; سنڌي شخصيتون: استاد ظفر علي

22 January, 2014

استاد ظفر علي

استاد ظفر علي
سنڌ جو پهريون گريجوئيٽ موسيقار
هزارين گيتن جي موسيقي ڏيندڙ گواليار گهراڻي جي موسيقار ۽ راڳي استاد ظفر علي خان جي وڇوڙي کي ٻه سال مڪمل ٿي چڪا آھن.
استاد ظفر علي خان مارچ ۱۹۴۳ع ڌاري ڪراچيءَ ۾، راڳي استاد قدرت الله خان جي گهر ۾ اک کولي.


استاد ظفر علي خان فن جي سکيا پنهنجي والد استاد قدرت الله کان ورتي هئي. پهريون ڀيرو ريڊيو پاڪستان تان موسيقار جي حيثيت سان شروعات ڪئي هئي. هو بهترين موسيقار سان گڏو گڏ سٺو راڳي پڻ هو. هن جو مشهور اردو غزل ”زندگي ڪي راهون مين رنج و غم ڪي ميلي هين“ آهي جڏهن ته سندس سنڌي ۾ ”تون ياد وري آئين“ جي موسقي ڏني.
استاد ظفر علي هزارين اردو ۽ سنڌي گيتن جي موسيقي جي ترتيب ڏني. جن ۾ سنڌي ۽ اردو فلمون پڻ شامل آهن. انهن سنڌي فلمن ۾ سوڍا پٽ سنڌ جا، ڌرتي دل وارن جي، لڄ رک سان گڏ ۱۳ فلمون شامل آهن. جڏهن ته هڪ اردو فلم ”پيار ڪي جيت“ جنهن ۾ سندس گيت رونا ليلا ”ديکهو جي صبا به سهانا هي، هونٽون پر پيار ڪا ترانه هي“ شامل آهن.
مرحوم استاد ظفر علي خان پي ٽي وي کي ۳۰ سال ميوزڪ ڪمپوزر طور ڏنا ۽ پي ٽي وي پاران کيس بهترين ميوزڪ ڪمپوزر طور پي ٽي وي علائقائي ايوارد ڏنو ويو. پر مرحوم پاڻ سان ويندي ويندي اهو ڏک کڻي ويو ته شاهه لطيف جي اردو ڪلامن جي موسيقي جي ترتيب ڏيڻ ۽ هر سال شاهه لطيف جي عرس تي حاضري ڀرڻ جي باوجود لطيف ايوارد نه ڏنو ويو. ۽ ۳۰ سال فن کي ڏيڻ کان پوءِ به صدارتي ايوارڊ کان محروم رهيو.
استاد ظفر علي خان ۲ جنوري ۲۰۱۱ع تي هن فاني دنيا کان لاڏاڻو ڪري ويو.
مشهور راڳي مبارڪ علي خان، سنڌ جي گائڪي گهراڻي جي پهرئين گريجوئيٽ موسيقار استاد ظفر علي جو ڏاڏو هو. استاد ظفر علي، مرحوم راڳي استاد گامڻ جو پڙ پوٽو هو. جڏهن ته استاد بيبا خان جو پوٽو ۽ استاد منظور علي خان جو ڀائيٽيو هو. استاد ظفر علي خان جا مشهور ڪلاسيڪل راڳي ڀائر مظهر حسين ۽ ذوالفقار علي سئوٽ آهن.
استاد ظفر علي خان، جن راڳين کان موسيقي ڏنل گيت ڳارايا، انهن ۾ عابده پروين، مهدي حسن، مهناز، حميرا چنه، حنيف لاشاري، شمن ميرالي، مظهر حسين، رونا ليلا، ذوالفقار علي، محمد يوسف، ثمينه ڪنول ۽ ٻيا شامل آهن.
استاد ظفر علي خان هڪ بهترين موسيقار ۽ گلوڪار هو. ڪلاسيڪل ۽ نيم ڪلاسيڪل راڳي جو پڻ استاد هوندو هو. هن جي سيکارڻ جو انداز بي حد نرالو هوندو هو. سندس شاگرد احمد مغل، خدا بخش ڪڇي، قادر ڪڇي، شبانه ڪوثر، شازيه ڪوثر ۽ ٻيا آهن.

جڏهن ته هن آخري گيت پي ٽي وي جي ”پرک“ پروگرام ۾ ”پرچن شال پنهوار“ ڳايو هو، جڏهن ته مرحوم انڊيا ۽ دبئي ۾ به فن جي مظاهرو ڪيو.

No comments:

راءِ ڏيندا