻ ان کي ايڊٽ ڪري انگريزي ۽ سنڌي ۾ آمهون سامهون (Text) مضمون رکي يادگار (خوبصورت) وڏي ايڊيشن ۾ ڇپايو، جنهن لاءِ پاڻ ضعيف عمريءَ ۾ مون وٽ آفيس هلي آئي هئي ۽ چيو هئائين ته هيءَ منهنجي ”آخري خواهش“ آهي ۽ توتي بحيثيت منهنجو ”شاگرد رشيد“ ۽ موجوده سيڪريٽري ڪلچر هجڻ جي ناتي اخلاقي فرض آهي ته هاڻ، ان کي ”ديوان غالب“ ۽ ”ڪليات اقبال“ جيان شايع ڪرائين، انگريزي ترجمو ته موجود هو پر ان جي سامهون سنڌي بيت ڳولهي رکڻ، اهو ڏکيو ۽ تحقيق طلب ڪم هو، جيڪو بهرحال مون پاڻ بقلم خود هڪ ساٿي قيوم لالائي (اسسٽنٽ ڊائريڪٽر) جي معاونت سان نيٺ الحمدالله ڪري، ناتوان ميڊم جي اها خواهش پوري ڪري ڏيکاري، اسان وارو اهو يادگار (ڊي لڪس) ايڊيشن هاڻ بازار ۾ اڻلڀ آهي، ڇاڪاڻ ته ان جاڪيترائي نسخا ٻاهر آمريڪا ۽ برطانيا ۾ سنڌي ڀائرن کي Sana (سنڌي ايسوسيئيشن آف نارٿ آمريڪا) کي ڊاڪٽر اسد لاڙڪ خريد ڪري موڪليا آهن. ڊاڪٽر اسد لاڙڪ به انگريزي ڊپارٽمينٽ جو هڪ پراڻو استاد آهي ۽ هو اڄڪلهه ڪراچيءَ ۾ هڪ خانگي يونيورسٽيءَ ۾ پڙهائي ٿو ۽ تقربين ۲۵/۲۰ سال آمريڪا ۾ رهي آيو آهي. ها، سندس هڪ Talented ڪزن (قابل قدر سوئٽ) ڊاڪٽر ڪي ايم لاڙڪ صاحب به سنڌ يونيورسٽيءَ جو سابق ڊين فئڪلٽي آف آرٽس آهي ۽ اهو به ميڊم جو نهايت پيارو شاگرد ۽ ڊپارٽمينٽ جو پراڻو ساٿي ۽ رفيق آهي. ڊاڪٽر ڪي ايم لاڙڪ انگريزي ادب ۾ برنارڊشا تي پي ايڇ ڊي به ميڊم خميساڻيءَ جي نگرانيءَ ۾ ڪئي آهي ۽ هاڻ هو به ڪراچيءَ ۾ مستقل ڪنهن خانگي يونيورسٽيءَ ۾ پڙهائي ٿو. اهڙا قابل ۽ اورچ استاد سڀ ميڊم خميساڻيءَ جي شاگرديءَ جي هام هڻن ٿا. باقي رهيو منهنجو ذڪر ته ”من آنم ڪه من دانم“ (مان ڇا آهيان، اها مون کي ئي خبر آهي) مطلب ته هيءَ فقير ڪنهن به ذڪر جي قابل هرگز نه آهي ۽ نه هو، ها ميڊم جي هڪ ٻئي استادانه ۽ شفيق (حجت يا خواهش) بلڪه آرزو جنهن جو اظهار سال ۱۹۷۲ع ۾ ائين ٿيو، جڏهن مان ايم اي فائنل ۾ هڪ ڏينهن ڪلاس ۾ ويٺو هئس ۽ پاڻ ڊپارٽمينٽ جي چيئرپرسن هئي ته هڪ پٽيوالو چاچا عبدالله دروازي تي اچي بيٺو ۽ مون کي اشارو ڪري سڏيائين، مون کي ٿورو اچرج ٿيو ڇاڪاڻ ته اسان شاگردن لاءِ پٽيوالا به آفيسرن ۾ شمار ٿيندا هئا ۽ هو اسان کي ”لفٽ“ ڪو نه ڪرائيندا هئا. مان اکيون مهٽي وري ڏٺو ته، هن جو اشارو ۽ آواز منهنجو نالو وٺي رهيو هو. ڄڻ ڪنهن وڏي عدالت جو سڏ هجي ته فلاڻو پٽ فلاڻي جو حاضر ٿئي! نيٺ هلندڙ ڪلاس مان اٿي، پٽيوالي جي پويان روانو ٿيس، جنهن چيئرپرسن جي آفيس جي دروازي تي اچي ڇڏيو. اندر داخل ٿيس ته ميڊم خميساڻيءَ مشڪندي ڪرسي تي ويهڻ جو اشارو ڪيو. ڪجهه دير بعد جڏهن ساهه پٽيم، ته پيار ۽ پاٻوهه مان مون کي چيائين ته مسٽر عمراڻي مون کي خبر آهي ته توهان انگريزيءَ ۾ طبعزاد لکندا آهيو ۽ اوهان جي شاعري مون ايئرل (ڊپارٽمينٽ جو ساليانو تحقيقي رسالو) ۾ پڙهي آهي. هاڻ وائيس چانسلر محترم حسن علي عبدالرحمان (شيري رحمان جو والد محترم) جو هڪ نادري حڪم هن خط ۾ آيو آهي ته انگريزي ڊپارٽمينٽ وارا رڳو پيا انگريزن جا لکيل ڊراما ۽ ناول پڙهائين. پنهنجو تخليقي ادب ڇو نه ٿا سرجين! اسان جي ڊپارٽمينٽ جي عزت جو سوال آهي ته اسان وائيس چانسلر صاحب کي هڪ عدد طبعزاد انگريزي ڊرامو لکي ڏيون، بلڪه ان ناٽڪ کي اسٽيج به ڪيون، مون کي اميد آهي ته اوهان وٽ اهو فطري هنر آهي جو اوهان اهو ڊرامو انگريزي زبان ۾ لکي ڏيکاريو (هفتي جي اندر) ۽ ان جي هفتي ۾ ريهرسل ڪري آرٽس فيڪلٽي، آڊيٽوريم ۾ اسٽيج تي پيش ڪريو. هاڻ پندرهه ڏينهن توهان ڪلاس ۾ بلڪل نه اچو ۽ توهان جي ”غير حاضري“ حاضريءَ ۾ تبديل ٿي ويندي ۽ اوهان جو فقط هڪ ئي ڪم آهي ته انگريزي ڊرامو لکو ۽ اداڪار ڳولهي ريهرسل ڪري ان کي اسٽيج تي پيش ڪريو، جيئن ڊپارٽمينٽ جي ناما چاري ٿي سگهي.

اهي فرمائشي الفاظ ٻڌندي ئي منهنجي هٿن مان ”اڻ ڏٺل“ طوطا اڏامي ويا ۽ مان لاجواب ٿي، اهو وقت ياد ڪرڻ لڳس جڏهن هڪ ڏينهن ڪيئن نه اڳ هڪ انگريزي (مباحثي) ۾ اڳوڻي چيئرمين پروفيسر جليل الدين احمد صاحب منهنجو زوري اوچتو نالو ڏنو هو ۽ ڪيئن نه جڏهن منهنجو ”وارو“ آيو ته مان ڏڪندڙ ٽنگن سان اسٽيج تي چڙهڻ جي بدران، ٻاهر بيٺل بس ۾ چڙهي يڪدم حيدرآباد جو رخ رکيو هو ۽ آخر تائين منهنجي ڪنن ۾ منهنجو نالو اعلان ڪندڙ جي گونجيندڙ آواز ۾ ٻرندو رهيو ۽ ٻئي ڏينهن ڪهڙي نه شرمندگي ٿي هئي. ميڊم کلي چيو ته مسٽر عمراڻي پراڻيون ڳالهيون وساريو، ڇاڪاڻ ته اهو اعلان ته اوچتو هو، هاڻ توهان کي پورا پندرهه ڏينهن پيا ڏيون. مهرباني ڪري ها ڪريو ته جيئن وي سي کي ڏيکاريون ته اسان وٽ به ڪهڙا هر فن مولا ويٺا آهن، مون چيو ته بسم الله.

 

(”داستان گل“ جو داستان سترهون)

 

No comments:

راءِ ڏيندا