جوهر بروهي
محمد عثمان ميمڻ
سنڌي ادبي کيتر ۾ جوهر بروهيءَ جو نانءُ سڀني کان نمايان آهي. هو پنهنجي
سَٿ واري ٽهيءَ ۾ هڪ الڳ ٿلڳ سڃاڻپ رکي ٿو. نهايت ئي مسڪيني حال ۾ رهندڙ جوهر بروهيءَ
جو اصل نالو عبدالقيوم آهي. سندس جنم ۲۹
جنوري ۱۹۵۰ع تي پني عاقل جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ٿريچاڻيءَ ۾ ٿيو. مئٽرڪ،
درس نظامي ۽ دور تفسير جا امتحان پاس ڪيل آهن.
هن ابتدائي تعليم مختلف ديني مدرسن مان حاصل ڪئي. هن مدرسه عربي فريد
آباد، مدرسه عربيه دارا القرآن ميهڙ، مدرسه عربيه قاسم العلوم گهوٽڪي ۽ مدرسيه عربيه
انور الرحمان درياهه خان مري نوشهروفيروز مان ديني تعليم پرائڻ بعد جامع اشرفيه سکر
مان ۱۹۷۰ع ۾ درسي نظاميءَ جي تڪميل ڪئي. ميهڙ ويجهو مدرسه حفظ
القرآن ۾ استاد مقرر ٿيو.
هن مئٽرڪ جو امتحان ۱۹۹۲ع
۾ هاءِ اسڪول ميهڙ مان پاس ڪرڻ بعد، ۱۹۹۴ع
۾ بين الاقوامي اسلامي يونيورسٽي اسلام آباد مان ڪورس مڪمل ڪيو. ان دوران مدرسه عربيه
العلوم رحيم يار خان ۽ شيخ التفسير مولانا عبدالغني جاجرويءَ کان ۲ دفعا قرآن پاڪ جو تفسير پڙهيو
۽ تجويد ۾ استاد قاري محمد مدنيءَ وٽ تعليم پوري ڪئي.
جوهر بروهي ۱۹۷۴ع
کان مدرسه عربيه محمديه فريد آباد ۾ ديني معلم جي حيثيت سان درس ۽ تدريس جي عمل ۾ مصروف
آهي.
جوهر بروهي سٺي شاعر هجڻ سان گڏوگڏ سٺو نقاد، محقق ۽ نثر نويس پڻ آهي.
هن ۱۹۷۲ع کان سنڌي ۽ براهوي ادب ۾ پير پاتو. براهويءَ ۾ نور
محمد پروانه کان ۽ سنڌيءَ ۾ الحاج رسول بخش خان ڏيرو سندس رهنمائي ڪئي.
جوهر بروهي جا سنڌي، براهوي ۽ اردو جي ڪيترن ئي رسالن اخبارن ۾ مختلف
صنفن ۾ مضمون، مقالا، انشائيه ۽ شاعري سان گڏوگڏ سنڌ، بلوچستان، ڪوهستان جي قديم آثارن
بابت سندس مضمون ڇپيا آهن.
جوهر بروهي ڪاڇي ۽ ڪوهستان بابت وسيع ڄاڻ رکي ٿو. ان حوالي سان هو ڪاڇي
۽ ڪوهستان جي هلندڙ گهمندڙ انسائيڪلو پيڊيا آهي.
جوهر بروهي هسٽاريڪل سوسائٽي سب ڊويزن ميهڙ جو چيئرمين، بزم لطيف ميهڙ
جو سرپرست اعليٰ، براهوي پبليڪيشن سنڌ جو سيڪريٽري ۽ سنڌي ادبي سنگت ميهڙ جو ميمبر
پڻ آهي.
هن جا سنڌي قومي براهوي ادب ۾ ويهارو کن ڪتاب شايع ٿيل آهن، جن ۾
ھيٺيان ڪتاب شامل آهن:
(۱) احوال غم (براهوي شاعري)،
(۲) گوريج (براهوي نثر)،
(۳) ختم نبوت (مذهبيات)،
(۴) شيموش (براهوي شاعري)،
(۵) روشنائي (براهوي شاعري)،
(۶) دردانه (براهوي شاعري)،
(۷) شادوزباد (قومي شاعري)،
(۸) طوبي نارند (مرثيه)،
(۹) ڪاروان (مثنوي)،
(۱۰) شڪر ڦل (انشائيه)،
(۱۱) احوال غم (بارڊگر)،
(۱۲) لولي (ٻاراڻي شاعري)،
(۱۳) براهوي تخليقڪار اور سوانح،
(۱۴) امام العصر،
(۱۵) گلدسته سنڌ
(۱۶) استاد وريلداس جو ڪلام (مرتب)
بشڪريه مهراڻ
مولانا جوهر
بروهي
ڪاڇي جو
قربدار جوهر جوهردار
ڊاڪٽر علي اڪبر اسير قريشي
مولانا جوهر بروهي ڪنھن بہ
تعارف
۽ تعريف جو محتاج نہ آهي.
سندس اصل نالو عبدالقيوم آهي. هيءُ هن جديد دؤر جو جيد عالم گهڻ پاسائين شخصيت
آهي. پاڻ هڪ سڄاڻ، ڏاهو، معتبر ۽ پاڙهو شخص آهي. هن جو علم و ادب سان ننڍي هوندي
کان ئي واهپو ۽ تعلق رهيو آهي ۽ سندس علم و ادب سان تعلق رهندو پيو اچي. هن وقت پاڻ
۷۳ سالن جي ڄمار کي پهتو آهي، ان حساب سان سندس ڄمڻ
جي تاريخ ۲۹جنوري ۱۹۵۰ع آهي. ان عمر هوندي بہ علم و ادب ۾ سندس ڪم سڀني کان نرالو ۽ نيارو
آهي. هن وقت تائين سندس ڇپيل ڪتابن جو ڳاڻاٽو اٽڪل ۷۰ آهي. ان کان علاوه ڪيترائي مضمون ۽ مقالا مختلف ڪتابن ۽ رسالن ۽
اخبارن جو سينگار بڻيل آهن. سندس اڻ ڇپيل ڪتابن ۽ مضمونن جو ڪيتروئي تعداد آهي. هن
عمر ۾ بہ قلم جي ڪؤنتل کي ڪڏائيندو رهي ٿو.
مولانا عبدالقيوم جوهر کي آئون اٽڪل ستن سالن کان ڄاڻان سڃاڻان. سندس
نالي کان تہ گهڻو اڳ غائبانہ آگاھ هيس. دل چاهيندي هئي تہ جيڪر مولانا جوهر صاحب
سان وڃي ڪچهري ڪجي. ڇو تہ ڪيترائي ڀيرا منهنجو هن شهر مان گذر ٿيو آهي. هتان لنگهي
شاھ گودڙيي جي زيارت لاءِ وڃڻو پوندو آهي. هاڻي بہ اِها ئي سِڪ رکي شاھ گودڙيي تي ڪڏهن
ڪڏهن وڃڻ ٿيندو آهي ۽ جوهر صاحب سان بہ اهڙيءَ ريت ملاقات ٿيندي آهي. هر سال ٻٽي ڀيرا
وڃڻ ضرور ٿيندو آهي. هن کي جو مون وڃي ڏٺو تہ مون سان ايئن مليو جو ڄڻ اڳ ئي واقف
هياسون. مون کيس گل ورهائيندي ڏٺو. خوش گفتاريءَ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ آهي. اهڙي خوبي
هر
ڪنهن ۾ نہ هوندي آهي.
هيءُ تہ سراپا هر وصف ۽ هر اکر ۾ سهڻو سيبتو ۽ قول جو پڪو پختو ۽ مهان ماڻهو آهي.
هن جي سرشت ۾ بس ٻين خوبين سان گڏ هيءَ بہ اعليٰ خوبي آهي جيڪا هو کلندي ۽ مرڪندي
گذاري رهيو آهي. جنھن ڪري اها خوبي کيس سدا بهار ۽ تازو توانو رکيون ٿي اچي. هن جي
اندر ۾ خام خيال ۽ ڪام ڪروڌ يا ڪاوڙ جو نالو نشان ئي نہ آهي. اهڙيءَ ريت پاڻ هروقت
هميشه هشاش بشاش ۽ خوش خرم ڏسڻ ۾ ايندو آهي. اڄ ڪلھ جا اديب ۽ شاعر پاڻ کي تيسمار
سمجهندي گهڻائي ڏٺا آهن پر جوهر صاحب ۾ خدا تعالیٰ
اهڙو تہ جوهر رکيو آهي جو هرڪو هن جي جوهر جو معترف ٿيو پوي.
مولانا جوهر کي ڪير نہ سڃاڻي. هيءُ هر وقت خوش خُلق ۽ خوش اخلاق نظر
ايندو رهندو آهي. وڏائي تہ سندس سرشت ۾ شامل ئي نہ آهي. سدائين وڏائيءَ کان ونءُ
ويندو آهي. هن جي شاعريءَ کي جڏهن پڙهجي ٿو تہ ايئن ٿو محسوس ٿئي تہ هن پنهنجي ديڳڙي
پاڻ چاڙهي آهي. ڪنهن بہ شاعر جو مٿس اثر نہ آهي. سندس شاعري مهراڻ ۽ گل ڦل ۽ نئين
زندگي رسالن ۾ پڌري آهي ۽ سندس شاعري پڙهڻ ۾ نهايت آسان آهي. هرڪو ئي سندس شاعريءَ
کي آسانيءَ سان پڙهي ۽ سمجهي سگهي ٿو.
فريد آباد کي اصل ۾ ڪاڇو چيو ويندو هو. ميان نصير محمد جي خليفي فريد
ڀاڳت هيءُ شهر ٻَڌايو، جنهن ڪري فريد آباد مشهور ٿيو. چون ٿا تہ فريد ڀاڳت هت قلعو
بہ جوڙايو هو. جنهن جا نشان هن وقت معدوم آهن. هن وقت فريدآباد ڪاڇي جي پٽيءَ ۾ چڱو
شهر آهي. جتان جي مٽيءَ جو مهان مڙس ۽ جوان بخت مولانا جوهر بروهي مشهور ومعروف
آهي. هن چوڻ ۾ بہ حق بجانب آهيان تہ ڪاڇي جو جوهر، مولانا جوهر بروهي ئي آهي ۽ ٻيو
ڪو اهڙو جوهر ٿي نہ ٿو سگهي.
مولانا صاحب جو ڪاڇي جي پٽيءَ سان تعلق آهي. ڪاڇي جي علائقي تي چڱي
خاصي ڄاڻ ۽ مهارت رکي ٿو. کيس ڪاڇي جي انسائيڪلوپيڊيا چئجي تہ ان ۾ وڌاءُ نہ ٿيندو.
پاڻ سنڌي، اردو، براهوئي ۽ فارسي ٻولين تي دسترس رکي ٿو. ان کان علاوه عربي ٻوليءَ
تي بہ مَلڪو اٿس. هنن مڙني ٻولين ۾ نثر ۽ نظم ۾ لکندو رهي ٿو. سندس وڏو ڪارنامو
شاھ جي رسالي جو براهوئي ٻوليءَ ۾ ترجمو آهي، جنهن جا ڪجھ سُر ترجمو ڪري چڪو آهي ۽
باقي رهيل سُرن تي بہ نورنچوئيندو رهي ٿو.منهنجي خيال ۾ جوهر صاحب پھريون ئي عالم،
اديب ۽ شاعر آهي، جنهن براهوئي قوم کي شاھ لطيف جي شاعريءَ ذريعي براهوئي ٻوليءَ ۾
آگاهي ڏني آهي. جوهر بروهي صاحب، اهڙو جوهر آهي جنهن سنڌي، بروھي، اردو۽ علم و ادب
۾ تاریخ، ثقافت ۽ ٻين موضوعن تي قلم جي ڪرت سان هر ميدان
۾ پاڻ موکيو آهي. سنڌي ادب جي ميدان ۾ خاص ڪري لطيفيات ۾ سندس رهبر لطيف شناس
علامہ رسول بخش ڏيرو هيو. جنهن ڪري پاڻ بہ شاھ جي ڪيترن ئي سُرن کي براهوئي ٻوليءَ
جو وَيسُ ڍَڪايو آهي. ان کان علاوه سندس ٻيو وڏو ڪم قرآن پاڪ جي لغات آهي، جنهن جو
نالو “ڪريم الغات” آهي. اِها لغات مڙني لغاتن ۾ منفرد ۽ نرالي آهي. پاڻ لغات جهڙو ڪَٺن
۽ اڙانگو ڪم لکي وڃي پار پيو آهي.
مولانا جوهر سان منهنجي ڏيٺ ويٺ ڳچ سال ٿيندا جو ٿي آهي. هڪ دفعي مون
کي چيائين تہ”ڊاڪٽر اسير صاحب اوھان ۽ اسان جو ڳانڍاپو ۽ لاڳاپو ايترو دير سان ڇو ٿيو
آهي؟” مون کيس وراڻيو تہ اِهو سڀ ڪجھ ﷲ پاڪ جي هٿ وس آهي. پاڻ
رَلڻو ملڻو، محبتي ۽ مٿير مڙس آهي. مهمان نواز بہ واھ جو آهي، سندس ميزباني ڪو
کانئس سِکي! سندس دسترخوان بہ سدائين کليل ۽ ڪشادو اٿس. آئَي وَئَي جو سهڻي ۽ سٺي
نموني آڌرڀاءُ ۽ خاطرتواضع ڪندو آهي. مهمان نوازي سندس رڳ رڳ ۾ سمايل آهي. اڄ
تائين ڪنهن سان ٻاڙو ڪونہ ٻوليو اٿائين. جڏهن بہ مون کيس ڏٺو آهي تہ مرڪندي ڏٺو
آهي. هرڪنهن کي جيءَ ۾ جايون ڏيڻ ڪو کانئس سِکي. ننڍن سان ننڍو ۽ وڏن سان وڏو پيو
معلوم ٿيندو. ڪاڇي جي تاريخ تہ سندس نس نس ۾ پيوستہ ۽ ڳنڍيل آهي. ان ڪري کيس ڪاڇي
جي تاريخ جو مها ڄاڻو چئجي تہ بہ ازالو نہ ٿو ڪري سگهجي. هو هڪ عاشق وانگر ڪاڇي جي
مٽيءَ سان عشق ۽ پيار ڪري ٿو.
مون کي فون تي حڪم ڪيائين تہ “اوهان کي دعوت ڏني ٿي وڃي، جو مون سان
رهاڻ رچائي پئي وڃي. اوهان منهنجي علم وادب يا ڪنهن بہ پهلوءَ تي لکو ۽ اسان جي
محفل جو سينگار بڻجو.” مون تہ سندس حڪم اکين تي رکيو ۽ ڪجھ گُس گساءُ بہ ڪيم. ان
جو ڪارڻ ڪي مجبوريون آهن، جيڪي هتي ورجائڻ ضروري نہ آهن. پر تنهن هوندي بہ ابتا
سبتا رنڊا روڙيا اٿم. آئون سندس شخصيت سان ايترو نباھ ڪري نہ سگهيو آهيان، جيترو ڪرڻ
کپندو هو. جيڪو ڪجھ لکيو اٿم سو بہ غير مؤثر آهي. ڇو تہ جوهر صاحب جهڙي اڏول ۽
ارادي جي اٽل شخصيت تي لکڻ هرڪنهن جي وس جي ڳالھ نہ آهي. پاڻ هڪ ئي وقت عالم،
اديب، شاعر، عاشق، عامل، ڪامل، صادق، امين، سالڪ، محقق، مؤرخ ۽ مترجم پڻ آهي.
لطيفيات، لسانيات ۽ لغات جو بہ چڱو خاصو علم رکي ٿو. هيءَ هڪ وڏي ڳالھ آھي جو کيس
زندگيءَ ۾ ئي مڃتا ۽ مانُ ڏنو ٿو وڃي. هو ان جو حقدار بہ آهي. ڪريم اللغات (قرآن
پاڪ جي لغات) بہ هڪ شاھڪار ۽ شاندار ڪتاب آهي. جنھن تي لکڻ جهڙي تهڙي جي پهچ کان
پري آهي. جيڪو لغات جو ماهر ۽ ڄاڻو هوندو سوئي لغات جي کناکيڙ ڪري سگهندو.سو
مولانا جوهر بروهيءَ کي بہ لغات سان پورو پورو نباھ ڪيو ٿو ڏسجي. علامہ جوهر
بروهيءَ کي ڪريم اللغات تاليف ڪرڻ تي ڀرپور داد ڏيئي سگهجي ٿو. ڇو تہ ان داد تحسین جو لائق پڻ آهي. علامہ عبدالوهاب چاچڙ ڪريم
اللغات ۾ سندس لاءِ هنن لفظن ۾ بيان ڪري ٿو:
پنهنجي پياري ۽ فاضل ساٿي جوهر بروهي هڪ ضخيم ڪتاب “ڪريم اللغات” جي نالي سان لکڻ فرمايو آهي.
جنهن جو اصل ماخذ “الياقوت والمرجان” سمجھ ۾ اچي ٿو. پر علامہ جوهر بروهي جو ڪم،
حُجم ۾ ان کان پنجوڻ تي وڌيڪ آهي. علامہ جوهر بروهي اهڙيءَ تاليف جو اهل آهي ۽
سندس ڪم شاندار بہ آهي، جنهن مان اندازو ٿيو تہ هيءُ ڪنهن خاص جوهريءَ جو ڪارنامو
آهي. جنهن ڪري پڙهندڙن لاءِ نهايت مفيد ۽ سهل آهي. الله تعاليٰ انهيءَ عاليشان ڪتاب
کي مفيد عام ۽ مقبول عام بڻائي ۽ جوهر صاحب جي هن ڪتاب کي پاڻ وٽ شرف قبوليت عطا
فرمائي. آمين.
لغات لکڻ ڪو سولو ڪم نہ آهي جو جلدي ڪري وٺجي. هيءُ ڪم اٺڪاٺئو ۽
پيچيده آهي. هيءَ لغات بہ هڪ املھ وٿ آهي، جيڪا پنهنجو مُلھ پاڻ ٺهرائي ٿي. جس آهي
مولانا جوهر بروهي صاحب کي جنهن لغات جهڙي ڏکيي موضوع تي پنهنجو نور نچوئي ۽ ننڊون
ڦٽائي، اکين کي اوجاڳا ڏيئي، قرآن پاڪ کي سمجهڻ جي صلاحيت ڪَتب آندي آهي. اِها
صلاحيت ۽ ڏات خدا تعاليٰ کيس عطا ڪئي آهي. جو جوهر صاحب ڪيترو ئي وقت صرف ڪري منجي
ٽيڪي قرآن پاڪ جي لغات آڇي آهي. الله پاڪ کيس وڏي ڄمار عطا ڪري تہ جيئن ههڙا
شاندار ۽ شاهڪار ڪتاب سنڌي ۽ اسلامي علم و ادب جي جهول ۾ وجهندو رهي. آمين.
(ڊاڪٽر علي اڪبر اسير قريشي جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۶ فيبروري ۲۰۲۳ع تي کنيل)
No comments:
راءِ ڏيندا