رسول بخش پليجو
ورلڊ سٽيزن
اسحاق مڱريو
هو نه رڳو پاڻ ورلڊ سٽيزن آهي پر هن جي خواهش آهي ته؛ هر سنڌي ورلڊ
سٽيزن هجي. رسول بخش پليجو، هاڻ ٻياسي سالن جي ڄمار جو آهي. اوڻويھ سؤ ٽيهه ۾
جنگشاهي ويجهو ڳوٺ منگر پليجو ۾ تپيدار علي محمد پليجي
جي گهر ۾ پيدا ٿيو. هو ننڍپڻ ۾ پيءُ جي بدران ماءُ جي ويجهو رهيو آهي. ان ڪري هو
سٺي سنڌي ڳالهائڻ جو سبب به پنهنجي ماءُ
جي ويجهو هئڻ ڄاڻائي ٿو. هو چئي ٿو ته آئون سڄو ڏينهن ماءُ سان چهٽو پيو هوندو هوس. امان ۽ ٻين مائين جي وچ ۾ جيڪا ڪچهري ٿيندي هئي سا آئون سڄي پني تي پيو لکندو هوس،
ٻين مائين جي وڃڻ کان پوءِ اهي لکيل پنا امان کي پڙهي ٻڌائيندو هوس. جنهن تي امان
وري ڀونڊو گهروڙي چوندي هئي؛ مئا تون ته صفا شاهد ٿيو بيٺو آهين. هن جو چوڻ آهي ته
مونکي ٻولي سمجهڻ ۽ لکڻ جو ڏانءُ اتان مليو.
هو صحافين کي انٽرويو ڏيڻ جي بدران، کانئن انٽرويو وٺڻ جو عادي آهي. اهڙيءَ
ريت سٺي تقرير ڪرڻ جو سبب هو ٻڌائي ٿو ته؛ اسان جي علائقي ۾ چورين جو وڏو آزار
هوندو هو. ان ڪري امان رات جو گاسليٽ واري بتي ٻاري، مال ۽ گهر تي پهرو ڏيندي هئي. جڏهن ته آئون وري رات جو امان کي ڪهاڻين جا ڪتاب پڙهي ٻڌائيندو هوس. هو روانيءَ
سان تقرير ڪرڻ جو سبب پڻ ننڍي هوندي پنهنجي ماءُ کي ڪهاڻيون پڙهڻ ڄاڻائي ٿو.
ڪوهستاني علائقي سان واسطو رکندڙ رسول بخش پليجو سانوڻين ۾ پنهنجي
ڳوٺ جي واٽ نئين مان گجگوڙ ڪري وهڻ واريون ڳالهيون اڄ به ياد ڪري ٿو. هو هڪ ئي وقت
ٻهراڙي ۽ شهري ڪلچر رکندڙ آهي. رسول بخش پليجو چئي ٿو ته؛ آئون ننڍي هوندي ئي
ڪراچي ۾ پڙهڻ هليو ويس. ان ڪري شهري ڪلچر ۾ ئي وڏو ٿيو آهيان.
هو جتي شاه عبداللطيف ڀٽائي جي شاعريءَ تي عبور رکندڙ آهي ته ساڳيءَ
طرح مخدوم محي الدين ۽ مير تقي مير کان وٺي ٻين اردو شاعرن جي شاعري تي پڻ وڏو
عبور رکندڙ آهي. هو روزاني دنيا
جي ملڪن جون مکيه اخبارون پڙهي، دنيا جي معاملن کان باخبر رهي ٿو جديد دور وارن مختلف سياسي اسٽيجن ۽ ٽي ويز مناظرن ۾، پنهنجي
مخالفن کي مات ڏيڻ، هن جو محبوب مشغلو رهيو آهي.
هو گهڻو سيءُ لڳڻ واري بيماريءَ مان وڏي عرصي کان گزرندڙ آهي. ان ڪري اونهاري ۾ هن جو جرسيءَ ۾ هئڻ به حيرت وارو نه هوندو آهي. ان ڪري
فيبروريءَ ۾ سخت سرديءَ واري مند ۾ جرسيءَ مٿان گرم جيڪٽ پائي سوڙ ۾ سمهندي، ڪچهري
ڪرڻ واري هن جي ڳالهه پڻ ڪا گهڻي حيرتناڪ نه هئي. پر حيرتناڪ ڳالهه اها هئي ته
اهڙيءَ حالت جي باوجود به هو رات جو ٻين وڳي تائين سمهڻ
کان اڳم عالمي نوعيت جو لٽريچر يا ٻئي ڪنهن به موضوع تي پڙهڻ کان پوءِ سمهي ٿو.
هن جا ويهن کان وڌيڪ ڪتاب آيل آهن. جڏهن ته هن جي ڏنل ليڪچرز، شاه
لطيف جي موضوع تي ڪيل تقريرون ۽ ٻين سياسي موضوع وارين تقريرن جا مختلف ڪتاب اچڻ
وارا آهن. هو وڪيل، اديب، شاعر، ڪمپوزر،
مترجم رهيو آهي. هو بلا جو مقرر آهي. هن جي تقرير ۾ ڪئين رنگ هجن ٿا. هو پنهنجي
مخصوس انداز واري تقرير ۾ سنڌي، اردو، فارسي ۽ انگريزي واري شاعري به پڙهندو ۽
چرچن واري انداز ۾ پنهنجي مخالفن تي طنز به ڪندو. ٺش، ٺش، ٺش، پاتلائي، کودڙا،
رزيل، ردي، لوٺيا، سازشي، ڪوڙا قو مپرست، نقلي ڪميونسٽ، شاهينگ لوٺيا، دھلي جا ٺڳ
وغيره وغيره ۽ ٻيون ڪئين اهڙيون گاريون آهن جيڪو هو
تقريرن ۾ پنهنجي مخالفن تي ڪسيندو رهندو آهي.
هو ورلڊ سٽيزن ماڻهو آهي. ان سبب هن وٽ دنيا جي ٻين ڪيترن ئي ملڪن بابت تمام گهڻي ڄاڻ آهي. پر آمريڪا هن جو
سڀ کان وڏو پسنديده موضوع آهي. سرد جنگ ختم ٿي وڃڻ جي باوجود به آمريڪا جي سامراجي
حيثيت ۾ ڪنهن به قسم جي تبديلي نه اچڻ واري ڳالهه بابت هن وٽ ڪئين دليل آهن. انهن سامراجي وڌندڙ اثرن بابت پنهنجي دليلن
۾ هو پنهنجي پاڻ کي ورلڊ سٽيزن چئي ٿو. ان ڪري هو پنهنجي ڳالهه ايشيا، يورپ، آمريڪا، آفريڪا ۽ لاطيني آمريڪا بابت سياسي، سماجي ۽
اقتصادي انگ اکرن سان ڪرڻ جو عادي آهي. هو هر ڳالهه، رفرنس سان ڪرڻ ڄاڻي
ٿو. آمريڪا بابت هو چئي ٿو ته؛ هن جو سرد جنگ کان
پوءِ انهيءَ حد تائين اثر رسوخ وڌيو آهي جو چين ان جي اڳيان پنهنجو پاڻ بچائي سگهي
ٿو يا الائجي نه؟ پوءِ هو چين جو اڄ واري دور ۾ وڌي ويل شاهوڪاري بابت ۽ روس جي
شاهوڪاري بابت انگن اکرن سان ڳالهائڻ لڳي ٿو. ان سلسلي ۾ هو دنيا جي ملڪن جي
اخبارن جا نيٽ تان دائون لوڊ ڪري ڪتابي صورت ۾ گڏ ڪيل مواد گهرائي ڏيکاري ٿو. هن
وٽ اهڙا ڪئين واليم گڏ ڪيل آهن.
جيوڻيڪ هو سنڌي ادب جو وڏو نقاد رهيو آهي پر اڄوڪي سنڌي ادب بابت
گهڻو مايوس آهي. هو چئي ٿو؛ آئون اڄ وارو سنڌي ادب پڙهان ئي ڪو نه. مونکي اها به
خبر ناهي ته ڪهڙا شاعر ۽ اديب، ڪهاڻيون ۽ شاعري ڪندڙ آهن. مون ته ڪنهنجو به نالو
ڪو نه ٻڌو آهي.
هن جو گهر، سياسي ورڪرن جو پنهنجو گهر لڳندو آهي. ان جي ڊرانئنگ روم
جا صوفا، انهن جي گدن کي وهاڻو ڪري ستل ورڪر، سگريٽن جا ٽوٽا اڇلايل هن جي گهر
واري ڊرائنگ روم ۾ ڪارل مارڪس، اسٽالن ۽ هوچي منھ جون تصويرون لڳل آهن. هن جي
ڊرائينگ روم ۾ لڳل تصويرن ۾ پليجي جو ڊاڪٽر نجيب سان نڪتل گروپ فوٽو پڻ لڳل آهي.
رسول بخش پليجو ڪپڙن لٽن بابت به ڪو گهڻو خيال نه رکندڙ آهي. عام طور
تي گهڻن ئي هنڌن تي بنا استري ٿيل ڪپڙا پائي وڃڻ ۾ به هو ڪو عار نه سمجهندو آهي. ان جو سبب ٻڌائيندي هو چئي ٿو ته؛ ننڍي هوندي آئون وڏو رول هوندو هوس. ڏينهن جو
مانيءَ جي ٽائيم تي عام طور گهر نه هوندو هوس. ان ڪري جنهن مهل دير سان گهر ايندو
هوس ته ماني هوندي ڪا نه هئي. امان چوندي هئي ته بابا بس هاڻ سج لهڻ وارو آهي، رات
واري ماني پچي ٿي پوءِ کائجانءِ. ان ڪري مونکي ننڍي هوندي کان ئي نه سٺي ماني کائڻ
۽ نه وري سٺن ڪپڙن پائڻ جو ڪڏهن شوق رهيو آهي.
هن سنڌ ۾ سياسي اشوز کي ماڻهن ۾ عام ڪرڻ لاءِ پيرين پنڌ مارچ ڪرڻ جو رواج وڌو. جيتوڻيڪ ڄام ساقيءَ کانسواءِ ڊاڪٽر قادر مگسي، بشير خان قريشي ۽ ٻيون هاري جماعتون به
پنهنجي اشوز تي لانگ مارچ ڪنديون رهيون آهن. پر انهيءَ انداز ۾ معاملن کي سنڌ جي
جهر جهنگ ۾ پهچائڻ لاءِ هن ڪئين لانگ مارچ ڪيا. جنهن ۾ ٻه دفعا سکر کان ڪراچي، هڪ
دفعو ڀٽ شاهه کان ڪراچي، حيدرآباد کان ڪراچي ۽ ڪنڌڪوٽ کان ڪراچي تائين وارا لانگ
مارچ شامل آهن. انهن لانگ مارچن دؤران گرفتاريون، آنسو گيس جي شيلنگ، لٺين مٿان لٺيون
ليڊرن کان وٺي ورڪرن تائين وسنديون رهيون، جن ۾ پليجو پاڻ پنهنجي ٻين ساٿين سميت
مٽياريءَ ۾ گرفتار ٿيو. وڏيرو شاهنواز، گرفتار ٿيو. جيجي زرينه تي ٺٽي ۾ لٺيون
وسايون ويون، شامل آهن.
پليجو، جديد سنڌ جي سياست ۾ سياسي منتظم آهي. هن پنهنجي پارٽيءَ بابت
سامراج دشمني، لبرل ازم، جاگيرداري قدرن خلاف بي پناه ڪم ڪيو آهي. پر هن جو سڀ کان
وڏو مثالي ڪم، سنڌ جي جاگيرداري ڪلچر واري سماج ۾ عورتن جي ڀرپور تنظيم جوڙڻ آهي.
عبرت ٻاويھ فيبروري ۲۰۱۲ع تان ٿورن سان کنيل.
No comments:
راءِ ڏيندا