الحاج مير علي
احمد خان ٽالپر
اڪبر درس
الحاج مير علي احمد خان ٽالپر ۳۱ آگسٽ ۱۹۱۵ع ۾ ٽنڊو مير محمود
۾ پيدا ٿيو. پرائمري ۽ هاءِ اسڪول جي تعيلم حيدرآباد شهر ۾ ورتائين، سياسي ۽ سماجي
زندگي جو آغاز ۲۰ سالن جي عمر ۾ شروع ڪيائون. ڊاڪٽر
عمر بن محمد دائود پوٽي، مولوي خير محمد نظاماڻي ۽ فضل احمد غزنوي سان ملي انجمن
اهليائي ملت ٺاهيائون. آل انڊيا ڪانگريس ڪميٽي جا ميمبر رهيا. ساڳئي سال ۱۹۳۷ع ۾ خاڪسار تحريڪ ۾ شامل ٿيا. پهرين صوبي بهار جي نائب حاڪم اعليٰ جي
عهدي تي چونڊيو ويو. تنهن بعد سنڌ ۽ بلوچستان جا حاڪم اعليٰ ٿي رهيا. ۱۹۴۶ع ۾ قوم پرست مسلمانن جي ڪوٺايل هڪ اهم اجلاس جيڪو دهلي ۾ ٿيو ان ۾
شريڪ ٿيا، ساڳئي سال سنڌ اسيمبلي جو رڪن منتخب ٿيو ۽ پاڻ مخالف ڌر ۾ پنهنجو ڪردار
ادا ڪيائون ۽ سنڌ جي حقن جي لاءِ جدوجهد جاکوڙ ڪندا رهيا. ۱۹۵۳ع ۾ ٻيهر سنڌ اسيمبلي ۾ وزير خوراڪ ٿي رهيا. ايوب دور ۾ فاطمه جناح
جو کلي ساٿ ڏنائون. هي اهو دور هو جيڪو ايوب آمر خلاف ڪوبه شخص بيهڻ جي لاءِ تيار
نه هو پر مير علي احمد خان ٽالپر محترمه فاطمه جناح سان گڏ رهيا ۽ نيٺ ايوب کي
مجبور ڪري ڪيفر ڪردار تائين پهچايائون. سنڌ جو ماڻهو گواهه آهي ته ذوالفقار علي
ڀٽي کي خوش آمديد چوڻ وارن ۾ مير صاحب سرفهرست هئا ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جو بنياد
ٽنڊي مير محمود ۾ وڌائون ۽ سندن بنگلي کي اهو به اعزاز حاصل آهي ته پاڪستان پيپلز
پارٽي جو بنياد پيو، جتي جهنڊي ۽ تلوار جي نشان کي حتمي قرار ڏنو ويو.
