چاندي فقير
راجا رشيد ڪنڀر/کپرو
کپري شهر کان 11 ڪلوميٽر اُتر طرف
ڳوٺ عظيم وڪيل ۾ رهندڙ 57 سالن جو چاندي فقير ولد عظيم ڀيل چپڙي (کڙتال) وڄائڻ ۾ پنهنجو
هڪ منفرد ۽ نرالو انداز رکي ٿو. 13 سالن جي ٻاروتڻ واري عمر کان ئي سندس چاچي استاد
قائم ڀڳت کان باقاعده فن جي سکيا وٺندڙ هن سانوري کڙتالي، 17 سالن جي عمر ۾ پهريون
ڀيرو ڀلاري ڀٽ ڌڻيءَ جي ميڙي ۾ جڏهن پنهنجو فن پيش ڪيو ته ڏسندڙن توڙي ٻڌندڙن کي ڏندين
اڱريون اچي ويون. اتي ئي ويٺل مرحوم ممتاز مرزا، چاندي فقير جي لڪل فن کي پروڙي ورتو.
پوءِ ته پرڏيهي ثقافتي پروگرامن جي چاندي فقير ڄڻ ضرورت بنجي ويو.
چاندي فقير آمريڪا، لنڊن، اٽلي،
فرانس، سريلنڪا، سميت ڪيترن ئي ملڪن ۾ سنڌي ثقافت جي رنگن سان ڪيترا ئي گورا ڪارا موهيا. حميد آخوند ۽ ڊاڪٽر نبي بخش سان مُهين جو دڙو، ڪنڌ ڪوٽ، لاڙڪاڻي ۽ ميرپور ماٿيلي تائين
ٿيندڙ ثقافتي پروگرامن ۾ شريڪ رهيو. راڳ ۽ ساز سان سنڌي ماڻهن جو گهرو لڳاءُ رهيو آهي.
چوندا آهن ته راڳ ۽ ساز ماڻهو ڇا
مرونءَ کي به موهيو ڇڏي. نانگ به مُرلي تي ريجهي ٿو! 6 ڊسمبر 2009ع تي ڪي ٽي اين پاران
ڏنل ثقافتي سڏ هجي، 24 جنوري 2010ع واري سنڌو درياهه جي ڏهاڙي واري ڪوٺ، چاندي فقير
شهيد چوڪ تي پنهنجي فطري يگاني انداز ۾ کڙتال جي لهرن لوڏن، سنڌ ۾ گاهه لُڻڻ، لابارو
ڪرڻ، داڻا اُکري (مهري) ۾ ڇڙڻ، ڇڄ ڇنڊڻ، گهرٽي (جنڊ) پيهڻ کان ويندي وڏيري ڪمدار جي
ڪردارن کي کڙتال ذريعي اظهار ڪري، پنهنجي البيلي ڪلاڪار هجڻ جو پڪو ثبوت پيش ڪندو آهي.
سدائين گلن وارو گيڙو لباس، مٿي تي سنڌي ٽوپي ته ڪڏهن پٽڪو پائيندڙ هي ڪجليو ڪلاڪار،
ڍولڪ، دلو، ٽلي (ڪاسيا) وڄائڻ ۾ به مهارت رکي ٿو. عقيق پٿرن سان پوئيل هار پائيندڙ،
هن سدا بهار ڪلاڪار سنڌ جي لوڪ توڙي قومي گيتن مورن، راڻن ۽ جمالن تي اهڙا ته ڏات جا
واهڙ وهايا، جو ڏسندڙن کان شايد وسري نه سگهن. ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ سنڌي ثقافت کي پذيرائي
ڏياريندڙ هن يگاني کڙتالي جو 4 ڪوٺين وارو ڪچو گهر هيلوڪين برساتن ۾ اڌ ڪري پيو ۽ سندس
اوطاق به ڊهي ويئي.
چاندي فقير جي نياڻيءَ کي موذي مرض
ٽي بي اچي ورايو، جنهن جي علاج لاءِ چاندي پاڻ کي مٽي ڪري ڇڏيو پر هو پنهنجي نياڻي
بچائي نه سگهيو. هاڻ ته چاندي کي نه ڪو پرڏيهي دورن لاءِ دعوت ٿو ڏي، نه چاندي وٽ ايترو
پئسو آهي جو هو پنهنجو جهريل جهوپڙو اڏائي ۽ اوطاق سجائي. چاندي جي اکين ۽ نڙي ۾ ثقافت
لاءِ انيڪ سوال اٽڪيل آهن. ماڻهن جي ميڙن ۾ چپڙي وڄائي، هڪ مان هجوم ڪندڙ هي قداور
ڪلاڪار اندر ۾ صفا اڪيلو ٿي ويو آهي. پُٺن تي ڪاري ڦاٽل ٿيلهي ۾ چپڙيون کڻي گهمندڙ
39 سال فن کي ارپيندڙ، هن فقراء کي ثقافت کاتي نه ڪو ايوارڊ ارپيو نه ڪا نوڪري! هن
کاهوڙي ماڻهوءَ جون ٽي ننڍڙيون خواهشون آهن ته سندس فن جون سي ڊيز ٺاهي، مارڪيٽ ۾ آنديون
وڃن. برسات سبب ڪريل گهر جون ڪوٺيون اڏي ڏنيون وڃن ۽ خانوءَ (پٽ) کي سرڪاري نوڪري ڏني
وڃي ته جيئن ”مزامي ڪلواڙو سنگيت ناڌي ڌنا“ ڪڏهن ڌيرو نه ٿئي. خوشيءَ جي ڏڻن توڙي ثقافتي
سڏن تي هي ڇمڪو ماٺو نه ٿئي.
روزاني ڪاوش ھائيڊ
پارڪ تاريخ ۲۹ نومبر ۲۰۱۱ع جي ٿورن سان
No comments:
راءِ ڏيندا