شهيد آفتاب عالم شورو
عزم ۽ جدوجهد
خورشيد ٻگهيو
جنهن پنهنجي آواز کي غريبن مسڪينن ۽ اٻوجهن جو آواز بڻائڻ ٿي گهريو، تنهن
نوجوان کي پراين ڪلهن تي ڏٺو هو ۽ جڏهن اهو آواز شهر خاموشان ۾ هميشه لاءِ خاموش ڏٺو
هو تڏهن ڀٽائي جو اهو بيت بي ساخته چپن تي آيو هو ”گهوڙن ۽ گهوٽن جيئڻ ٿورا ڏينهڙا،
ڪڏهن منجهه ڪوٽن، ڪڏهن راهي رڻ جا.“ ۱۸ جنوري ۱۹۹۰ تي پنهنجي ارادن تي اٽل رهندي
پنهنجي پنهنجي قائد شهيد ڀٽو جي پيروي ڪندي سندس فڪر ۽ فلسفي تي جان قربان ڪندي هميشه لاءِ امر بڻجي ويو. سندس
دشمنن کيس ابدي خاموشي ڏيڻ چاهي هئي، پر هو سندس آواز کي گُهٽي نه سگهيا ۽ کيس ماري
ته سگهيا هئا. پر ان ارڏي جوان کي ڪوبه جهڪائي
نه سگهيو هو.
شهيد آفتاب عالم شورو ۱۹۶۶ع
۾ ڀٽ شاهه ڀرسان کنڊو اسٽاپ جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ هوندل شورو ۾ ننڍڙي زميندار محمد عالم
شورو جي گهر ۾ جنم ورتو هو. بچپن کان ئي انتهائي ذهين ثابت ٿيو هو. کيس علم سان چاهه
هو، جنهن ڪري کيس ننڍڙي سن ۾ ئي پرائمري اسڪول ۾ داخل ڪرايو ويو هو. هو پنهنجي ڪلاس
۾ سڀني کان ننڍو پر پڙهائي ۾ سڀني کان اڳڀرو هوندو هو. پنهنجي پوري دلچسپي سان محنت
ڪندو رهيو ۽ ڀٽ شاهه هائي اسڪول مان ۱۹۸۰ع
۾ A گريڊ ۾ ميٽرڪ جو امتحان پاس
ڪيو. ۱۹۷۹ع ۾ ضياءَ الحق جڏهن ذوالفقار علي ڀٽو کي تختهءِ دار
تي پهچايو هو. اتان ئي هن عملي سياست ۾ پير پاتو ۽ سنڌ پيپلز اسٽوڊنٽس فيڊريشن مان
شاگرد سياست ڪندي پنهنجي عملي سياست جو آغاز ڪيائين. علمي ميدان ۾ سندس قابليت ڪنهن
کان لڪل نه هئي پر جڏهن هو سياست جي ميدان ۾ لٿو ته هن اتي به پاڻ مڃرايو ۽ جلدي جلدي
ترقي جون منزلون طئه ڪندي ڪاليج ۾ سپاف جو
صدر ۽ بعد ۾ ضلعي صدر چونڊيو. انٽر کان بعد سياست ۾ دلچسپي کي نظر ۾ رکندي هن سنڌ يونيورسٽي
۾ پوليٽيڪل سائنس جي ڊپارٽمينٽ ۾ داخلا ورتي.يونيورسٽي ۾ به هو شاگرد سياست جو فعال
ڪارڪن رهيو جنهن جي ڪري سموري سنڌ ۾ تنظيم جي گهڻ گهرن تائين سندس قابليت جي هاڪ پهچي
چڪي هئي. سندس اڻٿڪ محنت ۽ سياسي جدوجهد جي ڪري کيس وڏي مڃتا ملي، ۵ جنوري ۱۹۹۰ع تي هو تنظيمي چونڊن ۾ اڪثريتي ڪاميابي حاصل ڪندي
سپاف سنڌ جو صدر چونڊيو ويو. هن لاءِ شاگرد سياست ئي آخري منزل نه هئي. هو پوري سماج
کي بدلائڻ جو خواهان هيو. هن کي يقين هو ته هو نوجوانن کي اتساهي هن ملڪ جي غريب مسڪين
۽ ڏتڙيل عوام جي تقدير بدلائي سگهن ٿا.
شهيد آفتاب عالم شورو کي آمر ضياءَ الحق جي دور ۾ ٻه ڀيرا قيد و بند جي
سعادت نصيب ٿي پهريون ڀيرو کيس ۸۳ع
عيسوي ۾ جڏهن هو فقط ۱۷ سالن جو ته قيد ڪيو ويو ۽ ٻيو ڀيرو جڏهن هو پنهنجي ڦوهه جواني ۾ ۲۱ سالن جي ڄمار کي پهتو هو.
کيس قيد ڪيو ويو. سندس پارٽي لاءِ ڏنل قربانين کيس پارٽي قائدن جي تمام ويجهو ڪري ڇڏيو
سندس جذبو ۽ سياسي بصيرت ئي هئي جنهن کيس پاڪستان پيپلز پارٽي جي مرڪز تائين پهچايو
۽ هو محترمه جي جلاوطني ختم ڪري ڏيهه واپس ورڻ تي کيس محترمه جو چيف سيڪيورٽي گارڊ
مقرر ڪيو ويو. هو پنهنجي آخري ساهه تائين شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي مشن تي ثابت قدم
رهيو.
اهڙي ئي هڪ تنظيمي دوري تي پنهنجي صدر چونڊجڻ جي ۱۳ ڏينهن کان پوءِ، هُو پنهنجي
گاڏيءَ ۾ ٽنڊو ڄام وڃي رهيو هيو ته راهوڪي
شاخ وٽ ڪجهه راهزنن مٿس هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا. اهي ملڪ دشمن ۽ عوام دشمن عنصر،
هن ۲۴ سالن
جي نوجوان جي حوصلي، سندس پرجوش تيز و تند آواز کان ايترا ته خوفزده ٿي ويا هئا جو
هو کيس وڌيڪ ڳالهائيندو ڏسي نه سگهيا ۽ هن وڏي منصوبا سازيءَ سان آفتاب کي خاموش ڪرڻ
گهريو. هو آفتاب کي ماري ته چڪا هئا پر کيس خاموش نه ڪري سگهيا. سندس آواز جا پڙلاءَ
اڄ به گونجن پيا. سندس پيغام ۽ سندس جدوجهد رنگ لاتو. هو سنڌ جي سوين نوجوانن جو هيرو
آهي. هو گولين سان مري نه سگهيو هو ته دلين ۾ رهندڙ هو جيڪو انهيءَ عظيم شهادت جي مرتبي
تي فائز ٿيو جتي هن کي ڪير به ماري نٿو سگهي. شيخ اياز به شايد آفتاب لاءِ ئي چيو هو:
تون مونکي ڦاهيءَ چاڙهيندين
مان توکان مور نه مرڻو هان
گنجار ڪندي جا مونکان پوءِ
تنهن جندڙيءَ جو مان جھرڻو هان
ٻيو چارڻ بڻجي چنگ کڻي
مان ورڻو هان، مان ورڻو هان
شهيد آفتاب عالم شورو
’گهوڙن ۽ گهوٽن جيئڻ ٿورا ڏينهڙا‘
خورشيد ٻگهيو
ڀٽائي چيو هو ته ”گهوڙن ۽ گهوٽن، جيئڻ ٿورا ڏينهڙا.“ مون کي اها ڳالهه
سمجهه ۾ نه ايندي هئي ته ڀٽائي ايئن ڇو چيو هو، ان جي پويان ڪهڙو راز پوشيده هو. پوءِ
هڪ ڏينهن جڏهن هڪ ذهين، ارڏي ۽ سخت محنتي نوجوان، جنهن پنهنجي مضبوط ڪلهن تي پوري سماج
جا بار کڻڻ جي دعوى ٿي ڪئي، جنهن پنهنجي آواز کي غريبن مسڪينن ۽ اٻوجهن جو آواز بڻائڻ
ٿي گهريو، تنهن نوجوان کي پراين ڪلهن تي ڏٺو هو ۽ جڏهن اهو آواز شهر خاموشان ۾ هميشه
لاءِ خاموش ڏٺو هو تڏهن ڀٽائي جو اهو بيت بي ساخته چپن تي آيو هو ”گهوڙن ۽ گهوٽن جيئڻ
ٿورا ڏينهڙا، ڪڏهن منجهه ڪوٽن، ڪڏهن راهي رڻ جا.“ اهو نوجوان منهنجي وڏي ڀاءَ جو دوست،
شهيد ڀٽو جو شيدائي ۽ نوجوانن لاءِ هڪ مثالي ڪردار، شهيد آفتاب عالم شورو هو. جيڪو
پنهنجي ارڏائي، سياسي بصيرت ۽ عملي جدوجهد ڪري ڪوٽن، ۽ قيدن ۾ گهارڻ باوجود به جهڪيو
نه هو، جيڪو آمراڻي سوچ لاءِ هڪ ڪنڊو بڻجي چڪو هو. تنهن کي جيئڻ لاءِ ٿورا ئي ڏينهن
مليا ۽ هو ۱۸ جنوري
۱۹۹۰ تي
پنهنجي ارادن تي اٽل رهندي پنهنجي قائد شهيد ڀٽو جي پيروي ڪندي سندس فڪر ۽ فلسفي تي
جان قربان ڪندي هميشه لاءِ امر بڻجي ويو. سندس دشمنن کيس ابدي خاموشي ڏيڻ چاهي هئي،
پر هو سندس آواز کي گُهٽي نه سگهيا ۽ کيس ماري ته سگهيا هئا، پر ان ارڏي جوان کي ڪوبه
جهڪائي نه سگهيو هو.
شهيد آفتاب عالم شورو جنهن ۱۹۶۶ع ۾ ڀٽ شاهه ڀرسان کنڊو اسٽاپ جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ هوندل شورو ۾ ننڍڙي زميندار
محمد عالم شورو جي گهر ۾ جنم ورتو هو. ننڍپڻ کان ئي انتهائي ذهين ثابت ٿيو هو. کيس
علم سان چاهه هو، جنهن ڪري کيس پرائمري اسڪول ۾ داخل ڪرايو ويو هو. هو پنهنجي ڪلاس
۾ سڀني کان ننڍو پر پڙهائي ۾ سڀني کان اڳڀرو هوندو هو. پنهنجي پوري دلچسپي سان محنت
ڪندو رهيو ۽ ڀٽ شاهه هاءِ اسڪول مان ۱۹۸۰ع
۾ A گريڊ ۾ ميٽرڪ
جو امتحان پاس ڪيو. اهو دور سنڌ اندر وڏي سياسي ڏڦيڙ وارو دور هو، ۷۷ع ۾ آمر ضياءَ الحق، ڀُٽي جو تختو اونڌو ڪري ملڪ تي مارشل لاءَ نافذ ڪئي
هئي، ۽ انهيءَ گُهٽ ۽ ٻوسٽ کي شديد انداز ۾ هن پنهنجي اسڪول جي دور ۾ محسوس ڪيو هو،
جنهن سندس اندر ۾ هڪ باغيءَ کي جنم ڏنو هو. ۽ ۱۹۷۹ع ۾ ضياءَ جڏهن ڀُٽي کي تختهءِ دار تي پهچايو هو، ملڪ اندر هڪ سياهه باب
تحرير ڪيو هو ته ان وقت ۾ هن پنهنجي اندر ۾ وڏي اٿل پٿل کي پروڙيو هو ۽ عوام جي حالتن
جو گهرو مشاهدو ڪيو هو. هو ان ڏک ۾ وٺجي ويو هو ته سندن محبوب قائد شهيد ٿي چڪو آهي.
انهيءَ واقعي مان هو شديد متاثر ٿيو ۽ هن پڪو پهه ڪري ورتو ته، هو شهيد ذوالفقار علي
ڀٽو جي شهادت کي رائگان ٿيڻ نه ڏيندو. هو پنهنجو ڪردار هڪ عاشق جيان پوري سچائيءَ سان
ادا ڪندو. اتان ئي هن عملي سياست ۾ پير پاتو ۽ سنڌ پيپلز اسٽوڊنٽس فيڊريشن مان شاگرد
سياست ڪندي پنهنجي عملي سياست جو آغاز ڪيائين. علمي ميدان ۾ سندس قابليت ڪنهن کان لڪل
نه هئي پر جڏهن هو سياست جي ميدان ۾ لٿو ته هن اتي به پاڻ مڃرايو ۽ جلدي جلدي ترقي
جون منزلون طئه ڪندي ڪاليج ۾ سپاف جو صدر ۽ بعد ۾ ضلعي صدر چونڊيو. انٽر کان پوءِ سياست
۾ دلچسپي کي نظر ۾ رکندي هن سنڌ يونيورسٽي ۾ پوليٽيڪل سائنس جي ڊپارٽمينٽ ۾ داخلا ورتي.
يونيورسٽي ۾ به هو شاگرد سياست جو فعال ڪارڪن رهيو جنهن جي ڪري سموري سنڌ ۾ تنظيم جي
گهڻ گهرن تائين سندس قابليت جي هاڪ پهچي چڪي هئي. سندس اڻٿڪ محنت ۽ سياسي جدوجهد جي
ڪري کيس وڏي مڃتا ملي، ۵ جنوري ۱۹۹۰ع تي هو تنظيمي چونڊن ۾ اڪثريتي ڪاميابي حاصل ڪندي سپاف سنڌ جو صدر چونڊيو
ويو. هن لاءِ شاگرد سياست ئي آخري منزل نه هئي، پر هو گهڻو اڳتي وڃڻ چاهيندو هو، پنهنجي
قوم ۽ ملڪ لاءِ گهڻو ڪجهه ڪرڻ چاهيندو هو. هو پوري سماج کي بدلائڻ جو خواهان هيو. هن
کي يقين هو ته هو نوجوانن کي اتساهي هن ملڪ جي غريب مسڪين ۽ ڏتڙيل عوام جي تقدير بدلائي
سگهن ٿا.
شهيد آفتاب عالم شورو کي ضياءَ جي دور ۾ ٻه ڀيرا قيد و بند ۾ وڌو ويو،
پهريون ڀيرو کيس ۸۳ع ۾ جڏهن هو فقط ۱۷
سالن جو هو ته قيد ڪيو ويو
۽ ٻيو ڀيرو جڏهن هو پنهنجي ڦوهه جواني ۾ ۲۱
سالن جي ڄمار کي پهتو، تڏهن
کيس قيد ڪيو ويو. سندس پارٽي لاءِ ڏنل قربانين کيس پارٽي قائدن جي تمام ويجهو ڪري ڇڏيو،
سندس جذبو ۽ سياسي بصيرت ئي هئي جنهن کيس پيپلز پارٽي جي مرڪز تائين پهچايو ۽ هو محترمه
جي جلاوطني ختم ڪري ڏيهه واپس ورڻ تي محترمه جو چيف سيڪيورٽي گارڊ مقرر ڪيو ويو. هو
پنهنجي آخري ساهه تائين شهيد ڀٽو جي مشن تي ثابت قدم رهيو.
سپاف جو صدر چونڊڻ بعد هن سڀ کان پهرين ضياءَ جي ظلم ۽ بربريت جي نتيجي
۾ پارٽي جي ٿيل نقصان جو ازالو ڪندي ۽ تنظيم کي سياسي ڏکيائين جي وقت ۾ منظم ڪرڻ لاءِ
وڏي جاکوڙ ڪرڻ شروع ڪئي ۽ تنظيم سازي جي سلسلي ۾ سموري سنڌ اندر دورا ڪرڻ جو منصوبو
جوڙيو ته جيئن سڄي صوبي اندر تنظيمي نوجوانن ۽ شاگردن کي سياسي طور تي فعال بڻائي سندن
وچ ۾ رابطن کي تيز ڪيو وڃي.
اهڙي ئي هڪ تنظيمي دوري تي پنهنجي صدر چونڊجڻ جي ۱۳ ڏينهن کان پوءِ، هُو پنهنجي
گاڏيءَ ۾ ٽنڊو ڄام وڃي رهيو هيو ته راهوڪي شاخ وٽ ڪجهه رهزنن مٿس هٿيارن جا منهن کولي
ڇڏيا. اهي ملڪ دشمن ۽ عوام دشمن عنصر، هن ۲۴
سالن جي نوجوان جي حوصلي،
سندس پرجوش تيز و تند آواز کان ايترا ته خوفزده ٿي ويا هئا جو هو کيس وڌيڪ ڳالهائيندو
ڏسي نه سگهيا ۽ هنن وڏي منصوبابنديءَ سان کيس خاموش ڪرڻ گهريو. هو آفتاب کي ماري ته
چڪا هئا پر کيس خاموش نه ڪري سگهيا. سندس آواز جا پڙلاءَ اڄ به گونجن پيا. هو ته دلين
۾ رهندڙ هو جيڪو انهيءَ عظيم شهادت جي مرتبي تي فائز ٿيو جتي هن کي ڪير به ماري نٿو
سگهي.
No comments:
راءِ ڏيندا