فقير عبدالمجيد سيال
صوفي ڪلاڪار
ناصر قاضي
اڄ جڏهن سنڌ چؤ طرف انتها پسنديءَ جي باهه ۾ پڄري رهي آهي، جڏهن مذهب
جي آڙ ۾ حضرت انسان جو بيگناهه رت وهائڻ، وري انهن جي لاشن جي بيحرمتي ڪرڻ جهڙيون حرڪتون
ورجايون وينديون رهن، تڏهن سنڌ صوفي ازم کي ياد ڪري روئي ويهي ٿي. جيڪو ديس صدين کان
امن ۽ آشتيءَ جو گهوارو رهيو آهي، اڄ اهو ديس انتها پسنديءَ جي دز ۾ دٻيل آهي. انتها
پسنديءَ جي اها دز سنڌ ۽ سنڌين جو ورثو هرگز ناهي، پر مذهب جي نام نهاد ٺيڪيدارن، سنڌ
جي صوفي ازم جي پرچار ڪندڙ اسان جي بزرگن توڙي ويراڳين جي تبليغ کي وساري، مذهبي انتها
پسنديءَ هٿان ڪفر جي فتوى ڏئي منصور حلاج کان ڀوري ڀيل تائين جهڙا نه وڻندڙ واقعا برپا
ڪيا آهن، جنهن سبب سنڌ جي صوفي ازم وارو پکي انتها پسنديءَ جي صيادي حملي سبب پنهنجا
رت ۾ لت پت پرڙا ساهي رهيو آهي. اهڙي صورتحال ۾ اهڙن صوفي درويشن جي ضرورت آهي، جيڪي
’فقير جي محبت، خدا جي محبت‘ جهڙا درس در در وڃي ڏين.
