حاجي محمد رمضان ساهڙ
ٿر جي اهم شخصيت
غلام علي ساهڙ
ٿر جي ساهڙ برادري جي مهان ۽ تاريخي ڪردار جي مالڪ شخصيت مرحوم وڏيرو
حاجي محمد رمضان ساهڙ، ٿر جي قديم تاريخ جو، هڪ سنهري باب ٿي گذريو آهي. هن ٿر جي
هڪ ننڍڙي ڳوٺ نبي سر ساهڙ ۾ وڏيرو ميوو خان ساهڙ جي گهر ۾ 1932ع تي جنم ورتو. اڳتي
هلي هن سياست توڙي سماج ۾ اڻ وسرندڙ ڪردار ادا ڪيو. پاڻ هڪ راڄوڻي شخصيت جو مالڪ
هو. هو غريبن جو سپهه سالار هو. هر هنڌ پيرين پنڌ پهچي ويندو هو. هن سموري طبقن جي
هندو مسلم جي فرق کان سواءِ ئي خدمت ڪئي. جنهن جو تاريخ ۾ مثال ملڻ مشڪل آهي. هن
هميشه عوام کي جهيڙا ڪرڻ ۽ وڙهڻ کان روڪيو ۽ پاسو ڪرڻ جو درس ڏنو ۽ ٻڌي ۽ اتحاد
پيدا ڪرڻ ۽ تعليم لاءِ همٿايو. هو راڄوڻي فيصلا ڪرڻ جو ماهر هو ۽ غير جانبدارڻه
فيصلا ڪري وڙهيل ٻنهي ڌرين کي کير کنڊ ڪري ڇڏيندو هو. سندس اوطاق تي هر وقت خلق جي
وڏي رش هوندي هئي ۽ هو انهن جي مهمان نوازي پڻ پاڻ ڪندو هو. عوام کي پنهنجي سيمن،
زمينن، جنگلي جيوت توڙي وڻن جي حفاظت ۽ تحفظ ڪرڻ لاءِ زور ڀريندو هو. سندس ٻين
برادرين سان ايترا گهرا تعلقات هوندا هئا ايئن محسوس ٿيندو هو جهڙو ڪر انهن
برادرين جو به وڏو هجي. سندس سياسي وابستگي ارباب خاندان خان سان رهي هو. مرحوم
ارباب مير محمد ارباب فقير محمد، مرحوم ارباب ڊاڪٽر عبدالرزاق جي ويجهن ۽ اعتماد
جوڳن ساٿين ۾ شمار ڪيو. ويندو هو. اهي ٽئي ارباب مرحوم حاجي محمد رمضان کي هڪ ڀاءُ
واري حيثيت ڏيندا هئا. اڄ به ڪافي شخصيتون مرحوم کي چاهيندڙ آهن. انهن مان هڪ مهان
شخصيت ارباب حاجي عبدالجبار پڻ آهي. جيڪو اڄ به شادين مرادين توڙي عام محفلن ۾
سندس ذڪر ڪندو رهندو آهي. مرحوم جي ڪارنامن مان هي به هڪ اهم ڪارنامون آهي جو سندس قوم توڙي علائقي جي غريبن کي ڪافي تعداد ۾
نوڪريون ۽ تعليم ڏياريائين. مرحوم جي ورثي کي اڄ به سندس ڀائر سنڀاليندا اچن. سندس
ڀائرن ۾ وڏيرو محمد هارون ساهڙ جيڪو اسان ساهڙ قوم جو پڳدار آهي ٻيو ڀاءُ حاجي
حيدر علي آهي جيڪو هڪ وڏو عقلمند ۽ اعليٰ شخصيت جو مالڪ ۽ بهترين استاد آهي. جيڪو
سندس وڏي ڀاءُ کي برادري معاملات نبيرڻ ۾ مدد ڪندو رهندو آهي. ٽيون ڀاءُ عبدالحميد
آهي جيڪو اي ڊي او تعليم سانگهڙ آهي.
عبدالرحيم حر صاحب هڪ گهڻ رخي شخصيت آهي. جنهن نه صرف پنهنجي خاندان
کي اعليٰ تعليم ڏياري آهي پر علائقي جي غريبن کي اعليٰ تعليم لاءِ همٿائڻ توڙي
مالي مدد ڪرڻ سندس اهم پيشو رهيو آهي.
مرحوم وڏيرو محمد رمضان حج ڪري اچڻ بعد نه صرف پاڻ نماز جو پابند ۽
توحيد پرست رهيو بلڪه ڪافي ماڻهن کي سندس تبليغ سان اثر ٿيو. اهي ماڻهو
اڄ تائين نماز جا پابند ۽ توحيد پرست آهن.
هو ڪجهه عرصو ڪينسر ۾ مبتلا رهيو پر هن آخر تائين همت نه هاري عوامي
جا مسئلا حل ڪيا. اهڙي طرح هن 31 ڊسمبر 1992ع تي صبح جو نئين سچ جا ڪرڻا نڪرڻ کان
اڳ ۾ رات جي پوئين پهر ۾ هن فاني دنيا کي الوداع ڪيو جيڪا گهڙي اسان قومن وارن
توڙي ٿر واسي ۽ ان جي هڏ ڏوکين لاءِ انتهائي صدمي جي گهڙي هئي. مرحوم وڏيرو حاجي
محمد رمصان جهڙي ڪردار جي ٿر ۾ اڄ به کوٽ محسوس ڪئي وڃي ٿي ۽ سندس ڪردار تاريخ جي
عظيم بابن ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو ۽ اهڙا ڪردار شخصيت ۽ مرد مجاهد تاريخ جي صفحن ۾
هميشه امر ڪردار رهندا آهن. جن کي وسارڻ جو تصور به ڪري نٿو سگهجي.
اهڙن املهه انسانن لاءِ سنڌ جي عظيم شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائي
فرمايو آهي ته:
ماڻهو سڀ نه سهڻا، پکي سڀ نه هنج
ڪنهن ڪنهن ماڻهو منجهه اچي بوءِ بهار جي
No comments:
راءِ ڏيندا