; سنڌي شخصيتون: ماٺيڻو اوٺو- ضمير بلاول اوٺو

15 February, 2012

ماٺيڻو اوٺو- ضمير بلاول اوٺو


ماٺيڻو اوٺو
ضمير بلاول اوٺو
ماٺيڻو اوٺو، ٿر جي امر ۽ پوتر واريءَ تي، ڳوٺ خانور (بلاول اوٺو) مهراڻو تعلقي مٺي ۾، 1954ع ڌاري علي محمد اوٺي جي گهر ۾ اک کولي. ماٺيڻو اوٺو سنڌ جي عوامي شاعر بلاول اوٺي جو ڀائيٽيو هو. ماٺيڻي اوٺي پنهنجي پرائمري تعليم جا پنج درجا چئن سالن ۾ پاس ڪيا. مئٽرڪ فرسٽ ڊويزن ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول مٺي مان پاس ڪئي. شاهه عبدالطيف ڪاليج ميرپورخاص مان انٽر ۽ بي _ اي پاس ڪري، سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو هليو ويو. جتي ماٺيڻي سنڌالاجي جي لائبريري ۾ ملازمت ڪئي ۽ گڏوگڏ سائنس لائبريري ۾ ڊپلوما ڪيائين. جنهن ۾ سڄي سنڌ مان ٻيو نمبر حاصل ڪيائين.


ماٺيڻو اوٺو تمام سٺو شاعر هو. سندس شاعري پيار ۽ محبت جي رسيءَ سان ٻڌل آهي. سندس شاعريءَ ۾ پيار، محبت، سڪ، اڪير، چاهه، پاٻوهه، لڙي آيل لڙڪ، وڃايل ٽهڪ ۽ ماروئڙن جي محبت جا اهڃاڻ ملن ٿا. ”وڇوڙي جا گيت“ ۽ ”روح رنو اڌ رات“ سندس محبتن ۽ محنتن جا نچوڙ آهن. ”وڇوڙي جا گيت“ هن پنهنجي حياتي ۾ ئي ترتيب ڏنو هو ۽ ”روح رنو اڌ رات“ سندس سئوٽ زاهد اوٺي 2005ع ۾ ترتيب ڏيئي شايع ڪيو.
ماٺيڻو اوٺو هت اسان وٽ موجود ته ناهي پر سندس گهايل گهايل گيت ۽ يادون اسان سان گڏ آهن. افسوس جو زندگي وفا نه ڪئي. هن هميشه لاءِ پنهنجو پاڻ کي سنڌوءَ حوالي ڪري ڇڏيو. سندس محسن چاچو ۽ بابا (بلاول اوٺو) چوي ٿو ته؛ ”جڏهن ماٺيڻي جي وڇوڙي جي، جيءَ کي جهوريندڙ خبر اخبار ۾ پڙهيم ته سچ پڇو ته منهنجي پيرن ھيٺان زمين نڪري وئي. پوءِ حيدرآباد پهتس، جتان حيدرآباد جون گهٽيون ۽ ڄامشوري جا جبل جهاڳيندو رهيس پر ڪٿان به ماٺيڻي جو پاڇو نظر نه آيو، ماٺيڻو.... ماٺيڻو....؟؟؟ ڄامشوري ۾ ڊاڪٽر بليل کورواهي جي موٽر سائيڪل تي چڙهي ڪئنٽ ٿاڻي پهتس. جتي ماٺيڻو نه پر، ماٺيڻي جا ڪپڙا پيل هئا. ۽ ماٺيڻو اوٺو الائي به ڪٿي ۽ ڪيئن....؟؟؟ اڄ به ماٺيڻي لاءِ دل تڙپي ٿي، ڪاش! هو زندگي جي ڏيئي کي پاڻ اجهائڻ جو هيڏو وڏو قدم  نه کڻي ها....!؟“
بهرحال ماٺيڻو ته 15 فيبروري 1981ع ۾، غلام محمد بئراج جي 44 دروازي ۾ لهندڙ سج جي لام جهلي هميشه لاءِ الهي ويو....؟؟؟

No comments:

راءِ ڏيندا