; سنڌي شخصيتون: لڇمڻ ڪومل - گوورڌن شرما ”گهايل“

30 March, 2012

لڇمڻ ڪومل - گوورڌن شرما ”گهايل“


لڇمڻ ڪومل
گھڻ ڪنڊو اديب
گوورڌن شرما ”گهايل“ (پُڻي)

ڪي وڻندڙ شخص به ڪيترن کي ڪڏهن ڪڏهن نه وڻندا آهن ۽ وري ڪي نه وڻندڙ به ڪنهن نه ڪنهن خاصيت سبب گهڻن کي ئي وڻندڙ لڳندا آهن. ادب هڪ عجيب طلسمُ آهي، نثر ۽ نظم تي پنهنجي پنهنجي ڇاپ ڇڏيندڙ ڪيترائي صاحب قلم ديس پرديس ۾ مقبول آهن، پر گهڻڪنڊي قابليت وارا اديب ايترا گهڻا نظر نه ايندا.

پنجهتر سالن جو جوان رچنا ڪار لڇمڻ ڀاٽيا ڪومل هند، سنڌ ۾ انهن ڳاڻ ڳڻين ادبي شخصيتن مان هڪ آهي، جن جي پڳ ۾ ڪيترائي پختا کنڀ نمودار آهن، هن صاحب سخن بطور شاعر ته مقبوليت حاصل ڪئي ئي آهي پر نثر نويسيءَ ۾ به گهڻن کي پٺتي ڇڏيو اٿس.
لڇمڻ جي ادبي انڊلٺ ڏانهن ڏسجي ته شاعري، ڪهاڻي، ناٽڪ، ناول، ٻال ساهتيه، آتم ڪٿا ۽ ترجمي جون سهتيون صنفون سامهون نظر اينديون. ڪلڪراني ڪندڙ هيءُ اديب انڊلٺ کان به ٻه قدم اڳتي رهيو آهي، بطور پتر ڪار (صحافيءَ)  ۽ نقاد طور سٺو نالو ڪمايو اٿس.


ويجهڙائيءَ ۾ سندس آتم ڪٿا، وهي کاتي جا پنا (ٽن ڀاڱن ۾) سنڌ، هنڌ جي ادبي حلقن ۾ چڱو چوٻول مچايو آهي، مون هن ڪتاب جا ٻاهٺ ئي پنا پڙهيا آهن ۽ ان بابت مون کي پنهنجو رايو به آهي پر ڀاءُ نند ڇڳاڻيءَ جي اشاري موجب ان جي شفي نفي نقطن تي ٻيا ڪيترائي عالم اديب مقالا لکي رهيا آهن، ان ڪري مان وڌيڪ نه لکندس.
لڇمڻ ڪومل جو هڪ ٻيو ڪتاب جيڪو تمام گهڻي چئو پچئه جو موضوع بڻيو رهيو، ڪويتا، سنگره ”جيءَ جهروڪا“، جنهن تي کيس سنه 1976ع ۾ مرڪزي ساهيته اڪادميءَ جو انعام عطا ٿيو هو، ان تي به هاڻي هت ڪجهه لکڻ غير ضروري لڳيم ٿو.
ڀاٽيا صاحب جو سنڌيءَ کان سواءِ اردو، فارسي ۽ انگريزيءَ تي به دسترس آهي. سندس ڪتاب ”پاڪستان جون لوڪ ڪهاڻيون“ (انگريزيءَ ۾) سنه 1978ع ۾ شايع ٿيل ڪتاب چڱو مقبول ٿيو. ”هڪ چادر اڌوراڻي“ ناول، سال 1981ع ۾ ظاهر ٿيس. ٻه مونوگراف؛ ”ميرا ٻائي“ ۽ ”بلي شاهه“ به قابل داد ڪتاب اٿس. ”پن ڇڻ جو پڙلاءُ“ اردوءَ مان ننڍين ڪهاڻين جو ترجمو سنه 1991ع ۾ ڇپيس. ”ٽو سُڀاش“ (ڪوتا، انواد) سنه 1974ع ۾ ظاهر ٿيو. لڇمڻ ڀاٽيا ڪومل، سنگيت ۽ ناٽڪ جي کيترن ۾ ”مومل راڻو“ ۽ ”سهڻي ميهار“ ڏيئي جس ڪمايو. 26 مارچ سنه 1936ع ۾ ڪنڊيارو (سنڌ) ۾ ڄاول، ڀاٽيا صاحب گهمڻ جو به سٺو شونق رکندڙ رهيو آهي. ورهاڱي کان پوءِ به ڪيترا ئي ڀيرا، سنڌ مان ٿي آيو آهي. سنڌ جي ڪيترن ئي ناليوارن اديبن جي تمام ويجهو رهيو آهي. سوويت يونين ۽ يورپي ملڪن مان به ٿي آيو آهي. ڪوالالمپور ۾ ايشين رائيٽرس ڪانفرنس ۾ به شرڪت ڪئي هئائين.
ڪومل جي ڪوتا تي، ڪجهه لکان ان کان پهرين هڪ ڳالهه رهجي نه وڃي، ان جو ذڪر ڪرڻ چاهيان ٿو. رنگين طبيعت جو مالڪ لڇمڻ ڪومل جيون ۾ پنهنجي قانوني ماهر پتا صاحب جي نقش قدمن تي نه هلي، ڏاڏي صاحب سيٺ جاڙيمل جي جيون، شعلي اختيار ڪئي. ساڳيءَ طرح سندس سپاتر لاليءَ به پيءَ جي اڍ نه پڪڙي، ڏاڏي صاحب جي واٽ ورتي. هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته ڪومل صاحب جا پوٽا راهي ۽ ساحر، ڏاڏي تي ٿا وڃن يا پيءُ تي!
ادب جي الڳ الڳ موضوعن تي وقت به وقت سندس لکيل مقالا، مضمون، تنقيدون ۽ ادبي رايا، سيمينارن ۾ پيش ڪيل ڪي نوٽيس نه صرف داد جا مستحق رهيا آهن، پر سندس اوک ڊوک، گهري اڀياس، اورچائي ۽ محنت جي به ساک ڀرين ٿا، بطور چيف، سب ايڊيٽر تائيمس آف انڊيا هن صاحب ملڪ ۾ ۽ ملڪ کان ٻاهر به نالو ڪڍيو. سنڌي، اردو، هندي، پنجابي ۽ انگريزيءَ جي ڪيترن ئي عالمن، اديبن سان مکا ميلن جا مزا ماڻيائين، انهن جون خصلتون به ضرور هردي سان هنڊايون هوندائين.
سدا حيات پروفيسر پوپٽي هيرا ننداڻيءَ انگريزي ڪتاب هسٽري آف سنڌي لٽريچر، صفح 165 تي ڪومل جو هڪ شعر ڪوٽ ڪيو آهي.
”مؤت وس ۾ نه زندگي وس ۾،
ڪيڏو بي اختيار آهيون اسين.“
ڪومل صاحب ڪيئن نه سولن لفظن ۾ زندگيءَ جي فلسفي کي اظهاريو آهي. هڪ غزل جا ڪجهه شعر پيش آهن:
ٿوهر جي ٽاريءَ تي گل گلابن جا،
رات ڏٺاسين خوب ڪرشما خوابن جا،
جيون ۾ نراشا ۽ نا اميديءَ کان ڪنارو ڪندي شاعر آشاوادي شفي پاسو ظاهر ڪيو آهي، اڄوڪين پنگتي ۽ پاليٽيڪل سيلف ميڊ شخصيتن تي چوٽ ڪندي چيو اٿس.
ڪيئي مکوٽا منهن تي، مرڪ نه ڪا پوءِ ڀي،
خوفناڪ هُئا چهرا، سڀيئي نقابن جا.
ڪيترن ئي يارن (اديبن) رشتيدارن لاءِ لکي ٿو:
ڪهڙا ڪهڙا ليکا لاهيون يارن سان؟
وسري ويا سڀ انگ ۽ پارَ حسابن جا.
ڪومل صاحب ڪيترن ئي موقعن تي خنده زني ڪندڙن کي لاجواب ڪيو، ان لاءِ هڪ شعر ڏسو:
اهڙا سوال پڇيا تو ڇا لئه ڪومل کان؟
ڪنڌ جهڪي ويا سڀني صاف جوابن جا.
مٿيون ساڳيو شعر آزاديءَ کان پوءِ سنڌي غزل جي ائنٿالاجي (صفحو 104) تي هن طرح ڏنل آهي.
اهڙا سوال پڇيا تو ڇا لئه ڪومل کان؟
ڪنڌ جهڪي ويا آهن، ڄڻ ته نوابن جا.
فن جي خيال کان مون کي ”پرهه کان پوءِ“ ڪتاب جي صفحي 149 تي ڏنل پهريون شعر وڌيڪ ٺيڪ ٿو لڳي. علم عروض بعر وزن جي باريڪين کان ڀليءَ ڀانت واقف، لڇمڻ ڪومل جي غزلن، گيتن، نظمن جو ڪو ڪتاب نظر نه آيو اٿم. غزل جي صنف تي پوري مهارت سان قلم هلائيندڙ ڪومل جا ڪجهه ٻيا شعر به ذهين پاٺڪن جو ڌيان ڇڪائيندا، ان ۾ شڪ نه اٿم، دل جي گهراين سان، زندگيءَ جي سچائي سويڪاريندي لکيو اٿس.
”آهه گناهه اهو ئي تو کي چاهيوسين،
هاڻي ٿيندا ڪهڙا ڪم ثوابن جا؟
يا
هن پل جو پس منظر ڪوئي ڏسي اچي،
هر ڪا صورت ڪيڏي پياري پياري آ
ڪومل صاحب موجوده دور ۾ ڪشمڪش واري زندگيءَ جو هڪ سهڻو چتر چٽيو آهي.
خوف جيئڻ جو آهه، حياتيءَ تي حاوي،
آيا آهن ڪهڙا ڏينهن عذابن جا!
قريب قريب ساڳئي موضوع تي هڪ ٻيو مثال ڏسو:
موت لئه ڇو سڪن پڇو تن کان،
جن هجن کاڌا زندگيءَ جا فريب.
لڇمڻ ڪومل سچائيءَ کي سولي پر اثرائتي انداز بيان سان پيش ڪيو آهي
بي رخيءَ جا نه دشمنيءَ جا فريب،
مون ته کاڌا ها دوستيءَ جا فريب.
پنهنجي پس گردائيءَ ۾ نهاري ڏسو ته هيءُ شعر غلط نظر نه ايندو.
ڪئن نه شيطان کان به سَر سيرا،
هن زماني جي آدميءَ جا فريب.
ڪومل صاحب گهمي ڦري پنهنجي ڳالهه تي اچي ٿو:
ڪيڏا رنگين، ڪيترا دلڪش،
حسن جي هاءِ سادگيءَ جا فريب.
ساڳي ڳالهه هيٺئين شعر ۾ به چيل آهي.
ڪومل پڇج انهن کان محبت جو درد تون،
آئي نه جن کي ننڊ بهارن جي گود ۾.
حقيقت کان اظهارڻ جو ڏانءُ ڪو ڪومل کان سکي:
ان ريت مسڪرائي غمن ۾ به زندگي،
جيئن ڦول مسڪرائي ڪو خارن جي گود ۾.
آخر ۾ ڪومل جي هڪ غزل جا ٻه شعر پيش ڪري، سندس اظهار جو مزو ماڻبو:
برفن جا گهر ٺاهي ويٺو هر ڪوئي،
تيزي اُس جي، تيزيءَ سان ئي جاري آ.
۽
ڪهڙيون تن کي ڪومل ڏيون ميارون ڪي،
جن جي فطرت ۾ ئي دل آزاري آ
غزل جهڙي دقيق شاخ تي ڪومل صاحب جنهن قابليت سان، فن فڪر جو سهڻو ۽ پختو اظهار ڪيو آهي، ساڳيءَ طرح نئين ڪويتا تي به تکو ۽ تڪڙو قلم هلايو اٿس. موضوع جي گوناگونيت، صحيح لفظن جي چونڊ ۽ ٻوليءَ تي دسترس انهن ڪويتائن مان ظاهر آهي، هن ننڍڙي مضمون ۾ سڀ ڳالهيون سميٽڻ ته وس کان ٻاهر آهي، ٿورڙا مثال ڏيئي ذهين پاٺڪن جو ڌيان ڇڪائڻ چاهيندس. احساس عنوان واري ڪويتا (پرهه کان پوءِ صفحو 151) ۾ شاعر، جدوجهد واري حياتي جيئندڙ شخص جي ان حالت کي اظهاريو آهي، جڏهن ڪو زندگيءَ ۾ ناڪام ۽ نراس ٿي پوي ٿو.
هلندي هلندي پير ٿڪي پيا،
هاڻي واپس موٽ.
نشورات جو ٽٽڻ لڳو آ،
ٽهڪ گهڻو ئي جاڳي جاڳي،
هاڻي ننڊا کڙا ٿيا آهن.
—–
رستو ڄڻ ڪنهن وئشيا وانگر
سُمهي پيو آ،
هي سوچيندي،
آڌي رات وهامي، هاڻ ڪير نه ايندو.
—–
دل جي ڌڙڪن ئي، بس،
هي احساس ڏئي ٿي.
جيئرا آهيون،
۽ شايد احساس انهيءَ ئي
اندر ويٺل وحشيءَ کي، اندر زندهه رکي ڇڏيو آ
(نوٽ: ساڳي ڪويتا، ”موڪش“ عنوان سان جديد سنڌي شاعريءَ جو انتخاب صفحو 71-70 تي ڏنل آهي) نئين ڪويتا جي باريڪين ۽ تقاضائن سان سنڌيءَ ۾ ڳاڻ ڳڻيا شاعر آهن، جن نڀايو آهي، لڇمڻ ڪومل جي ڪويتا ”خال“ مذڪوره ڪتاب جي صفحي 72-71 تي ڏنل آهي، زندگيءَ جو هڪ نراس پهلو چٽڻ ۾ شاعر ڪامياب ويو آهي.
خالي جسم جي انگ انگ کي،
چهندو گنهگار ڪندو،
خال اندر هڪ نئين خال ڏانهن ڌڪي رهيو آ.
روشني !
جسم سڄي کي اُگهندي،
وڌيڪ ميرو ڪندي وڃي ٿي.
—-
نسون اميدن جون سڀ
ٻاهر نڪري آيون،
ڪنهن جو رت وهايون تن ۾؟
—-
ٽريفڪ جي هن گوڙ شور ۾
رڳون به رستن وانگر
ڏنگيون ڦڏيون هلن ٿيون،
ڌوڙ اکين ۾ ايڏي ڀرجي وئي آهي،
ڄڻ ڀاسي ٿو،
صبح اڃا جاڳيو ئي ناهي
صبح اڃا جاڳيو ئي ناهي
هن صاحب جون حساب، فوڪس، ڳولها، سڃاڻپ به قابل داد ڪوتائون آهن، گهري سوجهه ٻوجهه رکندڙ اديب لڇمڻ ڀاٽيا ڪومل، چتر زباني ۽ صاف گوئيءَ سان گڏوگڏ تخيل ۽ تلفظ جي سنگم سان اهڙي منظر خلقي ٿو وٺي جو چڱو ڀلو پاٺڪ به ان جي گرفت کان آجو ٿي نٿو سگهي، ڌڻي ڪري زور قلم اؤر زياده!

No comments:

راءِ ڏيندا