; سنڌي شخصيتون: دادا سنڌي - محمد قاسم سومرو

12 January, 2014

دادا سنڌي - محمد قاسم سومرو

دادا سنڌي
سنڌ جي سرڪاري ادارن کان وسري ويل تاريخدان ۽ اُستاد
محمد قاسم سومرو/ڏهرڪي
سنڌ جي مشهور تاريخدان ۽ اديب، دادا سنڌي سنڌ جو مشهور تاريخدان ۽ اديب رهيو آهي. جنهن پنهنجي ۵۲ سالن جي  زندگيءَ ۾، سنڌ جي تاريخ ۽ ادب تي ۱۵ ڇپيل ۽ ۲۵ اڻ ڇپيل ڪتاب ڏنا.
داداسنڌي جو مائٽاڻو نالو ڪريم بخش ھيو ۽ پاڻ ذات جو سومرو هيو.


پاڻ ۵ جولاءِ ۱۹۴۵ع  تي ڳوٺ داد لغاري، تعلقي ڏهرڪي ۽ ضلعي گهوٽڪي ۾ پيدا ٿيو. ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ داد لغاري، سيڪنڊري تعليم گورنمينٽ هاءِ اسڪول ميرپور ماٿيلو، انٽر گورنمينٽ اسلاميه آرٽس ڪاليج سکر، بي اي ۽ ايم اي جي ڊگري سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان حاصل ڪيائين.
پاڻ پيشي جي لحاظ کان اُستاد هئا.
دادا سنڌي پنهنجي لکڻ جي شروعات، سال ۱۹۶۳ع ۾ ڪئي. کيس تاريخي ادب جو شوق، رحيمداد خان مولائي شيدائي سان ملاقات کان پوءِ ٿيو. تاريخي مضمون لکڻ جي شروعات، پاڻ ون يونٽ جي دور ۾ ون يونٽ جي خلاف مضمون لکي ڪيائين.
پاڻ ۱۹۹۰ع کان ۱۹۹۱ع تائين، ريڊيو پاڪستان خيرپور لاءِ، سنڌ جي تاريخ تي ريڊيو اسڪرپٽ به لکندا رهيا ۽ اهي اسڪرپٽ اٺن ڪتابن تي مشتمل آهن.
هن سنڌ جي تاريخ ۽ ادب تي ۱۵ ڇپيل ڪتاب  ڏنا، جن ۾ ھيٺ ٻڌايل ڪتاب اھم حيثيت سان شامل آهن.
ڏيئي ڏنڀ ڏڏن،
1.     سنڌ جون تاريخي ڪهاڻيون،
2.     اڳوڻن سنڌين جو پرڏيهي واپار،
3.     سنڌين جي فوجي مهارت،
4.     ۱۸۵۷ جي جنگ آزادي ۽ سنڌ،
5.     سنڌ جي عالمن جا سُنهري ڪارناما،
6.     تاريخي ماڻهو تاريخي ڳالهيون،
7.     سنڌيڪا سنڌي گرامر
سندس اڻ ڇپيل ڪتابن ۾ وري ھيٺ ٻڌايل ڪتاب اھم حيثيت سان شامل آهن.
1.     آزاديءَ جون تحريڪون ۽ سنڌ،
2.     سنڌ جا صوفي شاعر،
3.     وري سي وطن ڄايون (سنڌ جون عظيم عورتون)،
4.     سنڌ جا بندر ۽ بازارون،
5.     سنڌ جا قلعا،
6.     شاهه جا تاريخي ڪردار،
7.     سنڌ جا قديم درسگاهه،
8.     سنڌ جا اوائلي تختگاهه،
9.     سنڌ جا تعليمي محسن،
10. اقراءَ (تعليم بابت مضمون)،
11. مقالات دادا سنڌي،
12. افڪار لطيف
دادا سنڌي، هڪ سچو محب وطن دوست، اديب ۽ تاريخدان هو. هن ڪڏهن به پنهنجي آدرشن کي ڪنهن لالچ تي نه وڪِيو.
دادا سنڌي صاحب کي، ادبي خدمتن عيوض، مختلف ادبي ادارن طرفان ڪيترا ئي ايوارڊ مليا. جيڪي ھيٺ ڏجن ٿا:
1.     سنڌي سنگت ايوراڊ،
2.     سنڌالاجي ايوارڊ،
3.     آل سنڌ ٻالڪ ايوراڊ،
4.     سنڌي قلم ايوارڊ.
تاريخ ۱۱ جنوري ۱۹۹۸ع تي، دادا سنڌيءَ جي وفات کان پوءِ، سرڪار پاران سندس ڪتابن جي ڇپائيءَ لاءِ ڪي به جوڳا قدم نه کنيا ويا.

دادا سنڌي جي ڪتابن جو وقت سر نه ڇپجڻ ادبي ادارن جو غير منصفاڻو رويو آهي. دادا سنڌي پوري عمر سنڌ جي تاريخي ادب جي خدمت ڪئي ۽ پنهنجي وفات کان پوءِ ٽيهارو کن ڪتاب اڻ ڇپيل صورت ۾ ڇڏيا.

No comments:

راءِ ڏيندا