جوهر بروهي
محمد عثمان ميمڻ
سنڌي ادبي کيتر ۾ جوهر بروهيءَ جو نانءُ سڀني کان نمايان آهي. هو پنهنجي
سَٿ واري ٽهيءَ ۾ هڪ الڳ ٿلڳ سڃاڻپ رکي ٿو. نهايت ئي مسڪيني حال ۾ رهندڙ جوهر بروهيءَ
جو اصل نالو عبدالقيوم آهي. سندس جنم ۲۹
جنوري ۱۹۵۰ع تي پني عاقل جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ ٿريچاڻيءَ ۾ ٿيو. مئٽرڪ،
درس نظامي ۽ دور تفسير جا امتحان پاس ڪيل آهن.
