; سنڌي شخصيتون: سائين جي ايم سيد - ۲

18 January, 2014

سائين جي ايم سيد - ۲


سائين جي ايم سيد 
سنڌ جو سائين
ممتاز علي وگهيو
هي جو پوڙهو جهور، وڙهندي ٿيو ويڙھ ۾
اڃا ڏمر ڏاڍ تــــــي، آڻ نه مـــڃي مــــــور،
سوچي ڏسي ڏور، آڏو آرڻ ڏينهڙا.
(اياز)
سنڌ جي سيد سائين جي ايم سيد تي لکڻ لاء علم دانائي ۽ وڏو دماغ گهرجي، جيڪو مون جهڙي منڊي ماڪوڙي وٽ ڪونهي. سيد تي لکڻ لاء وڏو وقت گهرجي، ڇاڪاڻ ته سائين جي زندگي جا ايترا ته پهلو آهن جو هر هڪ پهلو ته هڪ وڏو ڪتاب لکجي سگهجي ٿو، ۽ هر هڪ پهلو تي ڊاڪٽريٽ ڪري سگهجي ٿي، ۽ اميد آهي ته ڪي سنڌ جا اهڙا نوجوان پيدا ٿيندا جيڪي سائين جي زندگي جي هر پهلو تي ڊاڪٽريٽ ڪندا، سائين سنڌ جي گهمندڙ ڦرندڙ ثقافت ۽ تاريخ هئا، ان سان گڏ وڏا ليکڪ ۽ دانشور ۽ وڏا عالم ۽ وڏي ضرف وارا وڏا ماڻهون هئا، بقول منهنجي دوست جناب حافظ خليل صاحب ته سائين عربي، فارسي جي گرامر صرف و نحو جا وڏا ڄاڻو ۽ ماهر هئا، عربي گرامر توڙي قرآن جي علم تي کين وڏو عبور هو، جڏهن شاه سائين جا بيت يا وري مولانه جلالالدين رومي جي مثنوي ۽ حافظ شيرازي جي شاعري پڙهي ڪري انهن جي معني ۽ تشريح ڪندا هئا ته مٿن هڪ عجيب ڪيفيت طاري ٿئي ويندي هئن. ۽ پاڻ به روئڻ ۾ پئجي ويندا هئا ۽ اتي ويٺلن کي به روئاري ڇڏيندا هئا.


سنڌ جي سيد سائين جي ايم سيد جو مختصر احوال
سائين جو خانداني احوال ــــ سائيم جي ايم سيد صاحب مٽياري سيدن جي خاندان سان تعلق رکن ٿا، سندن وڏڙن مان سيد حيدر نالي هڪ شخص امير تيمور جي هندستان اچڻ وقت ۸۰۱ هجري ۾ پنهنجي والد سيد امير علي سان هرات کان ملتان تائين آيو ۽ پوء سير سفر جي رستي انهن کان ڇڄي سنڌ جي شهر هالن ڀرسان هڪ ڳوٺ ۾ اچي رهيو ۽هتي ارباب شاه محمد وٽان شادي ڪيائين، ،۽ سندس اولاد پهرين هالن ۾ رهندو هو پر ڪجهه وقت کانپوء مٽيارن ۾ اچي رهڻ لڳو، جتي سندس اولاد چئن پاڙن ۾ ورهائجي ويو،
(۱) جرار پوٽا (۲) موسه پوٽا (۳) باقيل پوٽا (۴) ميان پوٽا.
پوئين پاڙي مان سيد سخي ابراهيم شاه جو فرزند سيد بدرالدين ڄام نظامالدين جي حڪومت ۾ لڪيء کان موجوده ڪوٽڙيء جي حصي واري ملڪ مان هڪ سرڪش چانگ قبيلي جي سرڪشي ٽوڙڻ ۾مدد ڏيڻ جي عيوض مليل جاگير جي سنڀال لاء سن جي ڳوٺ ۾ ۹ صدي هجريء جي آخر ۾ رهڻ لڳو.
۽ ان کي ست پٽ ٿيا،
(۱) سيد معروف شاه (۲) موج شاه (۳) سيد ڌڻي شاه (۴)سيد حاجي شاه (۵)سيد داد شاه (۶)سيد جهنڊو شاه (۷) سيد جيو شاه (ضياء الدين شاه )جيو شاه صاحب کي وري ٻه پٽ ٿيا، (۱) سيد جرارشاه (۲) سيد حيدر شاه ۽ سائين سيد حيدر شاه جي پيڙهي مان آهن.
سائين جو والد صاحب ــــــ سائين جي والد صاحب جو نالو ـــ سيد ميان محمد شاه هو جنهن کي پهرين نومبر ۱۹۰۵ع ۾(جنهن وقت سائين اڃان مس هڪ سال جو هو) رمضان شريف جي ٽئين رات جو جامع مسجد سن ڏانهن ويندي رستي تي خانداني اختلافن جي عيوض قتل ڪيو ويو هو.
سيد جو پورو نالو ــــ سيد غلام مرتضه شاه سنائي
سائين جي پيدائش ــــ ۱۷ جنوري ۱۹۰۴ع ۾ سن شهر ۾ سائين جي پيدائش ٿي.
تعليم ــــ محترم سائين جي ايم سيد صاحب شروعاتي تعليم ماستر جان محمد عباسي صاحب کان حاصل ڪئي. جيڪو اصل ٻورڙي تعلقي ڪڪڙ ضلعي دادو جو هو. ۽ ۱۹۰۹ع ڌاري سن ۾ استاد ٿئي آيو هو. تنهن کانپوء ماستر حامد علي ميمڻ ولد مولوي ميان عبدالله ميمڻ کان ڪجهه انگريزي پڙهيو، هي صاحب ۵ جنوري ۱۹۱۸ع ڌاري سن پهتو هو ۽ سيد صاحب وٽس ڏيڍ سال تائين انگريزي پڙهيو، هي صاحب اصل هالن جو رهاڪو هو، ياد رهي ته سيد صاحب باقائده ڪنهن اسڪول يا مدرسي مان سند يافته نه آهن مگر ان جي باوجود سيد صاحب هڪ ئي وقت سنڌي، علم ادب جا، يگانه عالم ۽ اديب هئا، پر ان سان گڏ اردو ، انگريزي فارسي ۽ عربي جا وڏا ڄاڻون ۽ ليکڪ هئا، ۽ سيد صاحب سنڌي ادب تاريخ، ثقافت ۽ مذهب تي تمام وڏا ڪتاب لکيا آهن جنهن جو ذڪر اڳتي ايندو انشاءَالله.
سائين جا ڀائر ـــ سائين جو هڪ ڀاء هو جنهن جو نالو احمد شاه هو جيڪو ننڍپڻ ۾ ئي وفات ڪري ويو هو.
شادي ـــ سيد صاحب جي شادي پنهنجي خاندان مان ۲۰اپريل ۱۹۱۰ع ۾ جناب سيد مير حسن ولد حاجي نور شاه ڀاڻوٺيء جي نياڻي بيبي مريم سان ڀاڻوٺ جي ڳوٺ ۾ ٿي.
مذاج ــــ سائين هڪ صوفي ۽ عاشق مذاج شخص هو کيس مٺو آواز، سهڻيون شيون، سهڻا ماڻهون تمام گهڻا وڻندا هئا. سيد صاحب هڪ حساس دل ۽ آزاد خيال جا مالڪ هئا، ۽ هر ڪنهن کي آزاد ڏسڻ چاهيندا هئا، سنڌ سنڌي عوام ۽ سنڌي ثقافت جا ته عاشق هئا، سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي محبت ته سندن رڳ رڳ م شامل هئي، سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي محبت ۾ عمر تڪليف ۾ گذاري ڇڏيائون، مگر سنڌ جي خلاف هڪ لفط به بردائش نه ڪيائون.
عشق محبت ـــ سائين جڏهن تعليم جا وزير هوا ان وقت هندستان جي هڪ عورت سيد صاحب سان محبت ڪرڻ لڳي هئي، جنهن جو ذڪر سائين پنهنجي ڪتاب ديارِ دل ۽ داستان محبت ۾ تفصيل سان ڪيو آهي، ۽ ان ڪتاب ۾ انهيِء عشق محبت جي قصي وارا خط پڻ ڏنا آهن،
ذاتي زندگي ۽ مذهبي اثرات ــــ سيد صاحب ذاتي زندگي ۾ هڪ انتهائي شريف ، سچو، پرهيزگار، ۽ عبادت گذار شخص هو، شروعاتي زندگي ۾ ته نماز، روزي جو پڻ پابند، هو ۽ تهجد گذار هو. مگر پوء ڪنهن جي صحبت ۾ مذهب کان بيزاري ڏيکاريائين، مگر تقريبًا ۱۲،۱۳ سال پهرين مون هن رسالي ۾ سندس نياڻي محترمه ڊاڪٽر درشهوار سيد جي لکيل الفاظ ڏٺا هئا، جنهن ۾ هن اهيو چيو هو ته بابا عمر جي آخر ۾ وري نماز پڙهڻ شروع ڪئي هئي. ۽ بابا چوندو هو ته نماز ۾ مون کي سڪون ٿو ملي.
سيد صاحب جي لکيل ڪجهه ڪتابن جا نالا
(۱) پنهنجي ڪهاڻي پنهنجي زباني ــــــ هن ڪتاب ۾ سيد صاحب پنهنجي آتم ڪهاڻي لکي آهي مگر اها ڪهاڻي مڪمل ناهي.
(۲) جنب گذاريم جن سين ــــ هن ڪتاب ۾ سيد صاحب پنهنجي هم عصر سياستدانن، عالمن، اديبن ويجهن زميدارن، ۽ پنهنجي دوستن جو تفصيلي ذڪر ڪيو آهي. تمام معلوماتي ۽ تاريخي ڪتاب آهي، اگر اهيو ڪتاب توهان نيٽ تي پڙهڻ چاهيو ته ان لاء پڻ هيٺ هڪ لنڪ ڏيان ٿو، توهان اتان اهيو ڪتاب پڙهي سگهو ٿا۔ (۳) سنڌ جا سورما ـــــ هن ڪتاب ۾ سيد صاحب سنڌ جي بهادر سورمن جو ذڪر ڪيو آهي، جنهن جي لنڪ پڻ مون هيٺ ڏني آهي ۽ توهان اتان پڙهي سگهو تا، (۴)سنڌي ڪلچر ــــ هن ڪتاب ۾ سيد صاحب سنڌ جي رهڻي ڪهڻي طور طريقن ۽ رسمن جو ذڪر ڪيو آهي، جنهنجي پڻ لنڪ هيٺ ڏنل آهي. (۵) ون يونٽ جي ڪهاڻي ــــ ايوب دور ۾ سنڌ جو نالو ختم ڪري ون يونٽ قائم ڪيو ويو هو ، هن لتاب ۾ ان ون يونٽ جو ذڪر آهي.(۶) خطبات سيد ــــ هن ۾ سيد صاحب جون تقريرون ڏنل آهن. (۷) پيغام لطيف ــــ هن ڪتاب ۾ سيد صاحب شاه صاحب جي شاعري جي روشني ۾ حبالوطني جو ذڪر ڪيو آهي، جنهن جي لنڪ پڻ هيٺ ڏنل آهي توهان لنڪ ڪلڪ ڪري اهو ڪتاب پڙهي سگهو ٿا.(۸) ديارِدل ۽ داستان محبت ــــ هن ڪتاب ۾ سيد صاحب پنهنجي محبت جا قصا ۽ ڪهاڻيون لکيون آهن سيد صاحب جي بقول ته ٽن عورتن سان محبت جا قصا ٿيا، ۽ انهن جو ذڪر به هن ڪتاب ۾ موجود آهي، ۽ ان کان علاوه هن ڪتاب ۾ اهي محبت وارا خط پڻ ڏنا ويا آهن، ۽ تمام سهڻي نموني سان هن ڪتاب کي لکيو ويو آهي، محبت جو داستان لڱندي لکندي سيد صاحب شاه سائين جا شعر،۽ بيت اهڙا ته فٽ ڪيا آهن جو پڙهندين پڙهندي پڙهندڙ جي ڪيفيت به عجيب ٿئو وڃي، توهان کي ڪڏهن موقعو مليو ته اهيو ڪتاب ضرور پڙهجو. (۰۹) سنڌ جي بمبئيء کان آزادي ـــ ۱۹۳۶ع ڌاري سنڌ کي آزاد ڪيو ويو، ۽ ان آزادي جو ذڪر سيد صاحب هن ڪتاب ۾ ڪيو آهي.
(۱۰)نئين سنڌ لاء جدوجهد ــ.........................................
(۱۱)سنڌوء جي ساڃاه ـــ ٻن جلدن ــــ ..............................
(۱۲) موجوده سياسي مسئلا ـــــ ........................................
(۱۳) سنڌو ديش ڇو ۽ ڇالاء ؟ ـــ .......................................
(۱۴) جديد سياست جا نورتن ــــــ ......................................
(۱۴) چونڊ سياسي مضمون ـــــ .........................................
(۱۵) ههڙا هاڃا ٿين ـــــ........................................................
(۱۶) تحريرون ـــــ.....................................................................
(۱۷) ساهڙ جا سينگار ــ هن ڪتاب ۾ سنڌ جي ماياناز عالم اديب جناب سائين علامه آء آء قاضي صاحب جن جا خط سهيڙيل آهن.
(۱۸) خط۽ مضمون ـــ هن ڪتاب ۾ سنڌ جي عالم، اديب، ۽ سياستدان جناب علي محمد راشدي صاحب جن جا خط سهيڙيل آهن
(۱۹) سنڌ ڳالهائي ٿي ــــ محترم جناب سيد صاحب جن پنهنجا عدالتي بيان هڪ هنڌ گڏ ڪري هي ڪتاب ترتيب ڏنو آهي، هي ڪتاب پڻ پڙهڻ وٽان آهي.
(۲۰) جيئن ڏ ٺو آه مون ـــ هي ڪتاب مذهبن تي بلڪه خاص اسلام تي تنقيد ٿيل آهي، هن ڪتاب ۾ سيد صاحب مذهب اسلام تي بردائش نه ڪرڻ وارا الزام لڳايا آهن ۽ هن ڪتاب جي ڪري مذهبي حلقن ۾ پڻ سيد جي سخت مخالفت ٿي، پر هڪ عام مسلمان به سيد کان منهن موڙيو، ۽ بقول حافظ خليل صاحب ته سائين جي ايم سيد صاحب هڪ ڏينهن اهيو خود مڃيو هو ته هن ڪتاب منهنجي سياسي ڪردار کي وڏو ڌڪ هنيو آهي، ۽ هن عمر ۾ اهيا منهنجي وڏي غلطي آهي.
(۲۱) واڄٽ ويراڳين جا ـــ هن ڪتاب ۾ سائين جي ايم سيد ۽ محمد امين کوسي جا لکيل خط سهيڙيل آهن، هن ڪتاب کي محترم جناب عبدالواحد آريسر صاحب جن ترتيب ڏنو آهي.
(۲۲) شاه جون ڪافيون ـــ .....................................................
(۲۳)چونڊ ادبي مضمون ـــ............................................................
سيد صاحب جا اهم ڪارنامه ۽ تاريخي ڳالهيون
چوڏهن سالن جي ننڍڙي ڄمار ۾ سائينءَ پنهنجي عملي زندگيءَ جي شروعات ڪئي ... کيس ۱۹۱۹ع ۾ پنهنجي تعلقي جي اسڪولن جي بورڊ جو چئرمين منتخب ڪيو ويو ...
۱۹۲۹ع ۾ ڪراچي ضلع جي لوڪل بورڊ جو ڄونڊيو ويو۔
۱۹۳۰ع ۾ ، سنڌ هاري ڪاميٽي سيڪريٽري چونڊيو ويو
۱۹۳۷ع ۾ سنڌ بمبئي کان الڳ ٿي ته سنڌ ۾ اليڪشن ٿي ۽ ان اليڪن ۾ سائين جي ايم سيد صاحب پهريون دفعو سنڌ اسيمبلي جو ميمبر چونڊجي آيو ...
۱۹۳۸ع ۾ آل انڊيا مسلم ليگ ۾ شموليت اختيار ڪيائين۔
۱۹۴۰ع ۾ سنڌ جي تعليم جو وزير مقرر ٿيو ۽ سنڌ يونيورسٽي ۽ سنڌي ادبي بورڊ جي قيام لاء اپاء ورتا ويا۔
۱۹۴۱ع ۾ مسلم ليگ جي مرڪزي ڪاميٽي جو ميمبر چونڊيو ويو ...
۱۹۴۳ع سنڌ مسلم ليگ جو صدر منتخب ٿيو ...
۱۹۴۴ع ۾ قرداد پاڪستان جي قرارداد پاس ڪرايائين پر پوء پوري زندگي انهيء ملڪ جي مخالفت ڪيائين ۽ پوري زندگي دنيا ڇڏڻ تائين مخالفت جي ڪري تڪليفون ڪاٽيندو رهيو۔
۱۹۴۶ع ۾ مسلم ليگ سان اختلافن جي شروعات ٿي، جنهنجي نتيجي ۾ هڪ الڳ پارٽي ”پروگريسو مسلم ليگ“ جي نالي سان بنياد رکيو ويو ... ساڳي سال سائين جي ايم کي سنڌ اسيمبلي جي گڏيل پارٽين جو اڳواڻ مقرر ڪيو ويو
۱۹۵۴ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ جي چئرمين جا چيئرمين ٿيا، ۽ سنڌي ٻولي ۽ لغت تي ڪم جي شروعات ٿي۔
۱۹۵۵ع ۾ پاڪستان نيشنل پارٽي ٺاهڻ ۾ انتهائي اهم ڪردار ادا ڪيو ...
۱۹۶۶ع ۾ ”بزم صوفياء سنڌ “ جو بنياد وڌائين
۱۹۶۹ع ۾ ”سنڌ يونائيٽيڊ فرنٽ“ جو بنياد رکيائين
سائين محترم جي ايم ”سنڌ عوامي آواز“ پارٽيءَ جو بنياد
۱۹۰۶ع ۾ سندس زمين محترم مرزا قليچ بيگ (جيڪو ان وقت ڊپٽي ڪليڪٽر هو) جي ڪوشش سان ڪورٽ آف وارڊس جي سنڀال هيٺ آئي۔ ڇاڪاڻ جو سيد صحب ننڍو هو ۽ سندس خاندان ۾ ٻيو ڪو مرد ماڻهون ڪو نه هو جيڪو زمينون سنڀالي۔
۱۹۲۱ع ۾ مهاتما گنڌي سان ملاقت ٿي ۽ ان ملاقات کان پوء سيد صاحب کاڌي جا ڪپڙا پائڻ شروع ڪيا۔
۱۹۲۴ع ۾ سيد صاحب مٽياري سادات جي ڪانفرنس ڪوٺائي جنهن ۾ تقريبن ۳۰۰ ماڻهو شريڪ ٿيا۔
۱۹۲۴ع ڌاري مشهور مسجد لڪي جي مسجد جو ڪم ڪرايو
۱۹۱۹ع ۾ سيد صاحب کي ماتا جي بيماري ٿئي جنهن ڪري کيس ٻه مهينا بستري تي رهڻو پيو۔



جي ايم سيد
پاڪستان کان سنڌ ديس تائين
عاجز جمالي
جي ايم سيد سنڌ جي تاريخ جو هر رخ کان هڪ انوکو ۽ منفرد ڪردار آهي. غلام مرتضيٰ شاهه سنائي (جي ايم سيد) جيتوڻيڪ سياسي تاريخ  پاڪستان جي حمايت کان وٺي سنڌو ديش جي نعري تائين سيد جي شخصيت ۾ وڏيون تبديليون نظر اچن ٿيون. سندس ان سياسي تبديليءَ سنڌ ۾ هميشه پاڪستان ۽ سنڌوديش جي سوچ تي ٻه اهم سوال اٿاريا آهن ”ڇا پاڪستان جي حمايت ڪرڻ گهرجي ها؟“ ”ڇا پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ سنڌوديش ۾ مسئلن جو حل آهي؟“
ڇا ٻه قومي نظريو درست هو؟ آل انڊيا مسلم ليگ ۾ سيد جو شامل ٿيڻ ٺيڪ هو يا سنڌ هاري ڪميٽي ۽ سنڌ عوامي محاذ جي پليٽ فارم تي سنڌين جي حقن لاءِ جدوجهد ٺيڪ هئي؟ سنڌ آئين ساز اسيمبليءَ جو ميمبر بڻجي سنڌ اسيمبليءَ ۾ پاڪستان ٺاهڻ جي حق ۾ قرارداد منظور ڪرڻ ٺيڪ هو يا سنڌي قومپرستي ٺيڪ هئي؟ جي ايم سيد جي شخصيت ۽ سياست ۾ لڪل اهم تاريخي واقعن ۽ تضادن سان گڏ سنڌي ادب ۾ سندس خدمتن جو اعليٰ مثال رڳو ”سنڌي ادبي بورڊ“ قائم ڪرڻ ناهي پر ۵۰ کن املهه ڪتاب لکڻ به وڏو ڪم آهي. ۱۷ هين جنوري ۱۹۰۴ع ۾ سنڌو درياهه جي ڪناري تي شهر سن ۾ جنم وٺندڙ جي ايم سيد پنهنجي حياتيءَ جي آخري ڏينهن ۲۵ اپريل ۱۹۹۵ع تائين سياسي تڪرارن ۽ تضادن سان گڏ سنڌ جو عاشق رهيو ۽ پنهنجي سياسي نظرئي سان ڳنڍيل رهيو. جي ايم سيد آل انڊيا مسلم ليگ ۾ شامل ٿيڻ کان اڳ به سياسي طور قدبت رکندڙ سياستدان هو. هڪ خيال اهو آهي ته جيڪڏهن جي ايم سيد آل انڊيا مسلم ليگ ۾ نه هجي ها ته شايد ۱۹۴۴ع ۾ سنڌ جي آئين ساز اسيمبليءَ مان پاڪستان جي حمايت ۾ قرارداد به منظور نه ٿئي ها. سنڌ ڄائي قائداعظم محمد علي جناح ۽ عبدالله هارون جي دوستيءَ سيد کي سنڌي قومپرستيءَ مان پاڪستان ٺهڻ يا تحريڪ پاڪستان ڏانهن موڙيو. جيتوڻيڪ جي ايم سيد ان کان اڳ به سياسي طور انتهائي متحرڪ سياستدان هو. ۱۹۳۷ع ۾ سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊجڻ کان اڳ به هو ننڍي ڄمار ۾ لوڪل بورڊ ڪراچيءَ جو صدر چونڊيو. ان کان اڳ سيد پنهنجي جوانيءَ ۾ سنڌ عوامي محاذ، سنڌ هاري ڪميٽي، سنڌ ۾ صوفي تحريڪ جهڙين تحريڪن ۾ سرگرم رهيو. سندس سياسي ناقدين مٿس اها تنقيد ڪن ٿا ته ”سيد“ قائداعظم جي ڳالهين ۾ اچي ويو هو. جيڪڏهن هو تحريڪ پاڪستان جي حمايت نه ڪري ها ته سنڌ سان اڄ اهڙي صورتحال نه هجي ها ڇو ته پاڪستان ٺهڻ جو سڀ کان وڏو نقصان سنڌ کي پيو. ڇو ته پاڪستان هڪ ته جنهن پيريٽي (برابري) جي بنياد تي ٺهيو ان تي ۱۹۴۷ع ۾ ئي عمل ڪو نه ٿيو. ۱۹۴۰ع جي ٺهراءُ ۽ بعد ۾ ۱۹۴۴ع ۾ سنڌ اسيمبليءَ ۾ منظور ڪرايل جي ايم سيد جي ٺهراءُ جي ڀيٽ ۾ ۱۹۴۷ع ۾ بلڪل الڳ تصوير جو پاڪستان ٺهيو. پاڪستان جون پاڙون ئي ڪمزور سياسي نظرئي تي رکيون ويون. پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ ان جو پهريون شڪار سندس باني قائداعظم محمد علي جناح بڻيو ۽ ان کانپوءِ راولپنڊي ۾ پهرين وزيراعظم لياقت علي خان جي قتل پاڪستان جي ٻه قومي نظرئي کي لوڏي ڇڏيو هو. تازو حاجي مظفر شجره جي گهر تي گلگت بلتستان جي وڏي وزير سيد مهدي شاهه سان غير رسمي ڪچهري ٿي. سندس چوڻ هو ته گلگت بلتستان ڏيڍ سال تائين پاڪستان جو حصو نه هو. پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ به آزاد رياست هو. اهڙي ساڳي صورتحال بلوچستان جي آهي. جڏهن خان آف قتلات ۱۹۴۸ع ۾ جنهن ڏينهن پاڪستان ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪيو ان ئي ڏينهن قلات ۾ بغاوت شروع ٿي. پاڪستان ٺهيو ته سڄي هندوستان مان مسلمان مهاجرن جي آمد شروع ٿي پر سڀ کان وڏي صوبي پنجاب انڊيا مان ايندڙ مسلمان ڀائرن جو بار کڻڻ کان انڪار ڪيو ۽ لاهور مان ٽرينون ڀري سنڌ ڏانهن روانيون ڪيون. مسلمان ڀائرن کي پنجاب جي عظيم مسلمان چيو ته پاڪستان اڳيان آهي. ان پناهه گيرن جو سڄو بوجهه ڪراچي ۽ سنڌ جي ٻين شهرن تي وڌو ويو ۽ سنڌ مان قابل هندو ڀارت لڏي ويا. ان کانپوءِ ۱۹۴۷ع کان وٺي اڄ تائين ڏسون پيا ته پاڪستان جو سڄو ازالو سنڌ ڀوڳي رهي آهي.
جي ايم سيد ۱۹۷۰ع ڌاري تڏهن صورتحال کي سمجهيو جڏهن پاڪستان مان بنگالين الڳ ٿيڻ جو فيصلو ڪيو. پر سيد سنڌو ديش جو نعرو بنگلاديش ٺهڻ کانپوءِ ۱۹۷۲ع ۾ هنيو، جڏهن ذوالفقار علي ڀٽو وزيراعظم بڻيو. ڏٺو وڃي ته سيد گهڻو اڳ پاڪستان کان بيزار ٿي چڪو هو. ۱۹۶۹ع ۾ هن سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي ٺاهي هئي، جيڪا پڻ سنڌ سطح تائين سياست ڪرڻ ڏانهن اشارو هو. پاڪستان جي بنيادي نظريي سان ته ٻن سالن کانپوءِ ٺاهڻ وارا ڦري ويا، پوءِ جيڪو پاڪستان ٺهيو، جنهن ۾ اڄ تائين ڀارت کان مهاجرين جي آمد جو سلسلو جاري آهي. منهنجو ذاتي خيال آهي جيڪڏهن قائداعظم محمد علي جناح جيئرو هجي ها ته شايد ۱۰ سالن کانپوءِ هن پاڪستان کان لاتعلقي جو اعلان ڪري ٻئي پاڪستان ٺاهڻ لاءِ ٻيهر جدوجهد شروع ڪري ها. مون کي هن ڳالهه تي ڏاڍي حيرت آهي ته هن ملڪ ۾ پنجاب ۽ فوج کانسواءِ ڪير به پاڪستان جي هاڻوڪي ڍانچي مان خوش ناهي جن قوميتن برابري جي بنياد تي وفاق ۾ يونٽ طور صوبن کي شامل ڪرڻ لاءِ پاڪستان جي حمايت ڪئي هئي اُهي سڀ بعد ۾ پاڪستان جا مخالف بڻجي ويا. سڀ کان پهرين بنگالي مخالف بڻيا. ۱۹۷۱ع کانپوءِ باقي رهيل پاڪستان مان بلوچ، سنڌي ۽ پٺاڻ بيزار آهن. جهڙي هن وقت پاڪستان جي صورتحال آهي ان مان لڳي نه ٿو ته هي ملڪ هن صديءَ تائين هلندو. سنڌ ۾ سيد جي حياتيءَ ۾ ئي سندس ”جيئي سنڌ“ يا سنڌو ديش جي تحريڪ به مسلم ليگ وانگر ڪيترن ئي ٽڪرن ۾ ورهائجي وئي هئي. اڄ ته شايد سيد جي سياسي پوئلڳن جون سنڌ ۾ هڪ درجن کان وڏيون پارٽيون آهن. جي ايم سيد بنيادي طور صوفي فڪر ۽ عدم تشدد جو پيروڪار هو. بعد ۾ سياست اندر ”دهشت“ ۽ هٿيارن جي سياست سندس عدم تشدد جي سياست کي لتاڙي ڇڏيو.
جي ايم سيد جو سنڌي ادب ۾ تاريخي ڪردار ڪڏهن به وساري نه سگهبو، جنهن مان سندس ڏاهپ، علم دوستي ۽ سنڌ دوستيءَ جو اعليٰ مثال ملي ٿو. سنڌ جي سياست ۾ اهڙا گهٽ سياستدان ملندا جيڪي ساڳي وقت ايڏا وڏا ليکڪ به هُجن. هو نه رڳو سنڌي قومپرست سياست جو باني آهي بلڪه سنڌي ادبي بورڊ جي قيام ۾ سندس هٿ ۽ ۱۹۵۴ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ جو چيئرمين بڻجڻ سندس علم ۽ ڏاهپ جو وڏو مثال آهي. سيد گهراڻي جي وڏيرڪي ڪلاس جو جي ايم سيد قومپرست سياست جو باني بڻيو. جي ايم سيد روشن خيال، ترقي پسند ۽ جديد سائنس جي علم جو واقف اڳواڻ هو پر سنڌو ديش جو نظريو اڻ ڳڻين خامين ۽ ڪيترن ئي سوالن جو محور هو. جيئي سنڌ تحريڪ اندر به سياسي ۽ نظرياتي ڪارڪنن کي انهن سوالن جو جواب ملي نه سگهندو هو. جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن (جساف) جي ايم سيد جي پوئلڳن جي مضبوط شاگرد تنظيم هُئي ترقي پسند ۽ قومپرست فڪر جا هي دوست يونيورسٽين ۾ لکڻ پڙهڻ بدران ٻين شغلن ۾ لڳا پيا هوندا هئا. جساف جهڙي تنظيم جي ڪارڪنن جو نشانو ٻين ترقي پسند تنظيمن جا ڪارڪن بڻجندا هئا. شهيد نذير عباسيءَ تي تشدد جا واقعا هُجن يا يونيورسٽيءَ جي هاسٽلن ۾ هٿيار گڏ ڪرڻ جهڙيون ڳالهيون. تعليمي ادارا بند ڪرائڻا هجن يا شاگرد تنظيمن وچ ۾ ڦڏا ڪرائڻا هجن، هي سڀ ڪم سيد جي فڪر جا پوئلڳ ڪندا هئا، جنهن سبب جي ايم سيد جي عدم تشدد يا سهپ وارو فلسفو سندس سياسي پوئلڳن آڏو ئي تڪراري بڻيل رهيو. هاڻوڪي سنڌ جي ويجهي ماضيءَ ۾ وري جي ايم سيد يا سندس تنظيم تي سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ ايم ڪيو ايم کي تحفظ ڏيڻ يا سنڌي مهاجر ڀائي ڀائي جي نعري تحت ايم ڪيو ايم جي همٿ افزائي ڪرڻ سان پڻ سنڌي عوام کي نقصان پهتو. اڄ سنڌ ۾ ايم ڪيو ايم جي ايم سيد جي ان دوستيءَ جي وارثي ڪرڻ لاءِ تيار ناهي نه ڪي جيئي سنڌ اڄ ان پوزيشن ۾ آهي جو ايم ڪيو ايم سان کُليل ڳالهه ڪري. هن راءِ مان عبدالواحد آريسر کي ڀلي مائنس ڪري پڙهيو وڃي.
جي ايم سيد ۲۰ هين صديءَ جو تمام وڏو ماڻهو هو. سنڌ ۾ وڏن ماڻهن جو قدر گهٽ ٿيندو آهي. گانڌي ۽ شاهه عنايت جي فلسفي کي پاڪستان کان ڌار ڪري سنڌو ديش سان ملائيندڙ جي ايم سيد زندگيءَ جي آخري ڏينهن تائين پنهنجي گهر ۾ نظربند رهيو. ساڻس ٻه ڀيرا ملاقات باوجود ساڻس گڏ ڪنهن تصوير جو مون وٽ نه هُجڻ مون لاءِ افسوس جو مقام آهي پر مون کي ڪتابن ڏانهن مائل ڪرڻ ۽ سياست جو دڳ ڏيکارڻ ۾ جي ايم سيد جي لکڻين جو به هٿ هوندو. ”سيد ۽ سنڌ“ هن ڌرتيءَ جي نوجون نسل لاءِ هر دور ۾ اهميت جوڳو موضوع رهندو



سيد جي فڪر کي خطرا
عبدالخالق جوڻيجو
سائين جي ايم سيد جي انگريزيءَ ۾ ڪيل تاريخي تقريرن جي اردو ترجمي تي ٻڌل ڪتاب ”فڪر جي ايم سيد اور آج ڪا پاڪستان“ جي مهاڳ ۾ مون لکيو هو ته ”هر غير معمولي ماڻهو متنازعه هوندو آهي ۽ هر غير متنازعه ماڻهو معمولي هوندو آهي.“ سمورا غير معمولي ماڻهو متنازعه ان ڪري ٿيندا آهن ته اُهي نوان خيال کڻي ايندا آهن، اُهي تبديليءَ جي ڳالهه ڪندا آهن.
انساني سماج هر وقت تبديليءَ جي عمل مان گذرندو ٿو رهي. جيئن وقت هڪ هنڌ بيهي نٿو، تيئن انساني سماج به تبديل ٿيندو اڳتي وڌندو ٿو رهي. جيڪي ماڻهو، جيڪي گروهه ۽ جيڪي قومون تبديليءَ جي عمل کي سمجهن ٿيون ۽ وقت سان گڏ پاڻ ۾ تبديلي آڻين ٿيون، اُهي زنده به رهن ٿيون ۽ ترقي به ڪن ٿيون. پر جيڪي تبديل نه ٿيون ٿين، انهن جي ترقيءَ جو عمل رُڪجي وڃي ٿو ۽ آخر اُهي ختم ٿي وڃن ٿيون. غير معمولي انسانن جو وقت جي نبض تي هٿ هوندو آهي. تنهن ڪري اهي تبديل ٿيندڙ وقت جي گهرجن سان مطابقت رکندڙ نوان خيال ڏيندا آهن. پراڻا خيال ۽ زندگيءَ بابت پراڻا تصور هلندي هلندي ماڻهن لاءِ عقيدي جي حيثيت اختيار ڪري ويندا آهن. ان ڪري جڏهن نوان خيال ايندا آهن ۽ انهن ماڻهن جي عقيدن سان ٽڪرائبا آهن ته اُهي عقيدي پرست ماڻهو نون خيالن جي ۽ نوان خيال ڏيندڙ ماڻهن جي مخالفت ڪندا آهن. اهڙيءَ طرح اُهي سماج جي واڌاري ۽ ترقيءَ بابت نوان خيال، نيون سوچون ۽ نوان تصور ڏيندڙ ماڻهو، متنازعه بڻجي ويندا آهن.
اڄ انساني تاريخ جا عظيم ۽ غير معمولي سمجهيا ۽ مڃيا ويندڙ سمورا شخص، پنهنجي دور جا انتهائي متنازعه ماڻهو هئا، پوءِ اُهي مفڪر هجن، مذهبي مهندار/ پيغمبر هجن يا سائنسدان هجن، ڪنفيوشس، گوتم ٻڌ، سقراط، حضرت عيسيٰ، ڪارل مارڪس، گئليلو، آئنسٽائين، اهي سڀ پنهنجي پنهنجي وقت ۾ متنازعه رهيا. اهي سڀ، اُهي ماڻهو هئا جن عام ماڻهن ۾ عقيدي جي حيثيت اختيار ڪري ويل پراڻن خيالن کي چئلينج ڪيو ۽ رد ڪيو. انهن جي ڀيٽ ۾ ٻيا اهڙا به ماڻهو هئا جن ماڻهن کي خوش ڪرڻ خاطر، انهن سان ها ۾ ها ملائي. اُهي وقتي طور ته وڏا مقبول به ٿيا ۽ ماڻهن جا ليڊر ۽ حڪمران به ٿيا پر انساني سماج جي ترقيءَ ۾ انهن ڪو ڪردار ادا ڪو نه ڪيو.
جي ايم سيد بلاشبه سنڌ جو، پاڪستان جو ۽ شايد ننڍي کنڊ جو سڀ کان وڌيڪ متنازعه ماڻهو هو. هُن عقيدي پرستيءَ جي خلاف جنگ ڪئي. هُن پراڻن ۽ فرسوده خيالن کي رد ڪيو. هُن مقدس ۽ متبرڪ بڻيل خيالن، نظرين ۽ شخصيتن کي چئلينج ڪيو. هُن پنهنجي دؤر جي حساب سان سياست ۾، ادب ۾، تاريخ ۾ ۽ مذهب جي معاملي ۾ نوان خيال ۽ نوان لاڙا ڏنا. جي ايم سيد کي سڀ کان وڌيڪ متنازعه بنائيندڙ سندس ڪتاب ’جيئن ڏٺو آ مون‘ هو، جنهن ۾ هُن مذهب بابت پراڻن، روايتن تي ٻڌل ۽ گمراهه ڪندڙ خيالن جو سائنسي طريقي سان ڇيد ڪري انهن کي رد ڪيو. ان ڪتاب تي اُٿيل تنازعي، ان وقت سيد کي جهڙوڪ اڪيلو ڪري ڇڏيو. پر اڄ پاڪستان ۾ هوندي به سنڌ جيڪا اڃا تائين مذهبي بنيادپرستيءَ جي باهه کان بچيل آهي ته ان ۾ ٻين ڳالهين سان گڏ ان ڪتاب جو به حصو آهي.
شاهه لطيف هاڻي نه رڳو سنڌ جي شاعري ۽ ادب، پر سنڌ جي ڪلچر ۽ سنڌ جي سڃاڻپ جو هڪ اهم اهڃاڻ بڻجي چڪو آهي. نه رڳو ايترو پر سنڌ جي قومي نجات جي جدوجهد ۾ به سندس شاعري هڪ روشني ۽ هڪ هٿيار طور استعمال ٿي رهي آهي. شاهه لطيف کي اها حيثيت ڏيارڻ ۾ به جي ايم سيد جي ڪتاب ’پيغامِ لطيف‘ جو اهم ڪردار آهي. غلام ملڪن ۽ پٺتي پيل سماجن ۾ تاريخ کي عقيدي پرستيءَ جي بنياد تي لکيو ويندو آهي ۽ ان کي جابر قوتن جي بالادستي جاري رکڻ ۽ سماج ۾ ماٺار يا اسٽيٽسڪو برقرار رکڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي. جي ايم سيد تاريخ جو روشن خيال، تبديلي پسند ۽ بالادستي مخالف پاسو پيش ڪيو. ان لاءِ ننڍي کنڊ جي وڏي تاريخدان ڊاڪٽر مبارڪ عليءَ جو چوڻ آهي ته ”پاڪستان ۾ تاريخ، حڪمرانن جي نقطئه نظر کان لکي ويندي رهي آهي. جي ايم سيد اهو پهريون شخص آهي، جنهن تاريخ کي عوام جي نقطه نگاهه کان لکيو.“ اهو تاريخ بابت جي ايم سيد جي خيالن جو نتيجو آهي ته اڄ محمد بن قاسم کي غاصب ۽ راجا ڏاهر کي محبِ وطن طور مڃيو وڃي ٿو ۽ محمد بن قاسم جي ڪيل حملي کي توسيع پسنديءَ جي مهم سمجهڻ وارو خيال، هاڻي سنڌ کان نڪري خطي جي ٻين حصن ۾ به پختو ٿي رهيو آهي.
غير معمولي انسانن کي، نوان خيال پيش ڪرڻ جي پاداش ۾، انهن ماڻهن جي طرفان مخالفتون، مشڪلاتون ۽ سزائون ملڻ هڪ سمجهه ۾ اچڻ واري ڳالهه آهي جن جي عقيدن کي ۽ جن جي مستقل مفادن کي اُهي چئلينج ڪندا آهن. انهن مخالفتون ڪندڙن ۽ فتوائون ۽ سزائون ڏيندڙن ۾، وقت جا حڪمران ۽ ملان، پوپ ۽ پنڊت شامل هوندا آهن. مٿي ذڪر ڪيل غير معمولي ماڻهن ۽ انهن جي قافلي جي ٻين انسانن سان وقت وارن جي ڪيل اهڙي ورتاءَ جي مثالن سان انساني تاريخ ڀري پئي آهي.
وڌيڪ حيرت، افسوس ۽ تڪليف جي ڳالهه اها هوندي آهي ته انهن جا معتقد، پوئلڳ ۽ پنهنجا چورائيندڙن طرفان سندن مشن کي نقصان پهچايو ويندو آهي. اهي چوڻ ۾ ته انهن عظيم انسانن جا پوئلڳ ۽ پيروڪار هوندا آهن پر عمل انهن جي ابتڙ ڪندا آهن. اهي غير معمولي انسان سماج جي تبديلي ۽ بهتريءَ لاءِ هڪڙو فڪر، هڪڙي تعليم ۽ هڪڙو ڪردار پيش ڪندا آهن. انهن جي مخالف حڪمرانن ۽ ملن جي مخالفت سان انهن کي ذاتي ۽ جسماني طور ته تڪليفون اينديون آهن پر عام ماڻهن جي توجه ۽ همدردي انهن ڏانهن وڌندي آهي ۽ انهن جي ڏنل فڪر ۽ تعليم کي فائدو پهچندو آهي. ان جي ابتڙ پوئلڳ ۽ پيروڪار، شخصي ۽ جسماني طور ته، انهن جي ’پوڄا‘ ڪندا آهن، پر انهن جي فڪر، تعليم ۽ ڪردار جي نفي ڪندا آهن. اهڙيءَ طرح عام ماڻهن ڏانهن منفي پيغام ويندو آهي ۽ نتيجي ۾ انهن جي مِشن کي نقصان پهچندو آهي ۽ اهو نقصان مخالفن طرفان ملندڙ مخالفتن ۽ تڪليفن کان وڌيڪ تڪليف ڏيندڙ هوندو آهي.
مهاتما ٻڌ جي تعليم ۾ خدا جو تصور ڪونهي. هُن وٽ سڀ ڪجهه انسان ۽ انساني سماج آهي ۽ انهيءَ سماج جي بهتري ئي سندس مشن آهي. پر ان جي پوئلڳن خود مهاتما ٻڌ کي خدا جو درجو ڏيئي ڇڏيو آهي ۽ انساني برابري ۽ ڀائيچاري واري سندس تعليم تي عمل ڪرڻ بجاءِ، ويٺا سندس پوڄا ڪن. تازو تڏهن دنيا کي حيرت ٿي جڏهن برما ۾ ٻُڌن، مسلمانن کي مذهبي فرق ڪري قتل ڪيو ۽ مسجدن کي ساڙيو. مذهب جي تعليم ۽ ڪردار جا مکيه ۽ بنيادي نقطا سچ، ايمانداري، امانت، انساني برابري ۽ بهتر سماجي رشتا ۽ رويا آهن. سندس پوئلڳن جي اڪثريت انهن اصولن ۽ آدرشن مان ڪنهن تي به عمل ناهن ڪندا. البته ان بنياد تي انساني رت جا درياهه وهائي ڇڏيندا آهن ته ڪير ڪپڙا ڪهڙا ٿو پائي ۽ ڪير نماز ڪيئن ٿو پڙهي. ڪارل مارڪس سمورن عقيدن کي ڀڃي هر شيءِ ۽ هر ڳالهه کي عقل جي بنياد تي پرکڻ جو درس ڏنو ۽ سندس تعليم جو مرڪزي نقطو اهو هو ته ڪائنات ۽ ان ۾ موجود هر شيءِ هر وقت تبديليءَ جي عمل مان گذري رهي آهي. پر سندس ڪيترن پيروڪارن خود مارڪس جي لکيل لفظن کي ئي عقيدو بڻائي ڇڏيو ۽ تبديليءَ کي حرام قرار ڏيئي ڇڏيو.
جي ايم سيد سان به ڪجهه اهڙي وارتا ٿي آهي. سيد جي شخصيت ۽ ڪردار جا ٻه حصا يا ٻه پاسا آهن؛ هڪڙو عملي سياستدان وارو ۽ ٻيو هڪ دانشور، مفڪر ۽ مدبر وارو. منهنجي خيال ۾ هن کان جيڪي به غلطيون ۽ ڪوتاهيون ٿيون آهن يا ناڪاميون ڏٺيون آهن اُهي سياستدان جي ايم سيد کان ٿيون آهن. بحيثيت مفڪر ۽ مدبر هُن سنڌي قوم ۽ سنڌي سماج بابت خاص طرح ۽ انسان ذات بابت عام طرح جيڪي خيال ۽ تجزيا ۽ رهنما اصول پيش ڪيا انهن کي وقت جي وهڪري صحيح ثابت ڪيو آهي ۽ اُهي اڄ جي حالتن ۾ اڳي کان وڌيڪ درست ۽ ڪارائتا نظر اچي رهيا آهن. ان ڪري ئي ڪيترا ڪالهه جا، سيد جا مخالف، اڄ هُن جا موافق بڻجي رهيا آهن. پر افسوس ته سندس ڪيترا ئي ’پيروڪار ۽ پوئلڳ‘ سندس ڏاهپ وارن ڏسن، عقلي دليلن وارين ڳالهين ۽ فهم فڪر وارن نقطن کي نه رڳو پٺي ڏيئي ٿا هلن پر انهن جي ابتڙ عمل ٿا ڪن.
سڀ کان اهم ڳالهه ته هُن عقيدي پرستيءَ جي بت کي ڀڃي ڀورا ڪيو ۽ دنيا جي هر ڳالهه، خيال ۽ هر ڪردار جو، عقل، دليل ۽ ثبوتن جي بنياد تي تجزيو ڪيو ۽ ان مان حاصل ٿيندڙ نتيجن کي دهل جي ڏونڪي تي دنيا آڏو آندو ۽ ڪنهن به پنهنجي پرائي، رشتي تعلق ۽ دوست دشمن جي پرواهه نه ڪئي. سندس مشهور جملو هوندو هو ته ”سڌي راند سوٽي جي، ٻيڙي ٻڏي کوٽي جي.“ هُن ڪيترن ئي ’مقدس‘ بڻيل صدين جي تصورن کي عقل ۽ دليل جي ذريعي رد ڪيو پر سندس ڪيترن پوئلڳن خود سيد جي ڳالهين کي ئي عقيدو بڻائي ڇڏيو ۽ چوڻ لڳا ته سيد جي چيل ڳالهين کان وڌيڪ يا مختلف ٻي ڪا ڳالهه ٿي نٿي سگهي. جي ايم سيد چيو ته؛ ’هر انسان غلطيون ڪري ٿو ۽ مون به غلطيون ڪيون آهن.‘ پر سندس ’معتقدن‘ جو چوڻ آهي ته؛ ’جي ايم سيد غلطين کان پاڪ آهي ۽ جيڪو ماڻهو سندس غلطين جو ذڪر ٿو ڪري اهو منحرف آهي.‘
سيد پنهنجي تعليم ذريعي اسان کي انسانن آڏو نه جهُڪڻ ۽ پيرن جي قبرن کي سجدو نه ڪرڻ جو سبق ڏنو. پر ڪيترا سندس پڪا پوئلڳ چوائيندڙ، خود سيد کي پير بڻائي، ان جي قبر جي مجاوري ٿا ڪن. سيد جي ڏنل فڪر جو هڪ نهايت اهم نقطو اهو آهي ته پير، مير، وڏيرا، جاگيردار ۽ ملا انساني سماج جي ترقيءَ جا دشمن آهن ۽ سنڌ جي قومي نجات ۽ خوشحاليءَ جي جنگ ۾ انهن مان چڱائيءَ جي اُميد رکڻ اجائي آهي. جڏهن ته ڪيترا سندس سچا سپاهي سڏرائيندڙ وڏيرن ۽ قبائلي سردارن جي اوطاقن تي سلاميون ٿا ڀرين، جاگيردارن کي جهڪي سلام ٿا ڪن، ڪنهن بنيادپرست ملان کي جي ايم سيد جو همسر قرار ٿا ڏين ته ڪنهن رجعت پسند پير کي سنڌ جو هم معنيٰ ٿا چون.
جي ايم سيد جو سنڌ لاءِ ڪيل سڀ کان وڏو ڪارنامو ۽ اسان تي ڪيل سڀ کان وڏو احسان اهو آهي ته هن اسان کي ذاتين جي تفريق ۽ قبائلي سڃاڻپ مان ڪڍي هڪ جديد قومي شناخت جو احساس ڏياريو. ڪيڏي نه ستم ظريفي آهي ته اسان جي ايم سيد جي نالي ۾ ذاتين جي تفريق جي بنيادن تي ٺاهيل ۽ قبائلي شناخت رکندڙ تنظيمن ۽ گروهن کي مضبوط ٿا ڪريون ۽ انهن تنظيمن ۽ گروهن جي اڳواڻن سان گڏ جي ايم سيد جي فڪر کي ڪامياب ڪرڻ جا اعلان ٿا ڪريون.
سيد ڄاتو ۽ سمجهيو پئي ته جاگيرداري، ترقيءَ جي دشمن ۽ پسماندگيءَ جي علامت آهي ۽ ترقيءَ لاءِ صنعت ۽ واپار ضروري آهي. ان ڪري اڄ کان ۸۰ سال اڳ ۾ هن ڪوششون ورتيون ته سنڌي قوم جو تمام وڏو حصو (سنڌي مسلمان) جيڪي جاگيرداريءَ ۾ جڪڙيا پيا آهن ۽ زراعت کي ئي پنهنجي قسمت جو لکيو سمجهيو ويٺا آهن، اُهي شهرن ڏانهن اچن ۽ واپار ڪاروبار جي ميدان ۾ مقابلو ڪن. اڄ جيڪي سنڌي مختلف حالتن ۽ سببن جي ڪري ٻهراڙي ڇڏي شهرن ڏانهن اچن ٿا ۽ ڪاروبار جي ميدان ۾ اڳتي وڌڻ چاهين ٿا ته ’سيد جا سپاهي‘ سڏرائيندڙ اڳ ۾ ئي ڏنڊا ۽ بندوقون کنيو انهن جي رستا روڪ ڪرڻ لاءِ بيٺا آهن.
حق جو هوڪو ڏيڻ، سچ جو سودو ڪرڻ ۽ مقدس عقيدن کي چئلينج ڪرڻ جي پاداش ۾ سيد جي خلاف غدار، ملڪ دشمن، عوام دشمن ۽ ڪافر هجڻ واريون فتوائون جاري ڪيون ويون. اهي فتوائون ۽ تعزير جاري ڪندڙن ۾ وقت جا حڪمران ۽ انهن جا ساٿاري ملان شامل رهيا آهن. اها ڪا نئين يا عجب جهڙي ڳالهه ناهي. سقراط کان وٺي نيلسن منڊيلا تائين، سڀني غير معمولي ۽ انقلابي انسانن سان اهڙو ورتاءُ ٿيندو رهيو آهي. عجب جي ڳالهه اها آهي ته اڄ اهو فتوائون جاري ڪرڻ وارو ڪم جي ايم سيد جي ’معتقدن‘ پنهنجي ذمي کنيو آهي. جيڪو ماڻهو سندن مخصوص ۽ محدود سوچ سان اختلاف ڪري ٿو، ان لاءِ فورًا فتويٰ اچيو وڃي ته اهو ’سيد جو انڪاري‘ ۽ ’سنڌ جو غدار‘ آهي.
انهن منجهان ڪهڙا ۽ ڪيترا، علم ۽ ڄاڻ جي غربت جي ڪري، اهڙا عمل ڪن ٿا ۽ ڪيترا ذاتي مفادن خاطر ائين ڪن ٿا. ان جو تعين ته ايندڙ وقت ڪندو. باقي اهڙي ئي صورتحال لاءِ، ڪنهن سياڻي چيو آهي ته؛ ’مون کي منهنجي دوستن کان بچايو، پنهنجي دشمنن سان مان پاڻهيئي پڄي پوندس.‘ مان اهڙن دوستن لاءِ هتي انساني تاريخ جي تمام وڏي ۽ غير معمولي انسان، مهاتما ٻڌ جو هي قول پيش ڪريان ٿو ته؛ ”ڪنهن ڳالهه ۾ ان ڪري يقين نه ڪريو ته ٻڌ ڪري ٿو، ان ڪري ڪا سوچ نه ڪريو ته ٻڌ ڪري ٿو، ان ڪري ڪا ڳالهه نه چئو ته ٻڌ چئي ٿو، پر تڏهن ڪنهن ڳالهه تي يقين ڪريو، ڪجهه چئو ۽ ڪجهه سوچيو جڏهن توهان جو ذهن ضمير توهان کي چوي.“



سائين جي ايم سيد جي ٻاريل شعور جي لاٽ
دولت رام کتري/بدين
اڄوڪو ڏينهن سنڌ جي عظيم قومي رهبر سائين جي ايم سيد جو جنم ڏڻ آهي. اڄوڪي ڏينهن تي سنڌ ۾ شعور جو سج اُڀريو هو ۽ اُنهيءَ جي روشني سنڌ جي هر واهڻ وستيءَ کي واسي ڇڏيو هو. سن ۾ جنم وٺندڙ سائين جي ايم سيد سنڌ جي تاريخ جي اها گهڻ پاسائي شخصيت هئي جنهن سنڌ جي ماڻهن کي علمي، ادبي، سياسي ۽ قومي شعور ڏنو. پنهنجي ڌرتي سان بي انتها عشق رکندڙ هن قومي رهبر سنڌ جي ماڻهن کي جاڳايو ۽ ”سنڌ“ کي هڪ نئين سڃاڻپ ڏني. سيد پنهنجي فڪر ذريعي جهر جهنگ ۾ اهو پيغام پهچايو ته: ”اسان ملير جي مِٽي آهيون، اسان موهن جي دڙي جي دانهن آهيون، اسان ڀٽائي جي ڀِٽ جو ڀنڀٽ آهيون، اسان سنڌ جي ماضيءَ جا عڪاس ۽ مستقبل جا مصور آهيون“ سيد پنهنجو فڪر ڏيندي ايئن به چيو هو ”سنڌي هڪ مهذب ۽ ترقي يافته قوم آهي، جنهن کي پنهنجي شاهوڪار ٻولي آهي ۽ اها سنڌي ٻولي  آهي، جيڪا دنيا جي امير ترين ٻولين ۾ ليکي وڃي ٿي“. سنڌي ماڻهن هميشه انسانيت، امن، عشق، محبت ۽ آزادي جا گيت ڳائي دنيا کي امن، ڀائپي ۽ رواداريءَ جا ڏس ڏنا آهن. پنهنجي ڏاهپ ذريعي سنڌ ۾ شعور جي جوت جاڳائيندڙ هن قومي رهبر سنڌ جي ادب، تاريخ، ٻولي ۽ سياست کي نوان گس ڏنا. ”جديد سنڌ“ جو تصور سائين جي ايم سيد ڏنو. سائين جي ايم سيد سنڌ جي قومپرست سياست کي هڪ نئين سڃاڻپ ڏني ۽ سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ شاگرد سياست کي متعارف ڪرائيندڙ سائين جي ايم سيد سنڌ جي نوجوانن کي سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ مثبت سياست ڪرڻ لاءِ اتساهيو نوجوانن کي حقن جي حاصلات لاءِ هڪ نئون گس ڏنو. سائين جي ايم سيد سنڌ جي تاريخ جي حقيقي روپ کي منظر عام تي آندو. هن عظيم شخص ۵۰ کان وڌيڪ ڪتاب لکي ”فڪر سنڌ“ جهڙو انمول تحفو پڻ سنڌين کي ڏنو.
جنميو سنڌ لطيف ۽ سيد جهڙو سچ،
ٻنهي ٻاريو مچ، سجاڳي جو سنڌ ۾



رهبر جو جنم ڏينهن
نشا نهال/ حيدرآباد
تاريخ ۱۷ جنوري اهو ڏينهن آهي، جنهن ڏهاڙي تي ۱۹۰۴ع ۾ سنڌ جي ڌرتي تي سنڌ ۽ سنڌ ڌرتي سان پيار ڪندڙ ۽ سنڌين سان لازوال محبت ڪندڙ رهبر سنڌ سائين جي ايم سيد جنم ورتو هو. سندس اڄ ۱۱۰هون جنم ڏينهن آهي، اڄ سڄي سنڌ ۾ سندس جنم ڏهاڙي جي مناسبت سان ننڍن وڏن شهرن، ڳوٺن، واهڻن ۽ وستين ۾پروگرام  ملهائي سندس ولادت جون تقريبون وڏي جوش ۽ جذبي سان ملهايون پيون وڃن، جڏهن ته سندس جنم ڏهاڙي جون خاص تقريبون سن ۾ رٿيل آهن، جتي سنڌ جي عاشق ۽ ڌرتي سان پيار ڪندڙ سائين جي ايم سيد جي جنم ڏينهن کي قومي ڪارڪن عيد جي ڏهاڙي وانگر ملهائين ٿا ۽ سنڌ جي نجات واري جدوجهد لاءِ عزم ورجائين ٿا. قومي ڪارڪنن جا هجوم گڏ ٿي سيد جي خواب کي حقيقت جو روپ ڏيڻ لاءِ وچن ڪن ٿا. جنهن دور ۾ ملڪ جا جاگيردار، وڏيرا ۽  ڀوتار جتي ڀڳڙن مُٺ  وڪامجي ويا هئا، اتي سائين جي ايم سيد سنڌ دشمن ڌارين خلاف ديوار بڻجي بيهي رهيو، سختيون برداشت ڪيون ۽ نظر بنديون سندس جدوجهد کي روڪي نه سگهيون کيس وقت جي حڪمرانن سخت تڪليفون ڏنيون پر پاڻ بهادري سان برداشت ڪندا رهيا، ڪڏهن به پنهنجي اصولن تي سوديبازي نه ڪئي، اڄ اهو ضرور سوچڻ گهرجي ته اسين ڪهڙين راهن تي هلي رهيا آهيون ۽ اسان سائين جي ايم سيد جي ڏنل فڪر تي ڪيترو عمل ڪيو آهي. اسان کي گهرجي ته اسان سڀ هڪ پليٽ فارم تي گڏ ٿيون ٻي صورت ۾ اسين محڪوميءَ جي چڪيءَ ۾ پيسجندا رهنداسين.



سيد کانپوءِ سنڌ ۽ جيئي سنڌ
ڊاڪٽر مير عالم مري
سائين جي ايم سيد ۱۷ جنوري ۱۹۰۴ع ۾ سَن ۾ پيدا ٿيو، ان لحاظ سان اڄ سيد جو ۱۱۰هون جنم ڏينهن سَن ۾ روايتي قومي جذبي سان ملهايو پيو وڃي. هي مضمون انهي ڏهاڙي جي نسبت سان آهي. منهنجي خوشنصيبي آهي، جو مون هڪ سياسي ڪارڪن جي حيثيت ۾ مختلف مرحلن تي سيد کان مختلف سياسي معاملن تي رهنمائي حاصل ڪئي. آئون سيد جي شخصيت ۽ قومپرستي جي جديد نظريي سان متاثر ٿي اتفاق رکندڙ نظرياتي پوئلڳ هئس. سال ۱۹۸۷ع ۾ ٿيل سيد سان پهرين ملاقات کان وٺي ۲۵ اپريل ۱۹۹۵ع ۾ سيد کي ڌرتيءَ جي سيني ۾ لاهڻ وقت ٿيل آخري ديدار تائين يا ان کان پوءِ اڄ ڏينهن تائين سيد جي شخصيت ۽ ان جي فڪر جي اثر پنهنجي رنگ ۾ ائين رڱي ڇڏيو جيئن ڀٽائي چيو؛
توڻي ڌوٻي ڌوءِ، ته به لالائي نه له
سيد شفيق ۽ مهربان، خوش مزاج، ملنسار، سادگي پسند هو، سندس گفتگو عالماڻي، رويو دوستاڻو ۽ دليل ناقابلِ شڪست هئا. هو ڪارڪنن لاءِ اتساهيندڙ، اڳواڻن لاءِ همٿائيندڙ، سوچيندڙن لاءِ رهنمائي ڪندڙ ۽ مخالفن لاءِ ڏهڪائيندڙ هو.  هو علم جو گهرو سمنڊ هو. سائين جي ايم سيد اڪيلو فرد بمقابلا جبر ۽ استبداد هو ۽ اسين سندس نگراني ۽ رهنمائيءَ ۾ تيار ٿيل نوجوان باغي هئاسين، جن جي آڏو آرامده زندگي ۽ اڻ مئي دولت جو تصور نه هو پر آزاد ۽ خوشحال سنڌ جي منزل هئي. ان منزل ڏانهن ويندڙ پُر خطر پيچرا هئا ۽ اسين ڄڻ ته سسئي هئاسين، جنهن کي اڪيلي سر ڏونگر به ڏارڻو هو ته پنهونءَ جا پيرا کڻي ڪيچ ڏانهن ڪَهڻ جي تڙپ هئي. تنهن ڪري اسان پنهنجي ان سفر ۾ ڪئين پريشانيون ضرور ڏٺيون پر ۴۷ سالن جي ڪل ڄمار مان ۳۰ سالن تي مشتمل هن طويل پنڌ تي ڪو به پڇتاءُ ڪونهي، ضمير مطمئن ۽ ذهن واضح آهي. پر اڄ جڏهن سيد کان پوءِ آئون سنڌ ۽ جيئي سنڌ هلچل جي هزارين ڪارڪنن تي نظر ڦيرايان ٿو ته ڀٽائيءَ جي لفظن ۾ ائين ٿو لڳي؛
ڪا مون هي ۾ گهٽ، نه ته سڄڻ ٻاجهيندڙ گهڻو
سنڌ اڄ به نه رڳو سورن ۾ آهي پر ان جا سور وڌيڪ سوايا ٿيا آهن. محڪوميءَ جون سنگهرون سوڙهيون ٿيون آهن، استحصال جو آزار وڌيو آهي. اڳي فقط پنجاب استحصال ڪندو هو ۽ ان سان ڀاڱي ڀائيوار مهاجر هئا، جنهن لاءِ سيد پنهنجن ڪتابن ۾ پنجابي- مهاجر مستقل مفاد جو اصطلاح استعمال ڪيو، اڄ ان مستقل مفاد ۾ پٺاڻ به گڏجي پيا آهن. جمهوريت جي بحالي جي نعري هيٺ پنجاب جي آئيني اڪثريت کي هضم ڪرايو ويو آهي. جيتوڻيڪ سنڌ ۾ غربت ۾ اضافو ٿيو آهي پر طبقاتي شعور ۽ تضاد مُڏو ۽ ماٺو پيو نظر اچي. قومي استحصال ۾ شدت ته وڌيڪ پيدا ٿي آهي پر قومي محڪوميءَ خلاف قومي تحريڪ سگهارو بند ٻڌي نه سگهي آهي. قومي تحريڪ پاڻ ۾ نه رڳو ورهايل آهي پر وڙهيل به آهي. اڳي سيد جي مرڪزي شخصيت جي ڇڪ هئي، جيڪا سڀني کي سَن ۽ سيد جي مرڪز تي ڳنڍيو بيٺي هئي پر هاڻي سيد کان پوءِ سيد جي مرڪزي شخصيت به ناهي رهي ۽ سن جي مرڪزيت به آجپي پسند قومپرستن ۽ اليڪشن پسند قومپرستن ۾ ورهائجي چڪي آهي ۽ جيئي سنڌ هلچل ٽولين ۽ ٽڪرين ۾ ائين ورهائجي ويئي آهي، جو خبر ئي نٿي پوي ته هي ورهايا ۽ وڙهيا ڪهڙي ڳالهه تي آهن؟
هڪ نظرياتي ڪارڪن جي حيثيت ۾ جڏهن اسين جيئي سنڌ هلچل جي موجوده گروهه بنديءَ جو جائزو وٺون ٿا ته ڳالهائيندي به ندامت محسوس ٿا ڪريون. اڳي ٽوڙ ڦوڙ جي دوران مال تي جهيڙي، عهدي تي جهيڙي ۽ ايجنسين جي سازشن جهڙا الزام ٻڌندا هئاسين پر هاڻي سون تي سهاڳو اهو آهي ته ريپ ڪيس جا الزام به لڳڻ شروع ٿي ويا آهن. ممڪن آهي ته اهي سمورا الزام دُرست هجن يا محض اختلافِ راءِ رکندڙ ڪارڪنن کي خوار ڪرڻ جي ميڪاولين ادا هجي، پر ڇا به هجي صورتِحال انتهائي ڏکوئيندڙ آهي. جيئي سنڌ جي جهنڊي هيٺ ڪم ڪندڙ پارٽيون مسلم ليگ، پيپلز پارٽي، ايم ڪيو ايم، جماعتِ اسلامي، عوامي نيشنل پارٽي جهڙن ڪٽر نظرياتي طور مخالف پارٽين سان ته گڏجي ويهڻ  ۽ گڏيل جدوجهد ڪرڻ لاءِ تيار ٿيو پون پر پاڻ ۾ گڏجي پنهنجي رهبر جي سالگرهه يا ورسي جو گڏيل جلسو يا قومي آجپي، ڌاري آبادڪاري، سنڌ جي وسيلن جي ڦُرلٽ ۽ سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ڪلچر جي استحڪام توڙي دهشتگردي خلاف قومپرستي ۽ سيڪيولرزم جهڙي سونهري نظريي جي بنياد تي گڏجي ويهڻ يا گڏجي جدوجهد ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن.
اهو صحيح آهي ته سيد جي زندگيءَ ۾ سيد جا پوئلڳ چند هزار هئا ۽ هاڻي انهن جو تعداد هزارن کان وڌي لکن تائين پهتو آهي پر انهن مان تمام وڏي اڪثريت نظرياتي طور باشعور نه آهي، جن کي سمجهائڻ، سيکارڻ ۽ سنوارڻ جي ضرورت آهي. ڪارڪنن جو مقدار جيترو وڌيو آهي، انهن جو معيار اوترو ئي ڪريو آهي ۽ ان صورتحال جون ذميوار سياسي قيادتون آهن. منهنجي نظر ۾ جيئي سنڌ هلچل ۾ اختلافن جا بنيادي سبب ٽي آهن، باقي سڀ بي بنياد الزام تراشيون آهن.
1.   قومي آجپي لاءِ جدوجهد جي حڪمتِ عملي تي اختلاف يعني جدوجهد جو طريقو پُرامن هجي يا پُر تشدد، پارلياماني هجي يا غير پارلياماني هجي.
2.  اَسهپ جو غير جمهوري رويو يعني ڪارڪن، ڪارڪن کي نٿو سهي ۽ هڪ اڳواڻ ٻئي اڳواڻ کي نٿو سهي.
3.   منفي رجحان يعني جدوجهد لاءِ گهربل وسيلا غلط طريقن سان هٿ ڪرڻ جي ڪوشش ۽ غلط طريقن سان حاصل ٿيل وسيلن کي تحريڪ يا تنظيم جي اجتماعي مقصدن لاءِ استعمال ڪرڻ جي بجاءِ فردن ۽ شخصن جي ذاتي ملڪيت ٺاهڻ جو رجحان، وغيره.
اختلافِ راءِ کي برداشت به ڪري سگهجي ٿو ته تنظيمي ادارن ۾ اڪثريتي راءِ سان حل به ڪري سگهجي ٿو پر جيڪڏهن شخصي مفاد سامهون هجن ته پوءِ اڪثريت راءِ، جمهوريت ۽ ٺوس دليل، پوءِ چاهي اُهي دليل سيد جي ڪتابن مان هجن، يا ڪنهن ٻئي مقدس ڪتاب مان، سڀ پنهنجي معنيٰ وڃائي ويهي رهندا آهن ۽ منظم تحريڪون غير منظم، ڇُڙواڳ، پيداگير ٽولين ۾ ورهائجي وينديون آهن. موجوده سياسي حالتن ۾ سيد جي فڪري تحريڪ کي نون بنيادن تي بيهارڻ جي ضرورت آهي. نون بنيادن مان مطلب آهي ته قومپرستي، جمهوريت، سيڪيولرزم ۽ سوشلزم جي بنيادن تي نئين سري سان ۽ نون طريقن سان ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي.
اڄ جي جديد دور ۾ ڪم جا قديم ۽ پُراڻا طريقا نتيجا نه ڏيندا. ڪم جي نون طريقن ۾ جديد ٽيڪنالاجي جو استعمال اڻ ٽر آهي. نظرياتي پُختگي ۽ سياسي سنجيدگيءَ لاءِ هڪ دفعو ٻيهر سياسي تعليم جي رجحان کي مضبوط بنائڻو آهي ۽ ڪَک پتي مان لک پتي ٿيڻ جهڙي زهريلي رجحان کي سختيءَ سان چٿڻ جي ضرورت آهي. تمام تر ڪوتاهين جي باوجود جيڪڏهن جيئي سنڌ هلچل اڄ به سنڌ جي عوام جي اُميد جو ڪرڻو آهي ته ان جو وڏو سبب جيئي سنڌ هلچل جي ڪارڪنن جو تعداد ۽ ڪم جو طريقو نه پر سنڌ جو قومي تضاد آهي، جيڪو سائين جي ايم سيد جي نظريي کي هر روز نئين حوالي سان صحيح ثابت ڪندو رهي ٿو ۽ جيئي سنڌ هلچل ۾ اُميد جو ڪرڻو برقرار رکي ٿو. موجوده حالتن ۾ سيد جي فڪر کي عملي شڪل ڏيڻ جي لاءِ ۽ تحريڪ کي وسيع ۽ منظم ڪرڻ جي لاءِ سنڌ جي مظلوم هاري ۽ پورهيت جي سوال، سنڌ جي گونگي، مظلوم، ڌڪيل حوا جي ڌيءَ عورت جي سوال، رياستي توڙي غير رياستي قوتن جي ظلم جو شڪار انسانيت جي حقن جو سوال ۽ پنجاب ۽ ان جي جوڙيوال ۽ وڏيرا شاهي جي عوام دشمني کي چٽو ۽ نروار ڪرڻ سان گڏو گڏ سنڌ جي قومي سوال کي علائقائي توڙي عالمي سطح تي پنهنجا حمايتي ۽ اتحادي ڳولهڻ ۽ ٺاهڻ جي ضرورت آهي.



سائين جي ايم سيد
حياتي ۽ جدوجهد
ايم حنيف لاشاري
سائين جي ايم سيد جو خاندان شاهه عبدالڪريم بلڙيءَ واري ۽ شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي مٽياري سيدن جي سنائيءَ شاخ سان واسطو رکي ٿو. پاڻ سيد صاحب شاهه حيدر رحمته الله عليه جي اولاد ۽ نسبت هئڻ سبب ان گاديءَ جا چوڏهون نمبر سجاده نشين ٿيا، پاڻ سيد محمد  شاهه سنائيءَ جي گهر ۾، ۱۷ جنوري ۱۹۰۴ع تي ڇنڇر جي ڏينهن پيدا ٿيا ۽ سندن نالو سيد غلام مرتضيٰ شاهه رکيو ويو ۽ بعد ۾ جي. ايم. سيد جي نالي سان سڏجڻ لڳا. سال ۱۹۱۵ع ۾ پاڻ سنڌي پرائمري تعليم پرائي، انهي کانپوءِ انگريزي ۽ فارسي تعليم شروع ڪيائون.پاڻ تعليم خانگي طور حاصل ڪيائون ۽ سمورو وقت گهر جي حويليءَ اندر کيس محفوظ انتظام هيٺ رهڻو پيو، ان جو سبب ڪٽنبي تڪرار ۽ سندن والد صاحب جي شهادت هو. ننڍپڻ کان ئي ذهين هجڻ سبب سنڌي سماج جو  ويجهڙائي کان جائزو ورتائون ۽ مدي خارج رسمن خلاف ۱۴ ورهين جي ننڍي عمر ۾ سن شهر ۾  ”انجمنِ مسلمين سن“ قائم ڪري، تحريڪ هلائي، ڳوٺ جي ماڻهن ۾ سماجي شعور پيدا ڪيائون. ته جيئن غريب طبقي ۾ اهڙين سماجي رسمن جي موقعي تي پنهنجن وسيلن کان وڌيڪ خرچ ڪرڻ ۾ ڪمي اچي ۽ ان طبقي مٿان معاشي بار گهٽجي سگهي ۱۷ مارچ ۱۹۲۰ع تي سن شهر ۾ خلافت ڪانفرنس جو اجلاس سڏائي، پنهنجي سياسي زندگيءَ جي شروعات ڪيائون. پاڻ ۲۶ اپريل ۱۹۲۰ع ۾ مخدوم بلاول جي درگاهه تي ميز تي چڙهي جلسي ۾ پهرين تقرير ڪيائون، ڇو ته ننڍي عمر هئڻ سبب سندن قد ننڍو هو. سائين جي. ايم. سيد  پنهنجي ننڍڙي عمر جي سياسي زندگيءَ ۾ برک سياستدانن سان ملاقاتون شروع ڪيون. کيس مهاتما گانڌيءَ جي شخصيت ۽ سياست کين گهڻو متاثر ڪيو. انهيءَ ڪري ۲۷ اپريل ۱۹۲۱ع تي سن اسٽيشن تي وڃي گانڌيءَ سان ملاقات ڪري، ساڻس سياسي ڳالهين جي ڏي وٺ ڪيائون ۽ گانڌيءَ پاران کين کاڌيءَ جي ڪپڙن پائڻ جي هدايت ملي. جنهن کان متاثر ٿي، پاڻ کاڌيءَ جا ڪپڙا پائڻ شروع ڪيائون. سيد صاحب کي اهو پڪو ويساهه هو ته سماج ۾ سڌارن ۽ ترقيءَ وسيلي انقلاب اچي سگهي ٿو، ۽ اهڙي تبديليءَ جي عملي شروعات پنهنجي برادريءَ کان ڪيائون. تنهن ڪري پاڻ مارچ ۱۹۲۴ع ۾ سنڌ ۾ سيدن جي تعليم ۽ تنظيم لاءِ سَنَ ۾ پهرين ”انجمن سادات مٽياري“ قائم ڪيائون، جنهن سنڌ جي سيدن ۾ تعليمي، معاشي ۽ سماجي جاڳرتا جو ڪردار نڀايو. سيد صاحب جيئن ته هڪ روشن خيال آبادگار به هو، تنهن ڪري سال ۱۹۲۵ع ۾ سيٺ محمد جعفر خواجه سان گڏجي آبادگارن جي ايسوسيئيشن ٺاهيائون: جنهن سنڌ ۾ زرعي سڌارن ۽ اُپت جي نون طريقن وسيلي زراعت سان لاڳاپيل طبقن ۾ معاشي تبديلي آندي. ان کان پوءِ پاڻ ڪراچي ضلعي لوڪل بورڊ جو ميمبر ٿيا. ۽ سڀ کان اڳ ۾ تعليمي سڌارا پنهنجي اباڻي ڳوٺ سن کان ابتدا ڪندي، انگريزيءَ جا اي. وي ڪلاس شروع ڪرايائون، ۱۹۲۶ع ۾ نياڻين جي تعليم پرائڻ لاءِ نياڻين لاءِ اسڪول ۽ ان سان گڏ هارين، نارين ۽ پورهيتن لاءِ رات جا اسڪول قائم ڪيائون، ۽ اهڙيءَ ريت پنهنجي ڳوٺ ۽ آسپاس جي ماڻهن ۾ تعليمي شعور وڌائڻ لاءِ پاڻ پتوڙيائون. پاڻ پوءِ ۱۹۲۸ع ۾ ڪراچي ضلعي لوڪل بورڊ جي صدر طور ”ڳوٺ سڌار تحريڪ“ جو بنياد وڌائون. اُن کان اڳ سال ۱۹۲۶ع کان وٺي سيد حيدر سنائيءَ جي درگاهه تي سالياني عرس جي موقعي تي ”محال مانجهندن جي تعليمي ترقي ۽ معاشرتي اصلاح“ لاءِ ڪانفرنس سڏايائون. ۱۹۲۸ع ۾ سنڌ ۾ بمبئي پرڳڻي کان آزاديءَ جي تحريڪ هلي ته شروعات ۾ ٽي اهم ڪانفرنسون ٿيون، جن ۾ پاڻ سنڌ جي چوٽيءَ جي اڳواڻن سان گڏجي برطانوي سامراج اڳيان انگن اکرن سان ثابت ڪيائون ته سنڌ جو بمبئيءَ سان ڳانڍاپو غير قانوني ۽ غير اخلاقي فيصلو هو. شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ميلي جي موقعي تي اڄ به ادبي ۽ ثقافتي ڪانفرنس جو دستور قائم آهي، حقيقت ۾ ان سلسلي جي شروعات ۽ رواج به پاڻ ميران محمد شاهه سان گڏجي سال ۱۹۳۰ع  ۾ وڌائون.
سنڌ جي مفڪر سائين جي. ايم. سيد پنهنجي دور رس نظر سان اهو محسوس ڪيو ته جيستائين سنڌ جي هارين ۾ شعور پيدا نه ٿيندو، تيستائين کين جائز حق نه ملي سگهندا ۽ سنڌ جي زراعت ۾ بهتر تبديليءَ کان سواءِ معاشرتي تبديلي ناممڪن هئي، ان ڏس ۾ پاڻ سال ۱۹۳۰ع ۾ جمشيد مهتا سان گڏجي ميرپورخاص ۾ ”سنڌ هاري ڪانفرنس“ سڏايائون. هي هاري تحريڪ اڳتي هلي ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ جي اڳواڻيءَ ۾ هارين کي پنهنجا حق وٺي ڏيڻ ۾ ڀرپور سرگرم رهي. پاڻ هاري ڪاميٽيءَ ۾ سال ۱۹۵۴ع تائين ميمبر طور ڪم ڪندا آيا. ”سنڌ هاري ڪميٽي“ جو بنياد رکڻ حقيقت ۾ هڪ روشن خيال ۽ ترقي پسند سوچ جو نتيجو هو، جيڪو سندن ڪيترن ڪارنامن مان هڪ بي مثال ڪارنامو آهي. ۱۹۲۸ع کان عظيم الشان تعليمي اداري سنڌ مدرسي جي جنرل باڊيءَ ۽ ان جي ورڪنگ ڪميٽيءَ جو ميمبر ٿي، مدرسي جي تعليمي معيار ۽ ان جي سڌاري لاءِ ڏينهن رات محنت ڪيائون. سال ۱۹۲۹ع ۾ ڪراچي ضلعي جي عورتن ۾ تعليم لاءِ دلچسپي پيدا ڪرڻ، عورتن جي هنرن جي ترقي ۽ تيار ڪيل شين جي وڪري لاءِ هڪ جٿو تيار ڪيائون، جنهن کي ”رورل وومين ويلفيئر ايسوسيئيشن“ نالو ڏنائون. ۱۹۳۲ع ۾ سنڌي ساهت ادب ۽ سنڌ هسٽاريڪل سوسائٽين جو ميمبر ٿي، گهڻي سرگرميءَ سان حصو وٺندا رهيا.
۱۹۳۷ع ۾ هو پهريون ڀيرو سنڌ قانونسازي اسيمبليء جو ميمبر چونڊجي آيو ۱۹۳۸ع ۾ مسلم ليگ جي مرڪزي صدر محمد علي جناح کي حاجي عبدالله هارون دعوت ڏئي سنڌ ۾ گهرايو جنهن ۾ سيد صاحب هڪ مبصر جي حيثيت ۾ شامل ٿيو جناح صاحب سائين جي ايم سيد جي شخصيت کان متاثر ٿي کيس مسلم ليگ ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏني جيڪا پاڻ قبول ڪيائون ۽ مسلم ليگ جوائن ڪيائون ۱۹۴۰ع ۾ سائين جي ايم سيد سنڌ جي تعليم کاتي جو وزير ٿيو ۱۹۴۱ع ۾ هوُ آل انڊيا مسلم ليگ سينٽرل ڪاميٽي جو ميمبر بڻيو ۱۹۴۲ع  ۾ سنڌ مسلم ليگ جو صدر چونڊجي ويو ۽ صدر چونڊجڻ جي هڪ سال کانپوءِ ۱۹۴۳ع ۾ هوُ سنڌ اسيمبليء کان پاڪستان جي حق ۾ ٺهراء پاس ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو سنڌ جي تاريخ جي هڪ اهم باهدر ڪردار حيدر سنائيء جي خاندان جي چشمو چراخ جي ايم سيد جي سياست جو ٻيو دور تڏهن شروع ٿيو جڏهن هن ۱۹۴۶ع ۾ مسلم ليگ تان استعيفا ڏيئي پنهنجي الڳ پارٽي جوڙي جنهن جو نالو پروگريسو مسلم ليگ رکيائين ساڳئي سال هُو سنڌ مخلوق پارٽي جو ليڊر پڻ چونڊجي ويو ۱۹۵۴ع ۾ سنڌ ادبي بورڊ جو چيئرمين چونڊجي ويو ۱۹۵۵ع ۾ هن پاڪستان نيشنل پارٽيء واري عمل ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو ۱۹۶۶ع ۾ هن بزم صوفيائي سنڌ جو قيام عمل ۾ آندو ۱۹۶۹ع ۾ سنڌ يونائيٽيڊ فرنٽ جوڙيو ۱۹۷۱ع ۾ هُو ملڪ جي وفاقي سياست کان بلڪل مايوس ٿي ويو ۽ هن سنڌ جي ماڻهن جي لاءِ حق خودراديت جو اعلان ڪيو ۽ ان لاءِ هن ۱۹۷۳ع ۾ جيئي سنڌ تحريڪ نالي پارٽي جوڙي سياست جيڪو جنگ ۽ جدُل جو ميدان آهي ان ۾ ڀرپور ۽ سرگرم ڪردار ادا ڪرڻ کانپوءِ ب هن قومپرست سياستدان ۶۵ اميق ۽ زخيم ڪتاب پڻ لکيا ان ڪتاب جو موضوع ادب کان وٺي سياست ۽ مذهب کان وٺي ثقافت ۽ ڪلچر تي پکڙيل آهن راڳ، شاعري ۽ موسيقيء سان گهرو شُگفت رکندڙ ۽ ۳۰هن سالن کان وڌيڪ عرصي تائين عدم تشدد جي سياست ۽ فلسفي ۾ يقين رکندڙ هن صوفي منش ۽ سنڌ جي عاشق سياستدان کي جيلن ۾ قيد ڪرڻ ۽ نظربنديء دوران سنڌ جي عاشق رهبر سنڌ سائين جي ايم سيد ۲۵ اپريل ۱۹۹۵ع تي جناح اسپتال ڪراچيء ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيو ۳۰هن سالن کان وڌيڪ ڊگهين جيلا تريات ۽ نظربنديء دوران ئي فوت ٿي وڃڻ سبب Mnstem انٽرنيشل پاران کيس ضمير جي قيديء جي اعزاز سان نوازيو ويو ۱۷ جنوري ۲۰۱۴ تي سنڌ جي هڪ ننڍڙي شهر سان تعلق رکندڙ سياستدان، صوفي ۽ سنڌ جي عاشق سائين جي ايم سيد جي ۱۱۰ سالگرهه آهي. سنڌ جي هن عظيم رهبر سائين جي ايم سيد کي سنڌ اڄ هن جي ۱۱۰ سالگرهه تي دل جي گهرائين سان ياد ڪري ٿي.



سيد کي حساب ڏيڻ جو ڏينهن ۱۷ جنوري
سجاد شر
اڄ ان عظيم هستيءَ جو جنم ڏهاڙو آهي، جنهن اتحادِ انساني، امن عالم ۽ ترقي بني آدم جي نعري هيٺ، انسان جي آزادي ۽ تشڪيل نو جي ڳالهه ڪئي. اهو جي ايم سيد جيڪو ٻاروتڻ ۾ يتيمي جو احساس کڻي پليو، ان لڪيءَ جي لاون جي اوٻر کي اوپرو محسوس ڪرڻ بجاءِ، سموري سنڌ جو درد سيني ۾ سمائي هلڻ جو وچن ڪيو. اهو سائين جي ايم سيد، جيڪو نه صرف پنهنجي لکڻين ۾، پر پنهنجي عمل ۾ به انتهائي وسيع هو. ان جڏهن کان گانڌي کي ڌارين ۽ ان جي شين سان نفرت سان سرشار ڏٺو ته انگريزي يا وديشي لباس کان کاڌيءَ کي ترجيح ڏيئي پهرڻ لڳو. اهو سائين جي ايم سيد جڏهن ڪراچي لوڪل بورڊ جو صدر بڻيو ته شهري ۽ ٻهراڙي جي آبادين جي بنا فرق جي خدمت ڪرڻ لڳو ۽ جديد ڪراچي جا بنياد رکيائين. سائين جي ايم سيد جڏهن تعليم جو وزير بڻيو ته سنڌ يونيورسٽي جهڙو ادارو ڏيڻ جو عزم ڪيائين ته، ان کي عملي جامو به پارائي ڏيکاريائين. پورهيتن ۽ هارين جي حوالي سان قانون سازي ۾ به سيد جو وڏو هٿ رهيو. سائين جي ايم سيد تي مخالف ڀلي ته منزل گاهه مسجد واري واقعي تي تنقيد ڪندا هجن، تاريخ  ائين به چئي ٿي ته پاڪستان جو پهريون ٺهراءُ پاس ڪرائيندڙ به جي ايم سيد هو، ته ساڳئي اسيمبلي جڏهن انگريز سامراج جي ونگار وهندي وطن يا ڪفن، آزادي يا موت جو نعرو هڻندڙ سورهيه بادشاهه، ان جي ساٿين ۽ سنڌ جي سرويچن خلاف حُر ايڪٽ پاس ڪيو ته ان جي عملي مخالفت به سائين جي ايم سيد جي کاتي ۾ وڃي ٿي. سائين جي ايم سيد جنوري ۾ جنم وٺڻ باوجود به مزاج ۾ گرم ئي رهيو. هن مسلم ليگي اڳواڻن کي به منهن تي سچ چوندي مسلم ليگ جي صدارت ڇڏي ڏني. پاڪستان ٺهڻ بعد جڏهن ڪراچي سنڌ کان کسي وئي، شهر کي وسائيندڙ هندو سنڌي دربدري جي عذاب ۾ مبتلا ڪيا ويا ته جي ايم سيد سنڌ سان عشق جي ڳالهه ڪرڻ تي پاڪستان جو پهريون سياسي قيدي بڻيو. سائين جي ايم سيد سان ڪنهن کي لک اختلاف ڀلي هجن پر اهي ان ڳالهه کان ڪڏهن به انڪاري نه ٿيندا ته سنڌ جا حڪمران برهمڻ، سومرا، سما، ۽ ٽالپر هئا يا محڪوم سنڌ ۾ ماڻهو ڪانگريسي، ليگي هئا، انهن کي سنڌين جهڙي خوبصورت  شناخت جي ايم سيد ڏني، ان کان پهرين سنڌي ٿي ڪڏهن انهن سوچيو ئي ڪو نه هو!
سائين جي ايم سيد لوڪل بورڊ جي سياست کان پارلياماني سياست جا سڀ دڳ آزمايا هئا پر جيئن ته سنڌ جي قومي محڪوميءَ وارو مرض پراڻو يا ناسور ٿي چڪو هو، تنهن ڪري ان جو علاج لهي نه سگھيو ته پاڻ بزمِ صوفياءِ سنڌ جهڙي الهه لوڪ تنظيم ٺاهي عام ماڻهو سان ملڻ لاءِ ميلن، ملاکڙن ۽ ڪچهرين ذريعي انهن ڏانهن رجوع ڪيائين. تاريخ جي ڄاڻو شخص انهن تجربن کي بار بار ان جي ڪري ٿي دهرايو، ڇو ته سڀني  قاعدن ۽ ضابطن يا پارٽين کان مٿي سنڌ ۽ سنڌ ڪاز هو، پر باوجود ان جي پاڻ تصنيف ۽ تاليف يعني لکڻ پڙهڻ جي عمل کي پڻ جاري رکندو آيو. سائين جي ايم سيد جڏهن پيغامِ لطيف لکيو ته شاهه لطيف جي حقيقي عشق ۽ انداز جي اهڙي ته تشريح ڪيائين، جو سيد جو استاد علام آءِ آءِ قاضي شاهه لطيف کي دنيا جو وڏي ۾ وڏو شاعر چئي ويٺو. شاهه لطيف جي راڳ ۽ ويراڳ، جوڳين ۽ سناسين، کاهوڙين ۽ سورمين جي ڪردار ۾ حقيقي معنيٰ ڳولي لهڻ وارو به صرف جي ايم سيد هو. پاڻ جڏهن ”سنڌوءَ جي ساڃاهه“ لکيائين ته مهراڻ جي ماٿريءَ تي اهڙو انمول موقف پيش ڪيائين، جنهن ۾ ڄڻ موهن جي دڙي جي سمبارا ۽ ڪنگ پريسٽ پاڻ ڳالهائي سنڌ جي تشريح ڪري رهيا هجن.
سائين جي ايم سيد جڏهن ڏٺو ته ووٽن واري سياست آشيروادي ۽ انجنيئرنگ جو ڪمال هجي ٿي (ڌانڌلي ذريعي نتيجا ڦريا وڃن ٿا) جنهن ۾ سنڌين کي ڪي به حق ناهن ملڻا ته پاڻ سنڌ جي مادرِ علمي سنڌ يونيورسٽي جو رخ ڪيائين، اتي نوجوانن سان جهور پوڙهي، موهن جي دڙي کان وٺي هيل تائين ٿيل سڀني ڪهرن ۽ ڪلورن جو ذڪر ڪندي، ”سنڌ هڪ ملڪ رهيو آهي، سنڌي هڪ قوم آهي ۽ آجپو سندن حق آهي“، وارو نظريو ڏنو. (شايد ان ڪري ئي ڪنهن چيو ته سنڌ جو شعور سائين جي ايم سيد سان ۽ عام ماڻهو ڀُٽي سان گڏ آهن). سائين جي ايم سيد جڏهن ”رهبر“ ڪتاب لکيو ته ان کي اڄ به پڙهندي محسوس ٿيندو ته ڄڻ ڪو جرنيل يا سپهه سالار ساٿين سان جنگ جي ميدان ۾ مخاطب آهي. سائين جي ايم سيد هميشه عدم تشدد جي ڳالهه ڪئي.
سائين جي ايم سيد ”سنڌ ڳالهائي ٿي“ جهڙو شاهڪار، ڀلي جو عدالتي بيان جي صورت ۾ لکيو هجي پر سنڌ جي تاريخ ۾ ان ڪتاب جي تمام وڏي اهميت آهي. پارس جهڙي پوڙهي جنهن هر دور ۾ ويڙهه وڙهي، جيڪو ڪڏهن به نه جهڪيو ۽ ڏاڍ تي ڏمرجندو رهيو، جنهن ساهه به قيد ۽ نظربندي جي حالت ۾ ڏنو ان جي ايم سيد جا وارث ”پرهه جي پيغام“ کي هنيانءُ سان هنڊائي نه سگھيا!!. پر اتي ئي تاريخ جي ايم سيد جي ڪريڊٽ ۾ اهي لکين انسان به ڇڏيا، جن انداهه ۽ انڌوڪار کي نه مڃيندي آڻ ناهي مڃي. اڄ به فڪرِ جي ايم سيد قائم ۽ دائم آهي، جيئي سنڌ جي جهنڊي کي ٺاهيندڙ اقبال ترين دنيا جي ڪهڙي ڪنڊ ۾ به هجي پر اڄ سائين جي ايم سيد جو فڪر ۽ جهنڊو هر سنڌي تائين پهتل آهي. اڄ ڀلي سائين جي ايم سيد اسان وٽ جسماني طرح موجود نه هجي پر ان پوڙهي شينهن جنهن ۳۲ سال ۱۰ مهينا ۽ ۲۳ ڏينهن قيد ۾ ڪٽيا، جنهن لاءِ نياز همايوني چيو ته:
ڪنهن لاءِ سوچين، ڪنهن لاءِ لوچين، ڪنهن لاءِ گھنگھر گهارين ٿو،
پوڙها پورهيت پارس جهڙا، ڪنهن لاءِ لوهه پگھارين ويٺو.
چارڻ ويڪو، چنگ به ويڪو، نگري هن ۾ ننگ به ويڪو،
پوءِ ڀلا او منهنجا سائين! ڪنهن لاءِ لوهه پگهارين ويٺو.
پر ان جي محنت رائيگان ناهي وئي ۽ ان جو فڪر اسان وٽ موجود آهي.
سائين جي ايم سيد سان ساٿ نڀائڻ لاءِ اڄ به لکين عاشق سن ۾ گڏجندا ۽ سائين جي ايم سيد سان تجديدِ عهد وفا ڪندا، ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سنڌ جا سمورا سنڌ پرست ۽ فڪر جي ايم سيد کي نصب العين سمجهندڙ دوست سيد جي مزار آڏو ان کي ساکي بڻائيندي پنهنجو پنهنجو احتساب ڪن ته، گذريل ۱۷ جنوري کان هيل تائين انهن سنڌ جي اشوز تي ڇا ڪيو؟ انهن جي جهوليءَ ۾ سائينءَ کي ڏيڻ جي لاءِ ڇا آهي؟ اگر اسين سڀ ائين خود تنقيدي جائزو وٺون ته منزل ڏور ناهي، نيٺ ته بهتر حڪمت عملين جوڙڻ سان سوڀارا ٿينداسين.




سائين جي ايم سيد
سٻاجهو ۽ سچو انسان
لالا طاهر ميمڻ
سنڌ سدائين سرويچ، پنهنجي پاڪ پويتر مٽيءَ مان سچا ۽ سُهڻا، سُلڇڻا، سٻاجها، اُتم ۽ اعليٰ انسان پيدا ڪيا آهن. هِنَ سرهاڻ جي ڌرتيءَ، جنهن جي مهڪ ايتري ته مِٺي آهي، جنهن جو ماپو ۽ مُلهه اَمُلهه آهي، جنهن جي جرڪ هميشه شاد ۽ آباد رهندي اچي پئي. هن سنڌ کي جڏهن به ڪنهن اُجاڙڻ جا سانباها ڪيا، تن کي نابوت ٿيڻو پيو ۽ اُنهن جو نالو ۽ نشان تاريخ پنهنجي لفظن ۾ اُجاڙ ڪوٽن ۽ کنڊراتن جي ڏيک جيان ڪتابن ۾ خاموش قبرن جيان چٽي ڇڏيا آهن ۽ جن سنڌوءَ جي سينڌ سنوارڻ لاءِ پنهنجين جانين جو نظرانو ڏئي، پاڪ ڌرتي جي هنج ۾ آرامي ٿي پنهنجي ڇڏيل ۽ ڪيل جدوجهد ۽ ڏنل سبق سُنهري لفظن سان هميشه پوري دنيا لاءِ آزاديءَ جو پيغام مشعل راهه ٿي روشنيءَ جي لاٽ روشن ڪندو ظالمن کي زير ڪندو سڀني کي سگهه ڏيندو اسان جي سنڌ کي جيئاريندو رهندو.
سنڌ اُن عاشق جو عشق آهي، جنهن جي حد جي سرحد ڪائي ناهي، اهڙي ئي هن سنڌ جو نالو جي ايم سيد آهي، جنهن جي سنڌ ۽ سنڌين سميت انسانيت لاءِ ڪيل جدوجهد مثالي عشق جي منزل ڏانهن ويندڙ هڪ اهڙي منزل آهي، جنهن پنهنجي سڄي حياتي ڏونگر کان به ڏاڍين تڪليفن کي منهن ڏيندي مٽيءَ مٿان گهور ٿيندو رهيو. سائين جي ايم سيد اُها هستي آهي، جنهن جو نالو سنڌ دشمن ٻُڌي ڏڪي ويندا آهن، ڇوته سائين جي ايم سيد سنڌ هو ته اهڙي طرح اهڙن اڙٻُنگ انسانن لاءِ استاد بخاري فرمايو آهي ته:
اسان کي فلسفو سائين، خوشيءَ غم جو نه سمجهايو،
کلڻ آيو ته کلنداسين، روئڻ آيو ته روئينداسين،
حيات ۽ موت جي ڇيڙي مسئلن کي نه ڊيڄاريو،
حياتي آ ته جيئنداسين، موت آيو ته مرنداسين. (بخاري)
سائين جي ايم سيد اها شخصيت هئي، جنهن سنڌ عشق خاطر ڦوهه جوانيءَ کان آخري دم تائين سنڌ لاءِ پنهنجا ذاتي سڀئي خواب سهائي ڇڏيا. سنڌ تي ڪهڙي به قسم جي ڏاڍائي يا بي واجبي ٿيندي ڏسندا هئا ته پاڻ کي بيچين ڪندي سنڌ کي بچائڻ لاءِ روڊن رستن، جيل يا نظربند آهن ته قلم جي ذريعي سامراجي قوتن سان مهاڏو اٽڪائيندا رهيا. سندس جُستجو هميشه سنڌ ۽ سنڌ واسين انسانيت جي پرچار ۽ اُنهن جي حقن خاطر دشمنن آڏو رُڪ جي ديوار بڻجي ظالمن جي اک ۾ ڪنڊو بڻجندو رهندو هو.
سائين جي ايم سيد سنڌ جي اُها سرهاڻ هئي، جڏهن به پاڻ گهڙي پل آزاد ٿيندا هئا ته سندس اُن سرهاڻ جي خوشبوءَ ايتري ته مهڪي پوندي هئي جو هزارن جي تعداد ۾ سندس واس وٺڻ لاءِ پتنگا کيس آجيان لاءِ سندس گاڏيءَ ۾ گهيرو ڪندي واس وٺندا هئا ۽ گهر ويهڻ بجاءِ سنڌ جي ڪنڊ ڪُڙڇ ۾ ماروئڙن جي تانگ کيس ويهڻ نه ڏيندي هئي، پاڻ روڊن رستن، ڳوٺن شهرن، جهرجهنگ سنڌ گهري ٿي حق ۽ خودمختياري جو نعرو هڻي ڪهاڙي واري جهنڊي ساڻ ڌرتيءَ جي حقن خاطر ڌرتي ڌڻين کي آگاهه ڪندو رهندو هو ته اوهان سنڌ جا اصل وارث آهيو، اوهان پنهنجي سنڌ جي وارثي ڪريو. پنجاب سامراج اسان جو اصل ويري آهي، پنجاب اسان جي حقن تي ڌاڙا هنيو ويٺو آهي، اوهان سجاڳ ٿيو، سنڌ اوهان جي جاگير آهي. اوهان سنڌ واسي پنهنجي سنڌ جي دشمن کي سڃاڻو، ڌاريو ۽ غير سنڌ کي گهيرو ڪري ويٺا آهن، انهن ڌارين، غيرن ۽ غاصبن کي سنڌ مان ڪڍڻو آهي، سائين جي ايم سيد بخاري جي هن بيت جيان چوندو رهي پيو ته:
ڪيترن ڪمزور هٿڙن جي شڪست،
ڏاڍ کي چٿڙيون ڪري ڦاڙي ڇڏيان!
ڪيترن شهزور جُنبن جي گرفت،
ظلم کي ذرڙيون ڪري ساڙي ڇڏيان! (بخاري)
سائين جي ايم سيد اهو روشن عقل انسان عشق سنڌ جو سرواڻ سچ ۽ صوفيت جو پيغام هو، جنهن نيٺ ۽ نوڙت محبت جو درس ڏئي پاڻ پڻ هڪ مثال بڻجي ويو، جنهن جي مثالن جو بيان ڪهڙن لفظن سان ڪريان. سائين جي ايم سيد سنڌ سان عشق جي ڪري وقت جي جابر حڪمرانن مٿس ڪيترائي ڪيس ڪيا. ان سلسلي ۾ ڪورٽن ۾ ٽائيم تي اچڻ ۽ وري هزارن جي تعداد ۾ اُتي سندس چاهيندڙ جوان ويندا هئا. ڪڏهن به سيد تي تاريخ کان اڳ جلوس يا ريلي ڪڍي ويندي هئي ته ظالم حڪمران ۽ سامراجي عنصر ڪوڙا ڪيس مڙهيندا هئا ۽ رستا روڪ ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪندا هئا ۽ ڪڏهن ڪڏهن روايت مطابق کيس جڙتو ڪيسن ۾ گرفتار ڪندا هئا، جنهن جي سيد کي ڪابه پرواهه نه هوندي هئي، ان جاءِ تي بخاري چئي ٿو ته:
جي جهنگ ڪندو تنگ ته ساڙي اچبو،
هوندو جي بيابان ته لتاڙي اچبو،
اي منزل مقصود، هي واعدو آ،
آيو جي اڳيان اُڀ ته به ڦاڙي ڇڏبو. (بخاري)
سائين جي ايم جيل جي قيد کي ڀاڪر پائي چمندو هو، ڇو ته هميشه چوندو هو ته مٺڙي سنڌ جي محبت جيل جون هي اوچتون ديوارون ۽ پهرا حقن ۽ خودمختياري جي علم کان اوچا ناهن. سنڌ جي آزاديءَ ۾ هي قيد ڪجهه به ناهي، اسان جو هي قيد اميد جي شمع آهي، جنهن جي روشني جي لاٽ پوري دنيا ڏسندي رهندي، اسان کي ظالمن جون سختيون ڪڏهن به جهڪائي نه ٿيون سگهن. لوڀ ۽ لالچون اسان کي خريد نه ٿيون ڪري سگهن، اسان اُهي انسان آهيون جنهن جو محور محبت، انسانيت ۽ امن آهي، جنهن لاءِ هي جنگ اسان جوٽي آهي. ڀٽائي، سچل، سامي هن پاڪ پويتر ڌرتي تي جن به هن ڌرتي تي جنم ورتو ۽ مخدوم بلاول، صوفي شاهه عنايت، بختاور، هيمون ڪالاڻي، پنهنجي جيون جي امن محبت انسانيت ۾ زنده رهندا.



سائين جي ايم سيد
ساڻن ملاقات جو احوال
ذوالفقار قادري
سياسي وابستگي پنهنجي جاءِ تي پر ڪوشش رهيم ته برک سياسي اڳواڻن سان روبرو ملي ڪچهري جو شرف حاصل ڪجي، هن مختصر حياتي ۾ مون کي ذوالفقار علي ڀٽو، سائين جي ايم سيد، بينظير ڀٽو صاحبه، مير مرتضيٰ، نواب اڪبر بگٽي، ولي خان، نواب خير بخش مري، مير شير محمد مري عرف جنرل شيروف، سردار عطاءُ الله مينگل، فاضل راهو جهڙين ڪيترين ئي قدآور شخصيتن سان ملڻ جو شرف حاصل رهيو، سائين جي ايم سيد سان به ملڻ جي اڪير رهي، اهو ۱۹۸۱ع جو سال هو مان مارشل لا ريگيوليشن ۱۳ ۽ ۳۳ ھيٺ گرفتار هئس، ڪيس سمري ملٽري ڪورٽ لاڙڪاڻي ۾ زير سماعت هو، ڪڏھن سينٽرل جيل سکر ته ڪڏھن لاڙڪاڻي جيل ۾ ڪيس جي سماعت دوران ڪڏھن ڪڏھن پوليس عارضي حوالگي طور تعلقي ٿاڻي لاڙڪاڻي جي لاڪ اپ ۾ به رکندي هئي، اهو تعلقي ٿاڻي جو لاڪ اپ ئي هيو منهنجو بسترو لاڪ اپ جي دروازي سان ئي هئو انهن ڏينهن ۾ تعلقي ٿاڻي جو ايس ايڇ او شاهه محمد سنجراڻي هو هڪ رات پوليس هڪ قدآور سهڻي نوجوان کي گرفتار ڪري کڻي آئي ۽ کيس لاڪ اپ حوالي ڪيائون، جيئن ته منهنجو بسترو لاڪ اپ جي دروازي سان ئي لڳل هو سو ان نو وارد نوجوان جي آجيان ڪرڻ وارو به مان ئي هئس، هٿ ڏئي کيس بستري تي ويهڻ لاءِ چيو مانس حالي احوالي ٿياسين ته نوجوان ٻڌايو منهنجو نالو بشير قريشي آھي، زرعي يونيورسٽي ٽنڊي ڄام جو شاگرد آھيان، پوليس چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج مان گرفتار ڪري آئي آھي، جيئي سنڌ سان تعلق آھي، بس پوءِ بشير خان ۽ مان جيل جي ٻولي مطابق هنڊي وال ٿي وياسين، بشير خان جلد ئي سيشن ڪورٽ مان ضمانت ٿيڻ بعد آزاد ٿي ويو پر اسان جو پاڻ ۾ جيڪو محبت، عزت، احترام ۽ دوستي وارو تعلق جڙيو، اهو سندس شھادت تائين برقرار رهيو.
مون بشير خان سان اسيري وارن ڏينهن ۾ ئي سائين جي ايم سيد سان ملڻ جي خواهش جو اظھار ڪيو هو، چيائين خير سان آزاد ٿيو ته پوءِ سن هلنداسين، خير سان بشير خان ته جلد آزاد ٿي ويو مون کي وري سمري ملٽري ڪورٽ طرفان سخت پورهئي ۽ ڪوڙن جي سزا ٻڌائي وئي، مان ڊسٽرڪٽ جيل لاڙڪاڻو، سينٽرل جيل سکر ۽ لانڍي جيل ڪراچي جي ياترا ڪري مارچ ۱۹۸۳ع ۾ آزاد ٿيس، اهو جون ۱۹۸۳ع جو سال هيو مان ڄامشورو اسٽيشن تان پسينجر ريل گاڏي ۾ چڙھي لاڙڪاڻي پئي ويس، ٽرين جڏھن ”سن “ ريلوي اسٽيشن تي بيٺي ته اوچتو مون کي سائين جي ايم سيد سان ملڻ جو خيال آيو، سو فوراً ريل مان لهي پيس انهن ڏينهن ۾ سائين جي ايم سيد ”سن“ ۾ نظربند هو، پر ساڻس سان ملڻ لاءِ اچڻ وارن مهمانن، ملاقاتين ۽ دوستن تي پابندي نه هئي البته ”سن“ کان ٻاهر وڃڻ لاءِ سنڌ جي هوم ڊپارٽمنٽ کي آگاهه ڪرڻ ۽ اجازت ضروري هئي، مان ريل تان لهي هڪ ٽانگي وارو کي چيو سائين جي ايم سيد ڏي وڃڻو آھي، ٽانگي واري ٻڌايو ته سائين سنڌو درياهه واري اوطاق تي به ايندو آھي پر جيئن ته منجهند ٽاڪ ۽ گرمي آھي، سو سائين حويلي واري اوطاق تي هوندو، مون چيو جتي اوهان کڻي هلو سو اسٽيشن تان ٽانگي تي چڙھي ”سن“ شهر روانو ٿيس هڪ منجهند ٽاڪ مٿان ڇتي گرمي جو گهوڙي کان به پگهر پئي هليو، خير سان ٽانگي واري حويلي وٽ اچي لاٿو ۽ چيائين اها سامهون سائين جي اوطاق اٿئي، مان زندگي ۾ پهريون دفعو ”سن“ آيو هئس پر ان ڏينهن ايڏي گرمي هئي جو الامان مان خير سان سائين جي ايم سيد جي حويلي سان لڳو لڳ اوطاق ۾ آيس ته ڪوئي ڪونه هيو هڪ همراهه ورانڊي ۾ رکيل کٽ تي ليٽيو پيو هو، مون کي ڏسي چيائين ڪنهن سان ملندؤ مون کيس ٻڌايو ته سائين جي ايم سيد سان ملڻو آھي، همراهه اٿي هٿ ڏنو ۽ ٻڌايائين ته سائين اوطاق ۾ ھئا ڪجهه ملاقاتي آيا هيس سائين جن صبح کان اتي اوطاق تي ئي هئا ملاقاتين جي وڃڻ کان بعد ڪجهه دير اڳ سائين اٿي اندر حويلي طرف هليا ويا آھن.
باقي اوهان کي ملڻو آ ته ڪمري اندر هلي ويهو، جهڙي مهل به سائين جن آيا ته ملاقات ٿي ويندي، مان سائين جي اوطاق جي ان ڪمري ۾ آيس جتي سائين اڪثر مهمانن سان ملندو هو ڪمري ۾ جيئن ئي اندر داخل ٿيس سامهون ديوار تي پينٽنگ ٿيل سنڌ جو نقشو لڳل نظر آيو، جنهن ۾ سنڌ جي نقشي جي مين بائونڊري کي زنجيرن سان جڪڙيل ڏيکاريو ويو هو ۽ نقشي اندر انگريزي ۾ “A Nation in Chains“ لکيل هو، ڪمري جي هڪ ڪنڊ تي رکيل ٽيبل تي ڪنهن آرٽسٽ جي هٿن سان پلاسٽڪ آف پيرس جو ٺھيل سائين جي ايم سيد جو مجسمو پيو هو، ڪمري ۾ سائيڊ سان ڪتابن جي ريڪ پئي هئي، جنهن تي ڪافي تاريخي ڪتاب نظر آيم ڀر ۾ ڪجهه ڪرسيون به رکيل هيون، ڪمري جي وچ تي نصرپور جي جنڊي تي ٺھيل ٻه کٽون رکيل جنهن تي سنڌي ٽڪ تي ٺھيل رلهيون وڇايل هيون، ڇتي گرمي مٿان ٿڪل هئس سو هڪ کٽ تي ويٺس ته ڪا خبر ئي نه پئي، ننڊ اچي وئي ڪا مهل ٿي ته جاڳ ٿيم ڏٺم ته ڀر واري کٽ تي هڪ جهور پوڙھو اگهور ننڊ ۾ ستو پيو هو، غور سان ڏٺم ته سائين جي ايم سيد ستو پيو هو، مان اٿي اچي ورانڊي ۾ ويٺل همراهه کان پڇا ڪئي جنهن ٻڌايو ته تون ستو پيو هئين ته اوچتو سائين حويلي کان اوطاق تي آيو، توکي ستل ڏٺائين مون کيس ٻڌايو ته آھي ته الائي ڪير پر اوهان سان ملڻ آيو آهي، همراهه وڌيڪ ٻڌايو ته مون سائين کي چيو ننڊ مان اٿاريانس ته سائين سختي سان منع ڪئي ته گرمي ۾ خبر ناهي الائي ڪٿان ٿڪل آيو هوندو، ڀل آرام ڪرڻ ڏيوس پوءِ سائين تنهنجي اٿڻ جي انتظار ۾ پاڻ به ڀر واري کٽ تي مهي پيا اسان پاڻ ۾ ڪچهري پئي ڪئي ته سائين کي جاڳ ٿي، مان اٿي وڃي سائين سان نوڙي ادب احترام سان مليم، سائين جي پڇڻ کان اڳ ئي جيڪو سچ هئو، مون سائين کي ٻڌايو ته منهنجو ڪوبه تعلق اوهان جي فڪر هيٺ ڪم ڪندڙ تنظيم سان ڪونهي مون کي صرف اوهان سان ملڻ جي سڪ ضرور هئي، سو اچي حاضر ٿيو آھيان، سائين مرڪي چيو ته مون کي ان ڳالهه سان ڪو به سروڪار ڪونهي ته ڪو منهنجي نظرئي جو پوئلڳ آھي يا ناهي، منهنجي لاءِ اوهان سڀ منهنجا ٻچا آھيو، سائين سڀ کان پهرين مون کان پڇا ڪئي ته ماني کاڌي اٿئي مون کيس ٻڌايو ته ماني ناهي کاڌي سو سائين نوڪر کي سڏيو ۽ کيس چيائين حويلي نياپو ڏيو ته اوطاق ڏي هڪ مهمان جي ماني موڪليو، اهو همراهه سائين جو حڪم ٻڌي روانو ٿي ويو.
هاڻي اوطاق ۾ سائين جي ايم سيد ۽ مون کان سواءِ ٻيو ڪو به نه هو سو موقعي جو فائدو وٺندي مون سائين کان سڀ کان پهرين سوال ڪيو ته “ڀُٽي صاحب جي باري ۾ اوهان ڇا چوندا؟ (ياد رهي ته ڀُٽي صاحب کي ڦاسي اچي چڪي هئي) هيترن سالن گذرڻ بعد به مون کي اهو لمحو اڄ به ياد آھي ته جڏھن مون اوچتو سائين جي ايم سيد کان ڀُٽي صاحب جي باري ۾ سوال ڪيو ته سائين جي چهري تي مون کي ڪروڌ نظر آيو ۽ سائين پنهجي چپن کي خاص طور هيٺين چپ کي ڏندن ۾ ڀڪوڙي هڪ لمحي لاءِ خاموش ٿي ويو ۽ پوءِ پنهنجي خاموشي کي ٽوڙيندي چيائين“ ذوالفقار علي ڀُٽي جو پيءُ شاهنواز منهنجو دوست هو، ڀٽو مون کي چاچا ڪري سڏيندو هو، شاهنواز ۽ اسان گڏجي ڪافي تحريڪن ۾ حصو به ورتو اسان جو هڪ ٻئي سان مرڻي پرڻي اٿڻ ويهڻ ھو، شاهنواز جڏھن ڀُٽي جي طوهر جي تقريب ڪئي هئي ته مون کي به دعوت جو ڪارڊ موڪليو هئائين ۽ مان شرڪت به ڪئي هئي، سنڌ پنهنجي ويجهڙ واري تاريخ ۾ ٽي ذھين ماڻھو پيدا ڪيا، محمد علي جناح، پير علي محمد شاهه راشدي ۽ ذوالفقار علي ڀٽو، پر ٽنهي ماڻھن سنڌ لاءِ اهو ڪجهه نه ڪيو جيڪو کين ڪرڻ کپندو هو، تاريخ کين موقعو به ڏنو پر هنن اهو ڪردار ادا نه ڪيو جناح سميت سڀني کي پنجابين پنهنجي مفادن لاءِ استعمال ڪيو پنجابين وٽ ته راڻا رنجيت سنگهه کان پوءِ ڪو اڳواڻ ئي پيدا نه ٿيو آھي پنجابين هميشه ٻين جي ڪلهي تي بندوق رکي هلائي آھي، جنهن پاڪستان لاءِ اسان ڪشالا ڪڍيا اهو ته پنجابستان بڻجي ويو، پنجابين وٽ ڪو ماڻھو نه هو، هنن سدائين اسلام، نظريا پاڪستان ۽ ھندستان جي خوف جا ڊپ ڏئي ڏنڊي جي زور تي حاڪميت ڪئي آھي، ڀُٽي کان به هنن ڪم ڪڍيا. ۱۹۷۲ع جي عبوري آئين جي منظوري وقت ولي خان ۽ ٻروچن عطاءُ الله مينگل، غوث بخش بزنجي ۽ نواب خير بخش مري وارن عبوري آئين تي صحيحون نه پئي ڪيون، ڀٽو مون سان مليو ۽ مون کان مدد گهريائين مون کيس سڌيون ٻڌايون چيائين چاچا اوهان مون کي موقعو ته ڏيو مون ولي خان ۽ ٻروچن سان ڳالهايو ولي خان جو پيءُ  غفار خان منهنجو دوست هو مون کي ولي خان ۽ ٻروچن چيو پنجابين سدائين ڌوڪا ڪيا آھن هن دفعي ڀٽي کي اڳيان ڪري ڌوڪو پيا ڏين مون کين چيو اسان سدائين ڌوڪا کاڌا آھن هڪ ڌوڪو ٻيو سهي منهجي چوڻ تي ولي خان ۽ ٻروچن ۱۹۷۲ع جي آئين تي صحيحون ڪيون، اڳتي هلي ۱۹۷۲ع واري عبوري آئين ۾ اسان جي پڇڻ بنا ترميمون ڪري ان کي ۱۹۷۳ع جي آئين ۾ تبديل ڪيو ويو، ۱۹۷۳ع آئين جي منظوري کان پوءِ سڀ کان پهريون مان نظربند ٿيس، ڪجهه عرصي گذرڻ کان پوءِ ولي خان، مير غوث بخش بزنجو، سردار عطاءُ الله مينگل، نواب خير بخش مري، مير شير محمد مري وارا غداري الزام ۾ گرفتار ٿي حيدرآباد سينٽرل جيل پهتا ۽ مون ڏي ميار موڪليائون، ڀٽي مون کي هنن آڏو مياري ڪيو، سائين ڳالهائيندا رهيا مان غور سان سائين کي ٻڌندو رهيس سائين پنهنجي ڳالهه کي اڳتي وڌائيندي چيو “ ڀُٽي کان پنجابين ڪم ورتا جڏھن هنن ڏٺو ته ڀٽو هاڻي اسان جي ڪم جو ناهي رهيو ته ڀُٽي کي ڦاهي ڏئي ڇڏين، فريادي به اهي شاهد به اهي جج به اهي ۽ ڦاهي ڏيڻ وارا به اهي ئي هئا.
اتي ڪجهه ساهي بعد مون سائين جي ايم سيد کان بينظير صاحبه بابت پڇيو (واضح رهي ته بينظير صاحبه انهن ڏينهن ۾ ۷۰ ڪلفٽن ۾ نظربند هئي) سائين بينظير صاحبه لاءِ چيو “هو اسان جي نياڻي آھي، هن لاءِ عزت آھي، هو لکيل پڙھيل ۽ بهادر به آھي هن مان ماڻھن کي اميدون به آھن پر اڃا هو سياست جي ميدان ۾ نئين آھي.
پيءُ جي نقش قدم تي هلي ته اهي ساڳيون قوتون جن هن جي پيءُ کي نه بخشيو اهي هن کي به نه ڇڏيندا. مون سائين کان جڏھن بلوچن جي باري ۾ پڇيو ته سائين ورندي ڏني ته “هن وقت تائين جيترا بلوچ مئا آھن، ان جي اڌ جيتري به سنڌي قرباني ڏين ها ته پاڪستان جي جاگرافيائي صورتحال تبديل ٿيل هجي ها، آزاد ٿيڻ کان بعد عطاءُ  الله مينگل، مير غوث بخش بزنجو، نواب خير بخش مري ۽ مير شير محمد مري وارا مون سان ملڻ آيا هئا، مون کين چيو اوهان بهادر به آھيو ۽ ويڙھاڪ به ماڻھو به جام مئا اٿو پر جيسين اوهان سردارن جون پنهنجون پنهنجيون الڳ چڙھيل ڪنيون ۽ انائون ختم نه ٿينديون بلوچ ايئن مرندا رهندا، مون کائنس جڏھن سنڌين بابت پڇيو ته سائين چيو “سنڌين اڃا پنهنجي دوست دشمن کي ئي ناهي سڃاتو، ڏاڍو پڇتائيندا“ ايتري ۾ ماني اچي وئي سائين نوڪر کي چيو هيٺ دسترخوان وڇاءِ دسترخوان لڳو مان ته ماني ڏسي حيران ٿي ويس، ٻاڪري گوشت جو ٻوڙ، تريل مڇي، فرائي ٿيل ڀينڊيون، ڪڻڪ ۽ چانورن جي مکڻ سان مکيل ماني، اڇا چانور ۽ لسي موجود هئا.
سائين مون سان هيٺ اچي دسترخوان تي ويٺا ۽ چيائين ماني کاءُ مون چيو سائين هي ته مون کان گهڻي آهي، اوهان به وٺو تنهن تي سائين چيو مان تمام گهٽ کائيندو آھيان، تنهن جي اچڻ کان ڪجهه دير اڳ مون ماني کاڌي آهي، مون به گهٽ نه ڪئي ڍؤ ڪري ماني کاڌي ماني کائي بس ڪيم ته سائين چيو گرمي آهي، شربت پيءُ، ٺٽي جي حڪيم درس جو شربت به سائين پياريو، ٽرين جو ٽائيم پئي ٿيو سو مون سائين کان نوڙي موڪلايو ته سائين نوڪر کي چيو هن کي ٽانگي تي چاڙھي اچ ان سان گڏ سائين ڪجهه پئسا منهنجي کيسي ۾ وڌا، ته مون حجاب واري لهجي ۾ چيو سائين گهڻو ٿي ويو گنهگار ٿا ڪيو ته سائين چيو رکي ڇڏ ڪم ايندئي پوءِ مان سائين کان موڪلائي اچي ٽانگي تي ويٺس ۽ ”سن“ اسٽيشن لاءِ روانو ٿيس پر اڄ تائين سائين جي ايم سيد سان گذاريل اهي چند گهڙيون وساري نه سگهيو آهيان.



سائين جي ايم سيد
منهنجو محسن منهنجو رهبر
محمد ابراهيم جويو
سائين جي ايم سيد سان منهنجو سڄيءَ زندگيءَ جو سنٻنڌ رهيو آهي. مون کي پاليو ۽ نپايو منهنجن مائٽن، پر مون جو ڪجهه پرايو ۽ ان پراپت مان آئون جيڪي ڪجهه بنيس، تنهن لاءِ آئون سائين جي ايم سيد جو شڪر گذار آهيان.
سائين جي ايم سيد جو ڳوٺ سن آهي، ۽ آئون ان کان ويهارو ميل پري هڪڙي ننڍڙي واهڻ ”آباد“ ۾ ڄائو هوس. منهنجو پيءُ ته منهنجي گهڻي سانڀر کان اڳ ئي گذاري ويو هو، ۽ منهنجي ماءُ به پوءِ وڇڙي ويئي، پر منهنجو ڏاڏو ۽ ڏاڏي حيات هئا، جن مون کي ماءُ پيءُ جو پيار ڏنو. منهنجو ڏاڏو هڪ جامڙد، ڏاهو ۽ خود دار شخص هو، پنهنجو راڄ توڙي آسپاس جا راڄ هن جو ڏاڍو لحاظ رکندا هئا. مون کي ياد آهي ته آئون جڏهن يارهن ورهين کن جو هوس ۽ سنڌي ڇهون درجو پڙهندو هوس، تڏهن اسان کي هر روز ٽي ميل پري، پاسي واري ڳوٺ، تيرٿ لڪيءَ جي اسڪول ۾ سنڌي پڙهڻ لاءِ وڃڻو پوندو هو. هڪ ڏينهن ڏاڏو ڪنهن ڪم سان سن ويو ۽ موٽيو ته هڪ اهڙي ڳالهه کڻي آيو، جيڪا منهنجي نئين جنم جو سبب بڻي. جيڪڏهن اڄ مون کي اهو معلوم ٿي وڃي ته اهو ڪهڙو ڏينهن هو، جڏهن ڏاڏو سن مان موٽيو هو، ۽ منهنجي نئين جنم جي اها ڳالهه کڻي آيو هو، ته اهو ڏينهن آئون هوند پنهنجي اصلي جنم جو ڏينهن ڪري هر سال ملهايان.
ڳالهه هيءَ هئي ته سائين جي ايم سيد ان سال پنهنجي ڳوٺ ۾ هڪ ديني تعليم جو مدرسو، بورڊنگ هائوس سميت، ۽ سنڌي اسڪول سان گڏ انگريزي تعليم لاءِ اي وي ڪلاس کولايا هئا ۽ جڏهن خبر پيس ته ڏاڏو سن ۾ هو، تڏهن هن کي سڏائي، مدرسي ۽ انگريزي ڪلاسن ۾ پنهنجن ڇوڪرن کي داخل ڪرائڻ جو سخت تاڪيد ڪيائين. جڏهن ڏاڏي گهر ۾ سن جي نئين اسڪول جي ڳالهه ڪئي، تڏهن مان ڏاڍو خوش ٿيس.  هيءُ سال ۱۹۲۷ع جو هو. پوءِ آئون سن جي انگريزي اسڪول ۾ داخل ٿيس. سائين جي ايم سيد وٽ منهنجو ڏاڏو مون کي وٺي ويو، ان وقت آئون ۱۲-۱۱ ورهين کن جو هئس.
سائين جي ايم سيد جي والد سيد محمد شاهه مرحوم جي شهادت ۽ سندس وڏي حضرت ميين حيدر، جنهن جي درگاهه جا پاڻ سجاده نشين هئا، تن جون ڳالهيون سڄي تر ۾ عام پکڙيل هيون. سائين جي ايم سيد لاءِ عام اها خبر ته ننڍي وڏي جي وات هئي ته پاڻ پنهنجي والد محترم جي شهادت وقت ٻالڪ اوستا ۾ هئا ۽ سندن عام ناموس هئي ته سنِ بلوغت جي عمر تي پهتا ته عام اعلان وسيلي سڄيءَ سنڌ ۾ رهندڙ پنهنجي مريدن لاءِ اهو پڌرو ڪيو هئائون ته ڪو به کين پيرين پئي نه ملي. ٻيو ته پنهنجي مريدن مان پاڻ ڪو به نذر نياز يا ڏَن نه وصول ڪندا. ان زماني ۾ لڪيءَ تائين سڄو محال ڪوهستان به ڪراچي ضلعي سان ڳنڍيل هو ۽ سائين جن پاڻ ڪراچي ضلعي لوڪل بورڊ جي اسڪول بورڊ جا تڏهن چيئرمين هئا. مون ٽي درجا انگريزيءَ جا پاس ڪيا، ته سائين جي ايم سيد مون کي ڪراچي لوڪل بورڊ جي اسڪالرشپ وٺي ڏني ۽ پوءِ آئون ڪراچيءَ جي سنڌ مدرسي ۾ ۱۹۳۱ع ۾ داخل ٿيڻ لاءِ، پنهنجي ڏاڏي مرحوم سان گڏجي ڪراچيءَ ويس. اتي جڏهن ڏاڏو ۽ آئون ڪراچي جي سٽي اسٽيشن تي لٿا هئاسون ته اتي اسان کي وٺڻ لاءِ لڪيءَ جي سيٺ تيجو مل جو گماشتو آيو هو ۽ اسان کي بولٽن مارڪيٽ وٽ پنهنجي ڪوٺيءَ ۾ وٺي  وڃي رات اتي رهايائين. ٻئي ڏينهن تي بولٽن مارڪيٽ کان گانڌي گارڊن تائين ويندڙ ٽرام گاڏيءَ ۾ ويهاري، سائين جي ايم سيد جي بنگلي تي آڻي ڇڏيو هئائين. ٻئي ڏينهن سائينءَ ڪاغذ ڏيئي پنهنجي خاص ماڻهوءَ سان مون کي مدرسي جي پرنسپال، ڊاڪٽر  علامھ دائود پوٽي صاحب وٽ موڪليو. علامه صاحب منهنجا اسڪول ليونگ سرٽيفڪيٽ ڏسي ۽ پوءِ سائين جي ايم سيد جو خط کولي پڙهيو. ائين آئون اتي اسڪول ۾ داخل ٿيس. مئٽرڪ پاس ڪرڻ کان پوءِ ڏاڏي مرحوم جي زور ڀرڻ تي، دل تي پٿر رکي، سائين جي ايم سيد وٽ حاضر ٿيس ته مون کي ڪا نوڪري وٺرائي ڏين. مون کي مئٽرڪ جي امتحان ۾ دادو ضلعي مان پهريون نمبر بيهڻ تي اسڪالرشپ ملي هئي، تنهن جي کين خبر هئي ۽ منهنجي دلي خواهش جي به کين سڌ هئي ته مون نوڪري ڪرڻ نٿي گهري، پر وڌيڪ پڙهڻ ٿي گهريو. پاڻ همت ڏياريائون ۽ چيائون ته نوڪري ڪنهن به صورت ۾ نه ڪجي، پر، ڪيئن به ڪري، پڙهڻ لاءِ ڪاليج ۾ داخلا وٺجي. پوءِ مون کي ڊي جي سنڌ ڪاليج ڪراچي جي پرنسپال بٽاڻي صاحب ڏانهن چٺي لکي ڏنائون ۽ جيتوڻيڪ داخلا جون تاريخون گذري چڪيون هيون، پر درويش صفت پرنسپال مون کي ڪاليج ۾ داخل ڪيو ۽ اهڙيءَ طرح زندگيءَ جي راهه ۾ اڳتي وڌڻ لاءِ  هڪ ڀيرو ٻيهر مون کي سائين جي ايم سيد جي رهبري ۽ مدد نصيب ٿي.
هڪ ياد سيد صاحب جي حوالي سان منهنجي من ۽ ذهن تي چٽيل آهي ۽ جيڪا نه رڳو ياد جي حد تائين آهي، پر ان منهنجي پوريءَ زندگيءَ تي پڻ گهرا اثر ڇڏيا آهن. اها ياد ڪجهه هن طرح ته جڏهن آئون اڃا سورهن ورهين جو هوس ته سيد صاحب مون کي شاهه لطيف ڀٽائيءَ جي درگاهه تي حاضريءَ لاءِ وٺي ويو هو. شاهه لطيف جي مزار تي پاڻ دعا گهريائون، جا خاص طرح سنڌ  جي نسبت سان هئي. انهيءَ دعا ۾ ٽي شيون شامل هيون:
۱. امن جهجهائي Plenty of Peace
۲. اندر اُجار Enlightenment
۳. آزادي (Freedom)
انهيءَ دعا ۾ شامل ٽنهي شين کي مون چڱيءَ طرح ياد ڪيو، اڃا به، هانءُ سان هنڊايو ۽ انهيءَ مهل، ڀٽائيءَ سائينءَ جي آڳرن تي اهو پڪو پهه ڪيم ته انهن ٽنهي شين جي حاصلات لاءِ آئون سڄي ڄمار پاڻ کي ڪاربند رکندس. اڄ به آئون انهن ٽنهي شين جي خواهش رکان ٿو.
سائين جي ايم سيد سان خيالن جي ڪڏهن به منهنجي نا اتفاقي نه ٿي آهي. سواءِ ٿورڙي وقت لاءِ هڪ مسئلي جي سلسلي ۾، اهو هو مسلم ليگ جي سياست جو مسئلو.  سائينءَ جو ستيه پريم ۽ ايڪتا يعني حق، محبت ۽ وحدت جي پرورش ۽ علمبرداريءَ جو ڪردار آهي، جيڪو سنڌ جي تاريخ، لافاني ادب ۽ تهذيب جو، سنڌ جي سَنتن، اوليائن ۽ درويشن جو ۽ سنڌ جي سمورن صالح ۽ سرويچ سپوتن، اڳين توڙي هاڻوڪن جو ڪردار آهي ۽ سنڌ جي انهيءَ ئي آفاقي ڪردار جي پوئواريءَ ۾ آئون ۽ مون جهڙا ٻيا ڪيئي سنڌ ۽ سنڌ سان گڏ عالم انسانيءَ جا محب  ۽ فدائي اڄ به سائين جي ايم سيد جا ساٿي ۽ ٻانهن ٻيلي ٿيو بيٺا آهن ۽ ان سندم ساٿ ڌڻي سرواڻ ۽ سندس ساٿ تي اسان کي فخر رهيو آهي.
سائين جي ايم سيد جي رياست لاءِ ۽ سندس سنڌي قوم لاءِ قوم دوست فڪر جي چونڊ ۽ ان جي ڦهلاءُ لاءِ باضابطا نموني عملي، قومي، توڻي سياسي اڳڀرائي، ڪي اوچتا ئي فيصلا نه هئا، جهڙِيءَ ريت عام طرح سوچيو، چيو، لکيو ۽ اظهاريو ويو آهي. اهڙن حتمي نتيجن  تي پاڻ لڳاتار عملي سياست جي تلخ تجربن ۽ سنڌي قوم سان ٿيندڙ انيڪ ناانصافين، واعدي خلافين ۽ سازشي فيصلن جي عمل ۾ اچڻ کان پوءِ پهتا هئا. اسين پڻ انهن سمورن واقعن جا اکين ڏٺا شاهد آهيون. پاڻ اهي پهريان سنڌ دوست حقيقي مفڪر هئا، جن سنڌ ۾ قومي فڪر جي پنهنجين لکڻين ۽ خطابن وسيلي باقاعدي جوڙجڪ ڪئي ۽ هڪ قوم طور سنڌي ماڻهن جو ڪيس، رياست اڳيان پيش ڪيائون، جنهن جي بدلي ۾ پاڻ رڳو جيل ۽ نظربندين جا عذاب ئي نه سٺائون، پر مٿن الزام ۽ دشنام، تهمتون ۽ بهتان به رکيا ويا، انهن مڙني الزامن، دشنامن، تهمتن ۽ بهتانن کي قبول ڪيائون، جيڪي رياست پاران انهيءَ ڪري ميدان ۾ لاٿا ۽ عمل ۾ آندا ويا هئا ته جيئن پاڻ ماٺ ڪري ويهي رهن. حقيقت هيءَ آهي ته سيد صاحب جن وٽ پنهنجي سنڌ ۽ سنڌي قوم جي تاريخي تشخص جي بحالي، ان جي مڃتا ۽ ان جي حاصلات کان سواءِ ٻيون سڀ شيون معنيٰ وڃائي ويٺيون هيون. ائين چئجي ته به غلط نه ٿيندو ته پاڻ روحاني طرح عقل جي اوچي ڏاڪي يعني عقلِ سليم تائين، ٻين لفظن ۾ سنڌ سان عشق جي منزل تائين پهچي چڪا هئا، جتي پهچي صعوبتون ۽ سختيون، ڏک ۽ اهنج به پنهنجي اساسي تاثير ۾ سک ۽ راحت بڻجي پوندا آهن.



جي ايم سيد
جان جان ھئي جيئري، ورچي نه ويٺي
لطف پيرزادو
سائين! جي ايم سيد، سنڌ جو اڏول ۽ پاڻ ارپڻ وارو ورڪر ۽ اڳواڻ آهي، جنهن سنڌ جي سُرهي سينڌ کي سنوارڻ لاءِ وسان ڪين گهٽايو. هُن سياست ادب، تاريخ ۽ فلسفي جي بنياد تي سنڌ جي خوشحالي، آسودگي ۽ آزاديءَ جا نه رڳو خواب ڏٺا آهن، پر انهن خوابن کي ساڀيان ڪرڻ واسطي، سنڌي قوم کي گس ۽ پيچرا جوڙي ڏنا، جن تي قومي ٻڌيءَ جي جذبي سان پاڻ وساري قافلي کي منزل تي رسائي سگهجي ٿو.
سائينءَ جي سڄي زندگي سياسي هلچل، تحريڪن ۽ تحريرن ۾گذري. اهو ئي سبب آهي جو پاڻ زندگيءَ جو وڏو عرصو جيلن، نظربندي ۽ حڪومتي عتاب هيٺ رهيو. پاڻ ڪانگريس، مسلم ليگ، عوامي ليگ، هاري ڪيٽي ۽ جيئي سنڌ جهڙن محاذن تان سنڌي قوم جي حق خود اراديت، حق حڪمراني، سنڌي ٻولي قومي ٻولي جي واڌ ويجهه ۽ سنڌي زبان جي سرڪاري سرپرستيءَ لاءِ عملي طرح جاکوڙ ڪئي، ان جدوجهد ۽ تحريڪ جو ڦل اسان کي، سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو، سنڌي ادبي بورڊ ۽ ڀٽ شاهه ڪلچر سينٽر جهڙن ادارن جي صورت ۾ مليا، جيڪي اڄ سوڌو سنڌي قوم کي فيضياب ڪري رهيا آهن، سنڌ يونيورسٽي جتي اسان کي تعليمدانن، قانوندانن، سماج سڌارڪن ۽ سياسي اڳواڻن، بي لوث ڪارڪنن جي فوج عطا ڪئي آهي، جيڪا وقت به وقت سنڌ تي ٿيندڙ هر وار آڏو ڍال بڻي بچاءُ ڪري رهي آهي ۽ سنڌ دشمن قوتن جا ڏند کٽا ڪري رهي آهي، سائينءَ جي ڪتابن کي آڏو رکي پڙهي، پرجهي اسان پنهنجي لاءِ هڪ منشور جوڙي ٿا سگهون، جنهن جي آڌار تي سنڌ جي آجپي واري ويڙهه وڙهي ٿا سگهون، سائينءَ جي ڪتابن کي سياست ادب، تاريخ ۽ فلسفي ۾ ورهائي سگهجي ٿو، ”ديار دل، داستان محبت“ ۽ ”جيئن ڏٺو آ مون“ ۾ انسان جي ارتقائي تاريخ، مذهب، ٻولي ۽ ڪلچر کي مرحلي وار بيان ڪيو ويو آهي، سياست تي ”سنڌو ديش، ڇو ۽ ڇا لاءِ“ ”پاڪستان جو ماضي حال مستقبل“ سنڌ ڳالهائي ٿي ۽ سنڌيءَ جي ساڃاهه ۾ قديم سنڌ جي تاريخ، جاگرافي، سنڌي قوم جي ڪلچر جو اتقائي سفر تمام آسان زبان ۾ سمجهايو آهي.
سنڌي قوم سان ۱۹۴۷ع ۾ جيڪا ويساهه گهاتي ڪئي وئي، هن جي وسيلن تي ڌاڙو هنيو ويو، سنڌي هنڌن جي ڇڏيل ملڪيت تي هندستان کان آيل مسلمان مهاجرن حوالي ڪئي وئي، سنڌ سرڪار جي خزاني مان پاڪستان ايمپلائيز ڪوآپريٽو هائوسنگ سوسائٽي جوڙي ڇهن بلاڪن ۾ سوين ايڪڙ زمين ڏيڻ سان گڏ سنڌ گورنمينٽ جي فنانس کاتي پاران انهن کي گهر ۽ بنگلا ٺهرائي ڏنا ويا، جهڙي طرح اڄوڪي حڪومت نواب شاهه ايئربيس تي سنڌ سرڪار جا ڪروڙين رپيا خرچ ڪري رهي آهي.
هندوءَ جي زمين تي سنڌي هاري پيڙهين کان هر ڪاهي رهيو هو، ان کي ان زمين کان محروم ڪري هندستان کان آيل مهاجرن کي بغير سَندَ ۽ کاتي جي صرف قسم نامي تي گهر، دڪان ۽ زرعي زمينون الاٽ ڪيون ويون، نوڪريون پڻ تعليمي سرٽيفڪيٽن کانسوءِ انهن کي ڏئي، حڪومت انهن کي ورسايو، اهڙي زيادتيءَ تي جڏهن سائين! جي ايم سيد تڏهوڪي وزيراعظم لياقت علي خان وٽ احتجاج ڪيو ته ان کيس جواب ڏيندي چيو ته سنڌي گڏهه ۽ اٺ هڪلڻ واري قوم آهي، جن کي بنگلن ۽ آسائش جي ڪا ضرورت ناهي، هي جواب ٻڌي سائينءَ جي دل آزاري ٿي، اهو ئي سبب هيو جو سائينءَ مسلم ليگ کي خير آباد چيو ۽ پنهنجي هر لکڻيءَ ۾ مهاجر پنجابي مستقل مفاد جو محلورو استعمال ڪيو، هي اهي قوتون ٿي اڀريون جن سنڌي، بلوچ ۽ پٺاڻ جو استحصال ڪيو جيڪو اڃا تائين جاري آهي. وفاقي ادارن جا دروازا ننڍين قومن لاءِ بند ڪيا ويا آهن، پاڪستان جون ننڍيون قومون مشروط طور تي هن رياست سان شامل ٿيون هيون ۽ قرارداد پاڪستان ۾ اهو پڻ لکيل آهي ته اهي ڪڏهن به وفاق کان الڳ ٿي سگهن ٿيون، پر بندوق جي زور تي سنڌي، بلوچن ۽ پٺاڻن کي شامل رکيو ٿو وڃي، عليحدگيءَ جو مطالبو ڪندڙن کي غدار سڏي انهن کي ڦاهيون، ڪوڙا ۽ جيل جون سزائون ڏنيون پيون وڃن.  انهن قومن جي جائز حقن کان منهن موڙ ڪئي پئي وڃي، ايتري تائين جو انهن جي زبانن کي قومي ٻوليءَ جو درجو نٿو ڏنو وڃي، هنن ننڍين قومن کي غلام بڻائڻ لاءِ وسان ڪين گهٽايو، ون يونٽ مڙهي، پنجاب جي بالادستي قائم رکي مارشلائون لڳايون ويون ۽ جمهوريت کي هلڻ نه ڏنو ويو، بنگالين جي مينڊيٽ جي نفي ڪئي وئي ، جنهن جي نتيجي ۾ بنگلاديش وجود ۾ آيو، باقي قومن لاءِ هڪ شاهراهه تعمير ڪئي وئي ته اهي منظم تحريڪ هلائي، خودمختيار ٿي پنهنجون حڪومتون قائم ڪن. مروج پاڪستاني قانون ۽ آئين جي لتاڙ ڪندي سنڌي ماڻهن کان تعليم ۽ روزگار جو حق کسيو ٿو وڃي، هنن کي پنهنجي ئي ملڪ ۾ اڪيلو ڪري هن قوم کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جا سانباها ڪيا پيا وڃن، باوجود ان جي ته سنڌ پاڪستان کي بهترين سياستدان، قائد اعظم کان بينظير تائين ڏنا، قانوندان، تعليمدان، انجنيئر ۽ فلاسافر ڏنا. حد ته اها آهي ته پاڪستان جي آئين جو خالق پڻ هڪ سنڌي قانون دان آهي، ۱۹۷۳ع جو آئين سنڌ جي ليڊر شپ متفقه طور تي چئن ئي صوبن کان منظور ڪرائي ڏنو.
سائين! جي ايم سيد سنڌي ادب جي آبياري ڪندي پيغام لطيف لکي سنڌي قوم کي اهو ويساهه ڏنو ته لطيف ئي سنڌي قوم جو قومي شاعر آهي ۽ آزاديءَ جو علمبردار هيرو آهي. جيڪو انسان جي آزاديءَ کي هر شيءَ تي مقدم ٿو سمجهي، فرد کي اظهار جي آزاديءَ جو ايتري تائين حق ٿو ڏئي ته هو ڪهڙو به مذهب اختياري ڪري ۽ ان جي پرچار ڪري، پنهنجي نظر ئي ۾ سائين انتها پسند ناهي، پر هڪ سيڪيولر جمهوريت پسند مزدور، هاري طبقي جو حامي ۽ ٻانهن ٻيلي آهي، هُن هر موڙ تي سنڌ جي ڏتڙيل طبقن لاءِ آواز اٿاريو، جنهن جي پاداشت ۾ هُن، جيل نظربنديون ۽ روپوشيون ڏٺيون، ضعيفيءَ ۾ پڻ هن کي سنڌ سان عشق ڪرڻ جي ڏوهه ۾ سن ۾ نظر بند ڪيو ويو.
سائينءَ جو اهو ايمان هيو ته رهندي دنيا تائين سنڌي قوم ۽ زبان قائم ۽ دائم رهڻيون آهن، صرف سنڌين کي پاڻ سڃاڻن کپي ته پاڻ شاهه لطيف، شاهه عنايت شهيد، دولهه دريا خان، شهيد مخدوم بلاول ۽ سچل سرمست جهڙن اڳواڻن ۽ رهبرن جي راهه جا راهگير آهن، سنڌي قوم کي پنهنجن دشمنن کي سڃاڻي انهن جي ناپاڪ ارادن جو سيدبابڪرڻ لاءِ جرئت، همٿ ۽ انقلابي جدوجهد ذريعي پنهنجي مقصد کي چٽو ڪري، سنڌي قوم کي قائل ڪري قومي ٻڌيءَ کي وجود ڏيئڻو پوندو.
پوءِ ملڪ مڙوئي منصور ٿي پوندو، ڌرتي ماتا تان سرگهور ڪرڻ لاءِ هر ڪو تيار ٿي پوندو، ان کان وڌيڪ سعادت اسان جي سنڌي ماڻهوءَ لاءِ ڪهڙي ٿي سگهي ٿي، ته هو سنڌ ماتا جو قرض چڪائڻ لاءِ پنهنجو ڪنڌ ڪپائي، شانتي ۽ سک ماڻي.
سڀت پچار پرين جي، سڀت هوت حضور،
ملڪ مڙوئي منصور، ڪهڙا چاڙهيو چاڙهئين.
(شاهه)



جي ايم سيد
سنڌ جو سائين، جيئي سدائين
جي ايم سيد (سيد غلام مرتضيٰ شاهه) ۱۷ جنوري ۱۹۰۴ع تي ضلعي دادوءَ جي ننڍڙي ڳوٺ سن ۾ جنم ورتو، سيد صاحب جي والد محمد شاهه کي جڏهن سائين سال جو هو ته خانداني دشمنيءَ سبب شهيد ڪيو ويو ۽ يارنهن مهينن بعد سندس وڏو ڀاءُ سيد احمد شاهه پڻ وفات ڪري ويو ۽ ائين هو گهر جو اڪيلو نرينو اولاد هو. سندس ابتدائي تعليم سن ۾ ٿي، هن جي استادن ۾ ڌرمداس، ماستر ريوا چند ۽ ماستر وسڻمل هئا، قرآن پاڪ مولوي محمد صالح سيال ۽ آخوند محبوب ميمڻ وٽ ۽ انگريزي تعليم گهر ۾ استاد حامد علي هالائيءَ کان ورتائين.
۱۶ سالن جي عمر ۾ هن سياسي ميدان ۾ پير پاتو، هو لاڙڪاڻي واري خلافت ڪانفرنس جي ميڙ ۾ ۱۹۲۰ع ۾ شريڪ ٿيو، ان کانپوءِ مٽياريءَ جي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪيائين، ۱۹۲۵ع ۾ تعلقي لوڪل بورڊ مانجهند جو ميمبر ۽ پوءِ اڳيان هلي پريزيڊنٽ چونڊيو ويو، شاهه صاحب ۱۹۳۰ع ۾ ”هاري ڪاميٽي“ ميرپورخاص ۾ قائم ڪرڻ ۾ پنهنجي دوستن سان گڏ هو، هن سنڌ جي ممبئيءَ کان آزاد ڪرڻ جي لاءِ تحريڪ جو پورو ساٿ ڏنو، ۱۹۳۷ع ۾ سنڌ اسيمبلي جو ميمبر چونڊاڻو قائداعظم کين مسلم ليگ کي منظم ڪرڻ جو ڪم سونپيو، جنهن ۾ وڏي محنت ڪري ميمبر شپ ۾ گهڻو واڌارو آندائون، پر ۱۹۴۶ع ۾ کين مسلم ليگ طرفان ٽڪيٽ نه ڏني وئي، ان کانپوءِ پاڪستان ٺهڻ بعد ون يونٽ لڳڻ، ۱۹۵۸ع جي ايوبي مارشل لاءِ ۽ ٻين ڪيترن واقعن بعد دلبر داشته ٿي کين سنڌ جي حقن لاءِ الڳ جماعت ٺاهڻي پيئي، ۱۸ جون ۱۹۷۲ع تي هن حيدر منزل تي ”جيئي سنڌ محاذ“ نالي نئين پارٽيءَ جو بنياد وڌو.
سائين جي ايم سيد سنڌ جي انهن معتبر ماڻهن ۾ شمار ٿئي ٿو، جن حقيقي معنيٰ ۾ سنڌ لاءِ ڪجهه ڪيو ۽ نئين سنڌ کي قومي سڃاڻپ سان اڏڻ جي خواب کي ساڀيان ڏيڻ لاءِ انيڪ ڪوششون عمل ۾ آنديون، هو سنڌ جو معمار هو، جنهن سنڌ يونيورسٽي قائم ڪرائي، سنڌي ادبي بورڊ ٺهرايو ۽ ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز قائم ڪيو، سندس ڪتاب ”پيغام لطيف“ سنڌي قوم لاءِ سنڌ کي قومي تشخص ڏيڻ لاءِ هڪ بنيادي ڪوشش آهي، جنهن ۾ هن لطيفي فن ۽ فروغ لاءِ پڻ جيڪي ڇهه نقطا ڏسيا آهن، سي قوم جي مفڪر طرفان سنڌ جي عملي، ادبي، سياسي ۽ سماجي تاريخ ۾ اهميت جوڳا ثابت ٿيندا. سيد صاحب پوريءَ دنيا ۾ ڪيترائي ملڪ گهميا، جيئن فرانس، ترڪي، چين، جرمني، برطانيه، روس، اسڪاٽ لينڊ، سئٽزرلينڊ ۽ ڪيترن ئي ملڪن جي عالمن اديبن ۽ سياستدانن سان سندن گڏجاڻيون ٿيون، اهڙيءَ ريت سنڌ جي هن قومي اڳواڻ جو ذهن روشن خيال ۽ ترقيءَ ڏي وڌندڙ هو، کيس دنياوي سياست، تاريخ، تمدن ۽ تهذيبن جي مڪمل ڄاڻ هئي، سندس مطالعو وسيع هو، هن اصولن کي هميشه اهميت ڏني ۽ ڪڏهن نه جهڪيو.
جمال ابڙو لکي ٿو ته: سائين جي ايم سيد جهڙو پختو، چيڙهالو سياستدان مون نه ڏٺو، ڀلي زمين آسمان هيٺ مٿي ٿي وڃي، سائين جي ايم ذرو به نه هٽندو هو. سڄيءَ سنڌ ۾ نعرو ٿي گونجيو ”سنڌ جو سائين، جيئي سدائين“.
سائين جي ايم سيد کي سنڌ جي حقن جو هميشه اونو هوندو هو، پاڻ سياسي پليٽ فارم تان پاڪستان جي حمايت جي تحريڪ هلائيائين، پر حڪومت مان پٺڀرائيءَ جي بجاءِ کيس جيلن ۾ نظربند ڪيو ويو، مختلف دورن ۾ کيس تقريباً ۳۰ سال گهر ۾ يا جيل ۾ نظربنديءَ جي حالت ۾ رکيو ويو، انهيءَ سبب ڪري ئي ۱۹۷۲ع ۾ هن ”سنڌ جي حقن“ جو نعرو هڻي الڳ پليٽ فارم قائم ڪيو. هڪ تاريخ ساز شخصيت ۽ سياسي رهنما هئڻ سان گڏ سائين جي ايم سيد سنڌي ادب جي حوالي سان هڪ وڏي وٿ قرار ڏنو ويو آهي، هو هڪ عالم، اديب ۽ محقق هو، هن پنجاهه کن ڪتاب لکيا ۽ سندس سوانح ۽ شخصي خوبين تي ڪئين ڪتاب لکجي چڪا آهن، سيد صاحب جي ڪتابن ۾ ”نئين سنڌ لاءِ جدوجهد“، ”پيغام لطيف“، ”جيئن ڏٺو آ مون“، ”جديد سياست جا نورتن“، ”سنڌ جا سورما“، ”موجوده سياسي مسئلا“، ”جنب گذارين جن سين“، (ٻه ڀاڳا) ”رهاڻ“، (ميران محمد شاهه جا خط) ”شاهه لطيف جون ڪافيون“، ”ساهڙ جا سينگار“، ”علامه آءِ آءِ قاضي جا خط“، ”ديارِ دل ۽ داستان محبت“، ”پنهنجي ڪهاڻي پنهنجي زباني“، ”سنڌوءَ جي ساڃاهه“ (ٻه جلد) ۽ ٻيا ڪتاب آهن، سائين جي ايم سيد جا لکيل ڪتاب سندن تحريرون، تقريرون، مضمون ۽ مقالا، سنڌي قوم لاءِ، ٻولي ۽ ادب لاءِ هڪ گر انقدر اثاثو آهن. سلام انڙ لکي ٿو ته، ”جي ايم سيد جي لکيل سموري مواد جو تجزيو جيڪڏهن ترتيب وار ڪجي ته ان جا چار مکيه تفصيلي نڪتا آهن، (۱) سنڌ جي تاريخ ۽ تمدن جو جائزو، (۲) سنڌ جي تاريخ ۽ تمدن جي پسمنظر ۾ سنڌي قوميت جو نظريو، (۳) جي ايم سيد جي نجي شخصي زندگي، انهن نڪتن ۾ جدلياتي گردش نظر اچي ٿي، چار ئي نڪتا هڪٻئي تي نه رڳو اثرانداز ٿين ٿا، پر هڪٻئي کي واري واري تي سڏين به ٿا، انهن چئن نڪتن جو رشتو (تاريخ ۾ پهريون ڀيرو) سنڌ جي نيشنلزم جي تشڪيل ڪري ٿو، نظريا کڻي ڀلي سماجي هجن ۽ اجتماعي مفاد لاءِ هجن، پر انهن جي جوڙجڪ انفرادي شخصيتن ذريعي ٿئي ٿي، ٻڌمت جو ذڪر گوتم ٻڌ کانسواءِ ناممڪن آهي، مارڪسزم جو ذڪر ڪارل مارڪس کانسواءِ ممڪن ناهي، تيئن سنڌي قوميت جي نظرئي کي جي ايم سيد کانسواءِ ڏسڻ تاريخ سان ڏنگايون ڪرڻ برابر آهي.
سائين جي ايم سيد جي ڪتابن ۾ هن جي سياسي زندگيءَ جا تجربا آهن، ملڪي حالتون ۽ پاڪستان جي سياست جي باري ۾ جيڪو ڪجهه هن مشاهدو ڪيو آهي، سو لکيو آهي. ثقافت، سنڌي ٻولي ۽ ادب جي موضوعن تي پڻ سندن ڪتاب جو آڌار آهي. در حقيقت سندس لکيل هڪ هڪ حرف، هڪ هڪ پنو، سنڌ ۽ سنڌ جي ٻولي ۽ سنڌي قوم جي ترقيءَ جي لاءِ آهي، ”سنڌ جهنگ جبل نديون، نالا ميدان ۽ کيت يا رڳو جاگرافيائي ليڪن جي مادي وجود جو نالو نه آهي، پر سنڌ جو هڪ ازلي روح آهي، سائين جي ايم سيد کي سمجهڻو آهي ته پوءِ سنڌ جي ازلي روح کي سمجهڻو پوندو، جتان لطيف ۽ سچل، سامي ۽ بيدل جي فڪر جا آبشار ڦٽن ٿا، رڳو سکڻي سياسي نعريبازيءَ سان تبديلي ناهي اچڻي، تبديليءَ لاءِ پنهنجي پاڻ کان ابتدا ڪرڻي پوندي، پاڻ کي هڪ نئين انسان، سجاڳ انسان، باشعور انسان ۾ تبديل ڪرڻو پوندو.“
سائين جي ايم سيد سنڌي قوم کي پنهنجي تحريرن معرفت وطن دوستيءَ جو سچائي ۽ ايمانداريءَ جو، صداقت ۽ محبت جو، سبق ڏنو، سندن حوصلا بلند ڪيا، کين اٿاهه مايوسين ۽ نااميدين جي ڪُنن مان ڪڍيو، اديبن ۽ ادبي سنگت کي ڪم ڪرڻ لاءِ شوق پيدا ڪيو، ماڻهن ۾ اتحاد، ٻڌي ۽ محبت جي جذبي جا سبق ڏنا ته کين غفلت ۽ گمراهيءَ مان ڪڍڻ جا جتن ڪيا. هو شاهه جو وڏو شيدائي هو، شاهه جي شاعريءَ معرفت هُن سندس پيغام کي ماڻهن تائين منفرد نموني پهچايو آهي، جنهن ۾ هن سنڌ واسين کي پنهنجي هر شيءِ تي فخر ڪرڻ جي تلقين ڪئي ۽ ساراهيو آهي، کيس معلوم هو ته جيستائين قوم ۾ خوف شناسي ۽ خود داري پيدا نه ٿيندي تيستائين پنهنجي پيرن تي بيهڻ جي طاقت نه پيدا ٿيندي، لکي ٿو ته،
”منهنجو اهو پڪو ويساهه آهي ته شاهه عبداللطيف سنڌ جو قومي شاعر آهي، شاهه جي ڪلام ۾ جيڪا نمايان ڳالهه ڏسڻ ۾ ايندي سا سنڌ جي اڪير ۽ محبت آهي، سنڌين جي خانا جنگي، آرام طلبي کيس ڏک ٿي ڏئي ۽ هو کين وڳر ڪري محبت ميٺ سان رهڻ لاءِ وطنيت جا سبق ٿو ڏئي، غافل غفلت ڇوڙ جون تنبيهون ٿو ڪري.“
پاڻ شاهه جي ڪلام مان منتخب واين ۽ ڪافين جو مجموعو پڻ ترتيب ڏنائون، اهڙيءَ ريت سندن ادبي ۽ علمي ڪوششون اعليٰ پائي جون آهن، سندن هر تحرير هر ڪتاب ۾ مقصدي ادب آهي چاهي “جيئن ڏنو آهي مون“ هجي يا ”نئين سنڌ لاءِ جدوجهد“، ”سنڌ ڳالهائي ٿي“ هجي يا ”سنڌوءَ جي ساڃهه“ هن هر هنڌ پنهنجائپ جو ثبوت ڏنو آهي.
سيد صاحب جو حياتيءَ ۾ انيڪ سياستدانن، عالمن، اڪابرن، مفڪرن، اديبن، شاعرن، آفيسرن، وزيرن، اميرن، ملڪ جي سربراهن ۽ ٻين شخصيتن سان واسطو رهيو ۽ انهن سان ڪيترن سان اڪثر خط و ڪتابت پڻ رهي، جنهن مان سندن حياتيءَ جي مختلف رخن تي روشني پوي ٿي. ساڻس وڏيون سنڌ جون شخصيتون واسطي ۾ هيون، جيئن سر شاهنواز ڀٽو، خان بهار ايوب کهڙو، پير حسام الدين راشدي، ميران محمد شاهه، محمد صديق ميمڻ، ميان امين کوسو ۽ ٻيا ڪيترا اهم ماڻهو هئا. ميان امين کوسي ۽ ميران محمد شاهه سان خط و ڪتابت تي مشتمل ڪتاب رهاڻ ڇپيل آهي. سنڌ صاحب جي حياتيءَ ۾ خط و ڪتابت جي تحرير کي خاص اهميت هئي، پاڻ پنهنجي نياڻيءَ ڊاڪٽر در شهوار کي سندس لنڊن ۽ ڪراچيءَ جي تعليم واري دور ۾ گهڻا خط لکيائون، جن مان ڪجهه خطن جو ڪتاب ”ڏونگر سي ڏورينديون“ جي عنوان سان ڇپيل آهي، ان کانسواءِ سندن ڪتاب ”جديد سياست جا نو رتن“ ۾ جي ايم سيد ۽ پير علي محمد راشديءَ جا خط آهن، هن ڪتاب ۾ راشدي صاحب کين هن ريت مخاطب ڪيو آهي.
”منهنجا پيارا سيد، زندگيءَ جو لطف ئي وڃي هليو، جڏهن ان کي ماڻهن جي ٺاهيل قانونن جي تابع بڻائجي ٿو، دستورن جي متابعت ڪڏهن به زندگيءَ ۾ موج نه آندي آهي، اهو انقلاب ئي آهي جو ان ۾ دائمي تازگي کي پيدا ڪري ٿو، پاڻ کي انقلاب جي ڪُن ۾ اڇلي ڇڏ، زندگي چرپر جو ٻيو نالو آهي“. سيد صاحب خود پنهنجي حياتي بابت لکي ٿو ته، ”مون کي جي ڪا به ڳالهه آٿت ڏيندڙ رهي هئي ته اها هيءُ هُئي ته منهنجي ساري ڪارڪردگي، هر موقعي تي، خود مطلبيءَ، چاهه طلبيءَ، بزدليءَ ۽ خريد ٿي وڃڻ جي آلائشن کان ڪجهه مڙيو ئي پري هئي.



سائين جي ايم سيد
سنڌ جو عظيم اڳواڻ
سوڀو گيانچنداڻي
سائين جي ايم سيد سان منهنجي پهرين ملاقات، جيستائين ياد اچيم ٿو ۱۹۴۵ع ۾ ٿي. ڪامريڊ جمال الدين بخاري، جيڪو ان وقت سنڌ ڪميونسٽ پارٽيءَ جو سيڪريٽري هيو، اهو مون کي شاهه صاحب جي جاءِ ساڳي حيدر منزل تي وٺي هليو ۽ منهنجي واقفيت شاهه صاحب سان ڪرايائين. اها مون کي خبر هئي ته شاهه صاحب ڳچ دفعا بمبئيءَ ۾ ڪميونسٽ هيڊ ڪوارٽرس جا چڪر هڻي آيو هو ۽ پاڪستان کي جنهن طريقي سان انڊين ڪميونسٽ پارٽيءَ پيش پئي ڪيو، ان لحاظ کان سيد صاحب کي اها ڳالهه خاصو متاثر پئي ڪري. اها ڳالهه شايد اڄڪلهه جي پيڙهيءَ کي عجيب لڳي، ته ڪميونسٽ پارٽي آف انڊيا CPI پاڪستان کي مسلم گهڻائيءَ وارن علائقن جي حق خود اختياريءَ سان تشبيهه ڏني هئي ۽ گانڌيءَ ۽ جناح جي ملڻ ۽ ٺاهه ڪرڻ لاءِ سخت ڪوششون ڪيون هيون، جنهن ڪري گانڌي ۽ جناح ٽي چار دور ملاقاتن جا ڪري چڪا هئا ۽ آخر تائين انهن ٻنهي ۾ ٺاهه ٿي نه سگهيو هو.
شاهه صاحب اٿندي ئي مون کي چيو هو ته؛ توهان ڪميونسٽ عوام جي دماغ کي اپيل ڪيو ٿا ۽ مان عوام جي جذبات کي اپيل ڪيان ٿو. منزل اسان جي ساڳي آهي.
مون کي ياد آهي ته مون کيس اهو ئي چيو هو ته؛ اسان ڪميونسٽ نه صرف ماڻهن جي دماغ کي اپيل ڪيون ٿا، پر انهن جي پيٽ کي به اپيل ڪريون ٿا، ڇو ته اڪثر انسان پنهنجي پيٽ جي مسئلن جي حوالن سان سوچين ٿا.
ان کان پوءِ منهنجو رابطو شاهه صاحب سان ۱۹۵۲ع ۾ مارچ جي ٽين تاريخ ٿيو، جڏهن مان جيل مان ڇُٽي، پنهنجي سنگت سان مليس ۽ جيئن ته اهو امڪان هو ته مان ٻئي ڏينهن يعني چوٿين مارچ تي وري گرفتار ٿي وڃان، تنهن ڪري ڪامريڊ پوهوءَ جو چوڻ هو ته پنهنجي وڌ ۾ وڌ دوستن سان مون کي رات جي پيٽ ۾ ملڻ گهرجي. سو رات جو يارهين وڳي وڃي شاهه صاحب جو دروازو کڙڪايوسون. شاهه صاحب پاڻ اٿي آجيان ڪئي. ان ملاقات ۾ مون کي پهريون دفعو معلوم ٿيو ته شاهه صاحب مون کي چئن سالن جي نظربندي مان ڇڏائڻ لاءِ ڪيڏي ڪوشش ڪئي هئي.
تنهن کان پوءِ مارچ ۱۹۵۷ع تائين عوامي محاذ، هاري ڪاميٽي، نيشنل پارٽي ۽ بعد ۾ نيپ جي پليٽ فارمن تي، سائين جي ايم سيد سان لاڳاپيل رهيس. ان دور ۾ اردو اخبارن کي سيد خلاف زهر ڦهلائڻو هوندو هو ته لکنديون هيون. ”جي ايم سيد جي دماغ تي ٻه هندو ڪميونسٽ ڇانيل آهن، سوڀو ۽ پوهو.“
حقيقت اها آهي ته شاهه صاحب سان اسان جو ساٿ ذهني ۽ سياسي بنيادن تي رهيو ۽ آهي. شاهه صاحب سنڌ جي پراڻن سياستدانن مان اڪيلو ماڻهو هو، جنهن اسان کي پنهنجو سمجهيو ۽ پنهنجي ڇٽيءَ جي ڇانو هيٺ جاءِ ڏني، جنهن وقت اسان ڪامريڊن لاءِ سنڌ جي ڌرتي گرم ٿي چڪي هئي يا تائڙي ٿي چڪي هئي.
جولاءِ ۱۹۵۴ع ۾ ڪميونسٽ پارٽيءَ تي پابندي پئي ته سيد صاحب پيرزادي عبدالستار تي زور رکي، باقي سمورن ڪميونسٽن کي جيل ۾ پوڻ کان بچائي ورتو. البت پيرزادي عبدالستار کي اها همت نه ٿي جو مون کي گرفتار ڪرڻ کان انڪار ڪري. ڇو ته ان وقت مان سنڌ ۾ سڀني کان وڌيڪ نالي چڙهيو ڪميونسٽ هوس ۽ جي ايم سيد ۽ اسان جي کاٻي ڌر جي تنظيمن وچ ۾ رابطي جو ذريعو سمجهيو پئي ويس. ان ۾ شڪ نه آهي ته سائين جي ايم سيد ۽ مان ساڳي Wave Length تي سوچيندا رهيا آهيون ۽ اڪثر مسئلن تي پنهنجي پنهنجي نقطه نگاهه کان سوچيندي ساڳي حل تي پهتا آهيون.
سائين جي ايم سيد منهنجي نظرن ۾ هڪ عظيم قوت، سنڌ جي سڃاڻپ، آزاديءَ ۽ ڏاهپ جو علمبردار ۽ روشنيءَ جو منارو رهيو آهي. ۱۹۵۵ع ۾ ون يونٽ ٿيو ته سيد کي گرفتار ڪري حيدرآباد جيل ۾ وٺي آيا، هو ڪجهه وقت مون سان گڏ هيو. منهنجي وهم گمان ۾ به ڪو نه هو ته ٽن سالن جي جوڙ توڙ جي جدوجهد بعد سائين جي ايم سيد اسان جي پنجابي ڀائرن کي ون يونٽ ٽوڙڻ لاءِ قائل ڪري وجهندو. ون يونٽ جو هيڊ ڪوارٽر لاهور ۾ ان لاءِ قائم ڪيو ويو هو ته سنڌ جي ڦرڻي گهرڻي سياست کي پنجاب جي مستحڪم گهڻائي ۾ ٺهراءُ ۽ مضبوطي پيدا ٿيندي پر سيد صاحب جڏهن ون يونٽ جي اسيمبليءَ ۾ لاهور پهتو ته سندس پارٽيءَ جي اٺن ميمبرن ون يونٽ جي سؤ ميمبرن کي چڪر ۾ آڻي ڇڏيو. هر ڪو سندس سلامي ٿيو. هن ريپبليڪن پارٽيءَ جي سردار رشيد خلاف آوشواس جو ووٽ پيش ڪيو. جنهن جي نتيجي ۾ دولتانه جي مسلم ليگ مخالف پارٽيءَ ون يونٽ کي ڊاهڻ لاءِ اسمبليءَ ۾ ٺهراءُ پيش ڪيو ۽ ان جي تائيد سردار رشيد جي ريپبلڪن پارٽيءَ به ڪئي. پوءِ ون يونٽ کي ڊاهڻ جو ٺهراءُ يڪراءِ سان اولهه پاڪستان يعني ون يونٽ جي اسيمبليءَ ۾ پاس ٿيو ۽ ان جي تائيد، اوڀر پاڪستان جي اسيمبليءَ پڻ ڪئي.
اهو سيد صاحب جو ڪارنامو هو جو قانوني ۽ آئيني جدوجهد ذريعي، ٽن سالن جي مختصر عرصي اندر، ون يونٽ جي بنياد وجهندڙن کان اهڙو ٺهراءُ پراس ڪرايائين، جو هو پنهنجي ٿُڪ چٽڻ تي آماده ٿيا!
ان دور ۾ منهنجا شاهه صاحب سان ڪجهه اختلاف، مسلم ليگ سان ٺاهه ڪرڻ جي حوالي سان ٿيا هئا، پر مان سيد کي شاباس ڏيندس، جو هن ۽ منهنجي وچ ۾ ڪڏهن به اختلافن، شدت اختيار نه ڪئي آهي ۽ ڪميونسٽن جي سخت لاک لاهيندي به سيد صاحب هميشه مون کي پنهنجي محبت ۽ عزت سان نوازيو آهي. نه رڳو ايترو پر پنهنجي مريدن کي به روڪيندو آهي ۽ مون کي ”صالحين“ ۾ شمار ڪندو آهي.
سيد صاحب سنڌ جي تاريخ ۾ وڏو اضافو ڪيو آهي. نه صرف هن عملي جدوجهد ذريعي ”نئين سنڌ“ پر پنهنجي قربانين سان سنڌ اندر جدوجهد جي لاٽ روشن رکي آهي. پنهنجي ڪتابن ذريعي جيڪا هن علمي جدوجهد ڪئي آهي، تنهن جي نتيجي ۾ سٺ ۽ اسيءَ وارن ڏهاڪن ۾ جيڪي سياسي ورڪرن جا پنج ڇهه فصل تيار ڪيا آهن، انهن ذريعي سنڌ جي وجود ۽ پاڪستان اندر جمهوريت جي جدوجهد قائم ۽ دائم رکي آهي. ان ۾ شڪ نه آهي ته جيڪڏهن سيد نه هجي ها ته شايد سنڌ جي وجود لاءِ جيڪو تاڃي پيٽو تيار ٿيو آهي، تنهن ۾ ممڪن آهي ته اڃا به وڌيڪ سال لڳي وڃن ها.
سيد جي تعريف يا ساراهه ڪندي اهو نه وسارڻو آهي ته ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، جي هاري ڪاميٽيءَ ۽ ڪميونسٽ پارٽي، سنڌ جي وجود ۽ پاڪستان اندر رهندڙ ٻين قومن جي وجود ۽ آزاديءَ لاءِ جدوجهد به جس لائق آهي. سيد ۽ اسان جون عوامي جماعتون، ٻنهي ملي ڪري پاڪستان اندر عوامي جدوجهد جي لاٽ ٻرندي رکي آهي.
سيد جي ذريعي، اسان خان عبدالغفار خان ۽ سرحد جي عوامي تحريڪن، بلوچستان جي عوامي تحريڪن ۽ اوڀر پاڪستان جي عوامي تحريڪن سان مسلسل لاڳاپو قائم ڪيو. ان مان نه صرف قومي تحريڪن کي فائدو پهتو، پر ساڳئي وقت ٽڙيل پکڙيل ڪميونسٽ ۽ سوشلسٽ پليٽ فارمن کي گڏي، قومي ليول تي هڪ فعال رول ادا ڪرڻ ۾ مدد ملي.
سيد صاحب پنهنجي مسلسل نظربنديءَ ۽ وڏي عمر جي باوجود پنهنجو ”قبلو“ درست رکيو آهي. اڄ هو سنڌ، جمهوريت ۽ عوام جي ڀلي لاءِ جدوجهد ڪندڙ هزارين نوجوانن جو عظيم رهنما ۽ محبوب ليڊر آهي. ساڻس جزوي طرح ڪن پاليسين تي اختلاف ڪري سگهجي ٿو، پر اهو مڃڻ ۾ مون کي ذرو به شڪ نه آهي ته سيد صاحب کان سواءِ سنڌ ايترو جلد سياسي طرح اڳتي نه وڌي ها ۽ نه مظلوم قومن جي رهنمائي جو رول ادا ڪري ها، جهڙو تمام مشڪل حالتن ۾ سنڌ جي نوجوانن ادا ڪيو آهي.
بلوچستان جي عوامي ليڊرن بزنجي، مريءَ، بگٽيءَ ۽ مينگل جيڪو انقلابي ۽ هٿياربند مزاحمتي تحريڪن جو رستو ڏيکاريو آهي ۽ سنڌ پنهنجي مخصوص حالتن ۾ سيد جي اڳواڻيءَ هيٺ آئيني ۽ قانوني طريقن سان جدوجهد جو رستو ڏيکاريو آهي. اهڙا به ڪي آهن، جيڪي سيد جي غلطين کي معاف ڪري نه سگهيا آهن، جن جو ذڪر هو پنهنجي خلاصين محفلن ۾ وڏي فراخدليءَ سان ڪندو آهي، پر مان ان راءِ جو آهيان ته سيد جو ڏاڻ هن جي غلطين کان تمام گهڻو وڌيڪ آهي.



جي ايم سيد
مدبر سياستدان ۽ سنڌ جو سچو عاشق
ايم ايڇ پنهور
مون پهريون ڀيرو شيخ عبدالمجيد سنڌي، جي ايم سيد ايوب کهڙي، علي محمد شاهه راشدي، سر شاهنواز ڀُٽي ۽ سر عبدالله هارون جا نالا پنهنجي وڏڙن کان ٻڌا، ان وقت آئون ڇوڪرو هئس، مون کي ڄاڻ ملي ته اهي سمورا اڳواڻ سنڌ کي بمبئي پريزيڊنسي کان ڌار ڪرڻ جي تحريڪ هلائي رهيا آهن. سنڌي ٻوليءَ ۾ سنڌ تي پهريون ڪتاب ”الوحيد آزاد نمبر“ هو جيڪو ۱۹۳۶ع ۾ شايع ٿيو، جنهن ۾ سنڌ ۾ خدمت ڪندڙ شخصيتن جون تصويرون هيون، جي ايم سيد کي پهريون ڀيرو باغبان ويجهو مخدوم بلاول جي مسجد ۾ خطاب ڪندي ڏٺم، سمجهه ۾ ته تمام ٿورو آيو پر چاچا ڳوٺ واپس اچي ٻڌايو ته هو هندن وٽ مسلمانن جي گروي پيل زمين ڇڏائڻ، مسلمانن جي کنيل قرض جي وياج کي ختم ڪرائڻ، زمين جي منتقلي، ۵۰۰ کان وڌيڪ آبادي واري هر ڳوٺ ۾ اسڪول کولڻ ۽ اهڙين ٻين شين جون ڳالهيون ڪري رهيو آهي.
۱۹۴۰ع ۾ جي ايم سيد سنڌ جي تعليم جو وزير بڻيو ته هن حڪم جاري ڪيو ته سيڪنڊري هاءِ يا اينگلو ورناڪيولر اسڪول جو هر شاگرد کي خاڪي شرٽ ۽ نيڪر (چڍي) پائي ايندو، جنهن تي مسلمانن خاص طور سخت مخالفت ڪئي. مخالفت ۾ نظم به لکيا ويا. جي ايم سيد جي استعيفيٰ کان پوءِ پير الاهي بخش تعليم جو وزير بڻيو. هو خاڪي يونيفارم پويان سماجي رتبي ۽ سماجي سرگرمين جي اهميت کي نه سمجهي سگهيو ۽ يونيفارم تي پابندي هڻي ڇڏي. جي ايم سيد موسيقي کي هٿي وٺرائڻ جو به حڪم ڏنو ۽ اسڪولن ۾ ڪلاس هليا ۽ فنڪارن کي استاد طور ڀرتي ڪيو ويو پر مسلمان شاگرد ان جي اهميت نه سمجهي سگهيا، کين اها ڳالهه ريڊيو ۽ ٽي وي جي اچڻ کان پوءِ سمجهه ۾ آئي جڏهن سنڌي اتي موجود ئي نه هئا. ڪجهه خاڪسارن جڏهن قائداعظم تي حملو ڪيو ته ان جو جي ايم سيد کي ڏاڍو صدمو رسيو ۽ اهو سڀ ڪجهه ٻڌي هو بيهوش ٿي ويو. آئون ۽ ڊاڪٽر نورحسن انصاري گڏجي کيس ڏسڻ اسپتال وياسين. جي ايم سيد هوش ۾ هو، هن ڊاڪٽر انصاري (جيڪو اڳوڻو خاڪسار هو) کي چيو ته ڇا خاڪسار اهڙا هوندا آهن، مون کي يقين نه ٿو اچي ته ڪو سنڌي به انتهاپسند ٿي سگهي ٿو، مون کي جناح سان اختلاف آهي پر سندس حياتي کسڻ جو سوچي به نه ٿو سگهان. مون ۲۰ سالن کان پوءِ افواهه ٻڌو ته قائداعظم تي حملو ڪندڙ خاڪسار غلام نبي سومرو هو جيڪو حيدرآباد جو رهواسي هو ۽ ڪنگ جارج زرعي ڪاليج سڪرنڊ ۾ پڙهندو هو پر کيس پرنسپل ڊاڪٽر اي ايم شيخ ڪاليج ۾ حاضر ڄاڻائي بچايو.
جي ايم سيد کي بعد ۾ مسلم ليگ مان نيڪالي ڏني وئي، پر پوءِ به کيس پارٽي ۾ قدر جي نگاهه سان ڏٺو ويندو هو. هن ”قرباني“ اخبار شروع ڪئي ته اها مسلم ليگ مخالف هوندي به مسلمان شاگردن ۾ تمام گهڻو مقبول ٿي. ان جي مضمونن ۾ سچ شامل هوندو هو. ۱۹۴۶ع ۾ گورنر سرفرانسز مودي اسيمبلي ٽوڙي چونڊون ڪرايون ته قائداعظم ڪراچي جي عيدگاهه ميدان ۾ جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته توهان هڪ لک ماڻهو آهيو ۽ جي ايم سيد اڪيلو آهي، وڃو ۽ وڃي کيس شڪست ڏيو. اهو ٻڌي ڪجهه شاگرد ته سن روانا ٿيا پر ٻين ان کي نظرانداز ڪيو. قائداعظم ۱۱ آگسٽ ۱۹۴۷ع واري جڳ مشهور تقرير ڪئي ته اسان هندو، مسلمان، سک نه پر رڳو پاڪستاني آهيون. فيبروري ۱۹۴۸ع ۾ آئون ۽ منهنجو دوست محمد شفيع جي ايم سيد سان ملياسين (آئون سنڌ مسلم اسٽوڊنٽس جو وائيس چيئرمين ۽ محمد شفيع جنرل سيڪريٽري هو). جي ايم سيد چيو ته هندو ۽ سک شاگرد وڃي رهيا آهن ۽ تنظيم ختم ٿي ويندي توهان پارسين ۽ عيسائين سميت سڀني شاگردن کي پاڻ سان کڻو ۽ فيڊريشن جي صوبائي ورڪنگ ڪميٽي جو اجلاس سڏائي تنظيم مان لفظ ڪڍي ڇڏيو. جنهن سان سنڌ جي سڀني شاگردن کي هڪ پليٽ فارم ملندو. اسان اجلاس ڪوٺايو ته حيرت انگيز طور سمورن سنڌي شاگردن يڪراءِ ان قدم جي حمايت ڪئي پر ۵۰-۱۹۴۹ع ۾ سنڌي شاگردن کي ڪراچي مان ڪڍيو ويو جنهن کان پوءِ تنظيم جي اهميت ختم ٿي وئي.
جي ايم سيد کي مسلم ليگ مان نيڪالي ملڻ کان پوءِ سنڌ مسلم اسٽوڊنٽس جي اڪثريت سندس دشمن ٿي پئي پر هن ۽ شيخ عبدالمجيد سنڌي ۱۵ ڊسمبر ۱۹۴۷ع تي اسان سان ملاقات ڪئي. جي ايم سيد جو چوڻ هو ته افواهه آهن ته خان آف قلات آزادي جو اعلان ڪرڻ وارو آهي ۽ مير غلام علي ٽالپر جي قيادت ۾ سنڌ جا بلوچ قبيلا ساڻس گڏجڻ ۽ سنڌو درياهه جي اولهه ڪناري وارا علائقا بلوچستان ۾ شامل ڪرڻ چاهين ٿا اثررسوخ سبب مير بنده علي ٽالپر ۽ ٻيا مير حيدرآباد ۽ ٿرپارڪر ضلعا به ان ۾ شامل ڪرڻ جا خواهش مند آهن. ٻين علائقن تي يا ته وڏيرن جو قبضو هوندو يا وري هندستان جي اثر هيٺ ويندا. اسان کي سنڌ کي متحد رکڻو آهي. خان آف قلات ناڪام ويندو ۽ پاڪستاني فوج کيس چيڀاٽي ڇڏيندي پر ان تحريڪ جو سنڌ جي مستقبل تي به اثر پوندو. مير ۽ بلوچ ڪامياب نه ٿي سگهندا ۽ پنهنجي ٻرن ۾ لڪي ويندا ۽ هي افواهه ڪجهه ڏينهن ۾ ختم ٿي ويندا. لياقت علي خان پاڪستان جي ڪنهن به حصي مان چونڊجي نه ٿو سگهي ان لاءِ هو سڄي هندستان جي مسلمانن کي ڪراچي ۾ آباد ڪري رهيو آهي. ايوب کهڙي سندن کوکراپار کان داخلا بند ڪئي آهي پر هو کين بندرگاهه ۽ لاهور وسيلي گهرائي رهيو آهي. خان عبدالغفار خان قائداعظم کي پاڪستان پيپلز پارٽي يا ليگ ٺاهڻ جي صلاح  ڏيڻ وارو آهي کيس اسان کي ۽ ملڪ کي هڪ سيڪيولر پارٽي جي ضرورت آهي. پاڪستان ٺهڻ جو نتيجو سنڌ جي فتح جي صورت ۾ نڪتو آهي. ڪراچي کي سنڌ کان ڌار ڪيو پيو وڃي ايوب کهڙو انڪاري آهي پر پيرالاهي بخش حوالي ڪري ڇڏيندو. جلد اسلام، قائداعظم ۽ پاڪستان جي نالي ۾ اسان جو مستقبل تباهه ڪيو ويندو.
۱۹۵۰ع ۾ جي ايم سيد منهنجي اسڪالرشپ تي آمريڪا وڃي زراعت ۽ سائنس جي تعليم ۽ سکيا وٺڻ جي حمايت ڪئي. مون اتان ”ماڊرن نيشنلٽيز“ نالي ڪتاب آندو جيڪو جي ايم سيد جي سوالن جو جواب ثابت ٿيو. سندس ڪتاب ”موجوده سنڌ جا مسئلا“ هن ڪتاب جي بنياد تي ئي لکيل آهي. ۱۹۴۸ع جي شروع ۾ ايوب کهڙي ڪراچي کي سنڌ کان ڌار ڪرڻ جي مخالفت ڪئي ۽ سنڌ اسيمبلي اهڙو ٺهراءُ يڪراءِ منظور ڪيو. جي ايم سيد کي ۶  مهينن لاءِ نظربند، ايوب کهڙي کي برطرف ڪيو ويو ۽ پيرالاهي بخش وڏو وزير بڻجي ڪراچي جي سنڌ کان عليحدگي قبول ڪئي. جي ايم سيد جي نه هوندي شاگردن جي پويان ڪابه طاقت نه رهي پر نفرتون موجود رهيون ۽ ايتريون وڌي ويون جو قائداعظم جون تصويرون به دڪانن تان لاهڻيون پئجي ويون. آزاد ٿيڻ تي جي ايم سيد جو شاندار آڌر ڀاءُ ڪيو ويو. جي ايم سيد ۱۹۵۳ع جي چونڊن ۾ ڪامياب ٿي سنڌ اسيمبلي پهتو ۽ سندس حمايت سان عبدالستار پيرزادو وڏو وزير بڻيو. سنڌ زرعي ڪميشن جوڙي وئي. جي ايم سيد کي سنڌ جي زراعت ۽ ان کي جديد بڻائڻ جو تمام گهڻو اونو هو. هن زرعي سڌارا ۽ ٽريڪٽر سنڌ آڻڻ چاهيان پئي پر وفاقي حڪومت سرحد ۽ پنجاب ۾ ته ڪم ڪيو پر سنڌ ۾ ڪم ڪرڻ نه ڏنو. جي ايم سيد جي صلاح تي ئي ڀٽ شاهه ۾ ريسرچ سينٽر قائم ٿيو. گورک هل اسٽيشن به سندس ئي آئيڊيا هو. منهنجي خيال ۾ گورک تي هل اسٽيشن بڻجي نه ٿي سگهي. صوبائي حڪومت جي صلاح تي وفاق اترين علائقن کي اوليت ڏيندي گورک وارو منصوبو رد ڪيو.
ون يونٽ
آڪٽوبر ۱۹۵۵ع کان ۱۹۵۸ع تائين جي ايم سيد لاهور ۾ ۶ حمايتين سان گڏجي ون يونٽ خلاف مهم هلائي. ايتري ٿورن ماڻهن سان گڏ شروع ڪيل تحريڪ ايتري ڪامياب ٿي جو سيپٽمبر ۱۹۵۸ع ۾ اولهه پاڪستان اسيمبلي جي ۳۱۱ ميمبرن واري ايوان ۾ اڳوڻن صوبن جي بحالي وارو ٺهراءُ آندائين. ۷ آڪٽوبر ۱۹۵۸ع تي مارشل لا لڳائي جي ايم سيد کي گرفتار ڪيو ويو ۽ ٽن سالن بعد آزاد ٿيو. سندس چوڻ هو ته مارشل لا رڳو ون يونٽ بچائڻ ۽ ڪوٽڙي ۽ گڊو بئراج جي ۲۷ لک ايڪڙ زمين تي قبضي لاءِ لڳايو ويو هو. سکر بئراج جي ۵ ڪروڙ ۴۰ لک ايڪڙ زمين تي قبضو ٿيو آهي جي ايم سيد ۲ لک ايڪڙن تي ٿيڻو آهي ان لاءِ ۱۹۶۰ع واري ڏهاڪي ۾ جمهوريت نه ايندي.
جي ايم سيد بهترين آبادگار به هو، وٽس سن ۾ ۶۰۰ ايڪڙ باراني زمين هئي جيڪا شاهه اويس پمپنگ ڪئنال وسيلي سيراب ٿيندي هئي. کيس هميشه پوکي جي جديد طريقن ۾ دلچسپي رهي. کيس ڄاڻ هئي ته درياهه سن کي ڪڏهن به نه ٿو پائي يا ٻوڙي سگهي پر سن واهه شهر کي کائي سگهي ٿو. هن ان کان بچاءَ جا طريقا به پڇيا جيڪي مون کيس ٻڌايا. هن فيبروري ۱۹۶۱ع مون کي محمد ابراهيم جويي، حسام الدين شاهه راشدي، غلام رباني آگري ۽ ڪرنل راشد کي رني ڪوٽ تائين پهچڻ جي سهولت فراهم ڪئي. هن مون کي ٻڌايو ته ذوالفقار ڀٽو مون وٽ آيو هو ۽ چيائين ته ايوب خان پاڻ ووٽن لاءِ هلي اچڻ لاءِ تيار آهي مون حمايت کان انڪار ڪندي کيس ٻڌايو ته تو وڏيون ڪاميابيون ماڻيون آهن ۽ جنهن تي اسان کي فخر آهي پر ايوب توکي گهڻو وقت برداشت نه ڪندو ۽ توکي فارغ ڪندو ان لاءِ خبردار رهجان، سيد مون کي سندس ۽ قائداعظم وچ ۾ ٿيل رابطن جا ثبوت به ڏيکاريا ۽ هن ان جو ذڪر پنهنجي ڪتاب ”اسٽرگل فار نيو سنڌ“ ۾ به ڪيو آهي.
جي ايم سيد کي رني ڪوٽ جي تاريخ جي به مڪمل ڄاڻ هئي ۽ هن اسان کي ڪوٽ جي دروازن جا نالا به ٻڌايا. ڪرنل راشد جو رني ڪوٽ تي آرٽيڪل اقبال رويو ۾ ڇپيو. کيس مڃتا ملي ۽ هن جي ايم سيد جي دعوت جناح اسپتال ۾ ڪئي جتي هو ايم ايس هو، هن سيد جي ساراهه ڪئي پر جڏهن سيد کي ان اسپتال مان علاج ڪرائڻ جي ضرورت پئي ته هن اهو چئي انڪار ڪيو ته هو ڪنهن ملڪ دشمن جو علاج نه ٿو ڪري سگهي جنهن جو سڀ کان وڌيڪ ڏک حسام الدين راشدي کي ٿيو جنهن ڪرنل کي سيد سان متعارف ڪرايو هو. سيد جي اڳ ڪٿي موجب جنوري ۱۹۶۶ع ۾ تاشقند ٺاهه بعد ايوب خان ذوالفقار ڀُٽي ۽ نواب آف ڪالاباغ کي حڪومت مان ڪڍي ڇڏيو ڇو ته ٻنهي کي تمام گهڻي اهميت ملي هئي. ۱۹۶۵ع ۾ جي ايم سيد سان ملاقات ٿي ته ايوب خان جي زميني سڌارن جي حمايت ڪيائين جنهن مون کي حيران ڪري ڇڏيو. سندس موقف هو ته زميني سڌارن سان جاگيردارن جو زور ٽٽندو ۽ نئون وچولو طبقو جڙندو، زمين توڙي جو ڌارين کي ملندي پر يا ته اهي سنڌ ۾ ضم ٿيندا يا وري زمين سنڌي وچولي طبقي کي وڪڻي واپس هليا ويندا ۽ ڪجهه سالن بعد سيد جو اهو موقف به درست ثابت ٿيو. ايوب دور جي ڪرپشن لاءِ هن ملڪي ساخت کي ذميوار قرار ڏنو. آزادي کان اڳ ڪرپشن ڏوهه هو پر پاڪستان ۾ ان کي جائز سڏيو ويندو آهي.
جي ايم سيد کي ٻه قومي نظريي ۽ پاڪستان مخالف قرار ڏئي ٻه سال قيد ڪيو ويو ۽ ۱۹۶۸ع ۾ آزاد ٿيو. کيس ٻڌايم ته حڪومت علي محمد شاهه راشدي کي سندس ڪتاب ”جنب گذاريم جن سين“ جو جواب لکڻ لاءِ چيو آهي. سيد چيو ته مون ڪتاب تي محنت ڪئي آهي پر ان جي نتيجي ۾ هاڻ سنڌي ادبي بورڊ تي ڏکيا ڏينهن ايندا. ٻيو ڇاپو نه ايندو ۽ بورڊ هاڻ رڳو ٻئي درجي جا ڪتاب شايع ڪندو. سندس ڪتاب ”موجوده سياست جا نَوَ رتن“ ۽ ”جيڪي ڏٺو مون“ انگريزي ۾ ترجمو ڪري سيڪريٽري اطلاعات کي ڏنا ويا پر انهن تي اهو چئي پابندي نه هنئي وئي ته پهريون ڪتاب قائداعظم، علامه اقبال ۽ سرسيد احمد خان ۽ ٻيو مذهب خلاف آهي جنهن سان سندس ئي ساک خراب ٿيندي. هن سنڌ جي بمبئي کان ڌار ٿيڻ بابت ڪتاب ۾ سنڌ کي پنجاب جو حصو بڻائڻ جي ڪوششن بابت ذڪر شايع نه ڪيو. هڪ ٻئي ڪتاب ۾ هن ون يونٽ بابت راشدي جو ۱۰ صفحن وارو بيان به ڪڍي ڇڏيو جنهن ۾ ون يونٽ دوران ڪلاس ٿري جون نوڪريون سنڌين کي ڏيڻ جي ڳالهه ڪئي وئي هئي.
جي ايم سيد پنهنجي پئسن مان سياست ڪئي، ۱۹۷۰ع ۾ مجيب الرحمان جي مان ۾ هوٽل انٽرڪانٽينينٽل ڪراچي ۾ دعوت ڪيائين جنهن جو خرچ ڀرڻ لاءِ کيس زمين وڪڻڻي پئي. هن شيخ مجيب جي ڇهن نڪتن جي به حمايت ڪئي. سيد جي چونڊن جو خرچ سيد حسن بخش شاهه ڀريندو هو پر ڀٽو دور ۾ هن اهو چئي خرچ ڏيڻ کان انڪار ڪيو ته حضور جن سندس خواب ۾ اچي کيس مدد ڪرڻ کان روڪيو آهي. سيد سمجهي ويو ته حسن بخش شاهه ذوالفقار ڀُٽي کان ڊڄي ويو آهي. ڀُٽي مخدوم طالب الموليٰ کي اماڻي ملڪ سڪندر جي حق ۾ هٿ کڻڻ جي صورت ۾ ٺٽي مان بنامقابلي ڪامياب ڪرائڻ ۽ پير علي محمد شاهه راشدي کي سيد جي پارٽي سنڌ يونائيٽيڊ فرنٽ جي ٽڪيٽ نه ڏيڻ جي آڇ ڪئي جيڪا هن رد ڪري ڇڏي ۽ چيائين ته مون کي خبر آهي ته آڇ رد ڪري هارائيندس پر منهنجو فيصلو اٽل آهي.
هڪ ڀيري هڪ شخص سيد جي ڍڳي چوري ڪئي ماڻهو کيس پڪڙي وٺي آيا ته چور قرآن پاڪ جو قسم کنيو آهي ته هن ڍڳي نه چورائي آهي. سيد کيس ڇڏي ڏنو. ڪجهه وقت بعد ماڻهو ڍڳي پڪڙي آيا ۽ سيد چيو ته هي ڍڳي منهنجي نه آهي هن قسم کنيو آهي، ان لاءِ ڍڳي کيس الله ڏني آهي. سندس موقف هو ته ۹۹ سيڪڙو ماڻهو قسم تي اعتبار ڪن ٿا ۽ ان جو معاشري ۾ بهترين ڪردار آهي ۽ آئون ان کي جاري رکڻ چاهيان ٿو.
 (ايم ايڇ پنهور جي تاريخي مقالي مان چونڊ ٽڪرا)
سنڌيڪار: جاويد بوزدار




جي ايم سيد
واديءَ مهراڻ جو عظيم قومپرست اڳواڻ
حيدري چانڊيو
ڄام نظام الدين سنڌ جو هاڪارو حاڪم ٿي گذريو آهي ۽ ان وقت دولهه دريا خان سنڌ جو وزيراعظم هو، جيڪو سندس ڀروسي جوڳو ماڻهو هو. پنهنجي گڏيل حڪمت عملي سان سنڌ تمام گهڻي ترقي ڪئي هئي ۽ امن امان جي حالت تمام بهتر هئي، مجال هئي ڪنهن ڌارئي ڌاڙيل جي جو سنڌ ڏي ميري اک ڪري نهاري! هن ڳالهه ۾ ڪو وڌاءُ ڪونه ٿيندو ته ڄام نظام الدين سنڌي قوم جي ماڻهن جي دلين جو شهنشاهه ۽ سندس وزيراعظم دولهه دريا خان سنڌي قوم جي دلين جو هيرو هو ۽ ٻنهي سڄي عمر سنڌ ۽ سنڌي قوم سان ساٿ نڀايو، آخر ٻئي مڪليءَ جي مقام کي محلات بنائي وڃي اصل لاءِ آرامي ٿيا، انهيءَ ڳالهه کي اٽڪل پنج سؤ سال ٿيندا، مون نه سنڌ جي انهيءَ بادشاهه کي ڏٺو نه وري سندس وزيراعظم دولهه دريا خان کي ڏٺو، مون رڳو تاريخ جي ورقن ۾ پنهنجون سنڌ ۽ سنڌي قوم سان ناتي نڀائڻ جون ڳالهيون پڙهيون ۽ ٻڌيون! پر مون هڪ اهڙو لکن جو مٽ رانجهو ۽ ٻيو سندس عملي پيروڪار خليفي ٻنهين کي ضرور ڏٺو، جيڪي سڄي عمر سنڌ جا فدائي ۽ سنڌي قوم جي ڀلائي لاءِ پاڻ پتوڙيندا رهيا، انهيءَ ۾ پهريون نمبر آهي جي ايم سيد ۽ ٻيو نمبر اچي ٿو سندس خليفي عبدالواحد آريسر جو، تاريخ جي نسبت سان آئون هت ذڪر ڪندس جي ايم سيد جو، جيڪو ضلعي دادو جي قديم شهر سن ۾ ۱۷ جنوري ۱۹۰۴ع تي سيد خاندان جي پشت مان محمد شاهه جي حويليءَ ۾ پيدا ٿيو، جيڪو اڳتي هلي تاريخ ساز انسان ثابت ٿيو. اهڙا عظيم انسان جيڪي سال جي ڪن مهينن ۽ مهينن جي ڪن ڏينهن ۽ تاريخن ۾ جنم وٺندا آهن ته اهي سال، مهينا ۽ اهي تاريخون سندن امر نالن سان سڃاتا ويندا آهن. اهڙي طرح ۱۷ جنوري ۱۹۰۴ع کي جي ايم سيد جي ماکيان مٺي نالي جي جنم ڏينهن سان سڃاتو وڃي ٿو، جيڪو سنڌي قوم لاءِ وڏي اهميت وارو ڏينهن آهي. سندس جنم ڏينهن جي نسبت سان آئون مختصر اهو چوندس ته جي ايم سيد جي رڳن ۾ رت سان گڏ سنڌ جي محبت به گردش ڪندي رهي. هن پنهنجي سڄي زندگي سنڌي قوم جي ستل نصيب کي جاڳائڻ لاءِ لڳاتار جدوجهد ڪندو رهيو. سنڌ ۽ سنڌي قوم سان سندس وفاداريون ايتريون ته مضبوطي سان ثابت ٿيل آهن جو جڏهن به سنڌ ۽ سنڌي قوم جي مٿان ڪا مصيبت اچي ٿي ڪڙڪي ته هر پارٽي وارو ماڻهو کيس ياد ڪري هي چوڻ تي مجبور ٿو ٿئي ته، ”يار جي ايم سيد سچو هو!“ هي هڪ حقيقت آهي ته سنڌ ۽ سنڌي قوم جي ڀلائي ۽ رهنمائي لاءِ قدرت هڪ هيرو عطا ڪيو هو، جنهن جي روشن خيالي ۽ وسيع النظري هيٺ سنڌي قوم کي انقلابي سياسي سوچ ملي، جنهن سان سنڌ جي حقن حاصل ڪرڻ جو سبق مليو. سنڌي قوم کي سياسي، اقتصادي، ثقافتي ۽ خودمختياري جو احساس مليو، هن ڪڏهن به ”سون تي سيڻ مٽائڻ جي ڳالهه ڪانه ڪئي، سندس ساري توجهه سنڌي قوم جي اخلاقي اصلاح ۽ تربيت طرف رهي، سندس هر تقرير، هر تحرير ۾ نوجوانن لاءِ اهو پيغام هوندو هو ته پنهنجا اخلاق سڌاري بلند اخلاق بڻجو، جنهن ۾ اوهان جي ڀلائي جو راز سمايل آهي، پاڻ اجائي ڏيک ويک کان قطعي پري نهايت ئي اعليٰ اخلاقي جا مالڪ صوفي منش جا مالڪ هئا. مون پنهنجي عمر جا اٽڪل ۳۰ سال سندس نيازمندي ۾ گذاريا، هن وقت منهنجي عمر ۸۱ سال آهي، انهن ۸۱ سالن مان سائين جي ايم سيد سان گذاريل ۳۰ سالن کي ئي سجايو سمجهان ٿو، باقي عمر ڄڻ اجائي گذري!
مون جي ايم سيد جهڙي عظيم انسان جي ڪچهرين ۾ ويهي، ماکيءَ کان به وڌيڪ مٺن گفتن ۽ سچائي جي شفاف چشمن مان مون جيڪي چڪيون چکيون، انهن جي روحاني لذت کي پنهنجي سيني اندر سانڍي رکيو آهي. ساڻس گڏ گهاريل گهڙيون منهنجي زندگيءَ جو اهم سرمايو آهن، هي هڪ حقيقت آهي ته سائين جي ايم سيد جن کي به سنڌي قوميت جو پيالو، پنهنجي هٿن سان تيار ڪري اکيون اکين ۾ ملائي هڪ انداز سان اچي چئي پياري پُر ڪيو، انهن کان اڃا تائين خمار نه لٿا آهن، جيڪي زماني مان لڏي ويا آهن ته اهي خمار کنيون ويا آهن، جيڪي جيئرا آهن، سي قوميت جي مئي جا متولا جهومندي نظر اچن ٿا. چون ٿا توڙي لک ڏيو بيان هي دل ڪا نه ڦرندي ڪانه، لالچي ليڊرن جا مسئلا مطلب وارا آهن، مطلب جا مروان، هي دل ڪانه ڦرندي ڪانه! هو جي ايم سيد جي ڏنل فڪر ۽ اصولن تي ڪاربند بڻجي پنهنجي حال آهر، جستجو ۾ مصروف آهن ۽ شيخ اياز جا لفظ ورجائي پيا ٿا پڇن ته:
”ڪڏهن ڪرندي ڪاڪ، ڪڏهن ملندو مينڌرو،
پڇان وڏي واڪ، سڏ به ڏئي ڪو سنڌ مان!“
انهيءَ سڏ جو جواب اڄڪلهه نه جاگيردار ڀوتار ڏيندا نه رئيس وڏيرا ڏيندا ۽ نه وري مير پير ڏيندا. انهيءَ سڏ کي ورجائڻ وارا هن زماني مان ڪي لڏي ويا، ڪي لڏيندا پيا وڃن! پر پوءِ به سنڌ خالي ڪانهي ٿي! هن چوڻي جي ته:
”اڃان رڻ مان رڙ، اچي پئي اچي پئي،
متان سمجهو ته، مئا مور سارا.“
سائين جي ايم سيد حقن جي حاصلات جي شمع اڃان اجهائي ناهي، جيڪا اڃا ٻري پئي ۽ ٻرندي رهندي! جي ايم سيد وٽ يونيورسٽين، ڪاليجن، اسڪولن جا وفد ايندا هئا ته سائين آيل نوجوان شاگردن سان مخاطب ٿيندي چوندو هو ته شاگردؤ! دنيا ۾ ڪيئي قومون عاد، ثمود وغيره جهڙيون آيون ۽ صالح نه هئڻ ڪري صفحه هستي تان مٽجي ويون، قدرت ڪنهن جي طرفداري نه ٿي ڪري، اوهان سنڌي نوجوان پاڻ ۾ صلاحيت پيدا نه ڪندا ته اوهان کي نئين مقابلي ۾ ڪو به بچائي نه سگهندو، ذهني صلاحيت ۽ اخلاق جي درستگي، زندگيءَ جي مقابلي ۾ تمام ڪارآمد شيون آهن، پنهنجي ڌرتي سنڌ سان وابستگي، پنهنجي ٻولي سان محبت، قديم روايات ۽ ڪلچر سان دلچسپي اوهان جا مشعل راهه هئڻ گهرجن. سنڌ کي اتحاد انساني، امن عالم، ترقي نوع، انسان لاءِ پيغام آهي، اوهان کي ان پيغام جو مشينري ٿي ڪم ڪرڻو آهي. سنڌ دنيا لاءِ محبت ۽ امن جو پيغامبر سنڌ حُب الوطني وفا، قرباني ۽ مهمان نوازي رواداري، غيرت، شرافت ۽ عزت جي صفات جو مخزن آهي، سندس مٽي اسان لاءِ مقدس ۽ خاڪ شفا آهي! هن جي هر شيءِ اسان لاءِ باعث رحمت آهي، پيغمبر خدا کي سرزمين سنڌ کان جنت جهڙي ٿڌڙي هير لڳي هئي، ان ڪري ان جون دعوائون وسن پيون ٿيون. سنڌ جا دوست اسان جا دوست آهن، سنڌ جا دشمن اسان جا دشمن آهن! اسلام بابت جي ايم سيد جو چوڻ هو ته اسلام کي مڃڻ وارن جا ٻه گروهه رهيا آهن (۱) هڪ گروهه جو چوڻ آهي ته اسلام ماڻهن جي وچ ۾ مذهبي گروهن نسلن، قومن ۽ رنگن جي نالي ۾ کڙي ڪيل ديوارن کي ڊاهي انسان ذات ۾ اتحاد امن، فلاح ۽ بهبودي پکيڙڻ لاءِ آيو هو، اهو دين فطرت هو، جنهن جي ابتدا کان سڀني پيغمبرن پيغام ڏنو هو، اهو نئون دين ڪو نه هو، بلڪه ان مطابق سڀني مختلف مذهبن جي ظاهري ڪثرت پويان بنيادي وحدت سمايل هئي، اهڙي تعليم جو فروغ صحيح سمجهاڻي اخلاقي درستي ۽ نفسياتي اصلاح ذريعي تاليف قلوب، رواداري ۽ باهمي گفتگو وسيلي ٿيڻ هو. شدت، نفرت، نفاق، خود مطلبي، ان جي راهه ۾ رڪاوٽون هيون، دين جي معاملي ۾ زور زبردستي بلڪل ناجائز هئي، پيغمبر خدا رحمة العالمين ٿي آيل هو، هو غلامن کي آزاد ڪرائڻ، اجائي ڦرلٽ کي بند ڪرائڻ، انصاف جو دؤر قائم ڪرڻ ۽ دنيا ۾ امن امان ڪرڻ لاءِ آيل هو، نه ان ڪمن کي ئي مروج ڪرڻ لاءِ جي پوءِ ڪن ماڻهن، اسلام جي نالي ۾ ڌارين ملڪن کي غلام بنائڻ، ڦرلٽ، مار ڌاڙ ڪرڻ، آزاد ماڻهن کي غلام بڻائڻ جا ڪم ڪيا هئا! (۲) ٻئي گروهه جو چوڻ هو ته اسلام هڪ نئون مڪمل عالمگير مذهب ٿي آيل هو، ان جي اچڻ سان، ٻيا سڀ دين رد ٿي ويا هئا، هن جا مکيه متا هئا، توحيد، حج، زڪوات، روزو، نماز هئا، انهن متن ۽ ان دين جي شريعت (دستور العمل) کي زوري دنيا جي ماڻهن مٿان مسلط ڪرڻ هو، جنهن عمل کي جهاد جي نالي سان سڏيائون ٿي، ان ۾ ٻين ملڪن تي چڙهايون ڪري بي گناهه خونريزي ڪرڻ، ان تي قبضو ڪرڻ، ڦرلٽ ڪرڻ، مردن عورتن کي غلام ڪري رڍن ٻڪرين وانگر وڪڻڻ کي جائز ٿي سمجهو، اڃا تائين مسلمان، ساڳي طرح ٻن گروهن ۾ ورهايل آهن، جن ۾ پهريون گروهه جي مڃيندڙن کي بزرگن درويشن جو گروهه چيو وڃي ٿو، هنن جو چوڻ آهي ته اسلام جو فروغ تلوار ۽ تشدد جي ذريعي ڪو نه ٿيو هو، بلڪه تاليف قلوب ۽ بهترين اصولن ڪري ٿيو. اهو ماڻهن قبول ڪيو هو، مسلمان حاڪمن طرفان جي ملڪ گيري، ڦرلٽ ۽ ٻيا ڪيترائي ظلم ٿيا هئا، انهن جو اسلام سان ڪو تعلق ڪو نه هو، ٻئي گروهه جي پوئلڳي ڪندڙن کي مولوي چيو وڃي ٿو.
هڪ طرف مذهب اسلام، امن ۽ سڪون جي خواهش ڏيکاري ٿو ۽ اهڙي تلقين ڪري ٿو، ٻئي طرف ڏسبو ته دنيا ۾ سڀ کان زياده بدامني ۽ خونريزي مذهب جي نالي ۾ ٿي رهي آهي، جنهن سبب خوني ديوَ ناچ پيو ڪري، ڪڏهن ڪٿي، ڪڏهن ڪٿي ناحق خون پيو وهائي، شدت پسندي جو وڌي وڃڻ، عذاب الاهي کان گهٽ نه آهي! سائين جي ايم سيد صدين کانپوءِ سنڌي قوم کي هڪ اهڙي رهنما ۽ مفڪر جي حيثيت ۾ مليو، جنهن وٽ عملي طرح پنهنجي فڪر جو تفسير موجود هو، جيڪو مرشد لطيف جي شاعري ۾ موجود هو، پر ان فڪر جو عملي پيروڪار جي ايم سيد ٿي ڏيکاريو. اهڙن عظيم انسانن لاءِ ئي مرشد لطيف کي چوڻو پيو ته،
ڪاڪ نه جهليا ڪاپڙي، موهيا ڪنهن نه مال،
جي ڇورين ڏنا ڇال، ته به لاهوتي لنگهي ويا. (شاهه)
ڏٺو وڃي ته مرشد لطيف جي شاعري اسان جي اونداهي اندر ۾ سج وانگر سوجهرو پيدا ڪري ٿي ته جي ايم سيد وري ان فڪر جو تفسير بڻجي قومي اڳواڻ جي حيثيت سان اسان جي منزل کي اجاگر ڪيو، هن کي سنڌ ۽ سنڌي قوم جي عشق ۾ نظربنديون ۽ جيل جون مصيبتون ۽ پراون سان گڏ پنهنجن جون عقوبتون سهندي پنهنجي اصول کان نه هٽيو، هن تي اهي فتوائون به لڳيون ته هي سنڌي قوم جي ماڻهن خاص طرح نوجوانن کي ڪفر جون ڳالهيون ٻڌائي سندن ايمان جو ٻيڙو ٻوڙي رهيو آهي، مطلب ته هن جي راهه ۾ ڪٿي رڪاوٽون وجهي کيس جهُڪائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پر هو ڪنهن جي اڳيان نه جهڪيو. آئون سمجهان ٿو ته سائين جي ايم سيد جابرن اڳيان جهُڪڻ نه پر جهُڪائڻ يا مهاڏي اٽڪائڻ لاءِ آيو هو، ڪنهن لٽيري سنڌي قوم جي حقن تي ڌاڙي هڻڻ جي ڪوشش ٿي ڪئي ته جي ايم کيس هڪل ڪري ٿي چيس ته خبردار متان ائين ڪيو اٿئي! سائين جي ايم سيد برصغير پاڪ- هند جي اختلافي شخصيت هجڻ سان گڏ نهايت انقلابي شخصيت جو مالڪ هو، هو سنڌ جي سياست جا سمورا گر گس ڄاڻڻ سان گڏ هڪ اهڙي دل به رکندو هو، جيڪا قوميت سان گڏ انساني جذبن سان سرشار هئي، عملي سياستدان هجڻ سان گڏ وڏو سياسي مفڪر هو، هن سنڌي قوم جي اصلاح توڙي آزاديءَ جي جدوجهد جي سلسلي ۾ حال آهر اڀرندڙ سج جي پوڄارين جي وچ ۾ ويهي ڪري گهڻو ڪجهه ڪيو، پنهنجي علم، عقل جي وسعت ۽ گهرائي، پنهنجي غور فڪر جي روشني، پنهنجي عمل ۽ ڪردار جي بلندي، پنهنجي سچائي، پنهنجي سياسي، سماجي سگهه ۽ سمجهه سان سنڌي قوم جي ڀلائي ۽ بهتري لاءِ پاڻ پتوڙيندو رهيو، هن سياسي سماجي ميدان ۾ رهندي سندس سارو توجهه سنڌي قوم جي اخلاقي اصلاح ۽ تربيت طرف رهيو. سندس هر تقرير هر تحرير ۾ نوجوانن لاءِ اهو پيغام هوندو هو ته اخلاق سڌاري، بلند اخلاق بڻجو، انهيءَ ۾ اوهان جي ڀلائي جو راز سمايل آهي! کين اها هدايت به ڪندو رهندو هو ته اوهان خوف ۽ لالچ کان پري رهو. پاڻ اجائي ڏيک ويک کان پري ۽ قطعي پري، نهايت ئي اعليٰ اخلاق جا مالڪ ۽ صوفي منش انسان هئا ۽ مهمان نوازي ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هئا، هن جو چوڻ هو ته کائڻ جو مزو ته سڀڪو وٺي ٿو، پر کارائڻ جو مزو اڃا ڪو ٻيو آهي.
مون سي ڏٺا ماءُ، جني ڏٺو پرين کي،
تِني سندي ڪاءِ، ڪري سگهان نه ڳالهڙي! (شاهه)


جي ايم سيد جون ڳالهيون
ارباب ڇڄڙو
انسان به گوشت پوشت جو هڪ ٺهيل مجسمو آهي، جنهن ۾ سڀ اهي نشانيون پڻ شامل آهن. جن جو مرڪب آهي. باهه، لوهه، هوا، مٽي ۽ پاڻي ۽ سڄي عمر ان جي دائري کان ٻاهر ڪو نه ٿو نڪري سگهي. ان لاءِ گيتا کان فرقان تائين سڀ ڪتاب شاهد آهن.
ان ڪري ڪڏهن ماڻهو باهه آهي، ڪڏهن پاڻي، ڪڏهن مٽي ۽ ڪاوڙ ۾ باهه، رحم ۾. مٽي ۽ پاڻي. جڏهن هن ۾ لوهه جو عنصر اچي ٿو ته، هو پنهنجي قول ۽ فعل تي پڪو ٿي بيهي رهي ٿو. اسان مان ڪيترن ڏٺو هو ته، سائين جي ايم سيد محبت ۾ ماکيءَ ۽ ڪاوڙ ۾ لوهه هيو. وقت کان ڪڙو هيو، نرم وري ايترو جو ڳالهين هلندي ڪنهن ساٿيءَ جي بيوفائي ياد ايندي هيس ته روئي ويهندو هو. جهڙو انسان مٽيءَ وانگر ڀور ڀور ٿي پوندو هو.
سچ چوڻ جو اهو عالم هيو جو جناح کان پير صاحب پاڳاري تائين هر هڪ کي منهن تي سچ چوڻ کان ڪو نه لهرائيندو هو.
جڏهن ڪو ٻڌائيندو هوس ته توهان جو فلاڻو ڪارڪن ڀتا خوري ٿو ڪري تڏهن روئي ويهندو هو ۽ پوءِ ان کي ڪچيون پڪيون سڀ گاريون ڏيندو هو. ڪنهن صحافيءَ جي پڇيل جواب ۾ چيو هئائين ته، ها، مان گاريون ڏيندو آهيان، پٽيندو ان ڪري نه آهيان ته متان ڪو پاراتو لڳي نه وڃي. جڏهن ڪو پيءُ پٽ تي ڪاوڙجندو آهي. تڏهن هو پٽ کي پاراتا ڏيندو آهي پر جي ايم سيد ائين ڪڏهن به ڪو نه ڪيو هو. مهاتما گانڌيءَ لاءِ مشهور آهي ته، هن ڪڏهن به ڪنهن کي جھڙڪيو نه هو. پر هڪ ڀيري هڪ ڪارڪن کي بک لڳي ۽ بي وقتي ماني گهري هئائين ته گانڌي جي ان کي ڌڪو ڏئي چيو هو وقت جو انتظار ڪر. پر جي ايم سيد وت ڪنهن وقت به مهمان آيو ماني حاضر هوندي هئي. ڪي ڪارڪن ته، فرمائشون ڪندا هئا. هي کپي هو کپي، سيد اها شئي ان وقت حاضر ڪئي هوندي.  جڏهن سيد هليو ويو. تڏهن چاچي غلام قادر مون کي ۽ حاجي سڪندر ڪورائيءَ کي چيو هو ته هاڻي توهان جون فرمائشون پوريون ڪرڻ وارو ڪو نه رهيو آهي.
تڏهن اسان جون اکيون عشق بار ٿي ويون هيون هڪ ڀيري سيد جي اندرين اوطاق تي ويٺا هئاسين. اتي هڪ کٽ تي ٻلو ننڊ پيو هو. ڪنهن دوست ان کٽ تي ويهڻ جي ڪئي ته سيد چيس. بابا هيڏانهن اچي ويهه. ٻلي جي ننڊ خراب ٿيندي. انسان ته ڇا پر هڪ جانور جي ننڊ جو به خيال ٿي رکيائين.
هڪ ڀيري هڪ چور سيد جي ڳئون چوري ڪري ويو، ڌنار خبر چار وٺي. اچي سيد کي ٻڌايو ته فلاڻو ڳئون چوري ڪري ويو آهي پاڻ ان چور کي گهرائي چيائين بابا جي ڳئون تو وٽ آهي ته، اسان کي ڏئي وڃ. ڪا به ٻي سزا نه آهي. همراهه ڀري ڪچهريءَ ۾ چيو. نه سائين مون ڳئون ناهي چو ري ڪئي.
چور هليو ويو، ٿورن ڏينهن کانپوءِ ڪجهه ماڻهو ڳئون سميت ان چور کي ٻڌي وٺي آيا.
ان وقت به ڀري ڪچهري جاري هئي. سيد چيو بابا اها ڳئون منهنجي نه آهي ۽ چور کي ڳئون سميت ڇڏي ڏنائين.پڇڻ تي پوءِ ٻڌايائين ته، هيترن ماڻهن ۾ هن جو من مجروح ٿئي ها.
انسانيت جو علم بردار جي ايم سيد هوندو هو. موري جو ڪارڪن. ڪامريڊ مٺل حيدري چانڊيو. سان سيد چرچا ڀوڳ ڪندو هو ۽ مٺل به سائينءَ سان چرچا ڪندو هو. اهڙا چرچا جو اسان جي کل بند ڪا نه ٿيندي هئي. ڀٽ ڌڻي وڳند جت سان چرچا ڪندو هو. هت به ساڳيو نمونو هوندو هو.
اڄ به اسان پنهنجي جھوني ڪامريڊ مٺل چانڊيي کان اهي چرچا ٻڌي کلي ويهندا  آهيون ۽ پوءِ اداس!؟
جي ايم سيد ۽ ڀٽ ڌڻيءَ ۾ بس هي فرق آهي. جو شاهه لطيف رح سنڌي قوم کي شاعري ڪري سجاڳ ڪيو ته، سائين جي ايم سيد نثر لکي سنڌي قوم کي پنهنجي ماضي، حال ۽ مستقبل جون ڳالهيون ٻڌايون ۽ ان کي پنهنجو شاندار ماضي ٻڌايو ۽ سيد جي هيرا ڏنا. جھڙوڪه راجا ڏاهر،دودو سومرو، دولهه درياهه خان، هوشو شيدي، مخدوم بلاول ۽ ٻيا. هن ٻڌايو ته لٽيرا ڪڏهن به هيرا نه هوندا آهن. هو ڌاڙيل ۽ ڦورو هوندا آهن. توڙي جو هو ڪهڙو به چوغاپائي اچن. ڦورو بس ڦورو آهي.
ان جي ايم سيد پاڪستان لاءِ پوري سنڌ جي ماڻهن کي مسلم ليگ ۾ آندو ۽ ۱۹۴۳ع ۾ سنڌ اسيمبليءَ مان پاڪستان لاءِ قرارداد پيش ڪئي ۽ پاس ڪرائي جڏهن پاڪستان ٺهيو ته، هڪ به سنڌي حڪومت ۾ نه کنيو ويو، پوءِ ايوب کهڙي جي ڀرپور جدوجهد کان پوءِ هڪ وزارت ملي جيڪا عبدالستار پيرزادي کي ڏني وئي، سنڌين سان هي پهرين جٺ هئي ۽ پوءِ سنڌين کي طرحين طرحين جا طعنا سهڻا پيا. ڪنهن چيو. سنڌي گڏهن چارڻ وارا آهن، ڪنهن چيو. ننڍي صوبن وارا ننڍي دماغ جا مالڪ آهن.
توڙي جو. سر آغا خان جنهن مسلم ليگ ڍاڪا ۾ جوڙي هئي. جناح صاحب، شيخ عبدالمجيد سنڌي جنهن ۱۹۳۸ع ۾ پاڪستان لاءِ پهريون ڀيرو قرارداد پيش ڪئي ۽ پاس ڪرائي ۽ سائين جي ايم سيد سميت سڀ جو سڀ سنڌي ليڊر هئا. جن پاڪستان جوڙيو هو. انهن کي اهڙا القاب ٿي مليا ۽ سنڌ جي زمين، سنڌ جون نوڪريون سڀ غير سنڌين لاءِ مال غنيمت هيون. ڌارين تي فضل ربي رهيو. جي ايم سيد ته هر هر جيل موڪليو ٿي ويو. خدا هن تي ناراض هيو، زمين هن لاءِ تتل هئي. حڪمران ان تي ڏمريل هئا.
جڏهن اسان جو هڪ سنڌي جناب ذوالفقار علي ڀٽو پاڪستان جو وزيراعظم ٿيو ۽ سنڌ کي ڪو به حق نه مليو، رهندو رهيو کهيو مال به ڌارين جي حوالي ٿي ويو هو. حيدرآباد ۽ نواب شاهه ۾ سيد تي خوني حملا ٿيا.تڏهن سيد تجربي جي بنياد تي  اعلان ڪيو ته، هاڻي سواءِ سنڌ جي آزاديءَ جي ٻيو ڪو به رستو نه رهيو آهي.ان اعلان کي سنڌ جي وڏيرن، پيرن ۽ ملن ڪا به موٽ ڪا نه ڏني ڇو ته، هو مفت خور آهن. پر سنڌ يونيورسٽيءَ جي روشن خيال نوجوان شاگردن کيس اکين تي رکيو ۽ جدوجهد جو اعلان ڪيو. ائين ڏسندي ڏسندي حق راهه تي سر ڏيڻ وارن جي هڪ فوج تيار ٿي وئي.
۽ پوءِ انهن کي بنا موت جي ماريو ويو ۽ اهي اڄ تائين موت کي ڀاڪر پايو بيٺا آهن، پر سنڌ امڙ ڪنهن ايري غيري کي ڏيڻ لاءِ تيار ئي نه آهن.
دنيا جا سمورا غير معمولي ماڻهو متنازعه رهيا آهن. يسوع مسيح هجي يا آئزڪ نيوٽن، حضرف محمد صه هجي يا گئليلو، سقراط هجي يا مارٽن لوٿرڪنگ، ڪارل مارڪس هجي يا مهاتما گانڌي، ابوالڪلام هجي يا غفار خان، انهن سڀني جي متنازعه هجڻ جو مکيه سبب هڪڙو ۽ ساڳيو آهي. اهو  اهو ته انهن سڀني غير معمولي شخصن معمول مطابق هلندڙ زندگيءَ ۾ طلاطم پيدا ڪيو. پنهنجي پنهنجي وقت جي مروجه سوچن ۽ عقيدن، ريتن، قاعدن ۽ قانون کي چئلينج ڪيو. وقت جي غالب ۽ ناڪاري قوتن سان سرچاءُ ڪرڻ جي بجاءِ انهن سماج جي ڍڪيل ۽ ڪمزور محسوس ٿيندڙ هاڪاري قوتن کي نمايان ڪيو ۽ ناڪاري قوتن سان ويڙهه ۾ انهن جي قيادت ڪئي.
اڄ سائين جي ايم سيد جو نظريو عام ٿي رهيو آهي، پر سندس ڪارڪن ٽولن ۾ ورهائجي ويا آهن. سن جي شهر ۾ هر سال الڳ الڳ ڪيترائي جلسا ٿي رهيا  آهن. هر هڪ اديب ۽ دانشور کين صلاح ڏئي رهيو آهي ته ٻڌي ڪريو پر اڃا اٺ بيٺو آهي.
اڄ سيد جي ۱۱۷ هين سالگرهه آهي، ان لاءِ آزادي پسند سڀني قومن کي ان جي مبارڪ ڏجي ٿي، جيڪي آزاديءَ لاءِ پاڻ پتوڙي رهيا آهن.
جھونا ڳڙه جُهرندو،
پوندي جھانءِ، جھروڪ ۾.
(شاهه)


جي ايم سيد ۽ قومي تحريڪ جو مستقبل
عبدالخالق جوڻيجو
سنڌ جي قومي تحريڪ تي اڄڪلهه هڪ نئين ۽ مختلف پاسي کان گفتگو ٿيڻ شروع ٿي آهي. هڪڙن ماڻهن جو چوڻ آهي ته ”قومي تحريڪ اڳي جي ڀيٽ ۾ ڪمزور ٿي آهي“. ٻيو خيال اهو آهي ته ”قومي تحريڪ سوچ جي لحاظ کان وڌيڪ وسيع ۽ طاقتور ٿي آهي پر عملي طور اڳي جي ڀيٽ ۾ ڪمزور ٿي آهي“. اڃا ٽيان ماڻهو ته سواليه نشان لڳائيندي پڇن ٿا ته ”قومي تحريڪ آهي به ڇا“، يا اهو ته ”سنڌي قوم اڳتي نڪري ويئي آهي، قومپرست ليڊر پوئتي رهجي ويا آهن“.
انهن سوالن ۾ جزوي سچائي ضرور آهي. هڪڙا ته قومي تحريڪ جا دشمن آهن (ڌاريا حڪمران توڙي مقامي سنڌي) جيڪي قومي تحريڪ کي ڪمزور ڪرڻ ۽ هڪڙو منفي مايوسيءَ وارو ماحول پيدا ڪرڻ خاطر اهڙا سوال اٿارين ٿا پر اها به حقيقت آهي ته انهن تبصرن ۽ تجزين کي رڳو ”سنڌ دشمنن جي سازش“ چئي رد نٿو ڪري سگهجي. انهن ۾ ڪجهه سچائي بلڪل آهي. فڪري طور قومي تحريڪ جي طاقت ۽ وسعت جو ثبوت اهو آهي ته پيپلز پارٽي، مسلم ليگ ۽ جماعت اسلامي جهڙيون پارٽيون جيڪي پيدائشي ۽ فطري طور سنڌ جي قومي وجود جون مخالف آهن ۽ سنڌ جي قومي تحريڪ کي ”اسلام ۽ نظريه پاڪستان“ جي خلاف قرار ڏينديون رهيون آهن اهي به اڄ پاڻ کي سنڌ ۾ سياسي طور زندهه رکڻ خاطر سنڌ ۽ سنڌين جي حقن جي ۽ انهن سان ٿيندڙ ناانصافين جي ڳالهه ڪرڻ تي مجبور آهن ۽ ڪمزوريءَ جو اظهار تڏهن ٿئي ٿو جڏهن انهن پارٽين سان واڳيل قومپرستيءَ جا ازلي دشمن پير، مير، وڏيرا ۽ ڪرپٽ وزير، مشير ۽ اسيمبلي ميمبر اها لٻاڙ هڻندا آهن ته ”اسان کان وڌيڪ قومپرست ڪوئي ناهي“. ماضيءَ ۾ جيڪڏهن غلطيءَ سان به انهن جي نالي سان قومپرست جو لفظ اچي ويندو هئو ته اهي ”قسم قرآن“ کڻي رڙيون ڪندي چوندا هئا ته ”اسان قومپرست ناهيون“.
صحيح ۽ غلط، سچ ۽ ڪوڙ کي ڌار ڪرڻ ۽ حقيقتن کي سامهون آڻڻ لاءِ ضروري آهي ته اسان سنڌ جي قومي تحريڪ جو ۽ قومپرست پارٽين ۽ ليڊرن جي ڪردار جو ڇيد ڪريون ڇاڪاڻ ته ”مرض جو علاج ڪرڻ لاءِ ان جي ڪارڻن جي تشخيص ڪرڻ لازمي عمل آهي“. اتي ٻه رايا آهن. هڪڙن دوستن جو چوڻ آهي ته ”جيئن ته سنڌ مشڪل صورتحال مان لنگهي رهي آهي تنهن ڪري اختلاف ۽ تنقيد کان پاسو ڪرڻ کپي“ جڏهن ته مان ان راءِ جو آهيان ته ”جيئن ته سنڌ مشڪل صورتحال کي منهن ڏيئي رهي آهي تنهن ڪري لازمي آهي ته پنهنجو تنقيدي جائزو وٺون ۽ صورتحال تي گهڻ طرفو بحث ڪريون“.
سنڌ ۾ قومپرستي ۽ قومي تحريڪ جو سڀ کان وڏو حوالو سائين جي.ايم.سيد آهي. صحيح ٿيندو ته اسان موجوده صورتحال جو جائزو سندس حوالي سان وٺون. سائينءَ جنهن ”جديد قومپرستي“ جي ڳالهه ڪئي ان يورپ ۾ سماجي ارتقا جي هڪڙي مخصوص مرحلي تي وجود ورتو. مذهب (چرچ)، جاگيرداري، ۽ فوجي سلطنتن جي بالادستيءَ ۽ ڳٺ جوڙ تي مشتمل ”اونداهي دور“ (Dark Ages) واري يورپ ۾ جڏهن ”سجاڳي“ (Renaissance) جي لهر اٿي ته نيون قوتون اڀريون جن اونداهيءَ جي علمبردار عنصرن کي چئلينج ڪيو، انهن سان ڊگهي ۽ خطرناڪ جنگ ڪئي ۽ انهن کي شڪست ڏني، تڏهن نئين يورپ جنم ورتو جيڪو گذريل اٽڪل پنج سئو سالن کان دنيا جي اڳواڻي ۽ ان تي حڪمراني ڪري رهيو آهي. اهي نوان ۽ ترقي پسند عنصر هئا سيڪيولرزم، واپار ۽ صنعت ۽ قومي رياستون.
سائين جي.ايم.سيد جو ڪارنامو اهو هئو ته هن سنڌ جي ماڻهن ۾ لاشعوري طور موجود حب الوطنيءَ جي جذبي کي شعوري شڪل ڏني. يورپ جي تجربي مان فائدو وٺندي اتي سرجندڙ جديد علم کي هن سنڌ جي حالتن تي لاڳو ڪيو. سنڌ جي تاريخ جي مطالعي، سنڌي سماج جي جائزي ۽ سياسي جدوجهد ۾ پنهنجي تجربن کي سموهي هن سنڌ جي قومپرستيءَ کي واضح ۽ مضبوط بنيادن تي بيهاريو ۽ ان لاءِ اقرار به ڪيائين ته ”مان تجربا ڪري، هٿ ساڙائي هنن نتيجن تي پهتو آهيان“. اهي نتيجا اهي هئا ته مذهب جي نالي تي ۽ فوجي طاقت جي بنياد تي بيٺل رياست سنڌ جي قومي نجات ۽ انسان ذات جي ڀلائيءَ ۾ رڪاوٽ آهي ۽ سنڌ جي سياسي، ثقافتي ۽ اقتصادي آزاديءَ خاطر جدوجهد ۾ پيرن، ميرن ۽ جاگيردارن مان ڪا اميد نه رکڻ گهرجي. ۽ پوءِ بنگلا ديش واري سڀ کان وڏي ۽ فيصلائتي تجربي کان پوءِ جڏهن هُن آزاد، خودمختار ۽ خوشحال سنڌ لاءِ جدوجهد جي نئين مرحلي جي شروعات ڪئي ته ڪوبه وڏيرو، جاگيردار، مير، پير يا ملا ان جدوجهد ۾ نه رهيو. تحريڪ ۽ تنظيم جو مکيه ڪم سائينءَ اڀرندڙ مڊل ڪلاس جي نئين نسل تي رکيو جيتوڻيڪ ان ۾ تمام گهڻيون اوڻايون، ڪچايون، ڪوتاهيون هيون ۽ اهي غلطيون به ڪري رهيا هئا جن جو ذڪر به سائين پنهنجي تقريرن ۽ تحريرن ۾ ڪندو رهيو. ان کان علاوه فيصلائتي قوت سنڌي عوام کي سمجهندو هئو جنهن لاءِ نه رڳو ائين چوندو هئو ته ”قومي تحريڪ تڏهن ڪامياب ٿي سگهندي جڏهن سنڌي ماڻهن جي اڪثريت ان ۾ حصو وٺندي“ پر مختلف حڪومتن طرفان مليل ڊگهي قيد ۽ نظربنديءَ کان جڏهن به ۽ جيئن ئي آزادي ملندي هئس ته عوامي رابطي جي دوري تي نڪري پوندو هئو. ان لاءِ نه موسم جي سردي گرميءَ کي ڏسندو هئو ۽ نه ئي عمر جو يا صحت جو خيال ڪندو هئو.
انهن بنيادن تي قومي تحريڪ جو جائزو وٺبو ته ٿلهي ليکي ان جا ٻه پاسا ٿيندا؛ هڪڙو نظرياتي ۽ ٻيو عملي. ۽ ان جائزي ۾ يقيني طور وڌيڪ خبر انهن ماڻهن جي وٺڻي پوندي جيڪي نه رڳو قومي تحريڪ جا سرگرم ڪردار هئا پر سيد جا به ”حامي ۽ پوئلڳ“ هئا. هر باشعور ماڻهو بغير ڪنهن دوربيني يا سرچ لائيٽ جي ڏسي سگهي ٿو ته هتي گذريل چوٿائي صديءَ دوران ”هر ڪم“ سيد جي سوچ ۽ عمل جي ابتڙ ڪيو ويو آهي خاص ڪري انهن ماڻهن جي طرفان جيڪي پاڻ کي ”سيد جو سچو سپاهي“ چورائيندا هئا جن کي ميڊيا وارن جي اڪثريت اڳتي وڌائيندي يا پروموٽ (Promote) ڪندي رهي آهي. اهو چوڻ جي ڪا ضرورت ڪانهي ته ان ميڊيا جي اڪثريت جي اولين ترجيح سندن مالي مفاد هوندا آهن ۽ ان لاءِ اهي رياستي پاليسين کي سامهون رکي پنهنجون پاليسيون ٺاهيندا آهن. مزي جي ڳالهه ته انهن جي اڪثريت جي ايم سيد خلاف سدائين منفي رويو اختيار ڪندي آهي ۽ سندس گلا ۽ گهٽتائي ڪرڻ خاطر ڪوڙيون ڪهاڻيون گهڙڻ کان به نه ڪيٻائيندي آهي.
نيشنلزم جي تاريخي پس منظر ۽ سيد جي تعليم جي روشنيءَ ۾ قومي تحريڪ لاءِ لازمي آهي ته اها سيڪيولر هجي، اها جاگيردار مخالف هجي ۽ اها سامراج دشمن هجي. جتي تاريخ ٻڌائي ٿي ته يورپ ۾ نيشنلزم جي جنگ چرچ سان رهي اتي جي.ايم.سيد ڏيکاريو ته سنڌ ۾ قومپرستيءَ جو مقابلو پئن-اسلام ازم سان رهيو آهي. پر ماضي قريب ۾ قومپرستيءَ جو نعرو هڻندڙ ۽ سيد جي نالي ۾ سياست ڪندڙ ڪيترن همراهن نيشنلزم ۽ پئن-اسلام ازم جي فرق کي ئي مٽائي ڇڏيو. انهن اڄوڪن پئن-اسلام ازم جي سنڌ ۾ سرپرستن کي ”عظيم قومپرست“ قرار ڏيئي ڇڏيو. اهو ته ايئن ٿيو ته ڪير چوي ته نريندر مودي اسلام جو سچو سپاهي آهي يا بنجمن نيتن ياهو فلسطين جو وڏو خيرخواهه آهي. جن مذهبي انتها پسندن کي ”سيد جا سپاهي“ عظيم قومپرست ٿا چون انهن ته ڪڏهن پاڻ کي سنڌي قوم جو حصو نه چيو. اهي ته سنڌين کي قوم ئي ناهن مڃيندا. اهي ته اهي انتها پسند آهن جن جي خطري کان دنيا کي خبردار ڪرڻ لاءِ جي.ايم.سيد ۵۵ سال پهرين يورپ جو سفر ڪيو هئو.
ساڳيو حشر نيشنلزم جي ٻئي جز جاگيردار مخالف جو ڪيو ويو. تاريخي طور جاگيردار وقت جي اسٽيبلشمينٽ ۽ بالادست قوتن جو ساٿاري رهيو آهي. سنڌ جي جاگيردار، پير مير کي ڏسجي ته اهو مغلن جو به ساٿاري رهيو ته انگريزن جو به ايجنٽ رهيو ۽ پاڪستان ۾ فوجي حڪومت هجي ته ان سان گڏ، جيڪڏهن پيپلز پارٽي اقتدار ۾ هجي ته ان سان، جي مسلم ليگ هجي ته ان سان گڏ. ڪن ته اهڙا به مثال قائم ڪيا جو هڪ ئي وقت حڪومت ۾ به ته مخالف ڌر ۾ به يا هڪڙو ڀاءُ هڪڙي پارٽيءَ سان ته ٻيو ٻيءَ سان پوءِ جيڪا اقتدار ۾ آئي.
ماضيءَ جي شاندار ون يونٽ مخالف تحريڪ جي خوبي اها هئي ته اسٽيبلشمينٽ جي وفادار وڏيرن، پيرن، ميرن ۽ محب وطن ماڻهن جي وچ ۾ ليڪ چٽي نڪتل هئي. ان ڪري تعداد ۾ گهٽ هجڻ جي باوجود ان تحريڪ ۾ ايتري طاقت هئي جو اقتدار پرستن کي ليڪ جي ٻئي پاسي ڏسڻ جي به همٿ نه ٿيندي هئي جڏهن ته وطن دوست سياسي ڪارڪن، اديب، شاگرد يا هاري وڏيرن وٽ وڃڻ جو سوچيندا به نه هئا. جيڪڏهن اتفاق سان ڪنهن اها ليڪ پار ڪئي ته اهو ڪُڙم جو ڪوڙهيو ليکيو ويندو هئو.
وري جڏهن قومي تحريڪ جو نئون مرحلو شروع ڪندي سائين جي.ايم.سيد سنڌ جي قومي آزاديءَ خاطر جدوجهد ڪرڻ لاءِ جيئي سنڌ محاذ قائم ڪيو ته ان ۾ سڀ هيٺئين طبقي جا ڪارڪن شامل هئا. اهي بسن ۾، بسن جي ڇتين تي ۽ ڏاند گاڏين تي چڙهي يا پيدل سفر ڪري قومي ۽ سياسي ڪم ڪندا هئا. انهن جي ڪم جو ميدان ڳوٺ، واهڻ وستيون، ان جا ديرا، ڪارخانا ۽ مزدورن جون ڪالونيون هوندو هئو. اهي ڇنن ۾، جهوپڙين ۾ تڏن تي يا مسجد جي فرش تي ويهي، باغن ۾ وڻ جي ڇانوَ هيٺان يا پارڪن جي ڇٻر تي ويهي ماڻهن تائين پنهنجو پيغام پهچائيندا هئا. ۽ سندن مخاطب به سڀئي مسڪين ماڻهو، هاري، مزدور، ننڍا دڪاندار، استاد، ڪلارڪ، پوليس وارا، ڊرائيور، ملاح وغيره هوندا هئا. اهڙو ڪم جو طريقو ۽ سلسلو ۱۹۸۰ جي ڏهاڪي تائين جاري رهيو.
۱۹۹۰ جو ڏهاڪو ايندي قومي جدوجهد جي ميدان ۾ نوان ”شهسوار“ داخل ٿيا هئا، اهي به غريب جا ٻار پر اڳ وارا ڪارڪن پنهنجي غريب ۽ غريبن جي ساٿي هجڻ تي فخر ڪندا هئا جڏهن ته نوان آيل غربت کي شرمندگيءَ جو باعث سمجهڻ لڳا تنهن ڪري پهريون ڪم انهن پنهنجي لاءِ دولت گڏ ڪرڻ جو ڪيو. ان لاءِ انهن هر ”جائز ناجائز“ طريقي کي جائز ۽ لازمي قرار ڏنو. ان ڪم ۾ انهن کي جيئي سنڌ محاذ، ان جون پاليسيون ۽ ان جا ڪارڪن رڪاوٽ نظر آيا، تنهن ڪري انهن پنهنجون الڳ الڳ پارٽيون ٺاهڻ شروع ڪيون. پئسي گڏ ڪرڻ ۽ ان جي حفاظت ۽ واڌاري لاءِ انهن کي ڪرپٽ ڪامورن ۽ وڏيرن، جاگيردارن جي ساٿ جي ضرورت پئي. اهڙيءَ طرح انهن جو پنهنجو ۽ انهن جي سياست جو ڪيريڪٽر تبديل ٿيڻ لڳو. هڪ طرف اهي اسٽيبلشمينٽ جي ساٿاري وڏيرن، پيرن ميرن کي ويجها ٿيڻ لڳا ته ٻئي طرف پاڻ جاگيرداراڻا رنگ ڍنگ اختيار ڪرڻ لڳا.
جاگيرداراڻي روايت مطابق پاڻ کان طاقتور جي آڏو اهي پاڻ جهڪندا هئا ته ڪمزور وري انهن جي آڏو جهڪندا هئا. هڪ طرف اهي جاگيردارن جي جرڳن ۾ ويهڻ تي فخر ڪرڻ لڳا ته ٻئي پاسي پاڻ جرڳا ڪرڻ لڳا. انهيءَ چوڻ جي ته ڪا ضرورت ئي ڪانهي ته جرڳن ۾ فيصلا سدائين طاقتور جي فائدي ۾ ۽ غريب جي خلاف ٿيندا آهن. ائين ئي عوام دشمن ۽ انصاف دشمن ”ميڙ منٿ ڪافلن“ جي روايت کي جيئاري انهن ايڪويهين صديءَ ۾ داخل ٿيندڙ دنيا ۾ سنڌ کي قبيلائي دور ۾ وٺي وڃڻ جي ڪوشش ڪئي. محاذ جي ڪارڪنن جي ڪم جو مقصد عام ماڻهن کي باشعور بڻائي قومي جدوجهد ۾ حصيدار بنائڻ هوندو هئو جڏهن هي نوان همراهه وڏيرن ۽ پيرن وانگر پنهنجا ”ماڻهو“ ۽ ”عقيدتمند“ ٺاهڻ ۽ پيدا ڪرڻ لڳا. جلسن جلوسن ۾ به ماڻهن کي وڏيرڪي ونگار وانگر شامل ڪيو ويو. عوام کي مالڪيءَ جو شعور ۽ پنهنجي طاقت جو احساس ڏياري انهن کي منظم ڪرڻ جي ڪوشش بجاءِ انهن جي تعداد کي سوديبازيءَ لاءِ استعمال ڪيو ويو ۽ اهو تعداد وڌائڻ ۾ وڏيرا جاگيردار انهن جا مددگار هوندا هئا. جاگيردار، پير، مير ۽ ڪرپٽ ڪامورا انهن جي مدد ان لاءِ ڪندا هئا ته جيئن عوام کي باشعور بڻائي هن استحصالي ۽ بدبودار نظام کي تبديل ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪندڙ ڪارڪنن لاءِ ڪم ڪرڻ مشڪل ٿي پوي.
عوام ته عوام خود پنهنجي ڪارڪنن کي شعور کان وانجهيل رکڻ لاءِ انهن ڪتابن کي بزدليءَ جي علامت قرار ڏيندي انهن کي ساڙيو جڏهن ته سيد پنهنجي سڄي جدوجهد قلم ۽ ڪتاب ذريعي ڪئي.
هاڻي جڏهن هر ڪم، هر عمل جديد قومي تحريڪ جي تقاضائن جي خلاف ۽ جي ايم سيد جي تعليم جي منافي هجي ته پوءِ قومي تحريڪ جو حشر اهڙو ئي ٿيندو. اڳي ملا سنڌي سماج ۾ ڪنڊ پاسا ڳوليندو هئو ۽ سماج جي همدرديءَ جو طالبو هوندو هئو. اڄ اهو اسان کي ڊڪٽيٽ ٿو ڪري. جاگيردار ۽ پيرمير اڳي قومي ڪارڪنن جي دٻاءَ ۾ دفاعي پوزيشن اختيار ڪندو هئو اڄ اهو قومي ڪارڪنن تي ٺٺوليون ٿو ڪري. اڳي جيڪي سنڌ دشمن ڪم هو لڪي ڪندو هئو اڄ اهي وڏي واڪَ ڪري رهيو آهي.
”قومپرست“ ليڊرن جي اهڙي ڪردار جي نتيجي ۾ ڪجهه وقت اڳ ۾ قومي تحريڪ جي ڪردار بابت سوال اٿاريا ويندا هئا، هاڻي قومي تحريڪ جي وجود تي سوال ڪيا ٿا وڃن. پر ڪنهن کي به اهو نه وسارڻ گهرجي ته قومن جي نجات واري جدوجهد ڪا سڌي ليڪ وانگر ڪانه هلندي آهي. ان ۾ لاها چاڙها ايندا آهن. اهو هڪڙو مرحلو هئو جيڪو پنهنجي مثبت ۽ منفي پاسن سان گڏ پورو ٿيو. هاڻي نئين مرحلي جي ضرورت آهي. حقيقت اها آهي ته معروضي حالتن جي حساب سان اهو نئون مرحلو شروع ٿي چڪو آهي، ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ان کي صحيح رخ ڏيڻ ۽ گهربل رستي تي هلائڻ لاءِ شعوري ڪوششون ڪيو وڃن.


ھڪڙو ھو سائين جي ايم سيد
عبدالحي پليجو
سن شهر جو نقشو جيڪو اڄ آهي، سو ۱۹۵۸ع ۾ بلڪل نه هو. سن بلڪل هڪ ننڍو ڳوٺڙو هو، جنهن ۾ چند دُڪان، ٻه ٽي سرڪاري جڳهيون، چند پڪا گهر، ٻيو سڄو شهر ڪچن گهرن تي قائم هو. ذوالفقار علي ڀُٽو جي ڪري ڳڙهي خدابخش جي اهميت آهي، ايئن ئي سن جي اهميت سائين جي ايم سيد جي ڪري آهي. سنڌ جا صرف اهي ٻه اهڙا ڳوٺ آهن، جتي سنڌ جا هزارين ماڻهو سڄيءَ سنڌ جي مان ڪهي اچي جي ايم سيد ۽ شهيد ڀٽي جي ورسي تي گڏ ٿيندا آهن. انهن ڏينهن ۾ آئون بابا سان گڏجي سائين جي ايم سيد سان ملڻ ويو هئس. رات جو اتي ترسياسين، بابا ۽ سائينءَ رات دير تائين ڪچهري ڪئي. بابا ۽ سائين جو واسطو بابا جي ننڍپڻ کان وفات تائين سڄي زندگي قائم رهيو ۽ اهو واسطو سائينءَ جو سندس وفات تائين مونسان به رهيو. بابا جي وفات کانپوءِ به سائين جڏهن به ٺٽي ضلعي ۾ ايندو هو ته ٻني ۾ مون وٽ اچي ترسندو هو، پوءِ اڳيان ٽنڊو محمد خان، ماتلي، بدين يا حيدرآباد ويندو هو. بابا جي وفات کانپوءِ سائين سان ملڻ وقت مون کي پنهنجي ڪنهن بزرگ سان ملڻ جو احساس ٿيندو هو. بابا، سائينءَ جا ڪيترا ئي ڪتاب ڇپايا، جن ۾ ”جيئن ڏٺو آهه مون“ به شامل هو. ان ڪتاب ڪري سائين سان گڏ بابا تي به ڪفر جي فتويٰ نڪتي ۽ ڪيترو وقت مقامي ۽ جنهاڻ جا مذهبي ماڻهو ان ڪتاب کي بنياد بڻائي اسان سان ڇڪتاڻ ۾ رهندا آيا. جڏهن ۱۹۶۹ع ۾ ملڪ سڪندر ۽ سائين جي ايم سيد جي اليڪشن ٿي ته بابا، سائين جي ايم سيد جو چيف اليڪشن ايجنٽ هو، ۽ پاڻ ٻني مان پنجاهه کن ماڻهو سائين جي اليڪشن ورڪ لاءِ وٺي ويو هو. جنرل ايوب جي مارشل لا ۾ سائين تي سخت پهرو هوندو هو، گهر ڀاتين کانسواءِ ساڻس ڪنهن کي به ملڻ نه ڏيندا هئا، پر بابا ان دور ۾ به ڪنهن نه ڪنهن بهاني سان سائين سان ملي وٺندو هو. مون کي ياد آهي ته هڪ دفعي اسان سن وياسين ته سائين جي جڳهه تي مزورن ڪم پئي ڪيو ۽ بابا هڪڙي مزور جا ڪپڙا پائي مٿي تي تغاري رکي اندر وڃي سائين سان ملي آيو، ڪنهن به ڊيوٽي عملدار کي خبر ئي ڪا نه پئي. اها هئي سيد سان اسان جي محبت جي انتها. جهرڪن ۽ ميرپور بٺوري ۾ ته بزمِ صوفياءِ سنڌ جون ٻئي ڪانفرنسون بابا جي ڪوششن سان ٿيون. جڏهن مسلم ڪاليج ۾ سائين مٿان بم اڇلايو ويو ته ان وقت به بابا سائين ۽ منهنجا ٻه ڀائر مرحوم مير نصير ۽ شمشير سائين سان گڏ هئا. اڄ به تقريبن سئو کن خط سائينءَ جا بابا ڏانهن لکيل اسان وٽ محفوظ آهن، پر زياده تر خط ذاتي نوعيت جا آهن، نه ته اهي خط آئون ضرور ڇپايان ها. سائين سنڌ جو اهو پهريون سياستدان هو، جنهن سنڌ جي حقن نه، پر آجپي جي ڳالهه ڪئي.
مون ڏٺو آهي ته سنڌ جا اڪثر سيد گهڻو ڪري پنهنجن پٽن ۽ پوٽن کي به سڏ ڪرڻ مهل ”سائين“ ڪري سڏيندا آهن، جيئن ٻيا ماڻهو به کين سائين ڪري مخاطب ٿين. اهو هڪ طرح سان ٻين کي ٻڌائيندا آهن ته اسان کي سائين سائين ڪري سڏيو- پر سائين جي ايم سيد ڪڏهن به پنهنجن پٽن کي سائين ڪري ڪو نه سڏيو. کين هميشه ڏاڍي قرب ۽ پيار سان امير ۽ امداد ڪري سڏيندو هو. سائين جي ايم سيد جهڙا ماڻهو صدين کانپوءِ پيدا ٿيند آهن. سائين جڏهن بابا جي وفات تي ٻني آيو ته مونکان پڇيائين ته: گهڻو اولاد اٿئي؟ مون چيس ته، هڪ پٽ آهي. سائين چيو ته: نالو ڇا اٿس؟ مون کيس ٻڌايو ته، رُخسار حسنين نالو اٿس. سائين پاڻ ان وقت منهنجي پُٽ کي گهرائي اسان جي خانداني مرشد سائين گُلي شاهه کي سڏي (اهو به اسان وٽ آيل هو) کيس چيائين ته ٻانگ ڏئي هن جو نالو نور محمد رک ۽ ائين منهنجي پٽ جو نالو رُخسار حسنين مان نور محمد ٿي ويو. شيڪسپئر جو قول آهي ته، ”ڪي ماڻهو پيدائش کان عظيم هوندا آهن، ڪي پنهنجي محنت سان عظيم ٿيندا آهن ته ڪن تي عظمت رکي ويندي آهي.“ سو واقعي سائين جي ايم سيد جهڙا ماڻهو صدين پڄاڻان پيدا ٿيندا آهن. خدا تعاليٰ جي ايم سيد جي شخصيت ۾ ايڏو پيار ۽ پنهنجائپ پيدا ڪئي، جو سندس هر ماڻهو سمجهندو هو ته سائين جي ايم سيد کيس ئي وڌيڪ ڀائين ٿو. مهمان نوازي ته ڪو سائين جي ايم سيد کان سکي. سندس ذاتي دوستن ۾ هر عمر ۽ طبقي وارا ماڻهو هوندا هئا، پر سڀني سان هڪجهڙو هوندو هو. مونسان به اهڙو ته بابا سائين سان به اهڙو. ان جو هڪ مثال خان عبدالغفار خان ۽ مومن ليرائي هوندا هئا، کيس ٻئي هڪجهڙا عزيز هئا. ٻنهي جي غم ۽ خوشين ۾ شريڪ ٿيندا هئا. سائين جي ايم سيد هر ڪم ننڍپڻ ۾ ڪيو، مثلن ننڍپڻ يعني فقط ڇهن سالن جي عمر ۾ شادي ۽ پندرهن سالن جي عمر ۾ سياست جي شروعات ڪئي. سورهن سالن جي عمر ۾ لاڙڪاڻي ۾ مولانا آزاد، مولانا شوڪت علي ۽ ٻين ڪيترن عالمن ۽ مدبرن سان ملاقاتون ڪيون ۽ سترهن سالن جي عمر ۾ سن ۾ اعليٰ پئماني جي خلافت ڪانفرنس ڪوٺايائين، جنهن ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌي، فتح محمد سيوهاڻي ۽ نور محمد شيخ شريڪ ٿيا. ارڙهن سالن جي عمر ۾ گانڌي سان ملاقات ڪئي ۽ صرف ايڪيهن سالن جي ننڍڙي عمر ۾ ڪراچي ضلعي (ان وقت ڪراچي ضلعي ۾ ڪراچي، ٺٽو ۽ دادو ضلعو شامل هوندا هئا) ڪائونسل جو ميمبر ۽ ضلعي ڪائونسل جو نائب صدر ٿيو. هڪ دفعي مٿس حيدرآباد ۾ خوني حملو ٿيو، جنهن ۾ لڪل خنجر سان هڪ ماڻهو کي سندن ڏانهن وڌندي پڪڙيو ويو هو. اها حيدرآباد واري واقعي کان به اڳ جي ڳالهه آهي، ٻيو کيس مارائڻ جي منصوبي جو احوال پاڻ هڪ خط ۾ بابا سان ڪيو آهي.
بزم صوفياءِ سنڌ ڪانفرنس، پنهنجون سالگرهه جون تقريبون منعقد ڪرڻ توڙي ڀٽ شاهه تي ادبي ڪانفرنسون ڪرائڻ وارين سڀني سرگرمين جو مقصد سنڌ ۾ سياسي، ادبي، علمي شعور پيدا ڪرڻ هو، جنهن ۾ هو نئين ٽهيءَ کي بيدار ڪرڻ ۾ بلڪل ڪامياب ويو ۽ اڄ به سنڌ جي نئين ٽهيءَ جو وڏو تعداد انهيءَ راهه تي گامزن آهي. سائين جي ايم سيد جن ماڻهو کان زندگيءَ ۾ گهڻو متاثر ٿيو، انهن مان علامه آءِ آءِ قاضي سڀني کان اڳڀرو نظر اچي ٿو. مثال طور پنهنجي ڪتاب ”ساهڙ جا سينگار“ جي صفحي ۲۰ تي لکي ٿو ته ”سندن (علامه آءِ آءِ قاضي) سان ملاقاتن مان جيڪا معلومات ميسر ٿي، سا مشڪل سان سوين ڪتاب پڙهڻ مان حاصل ٿي سگهي ها. مون ۾ جيڪو به تخيل، محبت ۽ انساني همدرديءَ جو ذرو موجود آهي، ان ۾ قاضي صاحب جي ملاقاتن ۽ صحبت جو وڏو عمل دخل آهي.“ جي ايم سيد علامه صاحب کان ايترو ته متاثر هو، جو پنهنجا ٻئي پٽ امير حيدر ۽ امداد محمد تربيت لاءِ ننڍي هوندي کان سندس حوالي ڪيا. ان ڳالهه جي تصديق غلام رباني پنهنجي ڪتاب ”جهڙا گل گلاب جا“ جي صفحي ۱۱۹ تي به ڪئي آهي. سائين جي ايم سيد جي پنهنجي وڏي پٽ امير حيدر شاهه ۽ ننڍي نياڻي دُرشهوار کي پڙهڻ لاءِ انگلينڊ موڪليو. سائين جي ايم سيد سڄي زندگي سنڌ ۽ سنڌين جي ڳالهه ڪئي. پاڻ ڪيئي دفعا اسيمبلي ميمبر ۽ هڪ دفعو وزير ٿيو، سندس ٻئي پٽ اسيمبلي ميمبر ٿيا ۽ سندس پوٽو جلال محمود شاهه سنڌ اسيمبليءَ جو اسپيڪر ٿيو. مون وٽ سائين جي ايم سيد، سندس ٻن پٽن ۽ ٻن پوٽن جلال محمود شاهه ۽ بدر شاهه جا مون ڏانهن لکيل خط اڄ به محفوظ آهن، يعني ٽن نسلن جا قرب ۽ پيار جا پيغام ۽ سينها.
جڏهن سائين جي ايم سيد وفات ڪئي، تڏهن به پاڻ هو ته اسپتال ۾، پر هو حڪومتِ وقت جو قيدي- سڄي ملڪي تاريخ ۾ مان سمجهان ٿو ته سائين جي ايم سيد، نواب نوروز خان ۽ شهيد ڀٽو ٽئي اهڙا ليڊر هئا، جن جيل يا نظربنديءَ هيٺ وفات ڪئي. سنڌ جا ٻه اڳواڻ ته تاريخ ۾ قربانيءَ جو هڪ اهڙو مثال بڻجي ويا آهن، جو هر سال هزارن جي انگ ۾ ماڻهو اچي سندن قبرن تي سلامي ٿين ٿا.



جي ايم سيد
هڪ عظيم درسگاه
منظور ڪوهيار
سال ۱۹۷۹ع جو هيو. پوريءَ طرح ياد ناهي ته مهينو جُـون جو هيو يا جولاءِ جو. بشير شاهاڻي جيئي سنڌ اسٽوڊنٽ فيڊريشن جي صدر جي حيثيت سان، اڃان ڀڳل پسٽل رکڻ جي الزام ۾ جيل ياترا نه ڪئي هئي.
مان ۽ بشير شاهاڻي ذاتي دوست ۽ ڳوٺائي هياسين. اِن ڪري لاڙڪاڻي کان سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو اچڻ وڃڻ گڏ ٿيندو هو. بشير شاهاڻي ايندي ويندي عمومن ”سن جي سائين“ جي ديدار درشن لاءِ لهي پوندو هيو. ۽ مون کي به صلاح هڻندو هيو. پر مان نٽائي ويندو هيس.
هن هڪ دفعي لاڙڪاڻي کان يونيورسٽي ايندي زوري سن لاهي وڌو ۽ چيائين : ”هر ڀيري حرامپائي ڪري نٽائين ٿو. اڄ نه ڇڏيندو سانءِ!“
اسٽاپ تي لٿاسين ته ڪو بگيءَ وارو به نظر ڪو نه آيو. ڏنڊا ڏوٽا هياسين، سو ڪنهن بگيءَ جي انتظار ڪرڻ بجاءِ گوڏي گاڏي ڪئي سين. ائين پئي لڳو ته سنڌ وارو سن ۽ انگريزيءَ وارو  SUN پاڻ ۾ ٻکجي ويا آهن. هلندي هلندي ٻنهي جو وات ال ڪانؤ وانگر پٽجي ويو هو. تيز روشنيءَ جي ڪري اکيون چنجهيون ٿي ويون هيون.
سن ڳوٺ جي گهٽين مان مڙندي، هڪ جڳهه جي دروازي ۾ داخل ٿي ٿلهي تي چڙهياسين. پوءِ دالان ۾ اچي جوتا لاٿاسين. بشير شاهاڻي ٻليءَ پير هلندي سامهون واري ڪوٺيءَ جو دروازو احتياط سان کوليو ۽ اندر داخل ٿيو. دروازي به ڄڻ آرام ۾ خلل محسوس ڪندي احتجاجن چيڪٽ ڪيو. اندر دريءَ جي سامهون هڪ جُنگ پوڙهو مڙس ڏير جي وڇايل تڏي تي رلهي مٿان گهري ننڊ ۾ ستل هيو، مٿن کان ۱۵ سالن جو هڪ ڇوڪرو وڃڻو هڻي رهيو هيس ۽ پيرن کان اڌ وهي همراهه زور ڏئي رهيو هيس. بشير شاهاڻي سڙٻاٽين ۾ ٻڌائيندي چيو:
”اهو ئي هيٺ ستل سائين جي ايم سيد اٿئي!“
مون هڪ نظر سائين تي وڌي، جيڪو محو خواب هيو. ضرور اِهو خواب سنڌ جي آجپي جو ئي هوندو، اسان ٻنهي ڄڻن پنهنجا ٿيلها ڪمري جي هڪ ڪنڊ ۾ رکيا.پوءِ سامهون رکيل ڪرسين تي ڦانءِ ٿي ڪري پياسين. جو گهڻي پگهر وهڻ ڪري جسم ساڻو ٿي چڪو هيو.
منهنجين اکين ڪمري جو جائزو وٺڻ شروع ڪيو. جيتري قدر ياد آهي ته ڪمري جي ڏاکڻين پاسي ڀت تي اوني ٽوپ ۽ سويئٽر سان، سائين جي ايم سيد جي قد آدم ٺاهوڪي تصوير لڳل هئي. اُن جي ڀر ۾ پر ٿورو مٿيرڪو ڪنهن مصور جي منظرڪشي واري تصوير ٺهيل هئي، جنهن ۾ نه کٽندڙ ساون کيتن جو سلسلو، کيتن ۾ بيٺل متارا ڍڳا، وٽر سٽر هاري ۽ چيلهه چهبڪ ناريون ڏيکاريل هيون. ائين پئي لڳو ڄڻ مصور سائين جي ايم سيد جي اکين ۾ پيهي سنڌ جي روشن مستقبل جي تصوير ڪشي ڪئي هجي .
اولهائين ڀت تي ڳاڙهي سنڌي ٽوپ ۽ ريشمي اجرڪ سان سائين جو پورٽريٽ ٺهيل هو. جنهن ۾ جي ايم سيد جي لازوال مرڪ شامل هئي. جنهن ۾ مون کي موناليزا جي مرڪ کان وڌيڪ گهرائي ۽ گيرائي نظر آئي. (بهرحال هرهڪ جي پنهنجي اک آهي.) اولهه ــ اتر واري ڀتين جي ڪنڊ ۾ ڪارنر ٽيبل مٿان پلاسٽر آف پيرس جو سندس ئي سفيد رنگ جو بت رکيل هو. ڪمري ۾ ٻه اولهه ۽ ٻه اوڀر کان کٽون پيل هيون. ڪمري جي اتر ۽ ڏکڻ پاسن کان چار چار ڪرسيون رکيل هيون، جن تي سفيد چادرن جا گاديلا پيا هيا.
بشير شاهاڻي جَهلي ڇڪڻ شروع ڪئي، جهليءَ جي جُهلڪن ڪجهه پگهر سڪايو ته اُٿي مَٽ مان پاڻيءَ جا ٻه ٽي گلاس ڀري ڏوگهياسين. هڪ ننڍي ٽيبل تي ٽري Tray  رکيل هيو. جنهن ۾ قسمين قسمين ميوا پيل هيا. خاص ڪري مشهدي صوف، چتري ڪيلا ۽ لاڙڪاڻي جا ڳاڙهه سرا چيها ۽ ٻاوا زيتون (زيتونن جا قسم) وغيره. دل ڪڍيو ته جيڪر هڪ اڌ شيءِ کڻي کائجي. پر سڄو ڪم زيتونن خراب ڪري وڌو جو منجهن سياري جي مند ۾ پڪل زيتونن واري لالاڻ هئي جڏهن ته لاڙڪاڻي جي گرمين واري زيتونن ۾ ڳاڙهاڻ ناهي هوندي.
بشيرشاهاڻي منهنجي گهور کي سمجهي ويو ۽ ڏاڍي مهمانوازي واري انداز ۾ چيائين:
”ڀلي کاءُ، سائين جي ايم سيد مهمانن لاءِ گهرائي رکيا آهن. چتري ڪيلا ته زبردست ٿي.“
مون وراڻيو، ”ڪيلا کائيندا اُهي، جن سڄي عمر ڪيلن تي گذارو ڪيو هجي.“
”پوءِ ڀلا صوف ؟“ هن صوفن ڏانهن اشارو ڪندي چيو.
”سنڌ يونيورسٽي جي صوفن، سان، مشهدي صوفن جي ڪهڙي ڀيٽ ... جن اُهي صوف چکيا هوندا ته اُنهن کي هي صوف ڪٿان وڻندا؟“
”وڏو لاهه آن ... سمجهين وئين!“ بشير مشڪندي وراڻيو. پوءِ بشير شاهاڻي ويهي ڪيترن دوستن جا قصا ٻڌايا، جن ڀل ۾ اچي اِنهن مٽي مان ٺهيل ميون کي چڪ هنيا هيا. خاص ڪري مرتضيٰ مهيسر جو قصو ٻڌائي ڏاڍو کلايائين. سائين جي ايم سيد ايڏي گهري ننڊ ۾ هيو جو ڄڻ کيس ڪنهن به شيءِ جي پرواهه نه هئي، نه گرمي جي، نه جهولي جي، جيڪو در جي وٿين مان زوڪاٽ ڪندي پئي آيو،  نه وري اسان جي سڙٻاٽن ۽ کک کک جي.
سائين جي ايم سيد اندازن ڏيڍ ڪلاڪ کانپوءِ اکيون پٽي رڙ ڪئي:
”ڇوڪرا پاڻي!؟“
ڇوڪرو اُٿيو ۽ مٽ مان پاڻي ڀري آيو. سائين اُٿي پاڻي پيتو ۽ پوءِ اسان ڏانهن ڏٺائين. اسان اٿي سائين سان ملياسين. سائين آهستگيءَ سان خوش وخير عافيت ڪئي. اُن کان پوءِ اسان ٻنهي کي گهوريندو ۽ مشڪندو رهيو ۽ آخر ۾ بشير شاهاڻي سان مخاطب ٿيندي چيائين:
”آءٌ سمجهان ٿو ته هاڻ منهنجو حافظو ختم ٿيندو ٿو وڃي. ڇوڪرا! مون توکي چاليهه دفعا ڏٺو آهي. پر ڪوشش جي باوجود به نالو ياد ڪري نه سگهيس.“
”سائين، مان بشير شاهاڻي،“ بشير باادب ٿي چيو.
”ها،ها، هاڻ ياد اچي ويو... ۽ هن جو؟“ مون ڏانهن اشارو ڪندي چيائين
”منظور حسين...! سائين منهنجو ذاتي دوست ۽ ڳوٺائي آهي.“
”اڇا، لاڙڪاڻي جو آهي... هاڻي اوهان ڇا پڙهندا آهيو ؟“
”مان جاگرافيءَ جو فائنل سيمسٽر ڏنو آهي ۽ هن سوشيالاجي جو.“ بشير جواب ڏنو
پوءِ ٻنهي کان جاگرافي ۽ سوشيالاجي جا سبجيڪٽ پڇيائين. اسان واري وٽي ٻڌاياسين ۽ پوءِ بشير ڏانهن منهن ڪري چيائين:
”ها تون جاگرافي پڙهندو آهين نه ... ٻڌ، مون هڪ ڪتاب لکيو آهي. جنهن ۾ سنڌ جي جاگرافي تي بحث ٿيل آهي. جنهن ۾ انگن اکرن سان آبادي، مٺي پاڻي، جابلو علائقن، ڍنڍن ڍورن جي باري ۾ ڄاڻ ڏني آهي. هر سال ڪيتري مٽي سمونڊ ۾ پئي ٿي ۽ ڊيلٽا ٺهي ٿي.اُن جا انگ اکر شامل آهن...توکي ڊيلٽا جي خبر آهي؟“
”نه سائين،“ بشير لڄي ٿي وراڻيو.
”ڊيلٽا چئبو آهي، اُن زمين کي، جنهن جو ڪجهه حصو پاڻي ۾ هجي ۽ ڪجهه ٻاهر... ڀلا هڪ ايڪڙ ۾ چورس فوٽ گهڻا؟“
”۶۶۶۶ فوٽ “ بشير شاهاڻي ڌڪو هنيو،  اِهو سوچي ته ڦٻي ويندو.
اِهو جواب ٻڌي، سائين ڪاوڙ ۾ ڳاڙهو ٿي ويو:
”خدا جو غضب پويـوَ... سمجهائي سمجهائي بيٺو آهيانؤ ته پڙهو... پڙهو پر پڙهو ئي نٿا.“
مون هڪدم وراڻيو: ”سائين ۴۳۵۶۰“
”شاباس، توکان عهدو کسي هن کي ٿا ڏيون.“ سائين بشير تي ڪاوڙجندي چيو.
”پر سائين هي ته ميمبر ئي ناهي.“
”باقي ڪنهن کي ٿا ميمبر ڪيو. لوفرن ۽ اڻ پڙهيلن کي .... خدا جو غضب پويو!“
”سائين هن کي ته چوان ٿو ته ميمبر ٿيءُ، پر ٿي ئي نه ٿو.“
بشير کي اڃا وڌيڪ ڇنڊ پٽڻ جو ارادو هيس ته هڪ نوجوان اندر آيو. سائين سان مليو، جنهن ڏانهن سائين جو ڌيان ٿي ويو. لڳي پيو ته خاص ڪارڪن ۽ گهڻ گهريو هو. سائين اُن کي پئي ٻڌايو ته ناز سنائيءَ جو خط آيوآهي، جنهن ۾ لکيو اٿائين:
سائين دعا ڪجو...آءٌ توهان جي رستي تي قائم رهان ۽  اِنهيءَ امتحان ۾ پار پوان، جيڪو سر تي اچي پيو آهي. اوهان کي منهنجي جرئتمندي جي پوري ڄاڻ آهي. مهرباني ڪري هيٺين سوالن جا جواب ڏيندا ته مهرباني ٿيندي
۱. اوهان جناح ڪيپ ڇو پائيندا آهيو؟
۲. رسول بخش پليجو چوي ٿو ته ماڻهوءَ جي شخصي ڪردار کي ڇڏي، سندس قومي ڪردار کي پرکڻ گهرجي.
۳. ٻڌئون ٿا ته اوهان ڀٽي جي موت تي رُنا هيئه؟
سائين جواب ڏيڻ لڳو:
’پهريان ته آءٌ اِن ڪيپ کي جناح ڪيپ مڃڻ لاءِ تيار ناهيان. ڇو ته اها ڪيپ اسان وٽ ايران ۽ افغانستان کان پهتي آهي. جيڪا بنيادي طور تي قراقلي ڪيپ يا ٽوپي سڏبي آهي. جيڪا فارس جي ڪاري رڍ جي ليلي جي کل مان ٺاهي ويندي آهي. ٻيو جنهن جو شخصي ڪردار نه هوندو، اُن جو قومي ڪردار نه هوندو. ان جو وڏو مثال حضرت محمد ﷺآهي. جنهن جو عربن وٽ پهريان شخصي ڪردار اڀريو ۽ پوءِ قومي ڪردار. يعني رسول عربي. ٽيون ڀٽو ڪهڙو به هيو، پر هيو ته سنڌي ڳالهائيندڙ نه ... شڪايتون به پنهنجن سان ڪبيون آهن ۽ روئبو به پنهنجن لاءِ آهي.
مون هڪڙو ڪتاب لکيو آهي. جنهن ۾ هڪ خواب جو ذڪر آهي ته خدا وٽ سنڌ فريادي آهي. ۽ جوابدار ذوالفقار علي ڀٽو آهي. سنڌ جي طرف کان وڪيل آءٌ آهيان ۽ ڀٽائي ذوالفقار علي ڀٽي جو وڪيلِ صفائي بڻيو آهي.“
انهيءَ دؤران هڪڙو ٻيو همراه به اِن گفتگوءَ جي دؤران اچي چڪو هيو. جيڪو سائين جي گفتگو ڌيان سان ٻڌي رهيو هيو، تنهن ڪنڌ ڌوڻيندي چيو: ”هڪڙي طرف وڪيل شاه عبدالطيف ڀٽائي ۽ ٻيءَ طرف سيد غلام مرتضيٰ، وڏي ڳالهه آ، وڏي ڳالهه آ، سائين اِهو ڪتاب جلد از جلد اچڻ گهرجي.“
سائين جي ايم سيد ٻڌائڻ لڳو:
”ڪتاب ته پورو ٿي ويو آهي. پر منهنجو خيال آهي ته ان ڪتاب کي مختصر ڪري ٻارنهن سوالن ۾ ورهائجي پوءِ اُنهن سوالن جا جواب ڏجن. اِهي سوال ۽ جواب رڪارڊ ڪيا وڃن تنهن کان پوءِ ڪئسٽ جي ذريعي تشهير ڪئي وڃي ته جيئن سنڌ جا ماڻهو سجاڳ ٿين. ائين جيئن آيت الله خميني ايران ۾ ماڻهن سان رابطو رکيو هو.“
اِنهيءَ گفتگو دؤران شربت آيو، جيڪو سڀني واري وٽيءَ سان پيتو.
مون هڪ ڳالهه نوٽ پئي ڪئي ته اُهو همراه وڏو غلم جو توبچي هيو هيڏانهن هوڏانهن جا اجايا سجايا گفتا پئي ڪيائين. مثلن اِهو پئي چيائين ته بيگم ڀٽو، اڄڪلهه جنرل ٽڪا خان جي ڪڍ لڳي آهي. جنهن تي سائين جي ايم سيد جو رد عمل ڏاڍو سخت ٿي پئي ويو. غصي ۾ پئي چيائين:
”خدا جو غضب پوين... اڃا اِنهن جي ڪڍ.“ مون کي اِهو احساس شدت سان پئي ٿيو، ته اهي غلم جا توبچي ۽ خوشامندي ماڻهو ڪيڏا نه خطرناڪ آهن، جيڪي هروڀرو ماڻهن جي وچ ۾ وٿيون ۽ گمان پيدا ڪندا آهن. اُن وقت حضرت سليمان جي چوڻي ياد آئي، ته ”چغل خور ۽ خوشامندي ماڻهن جون ڳالهيون لذيذ لقمن جهڙيون هونديون آهن ۽ اهي پيٽ جي تمام اندرين ڀاڱن ۾ لهيو وڃن ٿيون.“
۳ وڳي ڌارا ماني آئي. ورانڊي ۾ گلم تي ٿي ويٺاسين. ڀاڄيءَ ۾ پلو، گوشت ۽ واڱڻن جو ٻوڙ هو. بصر، انب جي کٽاڻ، ڏوڏيون ۽ سنڌڙي انب به رڪابين ۽ ٿالهين ۾ سجايل هيا. ڪڻڪ جي ماني ۽ چانور به دسترخوان ۾ شامل هئا. جيڪا ڳالهه نوٽ ڪرڻ جي هئي، سا اِها هئي ته سائين کي وڃڻو هڻندڙ ڇوڪرو ۽ زور ڏيندڙ اڌ وهي همراه به اسان سان گڏ ماني پئي کاڌي. ڳالهين مان معلوم ٿيو ته اُهو اڌ وهي همراه سائين جو مريد ۽ هاري هيو، ۽ ڇوڪرو هاريءَ جو پٽ هيو.  اِهو منظر زندگي ۾ مون پهريون دفعو ڏٺو هو ته مريد ۽ مرشد، هاري ۽ وڏيري گڏ ويٺي ماني پئي کاڌي. نتيجي ۾ سائين جي ايم سيد لاءِ اِهو تاثر جڙيو ته سائين روايتي پيرن مرشدن يا وڏيرن منجهان نه هيو، منجهنس نه ڇوت ڇات هئي ۽ نه وري ڪا احساس برتري ۽ گهمنڊ.
کائڻ جي دؤران مون اِهو به ڏٺو ته سائين پلي کي هٿ نه پئي لاتو. البت گوشت ۽ انب واپريائين پئي. بشير ۽ مان نه ڇڏيو سين پلي کي، نه گوشت کي ۽ نه وري واڱڻن کي.انبن ۽ ڏوڏين سان به ڏاڍي ڪئي سين. ماني کائڻ کان پوءِ سائين چيو: ”بابا هاڻي ڪجهه آرام ڪيو.“
سائين، اُتي ورانڊي ۾ ڏير جي مخصوص تڏي تي، وهاڻي تي مٿو رکي آهلجي پيو. ۽ اسان ٻئي وري ٻئي ڪمري ۾ وڃي ستاسين. ڏاڍي ڪوشش جي باوجود به ننڊ نه آئي. نيٺ ۵ وڳي ڌارا ٻاهر نڪتاسين ته سائين جاڳي رهيو هيو. ڪو همراه کائنس اسلام جي باري ۾ پڇي رهيو هيو . سائين ٻڌائي رهيو هيو:
”ملان جي اسلام ۽ اسان جي اسلام ۾ فرق آهي. ملي وٽ رب رڳو مسلمانن جو ۽ ڏاڍو قهار آهي. اسان وٽ رب سڄي عالم جو ۽ راحمين آهي. ملو چوي ٿو ته هڪڙو جهان هت آهي ۽ ٻيو جهان قيامت کان پوءِ آهي. پر آءٌ چوان ٿو ته هڪڙو جهان هيءُ آهي، جيڪو هلي ٿو ۽ ٻيو جهان ايندڙ مستقبل آهي، بهشت ۽ دوزخ قومن کي هتي ئي ملندو. جيڪا قوم سست ۽ جاهل رهندي اُها عذاب ۾ هوندي. جيڪا چست ۽ ڄاڻ واري هوندي، اُها سڪون سان زندگي گذاريندي.“
”سائين هندو ته الله کي نه ٿا مڃن، اُهي بتن جي يا غير الله جي پوڄا ڪن ٿا؟“ اُن همراه جو ٻيو سوال هيو.
”هندن جي پراڻن مذهبي ڪتابن ۾ به وحدت الوجود جو نظريو ڏنل آهي. اهڙي ڪا به ڳالهه  ڪونهي ته وحدت الوجود جو نظريو رڳو مسلمانن وٽ آهي. هر مذهب وارا الله کي مڃن ٿا. اُن هستيءَ جا صرف نالا الڳ الڳ آهن. ڪو ايشور چوي، ڪو گاڊ چوي، ڪو خدا سڏيس ٿو. هرڪو سڌيءَ طرح يا اڻ سڌيءَ طرح مڃي ٿو. پر الله کي اُهو سمجهي، جيڪو پهريان زمين وارن کي ته سمجهي نه؟
ٻڌ کان ڪنهن پڇيو، ”خدا ڇا آهي؟“ ته اُن جواب ۾ چيو، ته هڪڙو ستارن جو علم رکندڙ شخص اُڀ کي ڏسندي ڏسندي کوهه ۾ وڃي ڪريو. ماڻهن جڏهن پڇيس ته کوهه ۾ ڪيئن ڪرين ته چيائين زمين ماپڻ کان اڳ هليو هيس اُڀ ڪڇڻ. اِها ڳالهه قاضي قادن به پنهنجي شعر ۾ چئي آهي.
ڪنز قدوري قافيه، پڙهي پروڙين سڀ
ته ڪر منڊي ماڪوڙي، کوه ۾ پئي ڪڇي اُڀ
جيڪو ماڻهو دنيا جي سڀني مذهبن کي نه ٿو پڙهي، اُهو الله، خدا ،گاڊ ۽ ايشور کي نه ٿو سمجهي سگهي.“
سائين ائين چئي خاموش ٿي ويو. ته سڄو ماحول سانت ٿي ويو. ٿوري دير کان پوءِ سائين ڪرسيون ٻاهر اڱڻ تي ڪڍايون. ٻاهر ٿي ويٺاسي ته ڪجهه ماڻهو ٻيا به آيا. سڀني لاءِ چانهه آئي. سائين نون آيلن کان حال احوال وٺڻ شروع ڪيا. اُنهن مان هڪڙي همراه سائين سان نويڪلائي ۾ ڳالهائڻ لاءِ چيو. ٻيو ڪو اسان کي تخليه لاءِ چئي، ان کان اڳ بشير شاهاڻي مون کي اٿڻ جو اشارو ڪيو. اسان ٻاهر نڪري وياسي. سن جي گهٽين مان گهمي ڦري موٽياسي ته سائين، بشير کان پڇيو:
”بابا! جميعت طلبه  جي ڪنهن شاگرد کان، سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي ڪن ڇوڪرن ڦــر ڪئي آهي ڇا؟“
”خبر ڪونهي،“ بشير وراڻيو.
”اِها جلدي خبر وٺ ۽ پوءِ جلدي تدارڪ ڪري،  اِنهن کي فيڊريشن مان ڪڍي ڇڏيو. خدا جو ڪو غضب ڪِـرين. مون کي علڻ خان ٿيٻي به لسٽ ڏني آهي. اُها لسٽ ڏسي، تحقيق ڪري اُنهن کي به ٻي ميٽنگ ۾ ڪڍي ڇڏيو.“
بشير شاهاڻي اُن همراه کان نالو پڇيو، جنهن دانهيو هيو ته ٻڌايائين:
”محمد خان پٺاڻ!“
”چڱو مان هاڻي حويلي ڏانهن وڃان ٿو، وري رات جو ملنداسي.“
سائين سڀن کان موڪلائي هليو ويو.
اسان ٻئي ڄڻا ٻاهر نڪتاسين ته جيئن ڪا هوا جهٽيون. ٻاهر به هوا گرم پئي لڳي. پر منهنجي من ۾ ٿڌڪار هئي، هڪ اهڙي  عظيم هستي سان ملندي دل ٺري پئي هئي، جنهن جي لاءِ تمام گهڻو ڪجهه هُلايل هيو. ته سيد سنڌ جي شاگردن کي کاري خراب ڪيو آهي. پر حقيقت اها هئي ته هو اُنهن کي سڌارڻ لاءِ ڪوشان هيو  ته سنڌ جو مستقبل سپورنج ۽ ساڃاهوند جوانن جي هٿن ۾ اچي. پر ڪجهه شاگردن سندس رقيق القلبي مان ناجائز فائدو ورتو هو يا وري سائين جي مسلسل نظر بندي جي ڪري مٿائن نظرداري نه پئي ٿي سگهي.
رات جو جڏهن سيد سان ملاقات ٿي ته اُن وقت گلم تي ويٺي هٿ بتيءَ جي روشنيءَ ۾ تاريخ طبري پئي پڙهيائين. اسان کي ڏسي چيائين، ”ڪيڏانهن ويا هيئه؟“
بشير وراڻيو؛ ”چڪر تي!“
”مان اوهان جو انتظار پئي ڪيو، جو منهنجي ماني کائڻ جو وقت ٿي ويو آهي. ڇوڪرا ماني آڻ.“
سائين اتي بيٺل هڪ ڇوڪري کي چيو. ٿوريءَ دير کان پوءِ ڇوڪرو کير، چانور ، دال ۽ انب کڻي آيو. ماني کائڻ وقت اُهي ٻئي همراه هڻ کڻ به موجود هيا. جن اجايا سجايا سماچار پئي سڻايا. سائين ڪن کي اڻ ٻڌو ۽ ڪن کي ٻڌو پئي ڪيو. جن کي ٻڌو پئي ڪيو، اُن تي ڪاوڙ وچان پئي چيائين:
”خدا جو ڪو غضب پوين“
ماني کائڻ کان پوءِ ، بشير شاهاڻي ۽ مون ڏانهن منهن ڪري  چيائين:
” ٻِيو ڪو علمي حوالي سان سوال يا مونجهارو هجي ته پڇو؟“
مون کي ڄڻ وارو ملي ويو:
” سائين، ڇا شاه عبداللطيف ڀٽائي شري ڪرشن کان متاثر هيو؟“
”ڪيئن نه متاثر هوندو. هيڏو سارو گيتا جو گيان شري ڪرشن ڏنو آهي. هندو ڌرم ۾ گيتا جي وڏي اهميت آهي.“
مون چيو، ”سائين شري ڪرشن ته ڇل ڪپٽ جو ماهر هيو، مها ڀارت ۾ جڏهن ڌريوڌن زخمي حالت ۾ هيو ته هن ڪرشن کي چيو، ته ’اڙي ڪنس داس جا پتر! ڇا تو ۾ ذرو به شرم ڪونهي. تنهنجي چوڻ تي مون ڀيم کي اڌرم ۽ انيتي سان ماريو. هن سنگرام کي ڌرم يد ڄاڻي گهڻا ئي راجا هن ۾ شريڪ ٿيا. پر اُهي اڌرم ۽ دغابازي سان ماريا ويا آهن .... ڇا توهان کان وڌيڪ مها پاپي، نٺر ۽ نرلڄو به ڪو ٿي سگهي ٿو؟‘
ڪرشن چيو، ’مترو! هن دشمن جي وڦلڻ تي ڪو ڌيان نه ڏيو. دروڻ ۽ ڪرڻ ڏاڍا پراڪرمي وير هئا. سڌي سنواٽي نموني جيتڻ ناممڪن هو. اُن لاءِ ڪا نه ڪا رمز رکي کين ماريو ويو. پنهنجي بچاءَ لاءِ ڌرم، نيتي جي رکيا لاءِ ڇل ڪپٽ ڪرڻ ۾ ڪو وهم ڪونهي.‘ ۽ ٻيو ته هن سنڌ جي راجا جئدرٿ کي به چوڏهين ڏينهن تي ڇل ڪپٽ سان ماريو هو.“
”تون اهو ڪٿان پڙهيو؟“ سائين سوال ڪيو.
مون وراڻيو: ”شري مها ڀارت، لوڪ رام پيسو مل ڏوڏيجا جو ڪتاب.“
”اڇا، گهڻو ڪري ته اهو ۱۹۶۷ع جو ڇپيل آهي!؟“ سائين سوچيندي چيو .
”جي سائين!“
”تو نالو ڇا ٻڌايو پنهنجو؟“
”منظور حسين“، مون جواب ڏنو.
سائين سمجهائيندي چيو،” منظور...! توهان هن زماني جي اخلاقيات کي اُن زماني جي اخلاقيات سان ڇو ٿا ڀيٽيو؟ جي اوهان ڀيٽيندءُ ته پوءِ دنيا جي مڙني شخصيتن جا اخلاقي قدر اڄوڪي اخلاقي قدرن سان نه ٺهڪندا. ان ڪري ڪنهن به شخصيت کي اُن زماني جي اخلاقي قدرن جي تحت ڏسو .... تو گيتا پڙهي آهي؟“
”پڙهي آهي!“
”ڪيئن لڳي؟“
”روحانيت جا سڀ مارڳ بيان ٿيل اٿس، جن ۾ گيان، ڌيان، يوگ ڪرم ۽ ڀڳتي بابت زور ڏنل آهي.“
”ان جو مطلب ته تو گيتا به پڙهي آهي. لطيف به سر رامڪلي ۾ جڏهن پورب جو ذڪر ڪري ٿو ته شري ڪرشن جي ڏنل گيتا واري فلاسافيءَ طرف اشارو ڪري ٿو.
پوڄا ڪرم پاڻ کي، پل پوڄا کان پاڻ
لاهوتي لطيف چئي، سڌ نه کڻن ساڻ
تعلق ڇڏڻ تڪيا، ايءُ آديسين اهڃاڻ
ڄاڻي ڇڏي ڄاڻ، پريا پورب پنڌ ڏي“
اِهو پورب پنڌ دوراڪا جي طرف هوندو هيو.
يا ٻيو به شعر به اُنهن نانگن فقيرن جي حوالي سان آهي. جيڪي شري ڪرشن جي شهر دوراڪا کي پنهنجو مرڪز ۽ منزل سمجهندا هيا.
ڪڇي ڪاڇوٽي، نانگن ٻڌي نيهن جي
سُک نه ستا ڪڏهن، لاهي لانگوٽي
جهڙا آئيا جڳ ۾، تهڙا ويا موٽي
تنين جي چوٽي، پورب ٿيندي پڌري.
ڇوڪرا، تو منهنجو ڪتاب ’پيغام لطيف‘ پڙهيو آهي؟“
”جي سائين!“ مون وراڻيو.
”ڇا سمجهيو ٿي؟“
”توهان لطيف کي هڪ نئين رخ يعني قومي شاعر جي حوالي سان پيش ڪيو آهي.“
”پوءِ ان ۾ ڪامياب ويو آهيان يا نه؟“
”بالڪل اوهان شاه جي بيتن جي حوالي سان ثابت ڪيو آهي ته شاهه قومي شاعر آهي.“
”خدا جو شڪر آهي ... ٻيو ڪو سوال؟“
مون وري ٻيو سوال ڪيو،
”سائين شاه عبداللطيف جو آئيڊيل يا مرشد ڪير هيو؟“
سائين جي ايم سيد ٻڌايو:
”حضرت علي...! شاه صاحب اهل تشيح صوفي هيو. پر اِهو ذهن ۾ رکو ته اڄوڪن شيعن جهڙو نه هيو. صوفي لاڪوفي هيو. سر رامڪليءَ ۾ جنهن انداز ۾ تعريف ۽ توصيف ڪري ٿو. جن ۾ ويراڳي، نانگا، جوڳي، بيکاري، آديسي، ڪاپڙي، سامي وغيره اچي وڃن ٿا. پر جڏهن حضرت عليءَ جي ڳالهه ڪري ٿو ته اُن کي پنهنجو رهبر سمجهي ٿو:
” نانگا نانيءَ هليا، هنگلا جان هلي
ديکي تن دوارڪا، مهيسن ملهي
آڳهه جن علي، آءٌ نه جئندي ان ري“
يا
”گذر گئي گذران ڪين قبولج ڪاپڙي
عليءَ جو ميدان سڳر سنياسين کي.“
يا وري
”عليءَ جي ميدان ۾ ويٺا ڌوڻ ڌُڻي
ترڪ ڪيائون تڪيا، پريون پنڌ سڻي
ڪندي ڪوه ڌڻي، طعنا ڏيئي تن کي.“
ٻيو ته شاهه عبدالطيف محرم ۾ ڪارا ڪپڙا پهريندو هيو ۽ سر ڪيڏارو ڪربلا جي واقعي جي حوالي سان ڄڻ سنڌيءَ ۾ لکيل عظيم نوحو آهي. هاڻي توهان ڀلي وڃي آرام ڪيو!“
اسان اٿياسين ته سائين وري چيو:
”منظور توسان ملي خوشي ٿي. بشير هن کي ميمبر ضرور ڪجانءِ!“
”ها سائين ها“، بشير زور سان وراڻيو، ۽ پوءِ آهستگي سان چيائين، ”مان ته ڏاڍو زور ٿو ڀريانس، پر حرامي  ٿي ئي نه ٿو. پر هاڻي ميمبر ضرور ڪندومانس.“
بشير ۽ مان اُتان نڪري اوطاق جي اڱڻ تي جڏهن کٽن تي آهلياسي ته مون وٽ “سن جي سائين“ لاءِ مجموعي طور تي اهو تاثر جڙيو ته لاشڪ سائين جي ايم سيد هڪ عظيم علمي درسگاهه آهي. جنهن جي قدر ۽ قيمت جو اسان کي اڃا احساس ڪونهي. تڏهن ته ڪيترائي هن عظيم درسگاهه جي حاضري ڀريندي به ڪجهه ناهن سکيا. بقول ڀٽ ڌڻيءَ جي:
محروم ئي مري ويا، ماهر ٿي نه مئا
چڙيءَ جي چنهج جيان، لڏيائون لئا
حباب ئي هئا، انهيءُ وادي وچ ۾.


سائين جي ايم سيد
ويهين صديءَ جو عظيم سياستدان
ڊاڪٽر مير عالم مري
گذريل صدي يعني ويهين صديءَ ۾ سنڌ اندر سياسي نظرين جي لحاظ سان وڏي اٿل پٿل رهي. پر وطن ۽ قوم جي بنياد يا انڪار جي حوالي سان ٽي فڪر رهيا ۽ ٽنهي جو پاڻ ۾ ٽڪراءُ رهيو. (۱) اکنڊ ڀارت جو نظريو (۲) مذهبي قومي تصور ۽ ڀارت جي ورهاڱي جو نظريو (۳) سنڌ جي آزاد رياست جو نظريو.
(۱) اکنڊ ڀارت جو نظريو، جيتوڻيڪ برطانوي سامراج مخالف هو، پر ڀارت اندر تاريخي قومن جي وجود ۽ انهن جي آزاد رياستن جي حق کان انڪاري هو. انڊين نيشنل ڪانگريس ۽ مهاتما گانڌي ان جا وڏا حامي ۽ پرچارڪ هئا. (۲) مذهبي قومي تصور ۽ ورهاڱي جي نظريي جا حامي، برطانوي راڄ جا اڻ سڌا حامي ۽ انهن جي معرفت پاڪستان جي قيام لاءِ راهه هموار ڪري رهيا هئا. مسلم ليگ ۽ قائد اعظم ان جا وڏا حامي ۽ پرچارڪ هئا. (۳) آزاد سنڌ جو نظريو: هي ڳالهه سڀ کان پهرين، سنڌ مان مولانا عبيدالله سنڌي ڪئي. ٻي عالمي جنگ کانپوءِ جي عالمي ۽ علائقائي حالتن ۽ بغاوت جي پسمنظر ۾ مٿي بيان ڪيل سياسي نظرين مان فقط مذهبي قومي تصور تحت پاڪستان جي قيام جو ماحول ٺهيو، نه اکنڊ ڀارت رهيو ۽ نه سنڌ سميت ٻين ملڪن آجپو ماڻيو. جيتوڻيڪ برطانوي تسلط جو دور پورو ٿيو. ان کانپوءِ مختصر عرصي اوڀر پاڪستان بنگلاديش بنجي ويو.
سائين جي ايم سيد ويهين صديءَ جي اهم سياسي شخصيت آهي. سيد پنهنجي حياتيءَ ۾ ۷۵ سال سياسي، ادبي ۽ عملي جدوجهد ڪئي. سندس پنجونجاهه ڪتاب لکيل آهن، جن مان اڪثر ڇپيل آهن ۽ مختلف ٻولين ۾ ترجما ٿي چڪا آهن. ڪل ملائي ۳۲ سال قيد ۽ نظربندي ڀوڳيائين. سڀني بااثر وڏن ماڻهن وانگر سائين جي ايم سيد جا مداح به آهن ته ڪٽر مخالف به. پر ڪجهه بنيادي ڳالهيون، جيڪي جي ايم سيد جا مخالف به تسليم ڪن ٿا، اهي هي آهن ته سيد سڄي زندگي سنڌ ۽ سنڌين جي ڀلائيءَ لاءِ ڪم ڪيو. پنهنجي خيالن ۽ نظرين تي اٽل رهيو ۽ هن ڪڏهن به سوديبازي ڪري رعايتون نه ورتيون. هو قومپرستيءَ جي جديد نظريي جو باني ۽ سنڌين ۽ سنڌ جي سڃاڻپ آهي.
آئون جي ايم سيد جي سڄي حياتيءَ جي جدوجهد کي ٽن حصن ۾ ورهايان ٿو: پهريون دور ۱۹۱۷ع کان ۱۹۴۶ع تائين. ٻيو دور ۱۹۴۶ع کان ۱۷۷۱ع تائين ۽ ٽيون دور ۱۹۷۲ع کان وفات تائين. ٽنهي دورن ۾ سيد جا نظريا، خيال ۽ پارٽيون تبديل ٿيون. تجربن ۽ غلطين مان بهتر نتيجا ڪڍندو رهيو، پر ٽنهي دورن ۾ هڪڙي ڳالهه مشترڪ آهي ته جي ايم سيد وٽ شروع کان آخر تائين،  اوليت ۽ اهميت هميشه سنڌ ۽ سنڌي قوم جي مفادن جي رهي. تنهن ڪري سيد، سنڌ جي سياست جو بنيادي حوالو آهي. ڪالم جي شروع ۾ مون ننڍي کنڊ ۾ ٽن سياسي جماعتن جي ڳالهه به ان ڪري ڪئي، جو  جي ايم سيد جي سڃاڻپ ته سنڌ آهي، پر هو ننڍي کنڊ جو اهم سياستدان به هو. جيڪي به ماڻهو ننڍي کنڊ جي سياست کي، ڀارت ۽ پاڪستان کي يا سنڌ ۽ سنڌي قوم کي سمجهڻ ۽ پرکڻ چاهين ٿا، انهن لاءِ جي ايم سيد کي پڙهڻ ۽ سمجهڻ لازمي آهي، ڇاڪاڻ ته جي ايم سيد جي راءِ گهٽ ۾ گهٽ سنڌ جي حوالي سان Authority آهي. ننڍي کنڊ جي سياسي نظرين جي لحاظ کان ڪالم جي شروعات ڪرڻ جو ٻيو سبب اها تنقيد آهي، جيڪا سيد جا مخالف ڪندا آيا آهن ته سيد سنڌ جي آجپي جو نعرو (۱۹۷۲ع) وقت کان اڳ ڏنو آهي. ننڍي کنڊ جي ان وقت جي سياسي نظرين جو حوالو ڏيئي، منهنجو مقصد  انهن مخالفن کي اهو ياد ڏيارڻ  آهي ته آزاد سنڌ جو نعرو ۱۹۷۲ع  ۾ وقت کان اڳ جو نه آهي، پر جي ايم سيد جي سياسي تجربن کانپوءِ جو آهي، نه ته مولانا عبيدالله سنڌي ۱۹۴۰ع ڌاري اهو نظريو ڏئي چڪو هو ۽ ۱۹۴۳ع ڌاري شهيد سورهيه بادشاهه آزادي يا موت، وطن يا ڪفن جي نعري تحت گوريلا جنگ ڪري تختهء دار تي به چڙهي چڪو هو.
دراصل نظريا جنم ئي تڏهن وٺندا آهن، جڏهن معاشري کي انهن جي ضرورت هوندي آهي. جيئن سرمائيداري جي ارتقا ۾ مارڪسزم جو نظريو، وقت جي  ضرورت هئي يا انتهاپسنديءَ خلاف زرعي معاشرن ۾ تصوف ۽ پاپائيت خلاف سرمائيدار معاشرن ۾ سيڪيولر ازم جي نظريي جي ضرورت هئي، ڇاڪاڻ ته نظريو ڏيندڙ صرف پنهنجي ذهني اختراع وسيلي ذهني عياشي نه ڪندو آهي، پر اهو انساني معاشري جي تاريخ، حالتن ۽ ضرورت کي گهڻ پاسائون ڏسي، اهڙا نتيجا ڪڍندو آهي، ان لاءِ ۽ ڪو هڪڙو واقعو نه، پر ڪيئي واقعا سبب بڻبا آهن.
۱۹۷۲ع ۾ چند نوجوانن تي مشتمل پنهنجي نظريي جي شروعات ڪندڙ جي ايم سيد جي هلچل، ’جيئي سنڌ‘، اڄ سنڌ جي لکين ماڻهن جي دلين جي ڌڙڪن، ۽ زبان تي نعري جي صورت وٺي رهي آهي، کڻي جو ڪيترائي ٿاڻا، ٽارچر سيل، جيل ۽ قبرون اها ڳالهه ثابت ڪن پيون ته سنڌ جي ويرين سيد جي فڪر ۽ تحريڪ کي ڪچلڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي آهي، پر پوءِ به تحريڪ ۾ واڌ آئي آهي، جنهن سان به ثابت ٿئي ٿو ته هي نظريو ڪو اوچتو يا وقت کان اڳ جو ناهي. اڄ به سنڌ ۾ ڀلي کڻي ڪيتريون ئي سياسي جماعتون هجن، پر سياسي حوالي سان ٻه صرف ڪيمپون آهن، هڪ سنڌ دوست ڪيمپ ۽ ٻي سنڌ دشمن ڪيمپ.
اهو جي ايم سيد ۽ جيئي سنڌ هلچل جي جدوجهد جو ڪمال ۽ وقت جي ضرورت آهي ته وفاق پرست جماعتون (جن مان اڪثر پنهنجي فڪر و عمل ۽ جوهر ۾ سنڌ دشمن آهن) پاڻ لاءِ سنڌ دوست تاثر ڏيڻ تي مجبور آهن ۽ اها اسان جي ڪمزوري آهي ته سنڌ دوستيءَ جون دعويدار ڌريون، وفاق پرستن سان هٿ ملائين ٿيون. اهي سنڌ دشمن ڌريون، جيڪي پاڻ کي سنڌ دوست سڏائين ٿيون، ۽ ڌارين ۽ انتهاپسندن سان گڏجي سنڌ جي حقن جي حاصلات لاءِ پارليماني واٽ وٺن ٿيون. انهن جا نتيجا ته ۱۱ مئي وارين چونڊن بعد پڌرا ٿيندا، پر آئون اڄ ئي چئي ڏيان ٿو ته قومپرست سياسي پارٽيءَ جي حيثيت ۾ يا قومپرست اتحاد جي حيثيت ۾ اهي سوڀارا نه ٿيندا، ڇاڪاڻ جو اهي جي ايم سيد جي تحريڪ کي ڌَڪين ۽ ڌِڪين ٿا ۽ رياست جي دوستن جي ڪيمپ ۾ انهن جي شرطن ۽ طريقن سبب داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪن پيا، جن کي سنڌ جو عوام رد ڪندو، ڇاڪاڻ جو سنڌ جي عوام جي نظرن ۾ قومپرستي، جيئي سنڌ سان مشروط آهي ۽ جي ايم سيد سان ڳنڍيل آهي.
آخري ڳالهه ته جيتوڻيڪ سيد جي فڪر واري تحريڪ، چند نوجوانن کان شروع ٿي لکين ماڻهن تائين پهتي آهي، پر ان ۾ ٻه اوڻايون آهن، هڪ ته اها ٽڪرن ٽڪرن ۾ ورهايل آهي ۽ ٻيو فڪري لحاظ سان، ڪارڪنن جي تربيت ناهي. آدمشماري ۾ واڌ، تعليم جي شرح ۾ اضافي، ميڊيا جي ذريعن ۽ ترقي ۽ ٻين سببن جيتوڻيڪ هلچل ۾ مقداري واڌ آئي آهي، پر اها واڌ غير معياري آهي. اڄ جڏهن اسين، سن ۾ رهبرِ سنڌ جي ورسيءَ جي موقعي تي ڪارڪنن سان مخاطب آهيون ته ان وقت اسان جي سامهون جيڪي وڏا چئلينج آهن ۽ جيڪي اڄ جون ضرورتون به آهن، اهي هي آهن:
. جيئي هلچل، جيڪا مختلف تنظيمن ۽گروهن ۾ ورهايل آهي، انهن گروهن جو تعداد گهٽائي منتشر طاقت کي منظم ڪريون. ڪارڪنن ۽ حامين جي فڪري تربيت ڪريون. ۱۹۷۳جي ايم سيد جي فڪر جي بنياد تي پنهنجي طاقت کي گڏ ڪريون ۽ پنهنجي فڪر ۽ طاقت جي بنياد تي سياست ڪريون. انتهاپسندي ۽ دهشتگرديءَ کان خوفزده ٿيڻ ۽ انهن جو ساٿ حاصل ڪرڻ جون سڀ ڪوششون رد ڪري، جي ايم سيد جي تصوف، مذهبي رواداري ۽ سيڪيولرزم جي مورچي کي منظم، مضبوط ۽ وسيع ڪريون.
.ڪارڪن ته هزارين/لکين پيدا ٿي چڪا آهن، پر هاڻي پنهنجي تحريڪ ۾ چند سُلجهيل ۽ هم آهنگ سياستدانن جي ٽيم به تيار ڪريون، ته پوءِ بيشڪ سيد جو خواب، ساڀيان حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيندو. سيد، اڪيلو هو، پر رياستي ادارن ۽ ان جي حامين تي حاوي هو. پر اسين تعداد ۾ کڻي جو وڌيا آهيون، پر مقابلي جو معيار اهو ناهي. مقابلي جو معيار وڌائڻ ۽ ميدان جي چونڊ اسان کي ڪرڻي آهي. طريقو پنهنجي سگهه، حالتن آهر اختيار ڪبو ۽ فيصلو ايندڙ وقت ئي ڪندو.



سائين جي ايم سيد
جنهن سنڌين کي سنڌ ارپي
هيمون ڪالاڻي/حيدرآباد
سنڌ جي هِنئين ۾ هرندڙ هي اپريل جا ڪوسا ڏينهن ۽ دردن جي دونهين ۾ دزجندڙ ڏيهن لاءِ امن عالم جو پيغام رکندڙ هيءَ ڌرتي، جنهن جي وجود تي دشمن گھات هڻڻ لاءِ آتو آهي. اتي سيد جون اکيون جل ٿل بڻجي اندر ۾ اوتبيون ٿيون اچن. سائين جي ايم سيد، جنهن نئين سنڌ جي تخليق ڪندي، ان جو شاندار ماضي ورائڻ لاءِ جيڪي جتن ڪيا، قيد ۽ نظربندين جون عقوبتون سَٺيون، انهن لمحن سميت هن قافلي جي هر هڪ شهيد جي ساهه جي آخري هڏڪيءَ جو قرض ۽ ان جو احتساب پڻ سن ۾ ٿيڻو هوندو آهي ته اڄ هن پٿرائين ڌرتيءَ تي جتي سنڌ جي آئيندي جا خواب سهيڙجن ٿا، اتان بيهي اگر سن جي سائينءَ جي سپنن جي ساڀيائن کي سمجھي، سندس ڪم ۽ رفتار کي جاچي لڌوسين ته هوند سنڌ جي ميرانجھڙي سينڌ، ڌارين جي ڪٽڪن، سنڌ جي وجود مٿان لٽڪندڙ تلوار، معاشي، سماجي ۽ سياسي ڦرلٽ، ذهني ۽ جسماني نسل ڪشيءَ سميت ٿيندڙ سڀئي ڌارين جون ارهه زورايون ۽ درپيش خطرا ڏسي سگھبا ۽ انهن حالتن ۾ قومي تحريڪ جي مزاج، ڪردار، اڳواڻن جي صلاحيتن ۽ پاليسين کي به جاچي لهڻ سهنجو هوندو. سائين جي ايم سيد، جنهن چيو هو ته: ”سنڌ کي درپيش خطرن کي جيئن مون ڏٺو ۽ محسوس ڪيو آهي، تيئن جيڪڏهن اوهين محسوس به ڪيو ته، هوند ننڊ سمهي نه سگھو.“ اڄ تاريخ جي هن دور ۾ سنڌ جي جاگرافيائي حيثيت وري اهنج ۽ ايذاءَ جي تلوار هيٺ هئڻ سميت ’طاقت سان اڳتي وڌيو يا مرڻ لاءِ تيار ٿيو‘ واري حالت کي پهتل آهي، اتي پنهنجو احتساب ڪرڻ سميت ليڊرشپ ۽ ان جي عمل توڙي ڪردار جو احتساب ڪرڻ ضروري آهي، نه ته شينهن جي اڳواڻي ڪندڙ رڍون ڀلا دشمن کان انهن جو ڪهڙو تحفظ ڪري سگهنديون! اهو ڪارڪنن توڙي قومي تحريڪ جي اڳواڻن کي وقت سر سمجهڻو پوندو. سلام سن جي ان سائينءَ جي هر هڪ ساهس کي، جنهن سنڌ جو شعور ڏنو ۽ اڄ سنڌ سنڌين جي ماتر ڀوميءَ طور انهن جي عقيدت جو پهريون ۽ اولين نقطو آهي، جتي انگ اگھاڙا، توڙي انگوڇن ۾ ملبوس مارو گڏجي ڌرتيءَ جي سلامتيءَ لاءِ مڙي مٺ ٿين ٿا.



جي ايم سيد
آزاديءَ جي احساس جـهڙو شخص
مولائي ملاح
معصوميت ۾ ئي يتيميءَ جو بار پنـهـنجن ڪلـهـن تي کڻي جواني ماڻيندڙ، سيد گھراڻي جي هن سلڇڻي ٻار لاءِ اهو ڪنـهـن ٿي ڄاتو ته هو اڳتي هلي سنڌ جو اهڙو يگانو عاشق بڻبو جو ان جي عشق ۾ پنـهـنجي سموري حياتي داءَ تي لڳائي ڇڏيندو. هن جو ڌرتيءَ سان نينـهـن جي ناتي جو انداز به نرالو آهي. هن پـهـريون پيار پنـهـنجي ڌرتيءَ سان ڪيو. ائين ئي هن جو ڪيل عشق، عشق جي بلندين کي ڇـهـڻ لڳو جنـهـن کيس امر بڻائي ڇڏيو. هن جو عشق اتاهون هيو هر جابر جي ذات اڳيان، جنـهـن کي وقت، رياست جا لوهي هٿ به جھڪائي نه سگھيا. هن مشڪل گھڙين ۾ به امرت جو جام پيتو جنـهـن سندس عشق کي سگھارو بڻائي ڇڏيو. نياز همايونيءَ چواڻي ته:
تنـهـنجو عشق اتاهون سيد، هر جابر جي ذات اڳيان،
تنـهـنجو ڪنڌ جھڪڻ جو ناهي، ڪنـهـن ڀي لات منات اڳيان.
سيد، سنڌي قوم کي پنـهـنجي سڃاڻپ ڏيڻ کانپوءِ، سنڌ مٿان پنـهـنجي عشق جا ساگر اٿلائي ڇڏيا. سنڌي قوم جڏهن سندس سنڌ شناسائيءَ واري پيغام کي سمجھڻ لڳي ته مٿس موهت ٿي، مداح بڻجي وئي. سنڌ جي ماڻـهـن جڏهن سيد جي ڏنل قومي فڪر ۾ پاڻ کي سڃاڻي ورتو ته سندن ۾ لطيف جي ٻوليءَ ۽ ڌرتيءَ جي وارثي ڪرڻ جو وشواس وڌڻ لڳو.
جيڏي ڌرتي ديس جي، جيڏو هي آڪاس،
جيڏو ماڻـهـوءَ منجھ آ، جيئڻ جو احساس،
ايڏو ئي وشواس، منـهـنجو سيد سنڌ ۾.
سنڌ سان سيد جي عشق جو ناتو ائين هيو جيئن ڪائي ٻڍڙي ماءُ پنـهـنجي جوان پٽ سان پيار ڪندي آهي. ان عشق ۾ کيس سڄي حياتي آزاد فضا ۾ ساهه کڻڻ جي اجازت نه رهي. هن جڏهن به پنـهـنجي محبوب قوم کي پنـهـنجي سيني سان لائڻ جي ڪوشش ڪئي ته رياست جي مـهـندارن جھنڊي جي جرم ۾ کيس قيد ڪري ڇڏيو. کيس قيد، نظر بند ته هر آمريتي دور ۾ ڪيو ويندو هيو. پر جمـهـوريت ۾ به سندس قيد سندس قيدي تاريخ جو انوکو باب بڻيو.
هت هونءَ ته هر قسم جي قيديءَ کي ڪنـهـن نه ڪنـهـن طرح سان ڪائي سـهـوليت، آزادي مليل هوندي آهي پر سنڌي قوم کي سياسي قومي شعور ڏيڻ جي جرم ۾ سنائي سيد کي سدائين ڪارن قانونن هيٺ نظر بندين جي لوهي ڪوٽن ۾ بي گناهه بند ڪيو ويو. نظر بندين ۾ رهندي به سيد  سندن اڳيان آڻ نه مڃي ۽ هو پنـهـنجي عمل ۾ مصروف رهيو، نظر بنديءَ جي اهڙي ماحول ۾ به هي قومي جاڳرتا لاءِ لوچيندو ۽ سوچيندو رهيو. هن اتي قلمي پورهيو جاري رکيو جنـهـن سان هي وقت جي حاڪمن جي بنيادن کي لوڏيندو رهيو. سيد، پنـهـنجي قوم کي شعور ڏيڻ لاءِ ڪيترائي ڪتاب لکيا جن تي وقت جي غاصب قوتن، پابنديون مڙهي ڇڏيون. سيد سندن قيد ۾ رهڻ کانپوءِ به کين عوامي محبت، قوت کان بي هٿيار ڪندو رهيو قيد، بند ۾ سندس ڏات ئي وڏو هٿيار رهي جئين اياز چواڻي ته:
مون ڏات  انوکي آندي  آ،
ٿي تند وڙهي تلوارن سان،
ٿا ڀاري  تنـهـنجا برج  لڏن،
تون هيڻو آن، هٿيارن سان.
وقت جي آمر قوتن جڏهن سنڌ جي حقن کي ڦٻائڻ لاءِ سنڌ تي ون يونٽ جـهـڙو وار ڪيو ته سيد جي فڪر، ئي سستيءَ جي ننڊ ستل ماڻـهـن کي اکيون مـهـٽي اٿڻ تي مجبور ڪيو ۽ پوءِ سنڌ هڪ آواز ٿي ڪَرَ موڙي اُٿي پئي. جنـهـن جي گونج سنڌ جي گلي گلي ۾ اياز جي گيتن ۾ ٻرڻ لڳي.
سيد پنـهـنجي سڄي حياتي ڌرتيءَ جي حقن جي حاصلات لاءِ جدوجـهـد ڪندي گذاري ڇڏي. سندس زندگيءَ جا آخري ساهه پساهه به قيد، بند واري ڪيفيت، حالت ۾ ئي گذريا. اهڙي قيد تي کيس “ضمير جو قيدي” وارو اعزاز به مليو.
سيد اعظم پنـهـنجي قوم کي جيڪو فڪر ڏنو ان تان هن ارڏي عاشق زندگيءَ جي آخري گھڙين تائين هٿ نه کنيو؛ ان عشق ۾ هو سڄي حياتي رمندو رهيو ۽ سنڌ جي آزاديءَ، خوشحاليءَ جي پرهه ڦٽيءَ جـهـڙي باک جي ساک جو پيغام ڏيندو رهيو. جنـهـن پيغام کي اياز پنـهـنجن لفظن ۾ عوام تائين هيئن پـهـچايو ته:
جوت ٻرندي رهي
رات ٺرندي  رهي
باک جي ساک اڄ مان ڏئي ٿو وڃان!
اڄ چئي ٿو وڃان
مڌ ريٽي جيان
نيٺ سنڌوءَ مٿان
اڀرندو ساٿيو! مان چئي ٿو وڃان.
سيد کي سڄي حياتي صرف ان جرم ۾ قيد، نظر بندين ۾ رکيو ويو جو هن سياست ۾ سچ ٿي ڳالـهـايو.!! هو هن سياست جي گدلي سينور ۾ اهو اُجرو نيل ڪنول هيو، جنـهـن جي پاڙ پاتال تائين هوندي آهي ۽ ڍنڍ جو پاڻي جيترو مٿي هوندو آهي هو ان جي  مٿان پيو ترندو آهي. هن سياست جي واديءَ جي بي داغ ستاري من جي اُجري، صوفي منش ماڻـهـونءَ جو عالم انسانيت لاءِ ڏنل پيغام شاهه جي هن شعر جي تشريح آهي.ته:
سائينم سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار،
دوست مٺا دلدار عالم سڀ آباد ڪـرين.
سيد جو ڏنل پيغام دنيا جي مڙني مظلوم، محڪوم قومن لاءِ آهي؛ جنـهـن جي پالوٽ مان امن ۽ آزاديءَ جون، سڪايل ۽ اُڃايل قومون سيراب ٿي سگھن ٿيون. سيد چواڻي ته: ”سنڌ صدين کان آزاد ڌرتي رهي آهي، جنـهـن تي ڪنـهـن کي به قابض ٿيڻ، ان جي وسيلن کي ڦٻائڻ ۽ ان جي تاريخي، جاگرافيائي حدن، حقن سان هٿ چراند ڪرڻ جي ڪنـهـن کي به اجازت نه ڏبي. سنڌي هڪ قوم آهي جنـهـن کي پنـهـنجي ڌرتي آزاد گھرجي ٿي.“
اڄ سنڌ ڌرتي ۽ سنڌي قوم، جنـهـن سياسي، معاشي انتشار ۽ فڪري سوڪـهـڙي جو شڪار آهن اهڙي سمي سنڌ وري به اهڙي ئي پاڻيءَ جـهـڙي پياري ماڻـهـونءَ کي ساري ٿي جيڪو سندس اڃ اُجھائي سگھي. اڄ سيد جي  پيروڪارن جون، ”واٽون ويـهه ٿيون، ڪهه ڄاڻا ڪـهـڙا پرين!“ واري ڪيفيت آهي. اهڙين مايوس ڪن حالتن ۾ ئي سنڌ پاڻيءَ جـهـڙي پياري ماڻـهـونءَ جي ضرورت کي محسوس ڪري رهي آهي. جنـهـن جي سچن جذبن سان ئي سندس ترقي، امن ۽ خوشحالي سلـهـاڙيل هئي.
اڄ سن کي سنڌ تي سوچڻ گھرجي.
اڄ ڌرتي ڌڻين جي هڪ هنڌ گڏجڻ جو ڏينهن آهي. اڄوڪو ڏينهن سڀني قومي ڪارڪنن کان تقاضا ٿو ڪري ته پاڻ ۾ پيدا ٿيل رنجشون ويڇا وساري سنڌ جي امن ۽ سلامتيءَ خاطر هڪ ٿي سيد جي ڏنل پيغام کي اڳيان وڌايون.



سائين جي ايم سيد جو ميران محمد شاھ کي لکيل يادگار خط
سنڌ جي بمبئيءَ کان آزادي جو ڏينهن
ور تو زين دست مرا بي سرو سامان داري،
من بسه آهِ سحرت زلف مشوش دارم
برادرم عزيز، تسليم
اڄ اوهان جي سمع خراشي ان ڪم لاءِ ڪريان ٿو، جنهن لاءِ شايد اوهين تيار نه هجو:
حديث دوست نگويم مگر بحضرت دوست،
ڪه آشنا سخن آشنا نگهه دارد.
سنڌ جدا ٿي، نهايت خوشيءَ جي ڳالهه آهي، پر ان سنڌڙيءَ جي مٿان مون کي نهايت پريشان ڪندڙ ڪارا ڪڪر نظر اچي رهيا آهن. سبزيءَ ۽ باد بهاريءَ جي بدلي، مون کي خزان جا آثار نظر پيا اچن. سنڌ آزاد ٿي سو ته چڱو ٿيو، پر چئوطرف کان ماڻهو ان کي مال غنيمت سمجهي هضم ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويا آهن. خود مطلب ماڻهو صرف پئسي يا اثر جي سبب ان جي دامن عصمت کي ٽوڙڻ لاءِ ڳجهن وانگر اکيون کوڙيو بيٺا آهن ته ڪڏهين ٿيون اليڪشنون ٿين ته اسين ٿا چونڊجون. انهن مان هر هڪ کي پنهنجي لاءِ سبز باغ نظر اچي رهيا آهن. ڪن جو خيال آهي ته ميمبر ٿيڻ ڪري هو ووٽ جي اثر هيٺ، وزيرن معرفت ڪامورن کي پنهنجي قبضي ۾ رکي، آسپاس جي ملڪ ۽ ماڻهن تي اقتدار حاصل ڪندا. ڪي وري ان طمع ۾ گرفتار آهن ته پنهنجيءَ وسيع جائداد ۽ ملڪيت جي سڌاري ۽ واڌاري لاءِ هيءُ هڪ ڪارگر هٿيار ٿيندن. ڪي ائين پيا سمجهن ته هينئر ڪو پڇين به ڪو نه ٿو، سو پوءِ وڏا وڏا ماڻهو سندن درن تي ڌڪا جهليندا ڪن کي وري لقبن حاصل ڪرڻ جون لالچون آهن. لٿي به، چاچي ولي محمد شاهه وانگر، وقف ائڪٽ رد ڪرائڻ جو مقصد کنيو بيٺا هوندا.
اهي ارادا آهن اڻپڙهيل يا نيم خوانده، وڏيرن جا، هاڻ هلو ته پڙهيل طبقي جي ارادن ۽ اميدن کي نظر مان ڪڍون سر غلام حسين پيو سمجهي ته سنڌ ۾ هن جهڙو قابل ۽ تجربيڪار ٻيو ڪو به ڪو نه آهي، تنهنڪري چيف منسٽر ٿيڻ لاءِ هن کان سواءِ ٻيو ڪوبه لائق ڪونه آهي. اهو وڏو گناهه ٿيندو جي ٻيو ڪوبه چونڊجي وڃي تنهنڪري، ان ڪار خير ۾ هو پنهنجي اڳين ڪمايل ملڪيت ۽ اثر صرف ڪري، ضرور انهيءَ گديءَ کي هٿ ڪندو. هن کان سواءِ سنڌ جي ستياناس ٿي ويندي، ان لاءِ هو هرڪا مناسب ۽ نامناسب ڪوشش ڪرڻ ضروري ٿو سمجهي. جنگ ۾ ڪاميابي مراد اٿس. ٻئي طرف سنڌ جي امير النسل ماڻهن جو عيوضي، سر شاهنواز ڀٽو، جو سنڌ سرڪار جو صلاحڪار آهي، سو سنڌ جي حڪومت جي واڳ سر غلام حسين يا ٻئي ڪنهن جي هٿ ۾ ڏيڻ لاءِ تيار نه آهي. ٻيا سڀ سندس نظر ۾ دغاباز ۽ خود مطلب آهن. هي اخلاق جو علمبردار آهي ان ڪري سڀ طريقا اختيار ڪري حڪومت جي واڳ پنهنجي هٿ ۾ آڻڻ جي پٺيان پيل آهي. اڳتي هلندا ته ڏسڻ ۾ ايندو ته ميان کهڙو خان بلند آواز سان ماڻهن کي پڙهو ڏيئي رهيو آهي ته سنڌ آزاد ڪرڻ، ڇٻلائيءَ سان مقابلا ڪرڻ ۽ مسلمانن جي حقن لاءِ لڙڻ ۾ هن ڪثر ڪانه ڇڏي آهي. ان ڪري هن کي به ڪجهه نه ڪجهه ملڻ گهرجي، نه ته هو پنهنجو گروپ مير بنده علي خان وغيره سان ٺاهي، زوريءَ به ڪا جاءِ وٺندو. انهيءَ وچ ۾ سنڌ جي الهندي گوشي کان هڪ سنهي، چالاڪ نوجوان جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو، جنهن جو نالو خانبهادر الهه بخش هو. ان سندس بمبئي ڪائونسل ۾ مختلف ڪميٽين تي ڪم ڪرڻ، تجربي، هندو. مسلم لاڳاپي ۽ سر شاهنواز ڀٽي جي دوستيءَ جو حوالو ڏيندي. پنهنجو ڪليم پيش ڪيو، سنڌ جي ڪنهن به جوڙجڪ ۾ هن جي حق کي ريٽڻ ٺيڪ نه ٿيندو. هن انهيءَ نقطه نگاهه کان اپر، سنڌ ۾ اڳي ئي اثر وڌائڻ شروع ڪيو هو، بلڪ نواب شاهه ۾ لاڳاپا قائم ڪرڻ شروع ڪيا هئا. ان کان پوءِ هڪ سيد نوجوان چڱيءَ طرح ڊريس پاتل، بي اي ايل ايل بي اٿي کڙو ٿيو. ان سندس ساداتيءَ فوور سنڌ جي نالي خدمت خلق جي آڌار تي، حق طلبي ڪرڻ شروع ڪئي: ان جو نالو سيد ميران محمد شاهه هو. ان به سنڌ جي جدائيءَ بمبئيءَ ۾ مسلم بلاڪ جي سيڪريٽريءَ هجڻ ۽ پنهنجيءَ لياقت جو حوالو ڏيئي تقاضا ڪئي ته کيس ضرور ڪجهه نه ڪجهه ملڻ گهرجي. ان کان پوءِ، گزدر صاحب پنهنجو انجنيري تجربو، سکر براج جو هلائڻ ۽ پنهنجي بمبئي ڪائونسل جي ڪار گذاري پيش ڪندي چيو ته کيس وسارڻ سراسر غلطي ٿيندي. ان کان پوءِ شيخ عبدالمجيد سنڌي اٿي، مٿين سڀني خواهشمندن کي مخالف ٿي چوڻ لڳو ته اوهين سڀ سرمائيدار گڏ ٿي، ڀانئيو ٿا سنڌ جي مال غنيمت کي ورهائي کڻندو. اوهان کي ائين ڪرڻ نه ڏبو. هن سندس خلافت، ڪانگريس، مسلم ليگ تحريڪن ۽ جيل ۾ وڃڻ جا حوالا ڏنا ۽ ”الوحيد“ اخبار ذريعي ماڻهن ۾ سجاڳي آڻڻ جو ذڪر ڪيو. اوهان سڀني کي گڏجي، سنڌ جي ڀلائيءَ خاطر، خودمطلبيءَ کي ڇڏي، باهمي سمجهوتي سان ڪم ڪرڻ گهرجي نه ته اوهان جا ماڻهن اڳيان پول پڌرا ڪبا ان کان پوءِ ٻه ٽي هندو ڪارڪن اٿيا، جن چيو ته سنڌ جدا ٿي ته ائين نه سمجهو ته سموري طاقت اوهان جي هٿن ۾ اچي ويئي. اسان جا ميمبر اسيمبليءَ ۾ ٽيون حصو آهن. اوهين وڏيرا پاڻ ۾ عهدن تان لڙي اسان جا محتاج ٿيندا، تنهنڪري حڪومت جي واڳ اسان جي هٿ ۾ رهندي، سو اوهان کي اسان سان فيصلو ڪري پوءِ ڪو ڪم ڪرڻو پوندو.
اهي حالتون ڏسي مون کي هڪ هاتفي آواز ڪن پيو، جو چئي رهيو هو ته اي سنڌ جا ڪارڪن، خودمطلبي ڇڏي، ملڪ ۽ ماڻهن جي ڀلي لاءِ ڪو پروگرام ٺاهي، سنڌ جي خدمت ڪرڻ شروع ڪريو، نه ته اوهان مان گهڻن جو حشر نهايت عبرتناڪ نڪرڻ وارو آهي. ڪي اليڪشن ۾ ناڪامياب ٿي، کٽي وڃي گوشه تنهائي ۾ ويهندا. ڪي هڪٻئي جي خلاف سازش ڪري، سنڌ جي سياست کي خودمطلبيءَ جو آکاڙو بنائيندا. ڪي باوجود خدمت ڪرڻ جي ، عوام جي خواب غفلت جون دانهون ڪري، وقت گذاريندا. هندو مسلمانن جي خلاف سازشون ڪندا، ته انهن جي ردعمل ۾ مسلمانن جو هڪ فرقو فرقيوار نفرت ڦهلائيندو. نتيجو اهو نڪرندو ته اها ورهين جي محنت کان پوءِ ڪيل آزادي، ملڪ لاءِ آباديءَ جي عيوض بربادي آڻيندي. تاريخ شاهد آهي ته جيڪي ماڻهو اتفاق ۽ خدمت خلق جي راهه کي ڇڏي، خودمطلبين ڪري ورهائجي. خانه جنگيءَ ۾ مشغول ٿي ويا، انهن کان اها مليل امانت کسجي ويندي ۽ وري عبرت ۽ سزا لاءِ کين گهڻو وقت مصيبتن ۾ مبتلا ٿيڻو پوندو. ان آواز کان متاثر ٿي آءُ توکي هي خط لکي رهيو آهيان.
اي ميران محمد شاهه مون کي تو ۾ گهڻيون اميدون آهن تون ان نسل جو فرد آهين، جنهن پيٽ سان پٿر ٻڌي خلق خدا جي خدمت ڪئي. جنهن جي ڏاڏي، باوجود خليفه وقت هئڻ جي، نوڪرياڻي گهر ۾ انڪري نه رکي ته متان بيت المال جو پئسو شخصي ڪم لاءِ ڪتب اچي. جنهن جو ڏاڏو حق جي آواز بلند ڪرڻ خاطر ڪربلا جي ميدان ۾ اولاد سان قتل ٿيو، پر ناحق اڳيان سر نه نمايائين ۽ تيرهن سئو ورهين تائين ان جو نسل ماڻهن جي خدا ڪارڻ خدمت ڪندو پئي آيو آهي. سياسي اقتدار حاصل ڪرڻ ۾ جڏهن به اوهان ڪوشش ڪئي آهي، اڪثري ناڪامياب ٿيا آهيو. خدا جي خواهش آهي ته جيڪڏهن اوهين پنهنجن وڏن جي روايت کي قائم ڪرڻ گهرو ته عوام جي ڀلائيءَ ۽ بهتريءَ لاءِ هر قسم جي لالچ ۽ خود مطلبي ڪڍي ڇڏيو. وزيرن ۽ گورنرن مٿان قبا ڪونه اڏبا آهن، خدا جي راهه ۾ بي لوث خدمت ڪرڻ وارن کي اهو درجو نصيب ٿئي ٿو. دنيا ۽ دين ٻيئي هڪ مُٺ ۾ نه ايندا. جيڪڏهن ڀانئين ته تنهنجي سنڌڙي سرسبز ۽ شاداب ٿئي ۽ ان ۾ تنهنجي مرضيءَ مطابق سڌارا ٿين، ته وزارت يا آمارت جي لالچ ڪڍي ڇڏ. بادشاهن کان، بادشاهه بنائڻ وارن، جو درجو وڌيڪ آهي. ”ڪانياري ٻلي، ڪُئي سندي زال“. اهو مثال مشهور آهي. خودمطلبي ٻين کي شايد ڀانءِ پوي، پر توکي نه پوندي. ان طريقي سان هلڻ ڪري، توکي وڏا مرتبا ملڻ وارا آهن. تون سمجهين ٿو ته وزير ٿيڻ سان تون وڌيڪ ملڪ جي خدمت ڪري سگهندين. پر تو کي اها خبر هئڻ گهرجي ته اوستائين تون وزير ٿيندين ئي ڪو نه، جيستائين ڪنهن گروپ سان ملي، اصولن ۽ جي بهتريءَ کي هڪ طرف رکي، ڏي وٺ نه ڪئي اٿئي. مون کي تو ۾ گهڻيون اميدون آهن. انهيءَ ڪم ۾ آءُ توسان ٻانهن ٻيلي ٿي، پويان هلڻ لاءِ تيار آهيان. تو کي الله تي توڪل رکي، ان ڪم ۾ هٿ وجهڻ گهرجي. اهو رازق آهي حال تي موهجي مستقبل کي قربان نه ڪرڻ گهرجيئي. جيئن هيترو وقت ڏکيو سکيو گذران پئي ٿيو اٿئي. تيئن آئيندي به پيو ٿيندءِ. پر قرباني جو خيال ڌاري، ميدان ۾ نڪرڻ گهر جيئي. تون سنڌ جو ”ڪمال“ بنجي سگهين ٿو. بشرطيڪ، بنا مطلب جي گروپ ٺاهي حڪومت ۾ شامل ٿيڻ کان سواءِ، وزيرن کان پنهنجيءَ ڪي پوزيشن (Key Position) جي عيوض، ملڪ ۽ قوم جا ڪم ڪرائيندين. ان حالت ۾ وزير توکان ڪبدا، تنهنجو نالو ملڪ ۾ مشهور ٿي ويندو. وڪالت مان ئي گهڻي ڪمائي  ٿيندءِ. هيءَ اپيل ٻين کي ڇڏي، توکي ان لاءِ ٿو ڪريان ته تو ۾ درويشي جزو ڏسان ٿو ۽ محبت اٿم. هن وقت مالي مشڪلاتن ۾ ذرا آسودي زندگي گذاري جي شوق توکي ڪمزور ڪري ڇڏيو آهي، پر اميد ته تنهنجي حميدت کي جوش ڏيارڻ ڪري تون اڳواڻيءَ جي لائق ٿي پوندي.
تو باز ساعد شاهي م مگرز استخوان
هماي همت خود را به بلند ده پرواز
آخر ۾ خدا جي درگاهه ۾ سوال ٿو ڪريان ته اهو تنهنجي قلب مان ڪمزوري ۽ لالچ ڪوري ڪڍي ۽ توکي سندس صالح بندن جي صف ۾ کڙو ڪري.



سائين جي ايم سيد
سندس ورسيءَ جي حوالي سان
ٿي ماڪ وسي ميخاني تي
الطاف ملڪاڻي
۲۵ اپريل ۱۹۹۵ع جي نٽهڻ اُس هئي ۽ سنڌ جي پٿريلي علائقي ۾ سنڌوءَ ڪناري ڀرسان جڏهن سنڌ جي سائينءَ کي لحد ۾ لاٿو پي ويو ته ائين پي لڳو ڄڻ هڪ پل لاءِ زمين پنهنجي محور جي چوڌاري ڦرندي پنهنجي چرپر کي روڪي ڇڏيو هجي ۽ ڪائنات هڪ پل لاءِ پنهنجو ساهه روڪي ساڪت ٿي وئي هجي ۽ اها ئي هڪ گهڙي هئي جو سن جي شهر مٿان اوچتو خبر ناهي ته ڪا ڪڪري ڪٿان آئي ۽ هن به سيد جي موڪلاڻي واري ڏينهن تي پنهنجي ڪجهه لڙڪن جي ڀيٽا پيش ڪئي.
اهو منظر هڪ پاسي حيرت ۾ وجهندڙ هو ٻئي پاسي اهو يقين ڏياريندڙ هو ته واقعي هن پاڻ ته ڪڏهن به پيغمبريءَ جي دعويٰ نه ڪئي پر شايد سندس جامي ۾ لڪل ڪو پيغمبري روح ضرور هو. جنهن ڪري ئي ته زندگيءَ ۾هن کي ڪافر، دهريو ۽ نوجوانن کي کاريندڙ انسان چئي ڌتڪاريندڙ ماڻهو به سندس وصال کانپوءِ پيغمبريءَ جو درجو ڏيڻ لاءِ تيار هئا.
سنڌ جو سيد، جنهن کي دنيا جي ايم سيد جي نالي سان سڃاڻي ٿي سو سنڌ جي انهن ڇورن ڇنن، ارڏن ۽ ڏنگن ٻارن لاءِ بڙ جي هڪ اهڙي گهاٽي ڇانوَ هو جتي تتل ڏينهن ۾ لُڪن جا ماريل پکي اچي پناهه وٺندا آهن.
سنڌ جنهن کي غلاميءَ جي سنگهرن ۾ سلهاڙيئي صديون ٿيون آهن ۽ جيڪا اداس، اٻالي، اٻاڻڪي هئي. انهيءَ کي سيد جي صورت ۾ هڪ اهڙو آئينو مليو جنهن ۾ کيس پنهنجي وڃايل حُسن جو پرتوو نظر پئي آيو ۽ سنڌ امڙ کي اها پڪ آهي ته هڪ نه هڪ ڏينهن ضرور هن کي پنهنجو وڃايل حُسن واپس ملندو.
ها يقينن جيڪڏهن سنڌ جي حسن ۽ جمال کي مادي صورت ۾ ڏسڻو آهي ته پوءِ اسان کي سائين جي ايم سيد جي لکيل ڪتابن ”سنڌي ڪلچر ۽ ديارِ دل داستانِ محبت“ کي پڙهڻو پوندو جنهن ۾ سائين لفظن جي صورت ۾ سنڌ جي حقيقي حسن کي چٽيو آهي ۽ سنڌ جي انهيءَ جوت ۽ جمال کي سيد رڳو سياسي اک سان ڪو نه ڏٺو هو پر هن وٽ لطيف جي فڪر جي اها مشعل هئي جنهن جي روشنيءَ ۾ پنڌ ڪندي سيد اهو محسوس ڪيو هو ته:
”سنڌ جهنگ جبل، نديون ۽ نالا، ميدان ۽ کيت  يا رڳو جاگرافيائي ليڪن جي مادي وجود جو نالو نه آهي پر سنڌ جو هڪ ازلي روح آهي ۽ اهو روح ته اُنهي ڏينهن خلقيو ويو هو، جڏهن خالقِ ڪائنات ’الست بربڪم‘ چيو هو ۽ انهيءَ روح کي چٽو ڪرڻ لاءِ جڏهن سيد جي قلم حرڪت ڪئي ته انهيءَ مان ”سنڌو جي ساڃاهه“ جهڙو شاهڪار ڪتاب تخليق ٿيو. سنڌ جي حسن کي ڏسڻ لاءِ سيد سدائين لطيف سائين جو هيءَ بيت پڙهندو هو ته:
”اُپٽيان ته انڌيون، پوريو پرين پسن،
آهي اکين، عجب پر پسڻ جي.“
سو جي سنڌ جي ازلي روح جي حسن جو  پرتوو پسڻو آهي ته پوءِ سنڌ کي سياست جي ڪڌي ڄار ۽ مادي فلسفن جي اُپٽار کان هٽي ڪري جي ايم سيد جي اک سان ڏسڻو پوندو. سنڌ کي جيڪڏهن ڪو ماڻهو هڪ صوفي، هڪ عاشق ۽ ديواني جي نظر سان ڏسندو ته پوءِ هن کي سنڌ جي مٽيءَ مان اهڙي خوشبوءِ اُٿندي نظر ايندي جنهن جو واس مقتلن کي به مات ٿو ڪري ۽ محبوب جي مرڪن کان به وڌيڪ مٺو آهي. اهو ئي سبب آهي جو لطيف سائينءَ جي ميخاني جي ماڪ پي جڏهن جي ايم سيد سنڌ جي حسنِ ازل جو جلوو پسيو ته هن کان رڙ نڪري وئي هئي هو اڪثر پنهنجي زندگيءَ ۾ هيءَ ٻه فارسيءَ جا شعر ورجائيندو هو ته:
”تنهنجي عشق جي ڏوهه ۾ مون کي ڪهڻ لاءِ مقتل ڏانهن وٺيو پيا وڃن. چؤڏس وڏو شور متل آهي. اي محبوب! تون به ڪوٺي تي چڙهي ڏس ته ڪيڏو نه وڻندڙ نظارو آهي“ يا وري هيءَ شعر ته:
”عرصو ٿيو آهي منصور جو آواز، گم ٿي ويو آهي مان دارورسن کي سجائي. منصوريءَ جي ريت کي ٻيهر جيئارڻ ٿو چاهيان.“
۽ پوءِ سائين جي ايم سيد انهيءَ منصوريءَ ريت کي عمر ڀر نڀايو ۽ سيد جي ”اناالحق“ جي نعري جي اها گونج هئي جو سنڌ جا نوجوان هن پوڙهي عاشق جي سٽ تي سن جي مچ تي ائين ڳاهٽ ٿيڻ لڳا جيئن ڪنهن مچ تي پتنگا پهه ڪري گڏ ٿيندا آهن. جن لاءِ لطيف سائين فرمايو ته:
پتنگن پهه ڪيو، مڙيا مٿي مچ،
پسي لهس نه لچيا، سڙيا مٿي سچ
سندا ڳچنين ڳچ، ويچارن وڃائيا.
سن ۾ ٻاريل سيد جي لاٽ اڄ به سنڌ جي عاشقن کي ائين سڏي رهي آهي جيئن متارن کي موکيءَ جو مٽ سڏيندو هو.
سنڌ جو سيد جيڪو هاڻ تاريخ جو اُهو عظيم سچ ثابت ٿي رهيو آهي جنهن کي ڪو به ڪوڙو مؤرخ هاڻ ڪچي مٽيءَ تي لکيل ڪنهن مٽجندڙ تحرير جيان ميٽي نه ٿو سگهي سيد ۽ سنڌ ته درد کي سمجهڻ لاءِ نه ته ڪنهن مارڪس کي پڙهڻ جي ضرورت آهي نه ئي ڪو جدلياتي ماديت جي فلسفي جو ماهر ٿيڻو آهي. سيد جي فلسفي کي سمجهڻ لاءِ نه ته مائوزي تنگ جي تحريرن جو حافظ ٿيڻو پوندو نه ئي فرائيڊ يا سارتر جي خيالن جو پيرو کڻي وجوديت جي بازار گهمڻي پوندي. ها بس جي، سائين جي ايم سيد کي سمجهڻو آهي ته پوءِ سنڌ جي ازلي روح کي سمجهڻو پوندو. جتان لطيف ۽ سچل، سامي ۽ بيدل جي فڪر جا آبشار ڦٽن ٿا. رڳو سکڻي سياسي نعري بازي سان تبديلي ناهي اچڻي. تبديلي لاءِ پنهنجي پاڻ کان ابتدا ڪرڻي پوندي. پاڻ کي هڪ نئين انسان، سجاڳ انسان، باشعور انسان ۾ تبديل ڪرڻو پوندو. سائين جي ايم سيد جو فڪر هڪ نئين سنڌ جي ڳالهه ڪري ٿو. انهيءَ لاءِ سائين جي ٻن ڪتابن ”نئين سنڌ لاءِ جدوجهد“ ۽ ”سنڌ ڳالهائي ٿي“ کي پڙهڻو پوندو. پر رڳو ڪتابن پڙهڻ جي ڳالهه ناهي پر ڪتابن پڙهڻ سان گڏوگڏ سچل سائين جي هنن سٽن تي به عمل ڪرڻو پوندو ته:
”جوگي جگت ڪرتا نهين
ڪپڙا رنگا تو ڪيا هوا؟
اپنا اندر رنگتا نهين،
ڪپڙا رنگا تو ڪيا هوا؟
قاضي ڪتابان کول ڪي مسئلا پڙهندا
غور پڙهتا پر عمل ڪرتا نهين، قاضي بنا تو ڪيا هوا؟
حاجي مديني جا ڪي سجدا ڪيا تو هوا؟
دل ڪا ڪفر ٽوٽا نهين،
حاجي بنا تو ڪيا هوا؟
سچل اپني مُک سي، آنسو بها تو ڪيا هوا؟
دل ڪا رونا روتا نهين،
آنسو بها تو ڪيا هوا؟
سو ۲۵ اپريل جو ڏينهن ته هر سال اچي ٿو ۽ سائين جي ايم سيد کي به هر سال ياد ڪري ٻه چار لڙڪ ته هارجن ٿا پر جي سيد جي ٻڌايل واٽ تي دل سان عمل نه ٿو ڪجي ته پوءِ ڀلا سنڌ جا درد گهٽجن ته ڀلا ڪيئن گهٽجن؟




جي ايم سيد ڇا آھي؟
مولانا غلام محمد گرامي
اي سنڌ جا دانشور فرزند!
هن پير مرد تو کي سڀ ڪجهه ڏنو آهي،
هن ته تنهنجي سر زمين کي ادب ۽ ثقافت، سنڌي زبان جي قدر قيمت ۽ حب الوطنيءَ جا سبق سيکاريا آهن.
تنهنجي روشنيءَ لاءِ، ورهين جا ورهيه، نظربنديءَ ۽ جيل جي هيبتناڪ ۽ گگهه اونداهين ۾، روشنيءَ جي ڪرڻن کي ڳوليندو رهيو آهي،
تنهنجي لاءِ هر محاذ تي وڙهندو آيو آهي،
پنهنجي عمر جو بهترين زمانو ۽ پنهنجي دولت جو چڱو خزانو، تو لاءِ لٽائي ڇڏيو اٿس.
موٽ ۾ تو وٽان مليا اٿس: ڪنڊن جو تاج، لعنت ملامت جي دستار،
لعن طعن جي پاکر، ڪفر ۽ الحاد جي فتوىٰ! غداريءَ ۽ مڪاريءَ جا الزام، لادينيءَ ۽ لامذهبيءَ جو بهتان!
اي دانشور فرزند!
تون ور و رڪري، ان پير مرد جي غلطين کي تفصيل سان ۽ ڪڏهن اشاري ۽ ڪنايئي ۾ ورجائيندو رهين ٿو.
ڀلا هن ڪنهن جو ڌاڙو هڻايو آهي، يا ڪنهن جي ملڪيت لٽي آهي؟ هن جو گناهه اهو آهي ته تنهنجي خوشحاليءَ ۽ اعلى تعليم لاءِ پئي پٽڻا پٽيا اٿس.
سنڌ سائي رهي ۽ سکي ستابي رهي. سندس رهاڪو، مهذب ۽ متمدن زندگي گذاري سگھن. کين ڍورن ۽ ڍڳن ۾ شمار نه ڪيو وڃي، انسان نه پر اعلى انسان تصور ڪيو وڃي،
سنڌ جي تهذيب ۽ ثقافت کي عالم جي امن ۽ سلامتيءَ لاءِ پيغام آهي. اهو دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پهچايو وڃي،
ڇا اهو گناهه ڪو گھٽ آهي ڇا؟ ان گناهه جي پاداش ۾ سندس لاءِ ڇا ڇا نه ڪيو ويو آهي؟
اخبارن ۽ رسالن جا فائل موجود آهن، انهن کي ٻيهر اٿلائي ڏس، اها ڪا گار ناهي جا هن پير مرد کي نه ڏني وئي آهي. پنهنجن ۽ پراون، ڌارين ۽ اڌارن هن لاءِ گھڻو ڪجهه گند مَيو آهي.
اي سنڌ جا دانشور فرزند!
سياست هڪ شطرنج واري راند آهي. ان ۾ کٽڻ ۽ هارڻ، اڳتي وڌڻ ۽ پوئتي هٽڻ؛ لازمي آهي. اهو ڪهڙو سوار آهي جو گھوڙي تان نه ڪريو آهي؟ اهو ڪهڙو جنگ باز بهادر آهي جو ميدان مان سڄي لڱي موٽيو آهي. رڳو مڙسن جي مڙسيءَ کي ڏسڻو آهي، نتيجي لاءِ ٻيا اسباب به ٿين ٿا. اگر اهي اسباب مهيا نه ٿا رهن ته پوءِ هن جنگاهه ۾ جيت به نه ٿي ٿئي!
ڀلا جنهن ماحول ۾ سچ ۽ ڪچ جي تميز نه هجي، ڪوڙ بدوڙ تي هر ڪو سندرو ٻڌيون وتي، عزت ۽ دولت لاءِ ضمير کي وڪڻڻ ڪو عيب نه هجي، ڪرسِيءَ لاءِ لغور، نور وانگر واجهائين. منافقيءَ، خوشامند ۽ ٻچاپڙائيءَ کان سواءِ ٻيو ڪو به اخلاقي جوهر نه رهيو هجي. سارو تلاءُ گندگي سان ڀرجي ويو هجي، اتي ڪا هڪڙي مڇي اَڇي ۽ اجري پاڻيءَ لاءِ پيئي ٻاڏائي، ته پوءِ ان کي به غنيمت سمجھڻ گھرجي.
“ڀيلي سان ئي ڀيل، جيسين رتو راس ٿئي!”
اي فرزند!
اهو پريو مڙس، سنڌ جي هڪ تاريخي تحريڪ جو فرد جوان مرد آهي، اها تاريخ جنهن ۾ دريا خان، مخدوم بلاول، سيد حيدر جهڙا سر ڏيئي سرها ٿيا. ان پوڙهي کي تحريڪ جون خصوصيتون ورثي ۾ مليون آهن.
لطيف چيو آهي ته:
“پٽيندي سا ئي، جنهن کي سور ٻڌائين سندرا،
ٻي هر ڪا ئي، هڻندي هٿ ميار جا.”
هن کي به سورن سندرا ٻڌايا آهن، سو پيو پٽي ۽ پاڻ کي پَٽي يا “ اندر جنين اڌ، ڏونگر سي ڏورينديون.” هن جو اندر به اڌ ٿي چڪو آهي، سو ڏونگر پيو ڏوري.
اي دانشور!
“تو کي سنڌ جو قسم؛
ڇا جي ايم سيد ۾ رڳو عيب ئي عيب آهن؟ منجهس ڪا هڪڙي خوبي به ڪانهي، اگر ڪا هڪڙي به خوبي اٿس ته پوءِ ان تي به نظر رک!”

“جي ايم سيد، سنڌ آهي ۽ سنڌ جي ايم سيد آهي.” هي چند لفظ هينئين سين هنڊاءِ.




سائين جي ايم سيد
اي زمانا اسان جو قبيلو ڪٺو
حسن مجتبيٰ
اڄ سنڌ ڌرتي جي عظيم محب وطن اڳواڻ جي ايم سيد جي ورسي آهي ۽ اهو ڪيڏو نه سٺو اتفاق آهي ته مون تازو جيڪو هڪڙو انگريزي ناول پورو ڪيو آهي، ان ۾ هڪڙو پورو باب “سائين” جي نالي سان آهي. سنڌو ڪناري هڪڙي ننڍڙي ڳوٺ جو اهو جھونو جنهن کي هن جا پوئلڳ توڻي گهڻا ماڻهو “سن جو سائين” چوندا آهن. ايئن ته سنڌين جي هر گهر ۾ هر ميل تي هڪڙو سائين ضرور ويٺو هوندو آهي پر هو واقعي به سچ پچ جو سائين آهي، ڄڻ ته اهو لفظ هن کيرٿر جهڙي قديم عظيم ماڻهو لاءِ ٺهيو هو. هل ڙي سنڌي قوم. جيئن مولا بخش لغاري پنهنجي زماني ۾ چوندو هو. اهو زمانو اور هو، هي زمانو اور آ. هاڻوڪي زماني ۾ اهو انگريزي ۾ ناول بينا شاهه جو لکيل آهي. انهي جو انگريزي ۾ نالو آهي “سيزن آف مارٽيرز”. سنڌي ۾ چئبو “رُت شهيدن جي.” مون جڏهن سائين واري باب سميت اهو ناول پڙهي پورو ڪيو ته مونکي انهي ڪتاب تي بينظير جي اڌ لڪل اڌ ظاهر ڳاڙهي رئي واري تصوير ۽ ڪور ڊيزائين تي ان عنوان ڏانهن ور ور ڌيان وڃڻ وقت مونکي پياري حليم باغي جو اهو معرڪته الآرا نظم ياد آيو. بار بار چپن تي رهيو. ڇا ته نظم آ جيڪو پڻ علي الاعلان سيد ڏانهن منسوب آهي ۽ ان جون اهي سٽون ياد آيون؛
اي زمانا اسان جو قبيلو ڪٺو
خون ناحق جي ڪنهن سان شڪايت نه آ
جي مون کان اوهين ٿلهي ليکي سولي سنڌي ۾ ان انگريزي ناول بابت پڇيو ته منهنجو منظوم موقف حليم باغي جو اهو نظم آهي. گهڻا ڏينهن ٿيا جڏهن منهنجي هڪڙي اسڪالر دوست حليم وٽ وڃي سندس انهي نظم کي ريڪارڊ ڪيو هو، تنهن کي مون اردو ۾ ترجمو پڻ ڪيو هو. هاڻ اهو اردو ۽ انگريزي ۾ ترجمو پڻ ڪيل آهي ۽ انٽرنيٽ تي موجود آهي. پر بينا شاهه جو اهو اٽڪل ٻه سو اسي صفحن واري انگريزي فڪشن ۾ ناول رڳو سيد جي ڪهاٹی ناهي. پر اها سنڌ جي ڪھاڻي آهي. سنڌ ۽ سنڌين جي ڪهاڻي. هونئن ته ڏکڻ ايشيا ۾ انگريزي ٻولي جا فڪشن نگار، ناول ۽ ڪهاڻي گهڻو ڪري سيپٽمبر ٻه هزار هڪ کانپوءِ واري دنيا جي پس منظر ۾ لکندا آهن، (سواءِ هڪ ٻن ٽن کي ڇڏي) جو اهو ئي سرمو ٻاهر وڪامي ٿو پر بينا شاهه دل کي نه رڳو ڇهندڙ پر دل ٽوڙيندڙ موضوع کنيا آھن. سنڌ ۽ سنڌين کي انگريزي فڪشن جي وسيلي سنڌ کان ٻاهر جي پنهنجي توڻي پرائي (جيتوڻيڪ ليکڪن لاءِ پنهنجو پرائو نه هوندو آهي) پڙهندڙ وٽ پھچايا آھن. اها ڪهاڻي سنڌ ۽ سنڌ جي ڪهاڻي آهي. واقعي به. اها ڪھاڻي جيڪا هن ناول ۾ بينظير ڀٽو کان شروع ٿي بينظير ڀٽو تائين ختم ٿئي ٿي. يعني هن جي ٽائيم سيٽنگ بينظير جي آخري ڀيرو جلاوطني مان واپس اچڻ کان وٺي ڪارساز واري جلوس ۽ راولپندی لياقت باغ ۾ جلسي جي پڄاڻي تي واپسي کان جلسي گاهه مان نڪرڻ واري روٽ وٺڻ تائين آهي، جيڪا ئي اصل ۾ بينظير جي ڪهاڻي جي پڄاڻي آهي. بينظير جي پڄاڻي سان ناول جي اوچتو پڄاڻي ٿي وڃي ٿي. مون سوچيو بينظير جي پڄاڻي ئي اصل ۾ بينظير جي شروعات پڻ آهي ۽ هوءَ واپس اچڻي آهي. سنڌين جو بينظير سان جيڪو عشق آهي، انهي کي لفظن ۾ هن مهل تائين فڪشن ۾ ڪا تصوير ڏئي سگهي آهي ته اها بينا شاهه سندس ان ناول ۾ ڏني آهي. انهي ناول جو مکيه ڪردار هڪڙو ويهه ٻاويهن سالن جو نوجوان علي سڪندر آهي جيڪو هن ناول ۾ سکر جي هڪڙي پير سڪندر پيپلي وڏيري جو پٽ آهي، جنهن جون ٻه شاديون آهن، جيئن سنڌي پير وڏيرا ھاڻ ته مڊل ڪلاسيا، نام نهاد ساڃهه وند ۽ سنڌي سول سوسائٽي جا ميمبر به ڪن ٿا. ٻيو ڪردار سنيتا نالي هندو ڇوڪري آهي، جيڪا علي جي ڪراچي يونيورسٽي ۾ ڪلاس فيلو آهي، جنھن سان هو پيار ڪري ٿو. علي جو پي پيپلو وڏيرو آ، جنهن جو خاندان وڏي ڀٽي وارن زرعي سڌارن کان سندن زمينون بچائڻ ڪاڻ پي پي پي جو حمايتي ٿيو هو. جن جي گهر ۾ سر شاهنواز ڀٽو ايندو هو. جڏهن ته سر شاھنواز ڀٽي جي ٻي زال لکي ٻائي ذوالفقار علي ڀٽي جي والده جي مٿس اثر سبب غريبن جو حامي پڻ ٻڌايو ويو آ. نوجوان علي جيڪو هڪ خانگي نيوز چينل ۾ ڪم ڪندي ٻڌايو ويو آهي، تنهن جي بنيادي ڇڪتاڻ سندس پيءُ سان آهي جيڪو ٻارنهن سالن جي عمر ۾ کيس ۽ سندس ماءَ ۽ ڀاءُ ڀيڻ کي ٻي عورت سبب ڇڏي وڃي ٿو. اوهان سمجهندا ته ڪو هي ناول ڪنھن ٽي وي سوپ اوپيرا وانگر آهي. نه هر گز.
ناول جي ڪهاڻي پراڻي ۽ صوفين واري سنڌ سان شروع ٿئي ٿي. اها سنڌ جيڪا جڏهن نيپيئر فتح ڪري ٿو. بينا شاهه شروعاتي باب ۾ اهڙي سنڌ جي تعريف هن ريت ٿي ڪري.. “سموري سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ جي مقبرن ۾ صوفي اوليا پوريل آهن. جن جا جسا سنڌ جي واريءَ ۾ ملي هوائن ۾ ٽڙي پکڙي ويا، جيڪي ويڙهاڪن جي دلين ۾ باهه ٻاريندا رهيا آهن، جيڪا هڪڙي ڏينهن سنڌ مٿان انگريزن جو طوق ٽوڙي ڦٽي ڪندي.”
ڪهاڻي جيڪا انهي کان سٺ سال پٺيان هلندي ٽالپرن جي دور ۾ سنڌوندي مان اليگزينڊر برنس جي جاسوسي لاءِ ميرن کان اجازت گهرندي اچي ٿي. ناول جي انهي باب ۾ افسانوي طور مٽياري جو جينئدل شاهه اليگزينڊر برنس جي اچڻ کي روڪڻ لاءِ ٺٽي ويندي بيان ڪيو وڃي ٿو. دلچسپ طور انهي جينئدل شاھ کي انعام بدران ٽالپر حڪمران سندس بکي شينهن آڏو بند ڪمري ۾ اڇلرائي ٿو جو ڪهاڻي موجب جينئدل شاهه جا لاڳاپا ٽالپر حڪمران جي عورت سان آهن.
ٻئي باب ۾ پير پاڳاري، جنهن کي سندس مريد ۽ سنڌ وارا سورهيه بادشاهه چون ۽ حرن کي انگريزن خلاف سرگرم ڏيکاريو ويو آهي. هڪڙي انگريزي عملدار جي بيانئي ۾ پير ۽ سندس حرن کي منفي ڪردار ڪري ٻڌايو ويو آهي. ٻيو باب “بادشاهي راند” جي عنوان سان آهي جنهن ۾ پير پاڳاري سان سندس ڦاسي واري رات جيلر شطرنج راند کيڏي پيو، جنهن کان پير سندس ڦاسي واري وقت ۾ چند ڪلاڪ هجڻ باوجود سموريون بازيون کٽيندي ٻڌايو وڃي ٿو. چين سموڪر پير سان شطرنج راند ڪندڙ افسانوي ڪردار جيلر هڪڙي هاري جو پٽ آهي، جنهن جو خاندان ٽنڊو الله يار کان لڏي اچي حيدرآباد شهر ۾ رهي ٿو. جيڪو شطرنج راند شاگردي جي زماني دوران حيدرآباد جي گهٽين ۾ هڪڙي پڙ تي ويٺل ٻن جهونن کان سکي ٿو، مونکي سرفراز چاڙهي وٽ شطرنج کيڏندي اهي جهونا ياد آيا جن وٽ ڪڏهن ڪڏهن مير رسول بخش ٽالپور به ڪار روڪي لهي شطرنج جا ٻه ٻه هٿ ڪري وٺندو هو. سول اسپتال وٽ ته مير صاحب جا روز پنڌ ها. اھو وري هڪڙي ٻئي بادشاه جو قصو آهي.
اهو به بينا شاهه ڄاڻايو آهي ته انگريزن سان جنهن وقت حر وڙهي رهيا ها ته ساڻن ڪو سنڌي يعني غير حر گڏ ڪونه هو.
سائين وارو باب لاڙڪاڻي جي پهرين خلافت ڪانفرنس سان شروع ٿئي ٿو جيڪا تراب علي شاهه ۽ جان محمد جوڻيجي گهرائي هئي. جنهن ۾ سنڌ ۽ هند جا مولانا آزاد، مولانا عبدالباري فرنگي محلي، شيخ عبدالمجيد سنڌي جهڙا اڳواڻ وڏن عالمن ۽ پيرن توڻي گانڌي جي پيغام کان علاوه جي. ايم سيد پندرنهن سالن جي عمر ۾ شريڪ ٿيو هو، جنهن جي تقرير وڻ وڄائي ڇڏيا هئا. ٻي خلافت ڪانفرنس سن ۾ جي ايم سيد پنهنجي ميزباني ۾ ڪوٺائي هئي. نوجوان، يتيم غلام مرتضيٰ، جنهن جو پيءُ قتل ٿي ويو، جنهن جي تربيت گهر جي عورتن هٿان ٿئي ٿي، جنهن جي گذاري لائق زمين انگريز سرڪار جي ڪورٽ آف وارڊس تحت آهي. پوءِ ڀي گورنر جي مخالت کڻندي خلافت ڪانفرنس جي ميزباني ڪري ٿو. انهي ۾ سيد پنهنجي آجياڻي واري ڳالهه ڪري ٿو ۽ آخر ۾ سندي تقرير جي پڄاڻي جيئي سنڌ سان ڪري ٿو.
بينا شاھ جي ناول ۾، بينظير جو افسانوي ڪردار به بڻايو ويو آهي. جنهن ۾ ننڍڙي بينظير حد درجي جي خود سر، ضدي پر پيءُ جي لاڏلي ۽ گهر جي وڏور. ڪهاڻيءَ موجب بي بي کي ناراض ڪندڙ يا روئاريندڙ ملازمن کي سندس پيءُ (جنهن کي پڻ سائين ٻڌايو ويو آ) چهبڪ هڻائيندو هو. هڪڙي ڀيري انهيءَ بينظير کي سندس هڪڙي ملازم ڪار مان لهندي گهوري ڏٺو ته انهي جون سزا ۾ رڙيون هميشه ٻين ملازمن کي ياد رهيون. ناول جي مک ڪردار علي سڪندر جي پنھنجي پيپلي پيءُ سان ڇڪتاڻ سبب ناول جي آخري باب تائين بينظير سان پڻ نفرت رهي ٿي. پر بينظير جي پڄاڻيءَ تي ھو به بينظير سان پڄاڻي تي پهچي شهيدن جي موسم منجهه مليو. جيڪا وڏيرن سان شهري يا لبرل ڪلاس ۾ نفرت آهي، سا بينا شاھ جي بيانئي موجب، وڏيري ڪلاس کي مظلوم ظاهر ڪري ٿي. ته وڏير ايئن ناهن جيئن هنن کي پڻيو ويو آهي. اوهان مان ڪيترا اهو ناول پڙهي اها راءِ قائم ڪري سگهن ٿا ته اهو انگريزي ۾ ناول هڪڙي مٿين وڏيري ڪلاس جي پڙهيل لکيل فرد جي اکين سان جديد سنڌ بابت پنھنجو پرزم آ.
بينا شاه جي ناول کي انگريزي جي هڪ ٻئي فڪشن ليکڪ عامر حسين “گريٽ سنڌي ناول” قرار ڏنو آهي. اهو ڪو گهڻو وڌاءُ به ڪونهي.


سائين جي ايم سيد
ڏکين حالتن ۾ رهنمائي جون راهون ڏيکاريندڙ
اعظم ڀٽي
تاريخ جي ورق گرداني ۾ اهڙا کوڙ سارا نالا ڳڻائي سگهجن ٿا، جيڪي استحصالي قوتن کان وٺي، سياسي سماجي بي حسي توڙي اسان جي پنهنجي هٿ جي وڍيءَ جو سبب بڻيا. توڙي جو اسان ڀلي کڻي انفرادي يا گروهي طور پنهنجو پاڻ کي آجو سمجهندا هُجون پر اُهي ڪير هئا جيڪي انهن استحصالي قوتن جي بندوق جو ڪُلهو بڻيا، مير جعفر ۽ مير صادق به انگريزن جا ڄاوا ته ڪو نه هئا. اُهي اسان جي سماج جي پيداوار هئا، جن پنهنجي انفرادي ۽ گروهي مفادن خاطر سُڌريل سماجن جو ستياناس ڪري ڇڏيو ته پنهنجي ڪردار تي به هميشه لاءِ لعنتاڻي جي مُهر هڻي ويا.
ان جي برعڪس سماج جڏهن مُشڪلاتن جي وَر چڙهندا آهن، معاشرن جو ماحول جڏهن بگاڙ جو گهاڻو بڻجي ويندو آهي، هر طرف افراتفري جون هوائون گهُلڻ لڳنديون آهن، جڏهن احساس لُڇندا ٿا، جڏهن جذبن جو جيءُ جَلندو آهي، جڏهن اکيون ڪنهن مثبت راهه جون منتظر بڻجي وينديون آهن ته بهادر قومي اڳواڻن، مفڪرن، قومي هيرن، رهبرن، ڏاهن، دانشورن جون دُور رس ڳالهيون ۽ وسيع سوچ سان لبريز مقولا باشعور فردن جي ذهنن ۾ ڦِرڻ لڳندا آهن، ان وقت انهن جي وجود جي کوٽ شدت سان محسوس ٿيڻ لڳندي آهي، جيڪي نبض شناس هوندا آهن، جيڪي سماج شناس هوندا آهن، جيڪي معاشري کي درپيش ڏُکين گهڙين ۽ مُشڪل حالتن تي گهِري نظر رکندا آهن، انهن حالتن کي مدِنظر رکي پنهنجا رايا ڏيندا آهن، رهنمائي جون راهون نروار ڪري، مسئلن جي حل جون تدبيرون ڏَسيندا آهن، سماجن کي بدلائڻ لاءِ پنهنجا تجربا ۽ مُشاهدا ونڊيندا آهن، اهي ان خار زار جهنگل کي صفا صاف ڪري باغ بستان بنائڻ  واري جُنبش ۾ لڳي ويندا آهن. ڪي ايماندار، اشراف قومي مجنون سياسي زندگيءَ کان بس ڪري گوشه نشينيءَ جي زندگيءَ ۾ به اهڙا گوهر ورهائيندا آهن جو پڙهيل لکيل ماڻهن کي به ڏندين آڱريون اچي وينديون آهن. برصغير جي تاريخ ۾ اهڙا آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ڪردار هوندا جن جي عملي زندگيءَ، سياسي، سماجي، اخلاقي حوالي سان عام ماڻهن لاءِ هڪ بهترين نمونو ثابت ٿيندي رهي آهي.
سائين جي ايم سيد جو ڳاڻيٽو انهن رهبرن ۾ ٿئي ٿو، جيڪي پاڻ متحرڪ هوندا آهن ته سماجن جا رُخ بدلائي ڇڏيندا آهن ۽ جيڪڏهن گوشه نشيني ۾ هوندا آهن تڏهن به معاشرن جي مشڪلاتن جا حل ويٺا ڏَسيندا آهن، جڏهن سموري دنيا کي مذهبي انتهاپسنديءَ جي اڳواٽ خوف جي ڪا خبر نه هئي ته سائين جي ايم سيد ويانا ڪانفرنس ۾ سموري دنيا کي آگاهه ڪيو هو ته اهو امڪاني خوف سموري دنيا لاءِ مٿي جو سُور بڻجي ويندو ۽ پوءِ سڀ پريشاني جي عالم ۾ مٿو ڪُٽيندا رهندا ۽ دنيا ڏٺو ته سائين جي ايم سيد جي دُور رس نظر گهڻا سال اڳي ان صورتحال کي پرکي وڌو هو، هُن ته سرمائيدارانه ۽ جاگيردارانه نظام جي مجموعي نقصانن ۽ هاري ۽ مزدور طبقي جي استحصال وارن قدمن تي، سنڌي قوم جي تاريخي سڃاڻپ واري نُقطي تي راتاهي بابت  پنهنجو عالمانه نقطئه نظر ڪيترا ئي سال اڳ چِٽو ڪري ڇڏيو هو.
اهڙا کوڙ سارا مامرا هئا جن کي هُن پنهنجي عُقابي نظر سان نه رڳو ڏٺو پئي، محسوس ڪيو پئي پر عام آڏو ان جو کُليو کُلايو اظهار به ڪيو پئي ته پڙهيل لکيل ماڻهن کي انهن خوف خطرن کان لکت ۾ آگاهه به پئي ڪيو. جڏهن مُلڪن، معاشرن ۽ سماجن جون مجموعي حالاتون بِگڙي صفا هٿن مان نڪري ٿي ويون ته هُن اهو به پئي چيو ته؛ ”جڏهن مُلڪن جون حالتون سازگار نه هجن ته پڙهيل لکيل ماڻهن جو ڪم آهي ته گهر جي ڪنهن ڪُنڊ ۾ ويهي تصنيف ۽ تاليف جو ڪم ڪن.“ سائين جي ايم سيد جو اڪثر تصنيف ۽ تاليف جو وارو ڪم انهن ناسازگار حالتن جو نتيجو به آهي ته ان جو چِٽو ثبوت به آهي. سندس سموري سياسي، سماجي، علمي، ادبي جدوجهد مان اهو بخُوبي اندازو ٿئي ٿو ته هُو جتي به رهيو، جنهن به حالت ۾ رهيو، مٿي تي هٿ ڏئي نه خاموش ٿي ويٺو نه مايوسيءَ جي مَم کي پنهنجا گوڏا چَٽڻ جي اجازت ڏنائين. زندگيءَ جو هڪ وڏو عرصو پابندِ سلاسل رهڻ جي باوجود به هُو جڏهن به ٻاهر ٿي نڪتو ته هُن پنهنجي عملي ڪردار وسيلي پنهنجي زبان کان ڪات جو ڪم وٺي، استحصالي قوتن ۽ ڌرتيءَ جي دشمنن کي پئي للڪاريو، جڏهن به قيد ٿي ٿيو ته هُن قلم کي تلوار بڻائي ڌرتيءَ جي دشمنن جا ڇوڏا ٿي لاٿا.
اهو ئي سبب هو جو سنڌ ۽  سيد جون مخالف سياسي قوتون ۽ استحصالي ڌُريون جي ايم سيد جي حياتيءَ تائين ٻٽي ڪَرب جو شڪار رهيون، سيد کي قيد ٿي رکيائون تڏهن به پريشان هُيون ته وري کيس آزاد ٿي ڇڏيائون، تڏهن به هميشه ڊپ ۽ خوف ۾ ٿي رهيون. ڪردارن جي اجتماعي ڪاميابيءَ جو ان کان وڏو ٻيو ڪهڙو ثبوت ٿي ٿو سگهي ؟ سائين جي ايم سيد جو سياسي، سماجي، علمي، ادبي ۽ اخلاقي ڪردار ڪالهه به ڪامياب هو ته اڄ به ان ڪردار تي نظرياتي پختگيءَ ۽ بقا جي مُهر لڳل آهي، ڀلي کڻي موجوده وقت ۾ حالتون سندس فڪر ۽  نظريي جي فائدي ۾ نه به هُجن، ڀلي کڻي ڊپ ۽ خوف جون آله ڪار ڌُريون اهو سمجهنديون هُجن ته هنن سيد جي فڪر ۽ نظريي تي خاموشي جي مُهر هڻي ڇڏي آهي، يا سندس نظرياتي پختگيءَ واري جدوجهد جي سفر آڏو رڪاوٽون کڙيون ڪري ڇڏيون آهن پر تاريخ گواهه آهي ته رهبرن، مفڪرن، خيالن جا واهڙ وهائيندڙن، نَوان رستا ۽ دڳ ڏَسيندڙن جي فڪر، فهم ۽ ادراڪ کي سوين سال گُذري وڃڻ کانپوءِ به امرتا ۽ مهانتا ملي آهي، جنهن جي آڏو سموريون رڪاوٽون تاريخ جو ڪچرو ثابت ٿيون آهن. سمورا هٿڪنڊا وقت جي ڌُوڙ بڻجي وِکري ويا آهن. دُولهه دريا خان کي تلوارن جا گهاءُ ڏيندڙ، مخدوم بلاول کي گهاڻي ۾ پيڙهيندڙ، صوفي شاهه عنايت شهيد جو سِر قلم ڪندڙ جو نالو ڪنهن کي به اڄ ياد ناهي پر سنڌ جا اهي سمورا سُورهيه سپُوت نه رڳو تاريخ ۾ زنده ۽ امر آهن پر اُتساهه، همت، حوصلي، جوش ۽ جذبي جو لاثاني مثال بڻيل آهن.

سو هي موجوده مشڪل وقت، هي دجالي دؤر ڀلي کڻي استحصالي قوتن جي ڏند ڪڍي کِلڻ جو دؤر هجي پر سڀاڻي جي تاريخ ۾ اُن عذاب واري دؤر جي محرڪن جو نالو به ڪنهن کي ياد نه هوندو. موجوده وقت ۾ جنهن اهم ڳالهه جي ضرورت آهي سا اُها ئي آهي ته سيد جي پوئلڳن کي، سيد جي عاشقن کي، سنڌ ڌرتيءَ سان پيار ڪندڙن کي سيد جي قول تي عمل ڪندي سمورو وقت مطالعي، تصنيف ۽ تاليف تي ڏيڻ گهرجي، انهن کي پنهنجي نئين صف بنديءَ لاءِ رٿابندي ڪرڻ گهرجي. جيڪا رٿابندي مستقل ۾ سنڌ جي سُورن لاءِ مرهم به بڻجي ته سيد جي نظريي جي فتح ۽ ڪاميابيءَ جي علامت به بڻجي اُڀري.




Relevance of GM Syed today
By Naseer Memon
The writer is Chief Executive of the Strengthening Participatory Organization
Published: January 17, 2013

GM Syed, often demonized as a traitor by establishment ranks, is among the least understood and most maligned founding fathers of Pakistan. At a juncture of history when the country is in a morass of extremism, militancy and corruption, his relevance in contemporary Pakistan is of great significance.

An objective study of GM Syed’s political career proffers certain solutions for the current crisis of the state. He always stood for separation of religion from state affairs and advocated greater autonomy for federating units. The Charter of the Pakistan People’s Organization, which he founded in 1948, envisioned a progressive, democratic country. The party proposed to make the country a ‘union of autonomous socialist republics’. The prescription could have stitched a tenable federation and averted its fragmentation. The party charter also emphasized the recognition of Pakistan as a multi-nation state where historic identities and rights of the constituent nations should be respected. The creation of Bangladesh and the disgruntlement of Baluchistan and Sindh signify the hitherto unresolved riddle.
Another relevance of GM Syed’s work is his unambiguous proposition for separation of religion from state affairs. Although Pakistan was created on the basis of the two-nation theory, it is widely believed that, after its creation, the Quaid-e-Azam intended to make it a secular state. Vested interests, however, were reluctant to wean off from religiosity, as it offered a lucrative nexus with global powers. Besides the national leadership, GM Syed also berated superpowers for blending religion with regional politics for their strategic appetite. He delivered a spellbinding speech at the Vienna International Peace Conference in 1952. Addressing delegates from the US and Britain, he deplored American and British efforts to unite Muslims based on their faith which, he felt, engendered serious ramifications. He warned them that patronizing such forces would promote religious extremism and fascism. These words testify the prescience of a maverick.
GM Syed’s intellectual contribution was enormous. He bequeathed a treasure trove of over 60 published books and a huge cache of unpublished work. Mostly in Sindhi, his books are a testimony of the history of Sindh and the subcontinent. His landmark books Paigham-e-Latif (Message of Shah Latif) and Jee’aan ditho aa moon (As I witnessed) are especially seminal works of Sindhi literature and politics. In Paigham-e-Latif, he reinterpreted Shah Abdul Latif Bhitai as an icon of the social consciousness of Sindh and not a mere reclusive dervish. His interpretation of Bhitai rediscovered him as a national poet of Sindh, whose message of humanity characterized the soul of the province as an abode of universal peace. Jee’an ditho aa moon provides an unusual comparative analysis of religions and an assault on religious extremism. The book riled clerics prompting them to issue an edict against him. It did not, however, muzzle him and he continued to proselytize his views.
For his defiant views, he remained interned for over 30 years. One may repudiate his political views but certainly cannot relegate his commitment to peaceful coexistence, democratic and secular values in politics and rights of nations. All of this is very relevant for today’s Pakistan to make it a tenable state.
Note: January 17 is the 109th birth anniversary of GM Syed.
Published in The Express Tribune, January 17th, 2013.



No comments:

راءِ ڏيندا