; سنڌي شخصيتون: ڊاڪٽر
Showing posts with label ڊاڪٽر. Show all posts
Showing posts with label ڊاڪٽر. Show all posts

07 January, 2014

چاچا سلطان - ڊاڪٽر بختاور ڄام

چاچا سلطان
آئون جوڳي ٿي ايندس
ڊاڪٽر بختاور ڄام
مون جڏهن هوش سنڀاليو، خبر پئي ته اسان جو هڪ چاچو به آهي سلطان، جيڪو ٻاهرين ملڪ پڙهي رهيو آهي. 1976ع ۾ جڏهن چاچا سوويت يونين تعليم حاصل ڪرڻ ويو ته آئون صرف چند مهينن جي هيس. دراصل بابا جهڙي نموني پنهنجو پاڻ کي عوامي جدوجهد لاءِ ارپي ڇڏيو هو ۽ ان جي نتيجي ۾ حڪومت طرفان کيس بار بار گرفتار ڪرڻ، ملڪ خلاف غداريءَ جا الزام مڙهڻ ۽ قيد دوران تشدد ڪرڻ، اهو سڀ ڪجهه ڏسي ڏاڏا سائين اهو فيصلو ڪيو ته سلطان کي ٻاهر موڪلجي ته جيئن هو پنهنجي تعليم مڪمل ڪري سگهي. ٻيو هڪ دفعي تر جي چڱن مڙسن جي چرچ تي جن کي اڳ ئي ڏاڏا جي ڳوٺ ۾ اسڪول ۽ ان لاءِ ذاتي هاسٽل کولرائڻ وارو عمل پسند نه هو، تن بابا جي خلاف حڪومتي سازشون ٿيندي ڏسي ڏاڏا جي خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرائي. پوليس اسان جي گهر اچي تلاشي ورتي، ظاهر آهي هڪ علم دوست ماستر جي گهران ڇا ملندو ثبوت طور؟ سو سائين جي ايم سيد جو ڪتاب “سنڌو ديش ڇو ۽ ڇا لاءِ” پوليس کي مليو ۽ اهو کڻي وئي ۽ ڏاڏا کي چيو ويو ته توهان ضمانت جو بندوبست ڪريو، ڇو ته توهان تي هن ڪتاب جي مدد سان “ٿر ديش” ٺاهڻ جو الزام آهي. کيس اڳيان هلي ٿرپارڪر مان بدلي به انهيءَ کي بنياد بڻائي ڪيو ويو هو. اهي حالتون هيون جن جي ڪري ڏاڏا، چاچا سلطان کي ٻاهر موڪليو.