چاچا سلطان
آئون جوڳي ٿي ايندس
ڊاڪٽر بختاور ڄام
مون جڏهن هوش سنڀاليو، خبر پئي ته اسان جو هڪ چاچو به آهي سلطان، جيڪو
ٻاهرين ملڪ پڙهي رهيو آهي. 1976ع ۾ جڏهن چاچا سوويت يونين تعليم حاصل ڪرڻ ويو ته آئون
صرف چند مهينن جي هيس. دراصل بابا جهڙي نموني پنهنجو پاڻ کي عوامي جدوجهد لاءِ ارپي
ڇڏيو هو ۽ ان جي نتيجي ۾ حڪومت طرفان کيس بار بار گرفتار ڪرڻ، ملڪ خلاف غداريءَ جا
الزام مڙهڻ ۽ قيد دوران تشدد ڪرڻ، اهو سڀ ڪجهه ڏسي ڏاڏا سائين اهو فيصلو ڪيو ته سلطان
کي ٻاهر موڪلجي ته جيئن هو پنهنجي تعليم مڪمل ڪري سگهي. ٻيو هڪ دفعي تر جي چڱن مڙسن
جي چرچ تي جن کي اڳ ئي ڏاڏا جي ڳوٺ ۾ اسڪول ۽ ان لاءِ ذاتي هاسٽل کولرائڻ وارو عمل
پسند نه هو، تن بابا جي خلاف حڪومتي سازشون ٿيندي ڏسي ڏاڏا جي خلاف ايف آءِ آر داخل
ڪرائي. پوليس اسان جي گهر اچي تلاشي ورتي، ظاهر آهي هڪ علم دوست ماستر جي گهران ڇا
ملندو ثبوت طور؟ سو سائين جي ايم سيد جو ڪتاب “سنڌو ديش ڇو ۽ ڇا لاءِ” پوليس کي مليو
۽ اهو کڻي وئي ۽ ڏاڏا کي چيو ويو ته توهان ضمانت جو بندوبست ڪريو، ڇو ته توهان تي هن
ڪتاب جي مدد سان “ٿر ديش” ٺاهڻ جو الزام آهي. کيس اڳيان هلي ٿرپارڪر مان بدلي به انهيءَ
کي بنياد بڻائي ڪيو ويو هو. اهي حالتون هيون جن جي ڪري ڏاڏا، چاچا سلطان کي ٻاهر موڪليو.
1973ع ۾ ذوالفقار علي ڀٽي ڪراچيءَ
۾ اسٽيل مل پاڪستان جي پيڙهه جو پٿر رکيو، جيڪو سوويت يونين پاڪستان ۾ لڳايو هو، تڏهن
سوويت يونين ۽ پاڪستان وچ ۾ واپار ۽ گڏيل سهڪار جو هڪ نئون دور هليو ۽ سوويت يونين
پاڪستان سميت ٻين پٺتي پيل غريب ملڪن جي شاگردن کي اسڪالرشپ تي پڙهائڻ جي آڇ ڪئي. ڪميونسٽ
پارٽي جيئن ته سوشلزم جي لاءِ جدوجهد ڪري رهي هئي، تنهن ڪري ڪميونسٽ پارٽي جي سوويت
يونين سان ويجهڙائي فطري هئي، چاچا ڪراچيءَ ۾ انٽرويو ڏنو، سوويت يونين وڃڻ لاءِ هو
پاس ٿي ويو ۽ اهڙي طرح پهرين هو افغانستان ويو ۽ اتان وري سوويت يونين جي ويزا لڳرائي
اوڏانهن روانو ٿيو. چاچا ٻڌائي ٿو ته روس تمام ٿڌو ملڪ آهي، جتي سال جا 6 مهينا برف
باري ٿيندي رهندي آهي، اتي وڃي هن پهريان
2 سال روسي ٻولي سکي ۽ پوءِ ميڊيڪل پڙهڻ شروع ڪيائين. ايم بي بي ايس ڪري پوءِ ايم ڊي
پيڊس جي ڊگري حاصل ڪيائين، ڳوٺ ۾ رهڻ دوران اسان وٽ جڏهن به بابا ۽ چاچا جا خط ايندا
هئا ته اسان لاءِ ڄڻ عيد ٿي ويندي هئي، چاچا خط سان گڏ پنهنجون تصويرون به موڪليندو
هو، جن جي پٺيان اڪثر لکندو هو “مٺي امڙ لاءِ”
انهن مان ڪجهه تصويرون مون وٽ اڄ به محفوظ آهن. آئون چاچا کي ساڳئي طريقي سان
خط لکندي هيس، جيئن بابا کي لکندي هيس. مون پهرين به ذڪر ڪيو آهي ته خط سليٽ تان پني
تي اتاريندي هيس. 1983ع ۾ اسان جو هڪ مائٽ ادا سڪندر جيڪو ڪراچيءَ ۾ رهندو هو، سو اهو
ڳوٺ آيو ۽ پراسرار نموني منهنجي ڏاڏا کي ڪجهه چيائين، جيڪو وئڪيشن ۾ ڳوٺ آيل هو، اسان
۽ منهنجي پڦي مارئي جو خاندان صبح جو تيار ٿي ڪراچي لاءِ نڪتاسين، اها خبر هئي ته بابا
هينئر حيدرآباد سينٽرل جيل ۾ آهي، پوءِ اسان ڪراچي ڇو پيا وڃون، خير اسان سان ادا سڪندر
به گڏ هو، پر هن کي ڪو سامان ٿر واري گاڏي (ڇڪڙي) ۾ وسري ويو، سو هو عمرڪوٽ کان ميرپورخاص
ايندڙ بس مان لهي سامان کڻڻ ويو ۽ اسان ميرپورخاص اسٽيشن تي لٿاسين، جتان ريل گاڏي
۾ ڪراچيءَ وڃڻو هو، پر ڪراچيءَ لاءِ گاڏي نه هئي، سج لهي چڪو هو، اسان اسٽيشن تي ئي
تريل مڇي ۽ ماني کاڌي ۽ ريل گاڏي ۾ حيدرآباد روانا ٿياسين، حيدرآباد ۾ اسان پڪي قلعي
ٽين نمبر تلاءُ ڀرسان گلزار احمد بڙديءَ جي گهر وياسين، جنهن جو آئون پهرين به ذڪر
ڪري چڪي آهيان، جتي بابا ۽ امان مسواڙ تي رهيا هئا. اسان جيئن ئي انهن جي گهر ۾ داخل
ٿياسين ٿوري ئي دير ۾ چاڙهين تان هڪ قداور شخص لهي آيو ۽ اچي ڏاڏي ۽ پڦي مارئي کي ڀاڪر
پاتائين، آئون حيران ٿي ڏسندي رهيس “ڇا هي منهنجو چاچا سلطان آهي” مون کي يقين نه پئي
آيو. بليڪ اينڊ وائٽ تصويرن ۾ ڏٺل هي ماڻهو مون کي ڄاتل سڃاتل لڳو ۽ مٿان وري ڏاڏي
۽ پڦي جي چهري تي مسڪراهٽ ڏسي آئون سمجهي ويس ته پڪ هي چاچا ئي آهي، جنهن جي باري
۾ آئون ٻڌندي رهي آهيان. تڏهن مون کي اهڙي طريقي خاموشيءَ سان اچڻ جو سبب سمجهه ۾ اچي
ويو، ڇو ته اهو ضياءَ الحق جي مارشلا جو دور هو، چاچا جي تعليم اڌ ۾ هئي، هن کي واپس
سوويت يونين تعليم مڪمل ڪرڻ لاءِ وڃڻو هو، ڪهڙي خبر هن کي متان روڪيو نه وڃي، تنهن
ڪري وڏڙن احتياطن سندس اچڻ کي ڳجهو رکيو هو، تنهن وقت منهنجي عمر 8 سال هئي، مون پهريون
ڀيرو پنهنجي چاچا کي ڏٺو، هن اڳيان وڌي مون کي ڀاڪر پاتو ۽ پيار ڪيو، تن ڏينهن ۾ اسان
حيدرآباد ۾ هفتو کن ترسيا هئاسين. ڇو ته چاچا هفتو کن ترسيو هو. باقي پڦي پنهنجي خاندان
سميت ٻن ڏينهن ۾ واپس ڳوٺ هلي وئي هئي. چاچا ۽ اسان گڏجي بابا سان سينٽرل جيل ۾ ملڻ
وياسين. بابا چاچا کي ڏسي چيو “اڙي سِليا تون” ۽ کڻي ڀاڪر پاتائين ۽ ڪنڌ تي چميون ڏنائين،
جيڪا بابا اڪثر ڪري دوستن کي ڏيندو آهي. ڏاڏي ٻڌائيندي هئي ته سلطان جڏهن پڙهڻ لاءِ
ٻاهر پئي ويو ته چيو هيائين ته “امان ۽ آئون جوڳيءَ جي روپ ۾ به اچي توسان ملي ويندس”
ظاهر اهو ته ناممڪن هو، پر جڏهن اسان جي ڳوٺ ۾ جوڳي ايندا هئا ته ڏاڏيءَ کي اها ڳالهه
ڏاڍي ياد ايندي هئي. ڳوٺ جون ڪي پوڙهيون چونديون هيون؛ “سچو (ڏاڏا) پٽ وڪڻي ڇڏيا آهن،
هڪڙو جيل ۾ آهي ۽ هڪڙو وري روسين وٽ ويٺو آهي.” حقيقت ۾ ان ماءُ ۽ پيءُ جي حوصلي ۽
همٿ کي سلام آهي، جن جو هڪ پٽ قيد بند ۾ هو ۽ ٻئي کي تعليم پرائڻ لاءِ پاڻ کان پري
موڪلي ڇڏيائون. پاڻ وري پنهنجي علائقي ۾ علم جي شمع ٻارڻ جي ڪوششن ۾ رُڌل رهيا.
1986ع ۾ چاچا سلطان پنهنجي تعليم مڪمل ڪري وطن واپس آيو، اسانجي خوشيءَ
جي انتها نه هئي، اسان جو بيحد پيارو چاچا هميشه لاءِ وطن واپس اچي چڪو هو ۽ مون کي
ان ڏينهن اهو به يقين ٿي ويو ته بابا هڪ ڏينهن جيل مان آزاد ٿيندو ۽ اسان سان گڏ هوندو.
چاچا سلطان پهرين ٽنڊي الهيار ۾ “سجاد ڪلينڪ” کولي، پر اُتي اها خاص نه هلي سگهي، پوءِ
چاچا وري ميرپورخاص ۾ “بختاور ڪلينڪ” کولي ۽ ٻه سال کن هلائي پوءِ 1989ع ۾ چاچا کي
سرڪاري نوڪري ملي، هن پندرنهن سال کن مٺي ۾ رهي نوڪري ڪئي ۽ اڄڪلهه مانجهند ۾ ارڙهين
گريڊ جا آفيسر آهن.
چاچا سلطان، مشهور چترڪار ع_ق شيخ صاحب جي نياڻي ڊاڪٽر ممتاز شيخ سان
شادي ڪئي آهي ۽ کيس ٻه پٽ ۽ هڪ نياڻي آهي. منهنجي ۽ اسان سڀني ڀاءُ ڀيڻن جي چاچا سان
تمام گهڻي ويجهڙائي آهي، هو هميشه اسان جي سموري خاندان جي لاءِ محبتن جو مرڪز رهيو
آهي.
No comments:
راءِ ڏيندا