فقير عبدالمجيد سيال
صوفي ڪلاڪار
ناصر قاضي
اڄ جڏهن سنڌ چؤ طرف انتها پسنديءَ جي باهه ۾ پڄري رهي آهي، جڏهن مذهب
جي آڙ ۾ حضرت انسان جو بيگناهه رت وهائڻ، وري انهن جي لاشن جي بيحرمتي ڪرڻ جهڙيون حرڪتون
ورجايون وينديون رهن، تڏهن سنڌ صوفي ازم کي ياد ڪري روئي ويهي ٿي. جيڪو ديس صدين کان
امن ۽ آشتيءَ جو گهوارو رهيو آهي، اڄ اهو ديس انتها پسنديءَ جي دز ۾ دٻيل آهي. انتها
پسنديءَ جي اها دز سنڌ ۽ سنڌين جو ورثو هرگز ناهي، پر مذهب جي نام نهاد ٺيڪيدارن، سنڌ
جي صوفي ازم جي پرچار ڪندڙ اسان جي بزرگن توڙي ويراڳين جي تبليغ کي وساري، مذهبي انتها
پسنديءَ هٿان ڪفر جي فتوى ڏئي منصور حلاج کان ڀوري ڀيل تائين جهڙا نه وڻندڙ واقعا برپا
ڪيا آهن، جنهن سبب سنڌ جي صوفي ازم وارو پکي انتها پسنديءَ جي صيادي حملي سبب پنهنجا
رت ۾ لت پت پرڙا ساهي رهيو آهي. اهڙي صورتحال ۾ اهڙن صوفي درويشن جي ضرورت آهي، جيڪي
’فقير جي محبت، خدا جي محبت‘ جهڙا درس در در وڃي ڏين.
پر اهڙي صورتحال باوجود به سنڌ اڄ به شاهوڪار آهي، جتي هن وقت به تصوف
جا معلم توڙي طالب تصوف جي فيض ڏيڻ ۽ وٺڻ ۾ مصروفِ عمل ڏسجن ٿا. اتر سنڌ جي شهر ڊکڻ
ويجھو جنم وٺندڙ فقير عبدالمجيد سيال کي به اهڙي فقيراڻي لئون لڳي، جو هو جھوڪ شريف
۾ صوفي شاهه عنايت شهيد جي درگاهه تي حاضر ٿيو، جتان اهڙو ته سبق سکي ورتو هو، جنهن
فقيراڻي رمز ۾ اهو چئي ڏنو هو ته: ”صوفيءَ جي سوز ساز کي سمجھڻ ته ڏکيو آ، هن عشق جي
انداز کي سمجھڻ ته ڏکيو آ“ صوفي عبدالمجيد سيال جڏهن به يڪتارو ۽ چپڙي هٿ ۾ کڻي ان
ڪلام جا سر وکيريندو آهي ته ان وقت ائين لڳندو آهي، ڄڻ ته سوين پتنگ ان عشق جي آڙاهه
۾ پچڻ لاءِ تيار ٿي ويندا آهن.
سنڌ جو ناميارو صوفي ڪلاڪار فقير عبدالمجيد سيال جي جنم ڀومي ڳوٺ بکو
خان سيال، تعلقو ڳڙهي ياسين، ضلعو شڪارپور آهي، جتي هن ۳ اپريل ۱۹۷۶ع تي پنهنجي والد
قادر بخش سيال جي گھر ۾ جنم ورتو. عبدالمجيد سيال نصابي تعليم انٽر تائين حاصل ڪئي،
اسڪول جي تعليم دؤران هو اسڪول ۾ منعقد ٿيندڙ هم نصابي پروگرامن ۾ نعتن ۽ مولودن جي
مقابلن ۾ وڌي چڙهي حصو وٺندو رهندو هو ۽ انهن نعتن ۽ مولودن سان گڏوگڏ هو سنڌ جي نامياري
صوفي شاعر فقير امام الدين ڊکڻ جون ڪافيون پڻ پنهنجي دل جي شوق سان ياد ڪندو ۽ اسڪول
جي پروگرامن ۾ اهي ڪلام به آلاپيندو رهندو هو، فقير امام الدين ڊکڻ، فقير عبدالمجيد
جي ڳوٺ جو پاڙيسري پڻ هو، جنهنڪري به فقير امام الدين ڊکڻ سندس آئيڊيل شخصيت بڻجندو
ويو.
اڳتي هلي جڏهن فقير عبدالمجيد سيال ٻالڪپڻ کان جوانيءَ طرف وکون وڌايون،
تڏهن بيروزگاريءَ کي بيوسي نه سمجهندي محنت ۽ مزدوريءَ جي ڪرت کي اپنايائين، انهن ڏينهن
۾ اتفاق اهڙو ٿيو، جو مزدوريءَ سانگي فقير
امام الدين ڊکڻ جي آستاني تي هڪ پورهيت جي حيثيت ۾ سندس وڃڻ ٿيو، جتي هن محنت مزدوري
ڪرڻ دؤران فقيراڻي تڏي تي رندي ريت جا آفاقي اصول به پنهنجي آڏو جيئرا جاڳندا ڏٺا.
اهڙيءَ طرح آهستي آهستي فقير عبدالمجيد سيال کي عملي طور تي فقير امام الدين ڊکڻ جي
صحبت پڻ حاصل ٿي، جتان هن تصوف جا سبق پڻ سکڻ شروع ڪيا. فقير امام الدين جيئن ته درگاهه
جھوڪ شريف جو خاص طالبن منجھان هڪ طالب فقير آهي، ان حوالي سان پنهنجي مرشدن جي ياد
۾ مقرر ٿيل مختلف موقعن (خاص ڪري هر اسلامي مهيني جي ۲۴ تاريخ تي) پنهنجي آستاني تي
ڳوٺ ڊکڻ ضلعي شڪارپور ۾ راڳ ويراڳ جون محفلون ڪرائڻ سندس سالن کان وٺي اڄ تائين جي
وندر رهي آهي. ان حوالي سان فقير عبدالمجيد پنهنجي روح کي ريجھائڻ لاءِ انهن محفلن
۾ شرڪت ڪري ويراڳي وندر ۾ بهرو وٺڻ شروع ڪيو، جنهن ماحول ۾ رهڻ سان عملي طور راڳ جي
ميدان ۾ قدم رکندي يڪتاري جي ياري ۽ چپڙيءَ جي چاهه سان پنهنجي فقراهي سفر جو آغاز
ڪيائين.
فقير عبدالمجيد مقامي سطح تي ننڍي پئماني تي منعقد ٿيندڙ فقراهي صوفياڻين
محفلن ۾ يڪتاري ۽ چپڙيءَ جي سنگت تي راڳ آلاپڻ سان پنهنجي فني سفر جي شروعات ڪئي، ان
دؤران ۱۹۹۵ع ڌاري هڪ محفل ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ هو پنهنجي تر جي ٻئي سريلي صوفي راڳي فقير
سڪندر علي سانگھروءَ جي تڏي تي ڪهي ويو، جنهن محفل ۾ درگاهه جھوڪ شريف جي گادي ڌڻيءَ
جو ڀاءُ محترم ڏاڏا عبدالستار سائين ۽ وليعهد محترم زبيرالدين ستاري پڻ مهمان خصوصي
طور شريڪ هئا. هن محفل ۾ فقير عبدالمجيد تي قسمت اهڙي نموني مهربان ٿي، جو جڏهن فقير
عبدالمجيد راڳ ڳائي پورو ڪيو، تڏهن دعا وٺڻ لاءِ خصوصي مهمانن طرف وڌيو ته انهن مٿس
اهڙي عنايت ڪئي، جو کيس ڀاڪر ۾ ڀريائون ۽ فقير عبدالمجيد جو هٿ فقير سڪندر علي سانگھروءَ
جي هٿ ۾ ڏئي کيس سنگيت جي سکيا ڏيڻ جو حڪم ڏنائون. ان ڏينهن کانپوءِ فقير عبدالمجيد
سيال، فقير سڪندر علي سانگھروءَ جي شاگرديءَ ۾ اچي ويو. اڳتي هلي فقير عبدالمجيد سيال
عملي طور تي درگاهه جھوڪ شريف جو مستقل پانڌيءَ جي طور درگاهه تي حاضريون ڀريندو رهيو
۽ هڪ ڏينهن اهڙو به آيو، جو فقير عبدالمجيد، درگاهه جھوڪ شريف جي گادي ڌڻي صاحب ڪريم
صوفي عطاءُ الله شاهه ستاريءَ کي دل سان پنهنجو مرشد تسليم ڪري، سندس دست بعيت ٿي،
درگاهه جھوڪ شريف جو طالب بڻجي ويو.
فقير عبدالمجيد سيال تمام گھڻي رياض ۽ محنت سان پنهنجي آواز ۾ هڪ دل فريب
رچاءُ پيدا ڪيو، اڳتي هلي هن فقير امير بخش مڱڻيجي کان به سنگيت جا ڪافي سبق سکيا.
فقير عبدالمجيد سيال هڪ ڀيري پنجاب جي نامياري صوفي بزرگ حضرت راضي سائين جي منعقد
ٿيندڙ عرس تي ويل هو، جتي سنڌ جي نامياري بينجو نواز مختيار عليءَ جي معرفت سان پنجاب
جي نامياري لوڪ توڙي ڪلاسيڪل موسيقيءَ جي ڪلاڪار استاد حسين بخش ڍانڍيءَ جي پوٽي استاد
احمد رضا خان ڍانڍيءَ سان سندس ملاقات ٿي، جتي فقير عبدالمجيد موقعي کي غنيمت سمجهندي
پهرين ئي ملاقات ۾ استاد احمد رضا خان کي استاديءَ لاءِ عرض ڪيو، موٽ ۾ استاد احمد
رضا به راضي سائينءَ جي درگاهه تي ئي مٿس راضي ٿيو ۽ انتهائي شفقت جو اظهار ڪندي کيس
پنهنجي شاگرد طور قبول ڪيائين.
فقير عبدالمجيد کي پنهنجي مرشد توڙي استادن جي دعائن سان ناماچاري تڏهن
نصيب ٿي، جڏهن غير ارادي طور تي درگاهه جھوڪ شريف تي بي خوديءَ جي انداز ۾ سندس آواز
۾ ڳايل ڪلام ’صوفيءَ جي سوز ساز کي سمجھڻ ته ڏکيو آ‘ هڪ خانگي چئنل جي نمائندن پنهنجي
ڪئميرا جي اک سان هميشه لاءِ قيد ڪري ڇڏيو. سندس ڳايل اهو ڪلام ٽي. وي تي هڪ ڀيروڇا
نشر ٿيو، بس! پوءِ ته نشر ٿيندو ئي رهيو ۽ سنڌ جي پڙهيل لکيل طبقي کان وٺي هاري ناريءَ
جي چپن تي فقير عبدالمجيد جو ڳايل اهو ساڳيو ڪلام روان دوان رهيو.
فقير عبدالمجيد سيال کي ريڊيو پاڪستان خيرپور تي نامياري براڊڪاسٽر ۽
شاعر ڪوثر ٻرڙي متعارف ڪرايو. هن مڙني صوفي توڙي ڪلاسيڪل شاعرن جي ڪلام کي نهايت ئي
سهڻي انداز ۾ ڳايو آهي. سندس آواز ۾ ڳايل ڪلامن ۾ ’صوفيءَ جي سوز ساز کي سمجھڻ ته ڏکيو
آ‘، ’سبحان تنهنجي صورت قربان حسن وارا‘، ’سب ڪجھه ڀلا ديا هي تجھي ديکني ڪي بعد‘،
’خوني نرگس نيڻ نماڻا‘ ۽ ٻيا ڪيترائي مشهور ٿيا آهن. صوفياڻي رنگ ۾ ويراڳ ڪرڻ ته فقير
عبدالمجيد جي اصل سڃاڻپ رهي آهي، پر هن يڪتاري ۽ چپڙيءَ جي سنگت تي عارفاڻي ڪلام کي
ڪلاسيڪل رنگ ۾ ڳائڻ جا به ڪافي ڪامياب تجربا ڪيا آهن، اڪثر محفلن ۾ سندس ڳايل ٺمريون
ڪافي مقبول ٿيون. توڙي جو فقير عبدالمجيد فقراهي رنگ ۾ ڪافيءَ جو هڪ سريلو فنڪار آهي،
پر سندس ڳايل انهن ڪافين جي وچ ۾ تمام سهڻي انداز سان سريلا آلاپ، تانون ۽ پلٽا سندس
گائيڪيءَ جي انداز کي ڪافي شانائتو ۽ منفرد بڻائي ڇڏيندا آهن.
نئين سال ۲۰۱۴ع جي شروعات تي اسان جي ڌڻيءَ در اها دعا آهي ته پوريءَ
ڀونءِ کي هاڻي ڪو به ڏک نه ملي، روز ازل کان تصوف جي گهواري طور سڃاڻجندڙ سنڌ ڌرتيءَ
تي تصوف جو ئي فيض عام هجي، هتي ڪنهن جو به خون بيگناهه نه وهي، هتي هميشه باغ ٽڙندا
رهن، سنڌوءَ جو پاڻي هميشه هتان جي پوکن کي سيراب ڪندو رهي، هميشه خوشحالي هجي، هر
ڏينهن عيد مثل هجي ۽ هميشه گيڙوءَ رتل ويس ۾، يڪتاري ۽ چپڙيءَ جي لئي تار تي ڳائجندڙ
صوفي ڪلامن سميت هو جمالن جا پڙلاءَ گوجندا رهن.....
No comments:
راءِ ڏيندا