; سنڌي شخصيتون: فاضل راهو

18 January, 2014

فاضل راهو

فاضل راهو
ڪجهه يادون
طارق اشرف
فاضل راهو صاحب سان منهنجي پهرين ملاقات ڪڏهن ٿي هئي اهو ته ياد نه اٿم پر اها پڪ اٿم ته اها ملاقات رسول بخش پليجي صاحب وٽ ئي ٿي هئي. شايد ٻاهتر ٽيهتر ۾. جڏهن مونکي خبر پئي هئي ته فاضل زميندار آهي ته مونکي هيءَ نه وڻيو هو. ڇوته جاگيردارن، زميندارن ۽ وڏيرن جي متعلق جيڪو ٻڌو ۽ پڙهيو هيم، انهيءَ سبب زميندار جي نالي سان ئي مونکي چڙ هئي ۽ ڏسڻ ۾ به هو مونکي وڏو زميندار لڳو هو پنهنجي قد ڪاٺ جي ڪري.


شروع شروع ۾ جڏهن فاضل صاحب سياست ۾ آيو ته مون اهو ئي سمجهو هو  ته جيئن وڏيرا شوقيا يا پنهنجي وڏيرائپ کي مضبوط ڪرڻ يا سياسي فائدا حاصل ڪرڻ خاطر سياست ۾ ايندا آهن. فاضل صاحب به انهيءَ ڪري سياست ۾ آيو هوندو.
پر جيئن ته فاضل صاحب سان ملاقاتون وڌيون، ڪجهه ويجهڙائپ ٿي ته محسوس ٿيو، هي انهن روائتي زميندارن مان ناهي، مونکي عجب به ٿيو ته هڪ زميندار هڪ عوامي قسم جي سياسي جماعت ۾ ڪيئن شامل ٿيو آهي، پر جيئن جيئن ساڻس ويجهڙائپ وڌندي وئي ته خبر پئي ته هو زميندار ضرور آهي پر زميندارن، واري ڳالهه منجهس آهي ئي ڪانه، يعني نه وڏائي نه هلڪڙائپ جيڪا گهڻن زميندارن ۾ هوندي آهي.
جڏهن پليجي صاحب عوامي تحريڪ جو بنياد وڌو ته ٻين سان گڏ مونکي به انهيءَ گڏجاڻي ۾ سڏيو ويو هو، ٻين سان گڏ مان به ويس، جڏهن سنڌي ڪتابن تي پابندي وڌي وئي، تڏهن پليجي صاحب ۽ فاضل راهو وارن گڏجي سنڌي ادب کي بچائڻ لاءِ ڪاميٽي ٺاهي. انهيءَ ميٽنگ ۾ مان به ويو هوس. ۽ انهن گڏجاڻين ۾ مون فاضل راهوءَ کي ويجهي کان ڏٺو. ڪنهن خيح ۾ هو صحيح معنيٰ ۾ عوامي ماڻهو هو. ڳالهائڻ به سٺو فضيلت وارو، ٻئي کي ٻڌي، غور ڪرڻ، ماڻهن جي وقتن تي ڪم اچڻ مون انهيءَ وقت ۾ ڪيترن کي اهو چيو هو ته عوامي تحريڪ ۾ جيڪڏهن ڪو سڀ کان سٺو ماڻهو آهي ته اهو فاضل راهو آهي.
۷۳ ۽ ۷۴ ۾ مون شرفو نالي هڪ مستريءَ کان، حيدرآباد ۾ شرف آرٽ پريس“ ٺيڪي تي ورتي هئي، مونکي اها خبر ڪانه هئي ته پريس جي مشين شرف جي نه بلڪ ڪنهن صوبيدار جي آهي، جنهن کي ڏٽا ڏئي شرف وٺرائي هئي ۽ کيس پئسو به نه ڏنو هو. انهيءَ جي خبر فاضل راهو صاحب کي پئي، جنهن سردار پريس لاءِ هڪ مشين خريد ڪري ورتي، هڪ ڏينهن مون وٽ پريس مان ماڻهو ڊوڙندو آيو ته فاضل راهو مشين خريد ڪري ورتي آهي ۽ هو کولي کڻي ٿو وڃي، مان يڪدم پريس تي گڏجاڻي، فاضل راهو صاحب جي گهر حيدرآباد ۾ ٿي هئي. پهتو فاضل صاحب ڪنهن ماڻهن سان پريس تي بيٺو هو ۽ منهنجو انتظار ڪري رهيو هو. منهنجي پهچڻ تي ٻڌايائين ته اسان اها مشين خريد ڪري ورتي آهي ۽ کولڻ ٿا گهرون. پريس جو اصلي مالڪ به بيٺو هو. تنهن چيو ته برابر مون هنن کي مشين وڪڻي ڏني آهي مون فاضل صاحب کي چيو ته مشين اوهان جي ملڪيت آهي کڻڻ چاهيو ته ڀلي کڻي وڃو پر منهنجو ڪم رڪيو پيو آهي جيڪڏهن ڪجهه ڏينهن مشين رهڻ ڏيو ته مان اقهو ڪم ڪري وٺان، وڌيڪ اوهان جي مرضي آهي فاضل صاحب يڪدم چيو ته جيترا ڏينهن رکڻ چاهيو رکو، جڏهن اوهان پاڻ چوندا تڏهن آئون مشين کڻائيندس، مون کين ڪو مدو ٻڌايو ۽ فاضل صاحب پنهنجي ماڻهن کي وٺي هليو ويو. مون ڪيل واعدي تي مشين فاضل راهو صاحب جي حوالي ڪري ڇڏي.
۱۹۷۲ع ۾ مان پهريون ڀيرو گرفتار ٿيس، فاضل صاحب منهنجي شنواين تي ايندو هو، پوءِ وري مان ۱۹۷۵ع ۾ ٻيهر گرفتار ٿيس ۽ ۲۲ مهينا جيل ۾ هئس مونکي منهنجي دوست غلام نبي مغل (ڪهاڻيڪار) جهلي ڇڏيو هو ته تون ڪنهن کان به مدد نه وٺجانءِ متان ڪو پوءِ توکي طعنو ڏي. مان ويٺو آهيان، تنهنجي تنهنجي ۽ تنهنجي گهرج ي هر ضرورت مان پاڻهي پوريڪ ندس. مون ايئن ئي ڪيو. پليجو صاحب ۽ فاضل صاحب گهڻو ئي چوندا هئا پر مون مغل سان ڪيل واعدو نڀايو، پر جيل ۾ هڪ ڏينهن اميءَ جھو خط آيو ته فاضل راهو چانورن جي ڳوڻ ته توهان ڇو ورتي؟ اميءَ لکي موڪليو ته پاڻ فاضل صاحب ڳوڻ کڻائي آيو هو، مون گهڻو ئي جهليو، پر هو زوريءَ ڇڏي ويو.
ور هڪ ڀيري اميءَ خط لکيو ته فاضل راهو چار سئو ڏئي ويو آهي. منهنجي منع ڪرڻ تي نه مڙيو. چيائين ته اهي توهان لاءِ نه آهن. طارق لاءِ آهن منهنجي نه ٻڌائين.
مان جيل ۾ ئي هئس ته فاضل صاحب پاڻ به گرفتار ٿي ويو. ڪراچي جيل ۾ هو ۽ مان سکر جيل ۾ پوءِ ۷۶ع ۾ منهنجو جيل بدلي ٿيو ته مان به اچي ڪراچي جيل ۾ پهتس، مان ۲۴ بئرڪ ۾ شاهنواز جوڻيجي سان گڏ هئس ۽ فاضل صاحب پوليٽيڪل وارڊ ۾ فاضل صاحب اڪٿر اسان وٽ ايندو هو ۽ ڏاڍي سٺي ڪچهري ٿيندي هئي. فاضل راهو صاحب سان گڏ ابراهيم منشي، عبدالواحد آريسر، مولا بخش لغاري ۽ ٻيا جيئي سنڌ جا قيدي رهيل هئا انهن مان گهڻن فاضل صاحب کي تنگ به ڪيو هو، پر فاضل صاحب جو رويو ساڻن سٺو رهيو. انهن مان اڪثر ڪيترن کي ڪابه ضرورت پوندي هئي ته فاضل صاحب پوري ڪندو هو. شنواين تي فاضل صاحب ۽ آئون گڏجي ويندا هئاسين .سياسي ماڻهوءَ جي اصل پرک جيل ۾ پرندي آهي. فاضل راهو نه رڳو جيل ۾ مڙس ماڻهو هو پر هو جيل جي باقي قيدين لاءِ رحمت جو فرشتو هو. شاهنواز جوڻيجو به سندس ڏاڍي عزت ڪندو هو. اسين روز سندن انتظار ڪندا هئاسين ته فاضل صاحب اچي ته ڪچري شروع ٿئي ۽ فاضل صاحب گهڻي ڀاڱي روز ايندو هو. پر جڏهن ۱۹۷۷ع ۾ ڀٽي صاحب حزب اختلاف جو سمورن ليڊرن کي جيل ۾ وڌو ته شاهه احمد نوراني، شير باز مزاري ۽ مير رسول بخش ٽالپر به گرفتار ٿي پهتا، مير ۽ مزاريءَ کي الڳ نئين ٺهيل وارڊ ۾ رکيو ويو. فاضل صاحب اسان وٽ اچڻ گهٽائي ڇڏيو اسان، مونکي ۽ شاهنواز جوڻيج کي اڻ تڻ ٿي پئي ته فاضل ڇو اچڻ گهٽايو آهي. نياپا موڪلي سڏايوسين آيو، نه اچڻ جو سبب پڇيوسين ته ٻڌايائين ته ”مير هر گهڙي ٿو نياپا موڪلي ته اچي تاش راند ڪريون جيڪڏهن چورائي موڪليندو آهيان ته طبيعت خراب آهي ته پاڻ اچيو مون وٽ ويهي رهي. سو تاش مان جند ڇٽي ته اوهان وٽ اچان. پوءِ ڪڏهن هو لڪي ڇپي اسان وٽ ايندو هو ته مير صاحب کيس گهرائڻ لاءِ نياپا ڪندو هو. جيڪڏهن فاضل وڃڻ ۾ دير ڪئي ته مير پاڻ اچي کيس زوريءَ وٺي ويندو هو. فاضل صاحب چوندو هو ته ڀٽو صاحب گهٽ ۾ گهٽ مير صاحب کي ته جيل ۾ نه اماڻي ها منهنجو ته مٿو ئي ويو. سياست وئي لڙهي، هاڻ سٺو ڏينهن ويٺو مير سان تاش ڪريان.
مارچ يا اپريل ۷۷ع ۾ تنهن وقت جي وزيراعلٰ غلام مصطفيٰ جتوئي ملندڙ ليکڪن جي هڪ وفد کي چيو ته طارق کي جلد ئي آزاد ڪيو، سڀاڻي تي اخبارن ۾ به اها خبر ڇپي، فاضل صاحب به مونکي مبارڪون ڏيڻ آيو. پر سنڌ جي وڏي وزير طارق اشرف کي آزاد ڪري ڇڏيو، پر مونکي آزاد نه ڪيو ويو ۽ انهيءَ کان پوءِ به ساڍا ٽي مهينا جيل ۾ بند هئس. فاضل صاحب جڏهن به مونسان ملندو هو ته چوندو هو ته طارق منهنجي دل ٿي چوي ته تون اسان سڀني کان اڳ ۾ آزاد ٿيندي.
انهيءَ وچ ۾ فاضل راهو ۽ منشي آزاد ٿي ويا. شاهنواز مونسان واعدو ڪيو ته جي اوهان کان اڳ آزاد ٿيس ته پنهنجن پٽن سندس ٻه پٽ نورل ۽ روشن به جيل ۾ هئا ان کان اڳ ۾ تنهنجي صمانت ڪرائيندس. ضياءَ جي مارشلا لڳي ته شاهنواز جوڻيجو به آزاد ٿيو هن پنهنجو واعدو نڀايو. ڊي پي آر جي ڪورٽ مان منهنجي ضمانت منظور ڪرايائين. پر جج کيس ضامن طور قبول نه ڪيو ڇو ته هن تي ڪيس هو هن فاضل راهو سان ڳالهه ڪئي جيڪو يڪدم پاڻ منهنجو ضامن پيو ۽ مان ۲۲ مهينن کان پوءِ سکر سينٽرل جيل مان آزاد ٿيس. منهنجي والده کي منهنجي آزاد ٿيڻ جي خبر سڀ کان اول فاضل صاحب ڏني. فاضل صاحب ڪراچي منهنجي ضمانت منظور ڪرائي. اميءَ کي فون تي ٻڌايو ته طارق جي ضمانت ٿي وئي آهي جيئن ئي ليٽر سکر پهچندو طارق آزاد ٿي گهر پهچي ويندو.



منهنجو ناٿو مري نه ٿو سگهي!
جو پرمارن لاءِ پاهو هو، سو راڻل فاضل راهو هو
فاضل راهوءَ جي پُڦي
پرهه ڦٽڻ جي مهل هئي، انهيءَ ويل اسان جي گهر ۾ هڪڙي نئين پرهه پيدا ٿي. اسين نئين ٻار جي ڄاپڻ تي خوش به ڏاڍو ٿياسين، پر وري سندس مري ويل ڀائرن کي ياد ڪري ڏک ۾ ڀرجي وياسين. احمد خان ٽي پٽ ڄڻيا هئا. اهي ٽيئي مري ويا. ڪو به پٽ نه ٿي بچيو. اسان سنئوڻ ڪري، کيس هڪڙي گهر جي ڇت تان ٽپائي، ٻئي گهر آندو. احمد خان جا ٻيا پٽ نه ٿي بچيا، سو هن جي نٿ ٽوپي ”ناٿو“ نالو رکيوسين. ٻيو نالو رکيوسين ”محمد فاضل“. احمد جي پيءُ جو نالو محمد فاضل هو ۽ ان ڪري احمد خان کيس سڄي عمر ”ابا ڪوٺيندو هو. منهنجو ڀاءُ احمد خان کي پنهنجو اولاد ڪو نه بچندو هو سو هن پٽ جي بچڻ جي کيس تمام گهڻي خوشي ٿي ۽ اسين سڀئي ڏاڍو خوش ٿياسون.
قدرت سان ناٿو، مڙس پهلوان نڪتو. صحت شروع کان ئي چڱي هئس، ويتر اسين هر ٿڌي ڪوسي کان خيال ڪندا هئاسين. ٻارن سان جهيڙي جي ڳالهه اسان وٽ ان ڪري به ڪانه ٿي ڇو ته اسان جي گهر ۾ ٻيا ٻار بچندا ئي ڪونه هئا. هر ڪو کيس سڪ، پيار ۽ عزت ڏيندو هو. ملي وٽ مسجد ۾ ويهاريوسين. نوان بئراج ٺهڻ جون ڳالهيون هليون پئي. اسڪولن جي تعليم به عام جام نه ٿي هئي، اسان کيس اسڪول ويهاريو اسڪول آئون ساڻس گڏ ويندي هئس. هو پڙهندو هو، اچاريندو هو ۽ آئون ڏسي خوش ٿيندي هيس ته ناٿو پڙهي پيو. پوءِ اسڪول جي ماستر مون کي چيو ته ”آخر ڪيسين تون ناٿي سان گڏ ايندينءَ؟ مون کيس چيو جيسين سسيءَ ۾ ساهه آهي. پوءِ ۳ درجا پڙهيو اسان سڪ جي ڪري کيس اسڪول نه ڇڏي سگهياسين. پوءِ آهستي آهستي جوان ٿيو. سندس هڪڙي شادي ننڍي عمر ۾ ٿي ۽ ٻي سياست ۾ اچڻ کانپوءِ حيدرآباد مان ڪيائين..
هڪڙي ڏينهن تر جا وڏيرا احمد خان وٽ آيا. اسان پنهنجي رواج سان سندن آجيان ڪئي ۽ وڃڻ مهل کين ڪجهه رڍون ڏنيون. ناٿو، احمد خان سان ان ڳالهه تي پهريان ته ڪونه ڪڇيو پر جڏهن ٻه ٽي ڀيرا ايئن ڏٺائين ته ان ڳالهه تي ڳنڍ ٻڌائين ۽ احمد خان کي چيائين ته ”اسان ڪنهن جا نوڪر ناهيون، هي ڪهڙا مهمان آهن جيڪي ماني به کائين ٿا ۽ رڍون، ٻڪريون به کڻن ٿا“ مون ناٿي کي تنهن ڏينهن کان وڏيرن جي هلت چلت کان بيزار ڏٺو ۽ اڃان تائين ايئن آهي.
...پوءِ بئراج کُليا، اڇو پهراڻ پائي، گهوڙي تي چڙهي هو چڪر پيو هڻندو هو. هڪڙي ڏينهن جڏهن هو، ترائي جو چيئرمين ٿيو هو (چيئرمين يونين ڪائونسل ترائي) تڏهن هن ماڻهن سان محبت وڌائي، هر وقت يارن سان پيو گهمندو ڦرندو هو. ڇا به ٿي پوي رات اچي اکين اڳيان ڪندو هو.
هڪ ڏينهن ماڻهو ڀڄندا آيا چئي. ”مير اعجاز، ناٿي کي خون ڪري ڇڏيو آ“ منهنجو ساهه سڪي ويو. مون قرآن ڇاتيءَ سان لڳايو ۽ چانئٺ تي ويٺِي رهيس. مون کي ناٿي جي مرڻ تي يقين نه پئي آيو ۽ مون پنهنجي ڌيءَ بُوليءَ کي چيو ته ”منهنجو ناٿو مير جي هٿان مرڻ-جهڙو ناهي“ پوءِ شام جو گهر آيو. کيس مٿي تي پٽيون ٻڌل هيون، کلي مليو. مير جا ست ماڻهو هڪڙي جاءِ ۾ اڪيلي سان وڙهيا هئا ۽ هن هٿين خالي تن کي بيهوش ڪيو هو ۽ باقي جهيڙو ماڻهن جي ڪري ختم ٿيو هو.
پوءِ هن گهوڙو ڇڏي جيپ ورتي، سڄو ڏينهن پيو ان تي گهمندو، هارين کان واپارين کان شهرين کان احوال ڪندو وتندو ۽ رات ٿيندي هئي ته وري گهر ايندو هو. جيپ جي ڪري گولاڙچي ۽ ڪڙيو ٽپي هو حيدرآباد پهتو، جتي سندس دوستي رسول بخش پليجي سان ٿي، پوءِ گهر ايندو هو ۽ پنهنجي ان دوست جا حوالي کيڄ خوشيءَ مان ڪندو هو. اسان کي رسول بخش لاءِ عزت وڌي ۽ اسان سمجهيو ته اسان جي ناٿي کي ٻيو ڀاءُ مليو آهي.
پوءِ جڏهن زمين واري تحريڪ (نيلام بند ڪريو تحريڪ) هلي ۽ ناٿو جيل ويو ته ماڻهو اسان وٽ آيا. ڳالهه ٻڌي اسان روئڻ ويٺاسين. سندس زال جيترا ڏينهن جيل ۾ رهيو ايترا ڏينهن نه پوري ماني کاڌي نه روئڻ کان بس ڪيو، هن چلهه ٻاري ان تي ڪُني رکي ان ۾ پاڻي وجهندي وئي ۽ هر وقت ان ڪُني کي پاڻي سان ڀري رکيو جيئن ناٿي جا دشمن ان گرميءَ ۾ سڙن ۽ ناٿي کي ڪجهه به نه ٿي.
پوءِ جڏهن جيل سندس ٻيو گهر ٿي پيو ته پوءِ اسان سندس سمجهاڻين جي ڪري چپ ٿي وياسين، ناٿو جيڪا ڳالهه چوندو هو اها پوري ڪرڻ اسان جو فرض هو ۽ اڃا تائين اسان جي ڳوٺ ۾ ناٿي جي پرپٺ جيڪڏهن ڪوبه ماڻهو ڪنهن به هاري ناريءَ کي دڙڪو ڏيندو آهي ته آئون پاڻ وڃي کيس سمجهائيندي آهيان ته “ناٿو ڪاوڙ ڪندو”.
اسان سان ڪنهن به سرڪار ڪابه ڀلائي نه ڪئي آهي. هر حاڪم منهنجي ناٿي کي جيل ۾ قيد ڪيو آهي. هر حاڪم منهنجي گهر کي روز ڏک ڏنو آهي محمد صديق رضا ڪئي ته ناٿو ڪراچي جيل ۾ هو. مون کي پنهنجي محمد صديق جي موت جي خبر پئي. ناٿو ۱۲ ڪلاڪن لاءِ آيو، اسان اکيون وجهي نه ڳالهائي سگهياسين ناٿي مون کي آٿت ڏيندي چيو ته ”ٻاهر هزارين محمد صديق بيٺا آهن، سڀ تنهنجا ٻچا آهن“ آئون سوچ ۾ هئس ته ناٿي کي ڪير پرچائيندو آئون کيس ڪيئن تسلي ڏئي سگهندس پر هو مونکي دلجاءِ ڏيندو وري جيل هليو ويو.
راهوڪي ۾ ٻه سال اول محمد صديق جي وهانءَ تي راڄ ماڻهن جا هئا، اهڙا مهمان ناٿي واري جلسي کان پوءِ (هاري ڪانفرنس ۱۹۷۹ع) ۾ مون ڏٺا هئا ۽ وري هزارين ماڻهو صديق جي موت جو ڏک ونڊڻ لاءِ راهوڪي آيا هئا



فاضل راهو
پيڙيل طبقي جو سورهيه اڳواڻ
شهناز راهو
شهيد فاضل راهو سنڌ ڌرتيءَ جو اهو سورهيه انقلابي اڳواڻ آهي جنهن پنهنجي لال لهوءَ سان هن ملڪ ۾ غريب پورهيت ۽ ڏتڙيل ماڻهن لاءِ جدوجهد جي تاريخ جو نئون باب لکيو. شهيد فاضل راهو جي جدوجهد ان لاءِ هئي ته هي فرسوده ۽ مدي خارج نظام تبديل ڪجي. مظلوم ۽ حقن کان محروم طبقي جي زندگي ۾ انقلاب آڻجي، انهن کي پنهنجي قسمت ۽ وسيلن جو مالڪ بڻائجي. ان عظيم مقصد خاطر هن جڏهن ظالم وڏيرڪي نظام خلاف جنگ جوٽي ته پنهنجي قول تي قائم رهندي سخت ڏکين حالتن ۽ تڪليفن هوندي به سندس همت ڪڏهن به نه ٽٽي ۽ نه عزم ۽ ارادو ڪمزور ٿيو.
ڏونگر ڏکوين کي تپي ڪندي ڪوه
تون جي پهڻ پٻ جا ته لڱ منهنجا لوهه
جنهن ڇوريءَ ۾ ڇوهه سا پٿون ٿيندي پير تي. (شاهه)
شهيد فاضل جي زندگي کي ڏسبو ته هن مسڪين ۽ بي پهچ ماڻهن لاءِ ان وقت جدوجهد ڪئي جڏهن تر ۾ وڏيرن، ميرن ۽ رئيسن جو راڄ هو. چورن پاٿاريدارن ۽ غريبن ۽ توڙي مالوند ماڻهن جون ننڊون حرام ڪري ڇڏيون هيون. تڏهن شهيد فاضل راهو انهن سان مهاڏو اٽڪايو ۽ ويڙهه ڪئي ته تر جي ماڻهن ۾ ڄڻ ساهه پئجي ويو. فاضل هنن لاءِ ڪنهن فرشتي کان گهٽ ڪونه هو جيڪو هر ڏکي ويل ۾ هنن جي مدد لاءِ موجود هوندو هو. هن ناانصافيون ڪندڙ ظالم رئيسن ۽ وڏيرن سان اکيون اکين ۾ ملائي ڳالهايو ۽ حقدارن کي انصاف ڏياريو. سندس ان عمل ۽ ڪردار جي ڪري پري پري تائين سندس هاڪ هلي ته لاڙ ۾ هڪ مڙس ماڻهو آهي جيڪو غريبن جا ڪم لالچ ۽ پئسي ڏوڪڙ کان سواءِ ڪري ٿو.  ايئن عوام ۾ سندس اعتماد ۽ اثر رسوخ وڌيو جنهن جي نتيجي ۾ اڳتي هلي هو پنهنجي علائقي جي يونين ڪائونسل جو چيئرمين منتخب ٿيو. ان عرصي دوران جڏهن ڪوٽڙي بئراج ٺهيو ۽ ان جي آبادي هيٺ ايندڙ زمينون مقامي هارين ۽ حقدارن کي ڏيڻ جي بدران رٽائرڊ فوجين ۽ ڌارين کي ڏنيون پئي ويون ته شهيد فاضل ان ناانصافيءَ خلاف سينو ساهي بيٺو ۽ زمين جي نيڪال لاءِ ٿيندڙ ڪچهرين ۾ وڃي مهاڳيدار ۽ بي زمين مقامي هارين کي زمينون ڏياريائين. بعد ۾ ان بئراج جي لکين ايڪڙ زمين نيلام جي آڙ ۾ ڌرتي ڌڻين کان کسڻ جو منصوبو ٺاهيو ويو ته شهيد فاضل راهو نيلام بند ڪريو تحريڪ هلائي جنهن ۾ سوين هارين سان گڏ کيس گرفتار ڪيو ويو. ان تحريڪ آمر حڪمران جنرل يحيٰ کي سنڌ جي زمينن جو نيلام بند ڪرڻ تي مجبور ڪيو.
شهيد فاضل راهو ون يونٽ ٽوڙيو تحريڪ کان وٺي سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي بڻايو، ووٽر لسٽون سنڌي ڇپايون، سنڌي ڪتابن ۽ رسالن تان پابندي ختم ڪريو، صحافين جي تحريڪ سميت ايم آر ڊي جي تحريڪ ۾ اڳواڻي وارو ڪردار ادا ڪيو. شهيد فاضل جي زندگي هڪ انقلابي ۽ عملي زندگي هئي جنهن ۾ هن هر عمل پهرين پاڻ ڪيو پوءِ ٻين کي ڪرڻ لاءِ چيائين جنهن جا ڪيترا ئي مثال آهن انهن مان هڪ اهو آهي ته ۱۹۸۳ع جي ايم آر ڊي تحريڪ هلندي هن سنڌياڻي تحريڪ جي پليٽ فارم تان عورتن جون گرفتاريون ڏيارڻ جو فيصلو ڪيو ته چيائين پهريائين گرفتاريون منهنجي ۽ پليجي صاحب جي گهر کان شروع ڪيون وڃن. ان جدوجهد ۾ سنڌياڻي تحريڪ ڀرپور حصو ورتو ۽ ملڪ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ايڏي تعداد ۾ عورتون روڊن تي نڪتيون ۽ گرفتاريون ڏئي جيلن ۾ ويون. شهيد فاضل جو پهريائين پنهنجي گهر کي آزمائش ۾ وجهڻ جو ٻيو مثال ۱۹۷۹ع ۾ هاري ڪانفرنس آهي آمر جنرل ضياءُ الحق طرفان شهيد ذوالفقار علي ڀٽي کي ڦاسي ڏيڻ کانپوءِ ملڪ ۽ آمريت جي حدف جو راڪاس آزاد گهمي رهيو هو چند ماڻهن جي گڏ ٿيڻ تي به پابندي هئي ان وقت شهيد فاضل پنهنجي ڳوٺ راهوڪي ۾ هاري ڪانفرنس ڪرائي هزارين ماڻهو گڏ ڪيا ۽ آمريت جو خوف ختم ڪيو.
ان ڪانفرنس ضيا شاهي جي ڪارنرز ۾ ٿرٿلو وجهي ڇڏيو ان ڪانفرنس کانپوءِ ضيائي فوج جا وڏا اٽالا راهوڪي تي ڪاهي آيا سڄي ڳوٺ تي ڪڙو چاڙهي سخت تلاشي ورتي وئي ڳوٺ ۽ آسپاس جي ماڻهن تي تشدد ڪيو ويو. شهيد فاضل ۽ پليجي صاحب سميت محمد صديق، حسين بخش ناريجو، گل چانگ، مٺو مهيري ادريس ميراڻو ۽ ٻين ڪيترن ئي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن کي گرفتار ڪري قيد ۽ ڦٽڪن جون سزائون ڏنيون ويون اها ڪانفرنس ضياءُ شاهي جي آمريت خلاف جمهوري جدوجهد جو پهريون پٿر هئي.
شهيد فاضل جڏهن غريب ۽ مظلوم ماڻهن کي حق ڏيارڻ جو ٻيڙو کنيو ته ان وقت سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن يا هاري مزدور جي ڳالهه ڪرڻ ڏوهه ۾ شمار هو. سنڌ جو نالو وٺڻ ملڪ سان بغاوت سمجهيو ويندو هو. شهيد هڪ تقرير ۾ چيو ته ”اسان ان وقت جدوجهد ڪئي ۽ جيلن ۾ هئاسون جڏهن پٺيان بيان ڏيڻ وارو به ڪونه هو“.
شهيد فاضل اهو هن ڌرتي جي مارو ماڻهن لاءِ پنهنجي رت جو نذرانو ڏنو ته انهن تان ڏرت جو ڏڪار لهي. اهي سک ۽ آزادي جو ساهه کڻن. شهيد فاضل راهو جو اهو خواب اڃا ساڀيان نه ٿيو آهي جو ملڪ جو اڪثريت عوام اڃا تائين غربت، ظلم ۽ ناانصافي جو شڪار آهي، ان جي باوجود اها به حقيقت آهي ته شهيد فاضل راهو جي جدوجهد جي چڻنگ اجهاڻي نه آهي. هر انصاف جي پڪار ۽ عوام جي جدوجهد ۾ اها موجود آهي.



فاضل ڪير سڏائي!
علي احمد جوکيو
گولاڙچي جي اوڀر طرف پٽيهل دريا اڄ کان چار سئو سال پهرين وهندو هو، جڏهن سنڌو دريا جي انهيءَ وهڪري پنهنجو رخ مٽايو ته اهو علائقو غير آباد پوٺن ۾ تبديل ٿي ويو ۽ زراعت ختم ٿي وئي. پٽيهل دريا کان پنج ڇهه ميل اتر اولهه طرف راهوڪي نالي ڳوٺ آهي، جيڪو بعد ۾ ديهه راهوڪي ۽ هاڻي يونين ڪائونسل راهوڪي جي نالي سان قائم آهي، انهيءَ ڳوٺ ۾ ۱۹۳۳ع ڌاري ڳوٺ جي چڱي مڙس احمد راهو جي گهر پُٽ ڄائو، جنهن جو نالو محمد فاضل رکيو ويو. فاضل راهو جڏهن جوانيءَ جي اڱڻ تي پير پاتو ته ملڪ ۾ مارشل لا لڳي چڪي هئي، انهيءَ زماني ۾ تعليم جو ڪو به خاص نظام نه هوندو هو، تنهن ڪري فاضل به اعليٰ تعليم پرائي نه سگهيو، صرف پرائمري ٽي يا چار درجه پڙهي سگهيو.  ايوب خان بنيادي جمهوريت سرشتي تحت تحت مڪاني چونڊ ڪرائي ته فاضل ترائي يونين جو ميمبر چونڊجي آيو، ٻئي مدي ۾ ساڳي يونين ڪائونسل جو چيئرمين چونڊجي ويو. ۱۹۶۷ع ڌاري يونين ڪائونسل ترائي ۾ مٿس قاتلاڻو حملو ڪرايو ويو، جنهن ۾ فاضل راهو پنهنجي ساٿين سميت زخمي ٿي پيو. انهيءَ جهيڙي کان پوءِ فاضل راهو عملي سياست ۾ پير پاتو. جنرل ايوب جي دور ۾ ون يونٽ لاڳو ڪيو ويو، صوبن جي پنهنجي وسيلن جي مالڪي ختم ڪري سڀ وسيلا مرڪز کي ڏنا ويا هئا. ون يونٽ خلاف سنڌ ۾ تحريڪ تمام گهڻي مقبول ٿي وئي. سنڌ جي اديبن، شاعرن، شاگردن ۽ مختلف سياسي گروپن تحريڪ ۾ حصو ورتو ۽ محمد فاضل راهو اُنهيءَ هلچل ۾ نمايان ڪردار ادا ڪيو هو. ۱۹۶۹ع ۾ هن ”نيلام بند ڪريو“ تحريڪ جي شروعات ٽنڊي محمد خان کان ڪئي، تنهن کان پوءِ جدوجهد ۽ جيل ڀريو تحريڪ کي اولڊ ڪئمپس حيدرآباد مان شروع ڪيو ويو، ماڻهو ڌڙا ڌڙ گرفتاريون ڏيڻ لڳا. گرفتارين جو سلسلو جڏهن ڊگهو ٿي ويو ته ”نيلام بند ڪريو“ تحريڪ جي ڪنوينر محمد فاضل راهو کي گرفتار ڪيو ويو. فاضل راهو جي گرفتار ٿيڻ سان تحريڪ زور ورتو، پهريون ڀيرو سنڌ جي شاگردياڻين اختر بلوچ ۽ نسيم ميمڻ گرفتاري ڏني، انهي کان سواءِ سنڌ جي ٻهراڙين جي عورتن به گرفتاريون ڏنيون. اهو پهريون ڀيرو هو، جو ڪنهن سياسي هلچل ۾ سنڌ جي عورتن ۽ شاگردياڻين گرفتاريون ڏنيون هجن. عورتن جي گرفتاري ڏيڻ جي ڪري تحريڪ ۾ وڌيڪ جوش ۽ ولولو پيدا ٿي ويو ۽ فوجي سرڪار کي مجبور ٿي سنڌ جي زمينن جو نيلام بند ڪرڻو پئجي ويو. ان وقت جي حڪومت سياسي اڳواڻن جو مطالبو مڃيو پر محمد فاضل راهو اهو اعلان ڪيو ته جيستائين ريڊيو پاڪستان تان اهو اعلان نٿو ڪيو وڃي، تيستائين جيل مان نه نڪرنداسين ۽ گرفتارين جو سلسلو جاري رهندو. نيٺ سرڪار مجبور ٿي رات جو اٺين وڳي واري ريڊيو جي خبرن واري نشريات ۾ اهو اعلان ڪيو ته سنڌ جي زمينن جو نيلام عام ختم ٿو ڪجي، تڏهن وڃي سنڌ جي لاڙ وارن ٽن ضلعن ٽنڊي محمد خان، بدين ۽ ٺٽي ضلعي جي اٺ لک ايڪڙزمين وڏيرن، ڪامورن ۽ ڌارين ماڻهن ۾ ورهائجڻ  کان بچي وئي ۽ اها اٺ لک ايڪڙ زمين سورنهن ايڪڙ في هاري جي حساب سان ورهائي وئي، جنهن جي اڳواڻي محمد فاضل راهو پاڻ ڪئي، انهيءَ وقت جي روينيو آفيسرن غلام محمد شهواڻي ۽ محمد هاشم ميمڻ محمد فاضل راهو تي مڪمل اعتماد ڪري ڪوٽڙي بيراج جي ڪمانڊ ايريا جي ورهاست جو امين مقرر ڪيو ۽ فاضل راهو انهيءَ اعتماد جي پاسداري ڪئي ۽ هر حقدار کي سندس ڳوٺ وڃي زمينن جا آرڊر هٿو هٿ ڏنا. انهيءَ عمل جا شاهد گولاڙچي جا مال وند لاڏائو قبيلا جت، مهيري، شڪاري، ڀيل، ڪولهي ۽ ٻيا آهن، جيڪي اڄ به سندس ڳوٺ راهوڪي جي چوگرد آباد آهن ۽ زمينن جا مالڪ آهن. هينئر به جي ڪڏهن انهيءَ زماني جي پوڙهن سان ڪچهري ڪندئو ته فاضل جا داستان ٻڌائيندي پنهنجين اکين جا لُڙڪ روڪي نه سگهندا.
سنڌ جي حقن جي ان زماني جي ڪهڙي تحريڪ آهي، جيڪا فاضل راهو جي اڳواڻيءَ کان سواءِ هلي آهي! ووٽر لسٽون سنڌيءَ ۾ ڇاپيو، گولاڙچيءَ کي تعلقو بنايو، ضياءُ الحق جي دور جي صحافين جي تحريڪ، ۱۹۸۳ع جي شاندار ايم آر ڊي تحريڪ. تڏهن ضياءُ الحق جي خلاف ڳالهائڻ پنهنجي قبر کوٽڻ جي برابر هجي، اتي سنڌ جي هڪڙي ننڍڙي ڳوٺڙي راهوڪي ۾ هاري ڪانفرنس جي نالي ۾ هزارين ماڻهو گڏ ٿيا، ذوالفقار علي ڀُٽي جي ڦاسيءَ جي خلاف آواز اٿاريو ويو، ڀُٽي جي قاتلن کي ڦاهي تي لٽڪائڻ جي قرارداد هزارين ماڻهن کان هٿ مٿي کڻائي منظور ڪرائي وئي ۽ اها ڪانفرنس ۴ اپريل ۱۹۷۹ع کان ڇهه مهينا پوءِ ۹ آڪٽوبر ۱۹۷۹ع تي ٿي. اهڙي جرئت سواءِ فاضل راهو جي ٻيو ڪير ٿو ڪري سگهي!
۱۴ اگسٽ ۱۹۸۳ع تي ضياءُ الحق جي مارشل لا جي خلاف ايم آر ڊي جي جيڪا تحريڪ هلي، انهيءَ ۾ عوامي تحريڪ اهم ڪردار ادا ڪيو. هونئن ته ايم آر ڊي ملڪ گير يارنهن پارٽين جو اتحاد هو، ان ۾ شامل عوامي تحريڪ ته هڪ ننڍڙي علائقائي پارٽي هئي، جنهن کي اتحاد جو ميمبر به نه بنايو ويو هو، خالي مبصر طور ويهڻ جي اجازت هئي، جنهن کان راءِ به نه ورتي ويندي هئي. عوامي تحريڪ جو اڳواڻ رسول بخش پليجو ڪوٽ لکپت جيل ۾ هو، ان جي ملاقات بند هئي ۽ هن جو عوام سان ڪو به رابطو نه هو پر فاضل راهو سنڌ جي گهر گهر، ڳوٺ ڳوٺ، شهر شهر وڃي ماڻهن مان ڦٽڪن، قيد ۽ ڦاسين جي سزائن جا ڊپ ختم ڪرايا ۽ هنن جي مايوسي کي همت ۾ بدلائي جيل لاءِ ماڻهن ۾ رومانس پيدا ڪيو. اهڙي ريت جيل ماڻهن جي اتساهه جو مرڪز بڻجي ويو، سنڌ جا ماڻهو هزارن جي جلوسن ۾ گرفتاريون ڏيڻ جي لاءِ جيلن جي دروازن تي اچي بيهي رهندا هئا، سرڪار صرف هڪ يا ٻه اڳواڻ يا ورڪر گرفتار ڪندي هئي، باقي ماڻهن کي فوجي گاڏين ۽ پوليس جي ٽرڪن ۾ وجهي شهرن کان ۴۰-۵۰ ميل پري جهنگ ۾ اڇلي ايندي هئي پر ٻئي ڏينهن انهيءَ کان به وڌيڪ ماڻهو گرفتاريءَ لاءِ جيلن ٻاهران گڏ ٿي ويندا هئا. ايم آر ڊي جي ڪنوينر غلام مصطفٰي جتوئي ۽ ٻين حڪومت سان ڳالهين کان پوءِ ايم آر ڊي جي ورڪرن کي جدوجهد کي ماٺو ڪرڻ جو چيو. انهيءَ کان پوءِ تحريڪ ماٺي ٿي وئي ۽ قيدي آزاد ٿي ويا، محمد فاضل راهو جيل ۾ قيد رهيو، جيڪو محمد خان جوڻيجي جي حڪومت قائم ٿيڻ کان پوءِ هاءِ ڪورٽ جي انهيءَ آرڊر تحت آزاد ٿيو ته هاڻي مارشل لا ختم ٿي چڪي آهي، تنهن جي ڪري ان جو ايم ايل او (مارشل لا ريگيوليشن آرڊر) قابلِ عمل نه آهي رهيو، تنهن ڪري مارشل لا جي ڪنهن به قيديءَ کي جيل ۾ نٿو رکي سگهجي.
۱۷ جنوري ۱۹۸۷ع تي ٻنپهرن جو ڏينهن ڏٺي جو گولاڙچي وچ شهر ۾ قاتل هٿان قوم جي محبوب اڳواڻ، غريب ماڻهن جي ڀر جهلي محمد فاضل راهو کي شهيد ڪرايو ويو، سنڌ پنهنجي بهادر فرزند کان محروم ٿي وئي، قومي تحريڪن جي جوت جهڪي ٿي وئي، سنڌ جي هر گهر ۾ تڏو وڇائجي ويو. ماڻهن چيو ته شهيد فاضل راهو جي تعزيت اسان سان ڪريو، انهيءَ ڏک جي رات جا مسافر اسين آهيون.




فاضل راهو
هڪ قد آور انقلابي
مقبول راهو
سنڌ ڌرتي پيار پاٻوهه جي املهه ڌرتي آهي. هن جي ڪک ۾ لاتعداد خدائي خلق دفن ٿيل آهي. ان خدائي خلق ۾ ڪي املهه ۽ امر هستيون به دفن ٿيل آهن. ڏاها ماڻهو چوندا آهن ته شخصيتون تاريخ جا پير هونديون آهن. اهڙي پيرن جي پڻي اهڙي ته سڀاويڪ هوندي آهي جنهن جي هرڪو اچي سلامي ڀريندو آهي. “ ڪوڙين ڪن سلام اچي آسڻ ان جي” شاهه سائينءَ جي اها لازوال سٽ اهڙن ئي مانجهي مڙس مٿيرن لاءِ ارپيل آهي. جيڪي ڌرتي ماتا جو مان مٿانهون ڪري اسهي ويا آهن. اهڙين سر گهوريندڙ هستين ۾ هيمون ڪالاڻي، روپلو ڪولهي، شهيد هوشو شيدي، دولهه درياهه خان، صوفي شاهه عنايت ۽ مخدوم بلاول جهڙا کوڙ سارا نانءَ ڳڻائي سگهجن ٿا. انهن ئي شهادتن جي تسلسل ۾ شهيد فاضل راهوءَ جو نالو اچي وڃي ٿو جنهن پنهنجو رت ست ڏئي سنڌ جي سينڌ سنوارڻ ۾ وسان نه گهٽايو آهي.
ديوان چوندا آهن ته ڌرتي جي هر ٽڪري جو پنهنجو پنهنجو ڀاڳ هوندو آهي. هن خطي ۾ فاضل راهو لاڙ جي ان لاڀائتي حصي ۾ جنم ورتو جنهن قديم ۽ جديد تاريخ جي تسلسل کي برقرار رکيو. ۱۹۳۰ ۾ ڄاول هن نينگر بدين ضلي ۾ راهوڪيءَ جي رڳ تي احمد خان راهو جي گهر ۾ پير پڌاريا ۽ شروعاتي تعليم به اتان ئي حاصل ڪيائين. جيئن ته سندن ڳوٺ ۾ تعليم جو صحيح انتظام ٿيل نه هيو انڪري فاضل صرف ٽي درجا تعليم حاصل نه ڪري سگهيو. انهن ڏکين سکين حالتن ۾ نيٺ هن جي عمر اچي جوانيءَ کي ڇهيو جيئن ته هن جو گهر تر راڄ ۾ آبائتو گهر هيو انڪري سندس اوطاق هميشه عام توڙي خاص ماڻهن سان ڀري پئي هوندي هئي. پاڻ انهن ماڻهن سان پيار ۽ پنهنجائپ سان پيش ايندو هو اهڙيءَ ميل جول جي ڪري ماڻهن سان هن جو انتهائي همدرديءَ وارو رشتوپيدا ٿيڻ لڳو جيڪو اڳتي هلي هڪ مضبوط رشتي ۾ تبديل ٿي ويو. مختلف ماڻهن سان ملڻ جلڻ جي ڪري هن جي شخصيت ۾ هڪ قسم جو نکار پيدا ٿيو. جنهن جي ڪري آهستي آهستي هن کي سياسي کيتر ۾ سرواڻيءَ جو شرف پلئه پيو ۽ پوءِ اهو ڏينهن به آيو، جڏهن هو هڪ اورچ انقلابي ڪامريڊ جي حيثيت ۾ سنڌ جي سياست ۾ سرواڻ طور مشهور ٿي ويو. ان جو سبب شايد گڊ مين ايس جي لفظن ۾ ملي ٿو “جتي به مسڪين ماڻهن ڏانهن بندوق وڌي ٿي، اتي هڪ انقلابي جنم وٺي ٿو” . بهرحال اها ڳالهه ته پڌري پٽ پئي آهي ته جيڪي ماڻهو قوم ۽ وطن لاءِ وڙهندا آهن سي ڏاڍا پيارا لڳندا آهن. اهو ئي سبب آهي جو هن جو وجود مظلوم ۽ مسڪين ماڻهن جي آجپي ۽ خوشحاليءَ جي ساک هيو. ڌرتيءَ جو هي سچو سپوت سامراج جو سخت مخالف هيو. هن ارڏي انسان ڪڏهن به ڪنهن ظالم ۽ جابر آڏو پنهنجو ڪنڌ نه جهڪايو ۽ اهو ئي سبب هيو جو هو عوام جو محبوب ليڊر ٿي ويو.
فاضل ارادي جو اٽل ۽ هارنه مڃيندڙ انسان هيو. جڏهن سامراجي ڇاڙتا کيس جيل ڏئي ٿڪا ته آخري ڀيرو صرف کيس ان ڪري آزاد ڪيو ويو ته صرف ڪنهن طريقي سان صفحه هستيءَتان مٽائي ڇڏجي. انڪري کيس هڪ گهري سازش تحت ۱۷ جنوري ۱۹۸۷ع تي ٻن پهرن جي وقت گولاڙچي شهر ۾ ڪهاڙي سان هڪ عام ماڻهوءَ هٿان دشمني ڄاڻائي ماريو ويو. بهرحال هو بي گناهه شهيد ٿي ويو ۽ هن جو گناهه اهو هيو جو هو مظلوم ماڻهن جو هڏڏوکي ليڊر هيو، ان ڪري کيس شهادت نصيب ٿي. پر کين ڪهڙي خبر ته شهيد جو رت مقدس هوندو آهي جيڪو هڪ نه هڪ ڏينهن ضرور رنگ لائيندو آهي. جيئن ته فاضل راهوءَ جي شهادت سنڌي قوم لاءِ هڪ وڏو سانحو هيو ان جي شهادت تي کوڙ سارن انسانن جو من غم جي تاريڪ گهٽائن جي ورچڙهي ويو نتيجي ۾ هن عظيم سانحي تي ملڪ جي هر دردمند اک ڳوڙها ڳاڙيا ڇوته هن قوم جي سجاڳي جي لاءِ جيڪي پير پٿون ڪيا هئا تن جو ڪوبه ماڻ يا ماپو موجود نه آهي ٿامس ڪارايل چيو آهي ته: “ جيڪڏهن ڪو پنهنجي زندگيءَ ۾ وڏو ماڻهو آهي ته پنهنجي موت بعد هو ڏهه ڀيرا وڌيڪ وڏو ماڻهو ٿي ويندو آهي”. ڪارايل جي اها ڳالهه بنهه سچ آهي ته هي غير معمولي انسان واقعي وڏو ماڻهو هيو. ان کي ڪير مڃي يا نه مڃي ته تاريخ جي چوواٽي تي غير معمولي سٽون تڪراري ضرور رهيون آهن پر انهن ۾ ئي سندن مهانتا لڪيل هوندي آهي. اسپونزا جي لفظن ۾ ته: “ غير معمولي سٽون جيتريون اڻ لڀ هونديون آهن ايتريون مشڪل پڻ هونديون آهن”. بهرحال ڏاها ۽ عظيم ماڻهو زندگي ۽ انسانيت جي ڇيڙي تي ويٺل هوندا آهن اهي يا ته وڏا ماڻهو هوندا آهن يا وري ننڍا ماڻهو هوندا آهن. ان نسبت سان فاضل نه رڳو وڏو ماڻهو هيو پر قومي شعور جو هڪ باب هيو. تاجل بيوس فاضل جهڙن امرماڻهن جي موت بابت چيو آهي ته: “ هڪ قداور وطن پرست سوشلسٽ جي موت تي سماج کي ڦاهيءَ جا جهٽڪا محسوس ٿيندا آهن”. هونئن به انساني زندگي رڳو کل ۽ خوشي نه آهي پر انسان جي تڪميل جي حاصلات لاءِ وڏي ڊگهي جدوجهد جو نالو آهي جنهن جي پڄاڻي موت آهي.
ان ڪري چوڻ ۾ ڪوبه عار محسوس نه ٿو ٿئي ته شهيد فاضل راهو هڪ انسان جي حيثيت ۾ هڪ انمول هيرو هيو سندس طبيعت ۾ خاڪساري، انسان دوستي، مظلومن ۽ هارين لاءِ همدردي سمايل هئي. هن مصنوعي دلاسي واري سياست نه ڪئي پر هن عملي طرح ۽ دلي طور پرخلوص ٿي جدوجهد ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ کيس شهادت پلئه پئي. شهيد فاضل جي جدوجهد حق ۽ سچ جي لاءِ هئي ۽ اسان تي اهو فرض عائد ٿو ٿئي ته هن جيڪا عملي جدوجهد ڪئي ان تي عمل ڪندي سندس ٻاريل لاٽ کي جهيڻو ٿيڻ کان بچايون ۽ سندس ڪيل عملي جدوجهد کي پنهنجو سونهون بڻايون.



شهيد فاضل راھو
راهوءَ جا رهيام سنيها سرير ۾!
 منان چانڊيو
اڄ ۱۷ جنوري آھي، ان تاريخ تي هڪ طرف نون ليگ جي اڌ مفلوج مرڪزي توڙي پنجاب سرڪار کي گهر ڀيڙو ڪرڻ لاءِ اڌ ديسي اڌ پرديسي مولوي صاحب جي فرمائش تي ڪپتان صاحب هڪ احتجاجي سجايل ڪنٽينر تي ويهي لاهور جي مال روڊ تي، ميان برادران کي للڪاريندا. ٻئي طرف سن جي سائين جي ايم سيد جي سالگره، ۽ ٽئين طرف لاڙ جي لال فاضل راهو جي ورسي جي مناسبت سان وڏا ميڙاڪا ٿي رهيا آھن. هر هڪ پروگرام جي پنهنجي پنهنجي اهميت آھي، پر اڄ پاڻ راهوڪي جي راڻي، فاضل صاحب جي ۳۱ هين ورسيءَ تي عرض ڪنداسين. ۱۷ جنوري ۱۹۸۷ع تي فاضل راهو کي هڪ ڪرائي جي قاتل، فضل چانت هٿان قتل ڪرائي، اهو تاثر ڏنو ويو ته ذاتي دشمني جي بنياد تي اهو واقعو ٿيو آھي. فاضل صاحب جي شھادت جي سببن تي لکڻ کان پهريون ٻڌائيندا هلون ته، ۱۹۸۲ع جي آخر ۾ وارهه شھر جي هاري اڳواڻ، قاضي غفار جي اوطاق نمان اسپتال تي آيو. اتي اهو طئي ٿيو ته، ايم آر ڊي جي تحريڪ کي منظم ڪرڻ لاءِ اتحاد ۾ شامل پارٽين جي هڪ گڏيل گڏجاڻي ٿيڻ گهرجي. بعد ۾ اها ويهڪ ڳوٺ نهال تنيو ۾ عبدالله عرف باوندو چانڊيو جي اوطاق تي، رات جو عوامي تحريڪ، پ پ ۽ جي يو آءِ جا ڪارڪنن گڏ ٿيا. جتي فاضل صاحب ايم آر ڊي تحريڪ جي مقصدن تي ڳالهايو. ان کان پوءِ وري لالو رائنڪ ۾ هاري اڳواڻ، قاضي غفار جي جاءِ تي عوامي تحريڪ جي دوستن جي هڪ گڏجاڻي ۾ فاضل صاحب به شريڪ ٿيو. اتي عوامي تحريڪ جي ساٿين جا نالا طئي ڪيا ويا، جن اڳتي هلي ايم آرڊي تحريڪ دوران گرفتاريون ڏنيون. مٿين ڳالهين جو مقصد اهو آھي ته، مون هن کي زندگيءَ ۾ صرف ٻه دفعا ڏٺو. فاضل راهو بدين ضلعي جي هڪ ڳوٺ راهوڪي ۾ مال وند ۽ ننڍي زميندار، احمد خان راهو جي گهر ۾ اک کولي. سندس ننڍپڻ ٻين ٻارن وانگر گذريو. جڏهن هن ۾ ڪجهه سمجهھ آئي ته، پنهنجي والد سان زمين ۽ مال جي سار سنڀال ڪرڻ لڳو. جيئن جيئن هن جي سمجهه ۽ شعور ۾ واڌارو ايندو ويو، تيئن تيئن هن جي نظر پنهنجي مال ۽ زمين کان هٽي ڪري آس پاس جي هارين ۽ پورهيتن جي حالتن تي پوندي وئي. جيڪي ان وقت ڏاڍي ڪٺن حالتن مان گذري رهيا هئا. ان ڪري فاضل جي دل ۾ ڏکويل مسڪين ماڻھن لاءِ همدردي پيدا ٿي. هو جڏھن قومي طبقن، ڦر لٽ ۽ اڻبرابريءَ واري نظام جي گهرائيءَ ۾ ويو ته، کيس معلوم ٿيو ته اهو نظام قدرت طرفان رائج ٿيل ناهي. فاضل صاحب ان پسمنظر کي ڏسي دل ئي دل ۾ احد ڪيو ته، مظلومن ۽ محڪومن جي اھڙين حالتن کي بهتر بنائڻ لاءِ جاکوڙ جي ضرورت آھي. اهڙي طرح هن شروعات ۾ بنا ڪنهن سياسي ۽ سماجي ڌر جي پليٽ فارم تان انفرادي طرح هارين جي بي دخلين، مزدورن جي برطرفين ۽ سنڌي قوم جي حقن تي لڳندڙ ڌاڙن خلاف آواز بلند ڪندي جدوجهد جي ميدان ۾ مانجهي مڙس ٿي ڪڏي ڪاهي پيو. جيڪا ڳالهه هڪ طرف علائقي جي مصيبت ۾ ڦاٿل ماڻھن کي وڻي، هو سندس مداح ٿي پيا. ٻئي پاسي اتان جا پير، مير، وڏا زميندار، چوڌري ۽ آفيسر شاهي، هن جا ويري بنجي ويا. جنهن وقت ۾ فاضل راهو سنڌي قوم ۽ عوام جي درد کي پنهنجو سمجهي جدوجھد ڪري رهيو هيو، ان وقت ڏکڻ سنڌ جي ڪيترين ئي ضلعن، خاص ڪري بدين ۾ ڌارين خصوصن، پنجابين، جن ۾ حاضر سروس ۽ رٽائرڊ فوجي آفيسر توڙي سول عملدار هيا. انهن کي زرخيز ۽ سرسبز زمينون ڏنيو پئي ويون. اهو دور ون يونٽ وارو هيو، جنهن ۾ سنڌ جو زمينون ڪارخانا، نوڪريون ۽ گذر جا ٻيا وسيلا غير سنڌين ۽ ٻين صوبن سان تعلق رکندڙن لاءِ مال غنيمت بنجي چڪا هئا. انهن سمورين بي واجبين کي ختم ڪرڻ لاء،ِ فاضل راهو هارين ۽ مزدورن کي ساڻ ڪري جدوجهد ڪرڻ شروع ڪئي. جڏھن فاضل راهو جي قائدانا صلاحيتن جي خبر، رسول بخش پليجو کي پئي ته، هن ساڻس ملڻ جي خواهش ظاهر ڪئي، ۽ جنهن وقت اهي ٻئي سنڌي قوم جا ھڏ ڏوکي پاڻ ۾ مليا ته، پوءِ ڀٽائي صاحب جي بيت جي هڪ سٽ وانگر آڏو آيا. هئا اڳي ئي گڏ، پر ٻڌڻ ۾ ٻه ٿيا. چوڻ جو مطلب ته ذهن ساڳيا منزل ساڳي ته پوءِ ڀلا ڌار ڇو رهجي. ان ڪري ٻنهين اڳواڻن اهو محسوس ڪيو ته، ڌار ڌار ۽ انفرادي طرح سنڌي قوم ۽ عوام جا مسئلا حل ڪونه ٿيندا. ڇو نه هڪ پارٽي ٺاهجي. اھڙي نيڪ مقصد تحت ۱۹۷۰ع ۾ سنڌ سطح جي هڪ پارٽي سنڌي عوامي تحريڪ وجود ۾ آئي. ان جو پهريون ڪنوينر، چاچا حفيظ قريشي، جنرل سيڪريٽري محترم رسول بخش پليجو کي مقرر ڪيو ويو، ۽ فاضل راهو کي به اهم تنظيمي ذميواريون ڏنيون ويون. ان کان سواءِ ٻيا به ڪيترا ئي وچين طبقي جا پڙھيل لکيل، باشعور اديب، دانشور، شاعر، ليڪچرار، پروفيسر، وڪيل، ڊاڪٽر ۽ محب وطن عوام دوست، سنڌي آفيسر ۽ زميندار پڻ پارٽي جو حصو بنيا. هي اهو دور هيو جو هڪ طرف ڀٽو جي قيادت ۾ پ پ عوام جي ڳالهه ڪر رهي هئي. ٻئي پاسي سائين جي ايم سيد جي رهبري ۾ قومپرست تحريڪ به سرگرم هئي. اهڙي ريت سنڌ ۾ ڪميونسٽ پارٽي وارا به سرگرم هيا. ان سڄي سياسي پسمنظر ۾ عوامي تحريڪ جو وجود پوڻ ۽ سرگرم ٿيڻ، هڪ سياسي معجزي کان گهٽ ڪونه هيو.
پاڻ ڳالهه پئي ڪئي سين فاضل صاحب جي جدوجهد ۽ شھادت جي ته، هو جڏھن عوامي تحريڪ جو حصو بنيو ته، هن جي سياست ۽ عوامي جدوجهد اڳ کان وڌيڪ  سگهاري ۽ موثر ٿي وئي. ياد رهي ته بدين ضلعي ۾ تيل جا جيڪي کوهه لڌا ويا انهن جو ٺيڪو آمريڪا جي هڪ ڪمپني، يونين ٽيڪسائس کي مليل هيو. ان کوهن مان ملندڙ تيل جي زخيرا کي سنڀاليندڙ ملازمن جي گهڻائي پنجاب سان تعلق رکندڙ پنجابين جي هٿ هئي. ان ڪري تيل جي رائلٽي يا ملازمتون مقامي ماڻھن کي ڪونه ڏنيون پئي ويون. اهڙين ناانصافين خلاف فاضل صاحب وڏي جدوجهد ڪئي. جنهن تي هڪ طرف ان ڪمپني جا مالڪ ناراض هئا ته، وري ٻئي پاسي پنجاب کان آيل ڪمپني جا وڏا ملازم ۽ ٺيڪدا به فاضل صاحب خلاف گهاٽ گهڙي رهيا هئا. ٽئين طرف علائقي جا پير مير، چوڌري، ڪرپٽ آفيسر به، هن جي جان جا ويري بنجي چڪا هئا. انهن سڀني فرعوني قوتن جي سرپرستي جنرل ضياءُ جي بادشاهي ڪري رهي هئي. ڇو ته ۱۹۸۳ع ۽ ۱۹۸۶ع جي جمهوري تحريڪ دوران فاضل راهو جي قيادت ۾ عوامي تحريڪ ۽ ان جي ڪارڪنن جو اهم ڪردار هيو، ۽ اڃان وڏي ڳالهه اها به هئي ته، جڏھن فاضل صاحب کي ڪرائي جي قاتل هٿان شھيد ڪرايو ويو، ان وقت هو پاڪستان ۾ سڀ کان وڏي کاٻي ڌر جي پارٽي، عوامي نيشنل پارٽي جو سينيئر نائب صدر هيو. هي اهو وقت هيو جڏھن افغانستان ۾ سوويت يونين جي فوجي، سياسي ۽ مالي سهڪار سان ڪامريڊ نجيب الله، افغان عوامي انقلابي حڪومت جو سربراهه ھيو. ڪامريڊ جا عوامي نيشنل پارٽي سان تمام بهتر ۽ ويجها لاڳاپا هئا. جيڪا ڳالهه آمريڪي سامراج ۽ ان جي ڪٺ پتلي جنرل ضياءَ شاهي ۽ ملڪ جي اسٽيبلشمنٽ کي پسند ڪونه هئي. هتي اها ڳالھه به ياد ڏياريندا هلون ته، جن ڏينهن ۾ فاضل صاحب کي شھيد ڪيو ويو. ان کان ٻه ڏينهن اڳ اي اين پي جي هڪ اعلي سطحي وفد سان گڏجي فاضل صاحب کي ڪامريڊ نجيب جي دعوت تي زميني رستي قابل وڃڻو هيو، اهو وفد جڏھن تورخم سرحد تي پهتو ته، پاڪستاني ايجنسين فاضل صاحب کي سرحد پار وڃڻ ڪونه ڏنو ۽ هو واپس پنهنجي ڳوٺ پهتو.
اسان جي نظر ۾ فاضل صاحب کي قتل ڪرائڻ ۾ مٿي ڄاڻايل ملڪي ۽ غير ملڪي سفاڪ قوتن جو هٿ هيو. باقي فضل چانگ نالي واري قاتل سان ڪوبه ذاتي تڪرار ڪونه هيو، ۽ هرو ڀرو ان مامري کي نام نحاد ذاتي دشمني ۽ پلاند جو نالو ڏنو ويو. حقيقت ۾ فاضل علائقي واسين پورهيتن لاءِ ڀرجهلو ۽ ڇپر ڇانو هيو. اڄ جڏھن فاضل صاحب جي ورسي ملهائجي رهي آھي ته، اسان کي ڏک ان ڳالھ جو ٿئي ٿو ته جنهن راهوڪي ۾ ويهن سالن تائين قومي عوامي جمهوري انقلاب جي ڳالھ ڪندڙ پارٽي جا ڳاڙھا جهنڊا جهولندا هئا، وري تقريبن ٽن ڏھاڪن تائين اتي ساوا سبز هلالي پرچم ڦڙڪندا رهيا. وري ڪجهھ مهينن کان وٺي، ٽه رنگا جهنڊا فضا ۾ لهرائجي رهيا آھن. ڏک ان ڳالهھ جو به آھي ته، فاضل صاحب جي اباڻي پارٽي ٽن حصن ۾ ورهائجي چڪي آھي، ۽ ھن جا فرزند هاڻي پيءُ، پڦي ۽ پٽ جي پارٽي جو حصو بنجي چڪا آھن، جن سڀني شھيد کي وساري ڇڏيو آھي. آخر ۾ افسوس ان ڳالھ جو پڻ آھي ته، فاضل صاحب جو قاتل جڏھن ڪيفر ڪردار تائين پهتو ته، ان جي لاش تي پ پ وارن اجرڪ وجهي کيس شهيد قرار ڏنو. اڄ ان پارٽيءَ جا اڳواڻ فاضل صاحب جي زندگي ۽ جدوجهد تي ڳالهائيندا.


شهيد فاضل
تاريخ جي اکين ۾ رهجي ويل ڳوڙها
ميان مير چانڊيو
شهيد فاضل جي جدوجهد ته سندس زندگي جو حصو رهندي پئي آئي، پر ان ۾ شدت تڏهن آئي جڏهن ذوالفقار علي ڀُٽي کي اقتدار تان زبردستي هٽائي کيس بيگناهه ڦاسي ڏني وئي ۽ ملڪ تي مارشل لا مڙهي وئي. ڀُٽي کي سنڌي هئڻ جي ناتي سان سنڌي ماڻهن تي ڪجهه وڌيڪ ظلم ۽ ستم جا نوان داستان رقم ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي وئي. قومپرستن جي جدوجهد کي ڪچلڻ ۽ پ پ کي ختم ڪرڻ لاءِ احتجاجي ڪارڪنن ۽ شاگردن تي گوليون هلايون وينديون هيون، اهو سڀ ان ڪري ڪيو پئي ويو ته جيئن عوامي همت، جرئت کي هميشه لاءِ ختم ڪري اڀرندڙ تحريڪن کي چيڀاٽيو وڃي. شهيد ڀُٽي جو تختو اونڌو ڪرڻ شرط ئي مارشلا لا جي نفاذ سان ئي اهڙين حرڪتن جي شروعات ڪئي وئي هئي. جڏهن ملڪ ۾ اهڙين حالتن سنگين صورتحال اختيار ڪئي ته ان وقت شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي جي ڌيءُ محترمه بينظير ڀٽو جي اڳواڻي ۾ تحريڪ بحالي جمهوريت ايم آر ڊي تحريڪ جو بنياد وڌو ويو، جنهن ۾ شهيد فاضل راهو، رسول بخش پليجو، خان عبدالولي خان، مولانا فضل الرحمان ۽ ٻيا سياستدان گڏ هئا. ايم آر ڊي جو بنياد ۸ فيبروري ۱۹۸۱ع تي وڌو ويو. اها تحريڪ جيتوڻيڪ جنهن تيزي سان اڀري هئي، ان ئي تيزي سان حالتن جي بدلجندڙ صورتحال ۽ مختلف اڳواڻن ۾ هڪ ٻئي سان رنجشن سبب ماٺي ٿيندي رهي، تان جو جنرل ضياءَ جي ۱۷ آگسٽ ۱۹۸۸ع ۾ هوائي حادثي ۾ مرڻ سان هي تحريڪ ۲۴ آگسٽ ۱۹۸۸ع تي ختم ٿي وئي. شهيد فاضل راهو ايم آر ڊي جو روح روان هو، ۱۹۸۳ع ۾ هلندڙ تحريڪ دوران کيس گرفتار ڪيو ويو. ائين غالبن ٽن سالن تائين جيل ۾ نظربند رهيو. ۱۹۸۶ع ۾ جيل مان رهائي کانپوءِ هن پنهنجي جدوجهد کي ويتر تيز ڪري ڇڏيو. هن هتان جي عوام جو شعور پنهنجي اڳواڻيءَ ۾ گهڻو اڳتي وٺي وڃڻ پئي گهريو. جيڪا ڳالهه وقت جي اقتدار ڌڻين کي بنهه پسند نه هئي ۽ هو کانئس گهڻو گهٻرايل هئا.
اهو نڀاڳو ڏينهن ۱۷ جنوري ۱۹۸۷ع جو ڏينهن هو، جنهن ڏينهن فاضل راهو ڪنهن گجندڙ شينهن جيان وڏي ڇاتي سان هڪ گيدي هٿان جام شهادت نوش ڪيو. فاضل راهو شهيد هڪ ڊگهي جدوجهد جي تسلسل جو نالو آهي، جيڪو وقت جي وجود تي ڪنهن وڄ جيان ڪڙڪندو رهي ٿو، هو تاريخ جي ڪاري دور ۾ هڪ گهمساني طوفان ۾ ڪنهن وڻ جي ٽار جيان ڀَڄي ته ضرور پيو، پر ان جي جدوجهد جا قصا اڄ به پکين جي چهه چهه جيان گنگنائبا رهيا آهن. فاضل شهيد ۱۹۷۰ع ڌاري سنڌ جي زمين جي نيلامي خلاف “نيلام بند ڪريو” جي نالي سان هڪ سگهاري تحريڪ جو آغاز به ڪيو هو، جنهن ۾ هو سنڌ جي زمينن جي نيلامي روڪرائڻ ۾ گهڻي قدر ڪامياب ويو ۽ گڏوگڏ سنڌ جي بيشمار هارين کي زمين ڏيارڻ ۾ ڪامياب به ويو. هي تاريخ جو شهسوار اڀرندڙ وهائو تاري وانگر جدوجهد جي افق تي اڀريو ۽ پنهنجي سهائي ميندي ٻور جيان ڇاڻي ڪنهن اڻ ڏٺي ماڳ لڏي ويو. هن ويندي ويندي هڪ دور جي تاريخ ۾ همت ۽ جذبن جا اڻمٽ نشان ڇڏيا آهن. تاريخ برابر بي رحم هجي ٿي اها ڪڏهن بي رحم ٽهڪن سان ڪنهن فاتح وانگي ڪنهن دور ۾ داخل ٿئي ٿي ته ڪڏهن وري ڪنهن راڪاس جيان راڙا ڪندي پئي ايندي آهي. جڏهن اهڙي صورتحال بڻجي پوندي آهي ته مظلوم قومون پنهنجو وجود برقرار رکڻ خاطر پنهنجا سر تري تي کڻي جدوجهد ڪنديون آهن ۽ اتي ڪوپن جا ڪنڌ ڪرندا آهن ۽ ڌرتي ريٽي رت سان ريٽجڻ لڳندي آهي ۽ ان زماني ۾ مظلوم قومن وٽ، ڪرن ڪنڌ نچن، رڻ گجيو راڙو ٿيو، وارو منظر لڳو پيو هوندو آهي، جنهن سان رزميا گيت لکڻ جي ابتدا ٿي ويندي آهي ۽ ان دوران چانڊوڪين جي پوئين پهرن ۾ ڪوئلن جي لاتين ۾ درد دهرو ٿي ويندو آهي.
تاريخ گواهه آهي ته فاضل جهڙا ڪردار جيڪي مظلوم قوم خاطر ڪنڌ ڪپائي ۽ نينهن نڀائي ويا، اهي اڄ به لکين دلين جي ڌڙڪنن ۽ گيتن جي گونجار ۾ زنده آهن ۽ سندن آدرش اڄ به مظلوم ماڻهن جي اکين ۾ لڪل خوابن جيان ليئاڪا پائين ٿا. منهنجي خيال ۾ اهي امر شخصيتون هجن ٿيون، جيڪي تاريخ هٿان مرڻ بجاءِ قاتلن ۽ جلادن هٿان مرڻ پسند ڪن ٿيون. اهڙن ڪردارن کي جاڳن ۽ اوجاڳن ۾ ساهه سان سانڍي ياد رکيو ويندو آهي ۽ هر دور ۾ انهن کي عقيدت جا گل آڇيا ويندا آهن. هونئن ته تاريخ جي دز ۾ ڪيترا ئي ماڻهو لٽبا رهبا آهن، جيڪي زندگي ۾ ڪو اهم ڪردار ادا ڪرڻ کانسواءِ ئي فقط پنهنجي لاءِ جيئي هليا ويندا آهن، جيڪي سندن خاندان کي ئي ياد نه رهندا آهن، شهيد فاضل راهو جي خمير ۾ اها لاڙ جي مٽي هئي، جنهن مٽيءَ جي مهڪ ڪڏهن چانڊوڪين جي چيٽن مان ٿي اچي ته ڪڏهن ماڃر جي مڪ مان ٿي اچي، فاضل راهو جي پرڪشش شخصيت جو مثال ان ڪنڊيءَ وڻ جيان آهي جو جڏهن وسڪاري پڄاڻان ٻوربا آهن ته وڳهه ڪوٽ کان ويندي ننگر تائين انهن جي خوشبوءِ واسجي ويندي آهي. فاضل هڪ دور جو دودو سومرو به آهي ته وري ٻئي دور جو هيمون ڪالاڻي به آهي، جيڪو جدوجهد ڪندي ڪڏهن به ٿڪجي نه ٿو، هو لڳاتار جدوجهد جو تسلسل به آهي ته اصولن جو پاسدار به آهي. شهيد فاضل جيتوڻيڪ اڄ اسان جي وچ ۾ موجود ته ناهي، پر سندس فڪر ۽ فلسفو هڪ کليل ڪتاب جيان اسان وٽ موجود آهي جنهن تي عمل ڪري هلندڙ ڪاروان ۾ نئون ولولو پيدا ڪري سگهجي ٿو.



شهيد فاضل راهو
سنڌ جو انقلابي اڳواڻ
ارشاد ڪاغذي
جنوري ۱۷ تي شهيد عوام محمد فاضل راهو جي ۳۱ ورسي ملهائي وئي. راهوڪي ۾ پ پ پ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جلسي کي خطاب ڪندي شهيد فاضل کي ڀيٽا پيش ڪندي چيو ته شهيد فاضل راهو ڌرتي جو بهادر فرزند هو، جنهن تي سنڌ ناز ڪري ٿي، کيس سرخ سلام پيش ڪريان ٿو. ۲۰۱۱ع ۾ نواز شريف راهوڪي ۾ شهيد فاضل جي ۲۴هين ورسي تي تقرير ڪئي هئي ۽ فاضل راهو کي شاندار خراج عقيدت پيش ڪيو هو ۽ ان کانپوءِ سرڪاري ۽ مسلم ليگ جا وزير ۽ اڳواڻ هر سال ورسي ۾ ايندا هئا. هن سال بلاول ڀٽو زرداري آيو، ڇاڪاڻ ته اسماعيل راهو پيپلزپارٽي ۾ شامل آهي، تنهن ڪري پپلز پارٽي جا جهنڊا مسلم ليگ جي جهنڊن بدران جهوليندا رهيا. ڪجهه سالن کان مختلف جهنڊا، نعرا ۽ ليڊر راهوڪي ۾ آيا، اسماعيل راهو جو مختلف پارٽين ۾ شموليت سبب راهوڪي ۾ اهو نظارو ڏسڻ ۾ آيو. ورسيءَ جي موقعي تي بلاول جي موجودگي ۾ سندس گارڊن فاضل راهو جي ننڍي پٽ فياض راهو کي اسٽيج تي چڙهڻ نه ڏنو، کيس ڌڪا ۽ ڌڪ هنيا. سوشل ميڊيا تي هڪ وڊيو وائرل ٿي آهي، جنهن ۾ فياض راهو روئي رهيو آهي ۽ سندس ڀاءُ پرچائي ٿو. اقتدار ۽ ڪرسي جو جهيڙو آهي ڀلا جيڪڏهن اها بدمزدگي ٿي ته ڇا ٿي پيو؟ ڪرسي جو پڪو آسرو آهي! فاضل جيڪو وڏيرن ۽ انهن پارٽين جي خلاف هو، تنهن جو روح ضرور تڙپي پيو هوندو!
سڀ اچن ٿا تنهنجا ويري،
تنهنجا قاتل، جشن هلي ٿو،
سانگ سجن ٿا، رنگ رچن ٿا.
- آڪاش انصاري
محمد فاضل راهو جو شمار سنڌ جي سڀ کان وڏن ماڻهن ۾ ٿئي ٿو. وڏن ماڻهن مان مراد اها نه ورتي وڃي ته هُو وڏيرو، جاگيردار يا شاهوڪار هو. عمومن اهو ڏٺو ويو آهي ته اسان وٽ وڏو ماڻهو اهو آهي جنهن وٽ مال، ملڪيت، بنگلا، زمينون، جاگير، ڪارون، موٽرون ۽ بي حساب ڌن دولت هجي. گھرن ۽ بنگلن تي نوڪر چاڪر، پهريدار ۽ ٻيو عملو موجود هجي، جن جي اجازت کانسواءِ ڪوبه ماڻهو اندر داخل ٿي نه سگھي. موجوده دور ۾ وڏو ماڻهو اهو آهي جيڪو وڏو ڪوڙو، ڪرپٽ، مفاد پرست ۽ عوام دشمن هجي. وڏو ماڻهو دولت جي زور ۽ ووٽ جي ڏڍ تي سياسي اڳواڻ، چونڊيل نمائندو، وزير، مشير ۽ وزيراعظم جي منصب تي فائز ٿي خلق کي وساري ويهي ٿو ۽ عوام آزار ٿي بدنام ۽ خوار ٿئي ٿو. پنهنجي اقتدار کي بچائڻ خاطر قوم ۽ وطن سان ويساهه گهاتي ڪري ٿو. ڪي ڪي ماڻهو اقتدار، دولت ۽ وڏ ماڻهپ کي ٿُڏي پنهنجي قوم ۽ وطن جا حقيقي رهبر ۽ رهنما ٿي لڳاتار جاکوڙ جاري رکي ظالمن سان جنگ جوٽي آخري دم تائين وڙهندي وڙهندي وطن تان وارجي امر ٿيو وڃن. فاضل راهو به اهڙن وڏن ماڻهن مان هيو جنهن جي اندر ۾ تاريخ سمايل هئي.
ڪي ماڻهو تاريخ ٿين ٿا،
گھايل ڌرتيءَ جي سيني جي،
اهڙي گھري چيخ ٿين ٿا،
جا هر ڪنهن کي جاڳائي ٿي،
جا دنيا کي بدلائي ٿي.
فاضل راهو ان وسيع معنيٰ ۾ وڏو ماڻهو هو ته هُو غريبن جو يار هو، هارين جو همدرد هو ۽ لاوارثن جو وارث هو. ڀيل، باگڙي، شڪاري ۽ ٻيو طبقو جنهن سان نفرت جو اظهار ڪيو ويندو آهي، انهن سان فاضل پيار ڪندو هو. اهي ڌڪاريل، ماريل، پيڙهيل ماڻهو جن کي ڪوبه گڏ ويهارڻ لاءِ تيار نه هوندو آهي، فاضل جا دروازا انهن لاءِ هميشه کليل هوندا هئا ۽ سندن لاءِ فاضل پاڻ کي ارپي ڇڏيو هو. اڄ به اهي ستايل، ڌڪاريل ۽ غريب فاضل کي ياد ڪن ٿا. فاضل جي جدوجهد ۽ حقن جي ويڙهه کي عزت جي نگاهه سان ڏسن ٿا. ان کان علاوه هاري ناري، سياسي ڪارڪن ۽ صحافي پڻ فاضل کي ساري سندس عظمت کي ساراهي رهيا آهن. فاضل راهو ظاهري توڙي باطن نموني مظلوم ۽ محڪوم ماڻهن جو ڀرجهلو هو. اندر توڻي ٻاهر سندن قول ۽ قرار هڪجهڙو هو. فاضل راهو پنهنجي پوري حياتي وڏيرن، ڦورو ظالم حڪمرانن ۽ آمرن سان جهيڙيندو رهيو، هاري ۽ نادار طبقي جي زندگي بدلائڻ ۽ خوشحالي لاءِ بنيادي ڦيرو ۽ انقلاب آڻڻ لاءِ پوري زندگي پتوڙيندو رهيو، غريب ماڻهن کي پاڻ ڀرو ۽ خوشحال رکڻ لاءِ ڪوشش ۾ مصروف رهيو ۽ آخر تائين ڪنڌ ڪپائڻ تائين ساڳئي قول، ريت، پريت ۽ روايت کي پاڙي ويو.
سکي سڀڪو شال هيءَ راهوءَ جي ريت،
ڌرتيءَ سان هيڏي پريتِ سر ڏيئي ويو سنڌ کي. - تنوير عباسي
جسماني طرح فاضل قد جو ڊگھو، منهن موڪرو، پٺا مضبوط، بدن جو ڀريل ۽ حشمت وارو مُک ، فضيلت، سهپ، تحمل ۽ بردباريءَ جو پيڪر هو. پنهنجي جِبِلت ۽ سِرِشت ۾ مڪمل انقلابي هو. سنڌ جي اِتهاس ۾ ڪي ٿورڙا ماڻهو آهن، جن کي سنڌي عوام چاهيو، دل ۾ ويهاريو ۽ اکين ۾ جاءِ ڏني آهي. شهيد فاضل راهو به سنڌ جي تاريخ جو بي مثل ۽ يگانو ڪردار آهي، جنهن سنڌين کي اُتساهه ڏنو ۽ جدوجهد جو درس ڏنو . سنڌ جي ڇڙوڇڙ ۽ اڻ پوري تاريخ ۾ ڇڙواڳ جاگيردارن، وڏيرن، بادشاهن، شهزادن ۽ شاهوڪارن سنڌي عوام کي غلام بڻائي لُٽيو ۽ ڦريو آهي. تن ظالمن جي خلاف فاضل راهو مڪاني سطح کان وٺي ملڪگير سطح تائين جدوجهد ڪئي، هارين، مزدورن، شاگردن، عورتن ۽ ٻي طبقي کي متحد ۽ منظم ڪيو. سنڌ جي سياسي ۽ عوامي تحريڪن جي اِتهاس جي اوک ڊوک ڪرڻ بعد پتو پئي ٿو ته سنڌ ۾ عوامي تحريڪون جيڪي پنهنجي جوهر ۾ نج عوام جي سوچ جي عڪاسي ڪندي نظر اچن ٿيون ۽ اهي نئين دور جي جمهوري سرشتي پٽاندڙ پنهنجو عمل ۽ ردعمل ڏيکاري ٻين کان مختلف ۽ نرالي انداز سان اثرانداز ٿيون هجن. اهي گھڻي ڀاڱي پاڪستان جي آزاد ٿيڻ بعد شروع ٿيون. سنڌين پاران ملڪي سطح تي جيڪي تحريڪون هلايون ويون انهن ۾ ايم آر ڊي جي تحريڪ ٻين کان زبردست، زور ۽ تيز هُئي. ايم آر ڊي جي تحريڪ ۾ هڪ نئون انداز ۽ رخ سامهون آيو. سنڌي  عدم تشدد يا اهنسا جا پيروڪار سمجهيا وڃن ٿا پر ايم آر ڊي جي تحريڪ تشدد، ڀڃ ڊاهه، انارڪي ۽ انقلابي جولان جي گاڏڙ ساڏڙ تحريڪ هئي. ان جدوجهد ۾ سنڌ جا مڙئي طبقا پنهنجي پنهنجي مفادن جي پورائي لاءِ ڪوشان رهيا، پر مجموعي طرح اها عوامي تحريڪ هئي ۽ خاص ڪري هيٺين طبقي جي مڪمل حمايت حاصل ڪري ورتي ۽ سموري دنيا حيران ٿي وئي هئي ته سنڌي پنهنجي رويي ۽ سوچ جي ابتڙ اٿي کڙا ٿيا ۽ هڪ نئين تاريخ رقم ٿي.
پاڪستان جي سياسي تاريخ ۾ ڪجهه مشهور تحريڪون جن ۾ سنڌين سرگرمي سان حصو ورتو، سي هي آهن: ون يونٽ مخالف تحريڪ، ايوب خلاف ذوالفقار علي ڀٽو شهيد جي اڳواڻيءَ ۾ هليل هلچل، ايم آر ڊي تحريڪ، ڪالاباغ مخالف تحريڪ، ٻٽي بلدياتي نظام خلاف تحريڪ وغيره. پاڻ جڏهن شهيد فاضل جي سياسي ڪيريئر کي ڏسون ٿا ته فاضل راهو جي اوائلي زندگي محروم ۽ مسڪين ماڻهن  سان واڳيل ۽ سلهاڙيل آهي. فاضل راهو سڀ کان پهريان جنرل ايوب جي بنيادي جمهوريت (بي ڊي سسٽم) ۾ حصو ورتو ۽ پهريان ميمبر ۽  ۱۹۶۴ع ۾ ترائي يونين جو چيئرمين چونڊجي آيو ۽ اتان کان ئي وڏيرن سان ٽڪر کاڌو. تر جي وڏيرن فاضل سان کونس ڪئي ۽ آخر تائين اهي فاضل جا دشمن رهيا. جنرل ايوب خان بنيادي جمهوريت جو خاڪو ڏنو، جنهن جي تحت اڻ سڌي طرح صدر جي اليڪشن ۲ فيبروري ۱۹۶۵ع ۾ ٿي. مغربي پاڪستان جي صوبي مان ۴۰ هزار ۽ مشرقي پاڪستان مان به ۴۰ هزار بي ڊي ميمبر چونڊيا ويا، انهن ميمبرن صدر کي ووٽ ڪيو. ايوب خان جي خلاف متحده مخالف ڌر پاران فاطمه جناح اميدوار بيٺي، پر ايوب خان اليڪشن کٽي ويو. ان اليڪشن ۾ فاضل راهو فاطمه جناح جي حمايت ۽ ورڪ کلي عام ڪئي هئي.
فاضل راهو آمر ايوب خان جي مخالفت ۽ مڪاني ڇاڙتن وڏيرن سان مقابلو ڪندي پنهنجي سياسي زندگي جي شروعات ڪئي. ۱۹۶۷ع ۾ ۴ مارچ تي سنڌي شاگردن تي تشدد ڪري کين گرفتار ڪيو ويو هو، فاضل شاگردن جي مدد لاءِ هڙان وڙان مدد ڪئي. ايوب خان جي خلاف جدوجهد ۾ گھڻو سرگرم هو. ۱۹۶۹ع ۾ ووٽر لسٽون سنڌيءَ ۾ ڇپايو هلائي وئي هئي، سنڌي عوامي تحريڪ ۽ فاضل راهو ان بابت جيڪا جدوجهد ڪئي تنهن ۾ گھڻي ڪاميابي نصيب ٿي ۽ يحييٰ سرڪار سنڌيءَ ۾ ووٽر لسٽون ڇپايون. ۱۹۷۰ع ۾ نيلام بند ڪريو تحريڪ شروع ٿي جنهن جو ڪنوينر محمد فاضل راهو هو. فاضل ۽ ٻين کي گرفتار ڪيو ويو پر اها تحريڪ جاري رهي ۽ ڪوٽڙي بئراج تي زمينون ڌارين بدران مقامي هارين کي مليون. ۱۹۷۰ع ٽي سنڌي عوامي تحريڪ جو وجود وڌو ويو. ان جو پهريون صدر محمد فاضل راهو ۽ جنرل سيڪريٽري رسول بخش پليجو کي مقرر ڪيو ويو. ۱۹۷۰ ۾ ظلم بند ڪريو تحريڪ شروع ڪئي وئي سموري سنڌ ۾ هڙتال ۽ احتجاج ڪيو ويو. ۱۹۷۴ع ۾ گولاڙچي تعلقو بڻايو جي تحريڪ فاضل راهو هلائي ۽ ان جي ڪري گولاڙچي تعلقو ٿيو. ۱۹۷۸ع ۾ صحافين جي جدوجهد ۾ عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن رضاڪارانا گرفتاريون ڏنيون. فاضل راهو جي هدايتن تي سندس پٽ محمد صديق راهو ريگل چوڪ ڪراچي ۾ گرفتاري ڏني هئي ۽ پوليس صديق تي سخت تشدد ڪيو. راهوڪي ۾ آڪٽوبر ۱۹۷۹ع تي فاضل راهو هاري ڪانفرنس سڏائي جنهن ۾ هزارين هاري گڏ ٿيا. ذوالفقار علي ڀٽو جي شهادت بعد هي وڏو اجتماع هو جنهن ۾ ضياءَ جي مارشلا کي چئلينج ڪندي تحريڪ هلائڻ جو اعلان ڪيو ويو. فاضل راهو، رسول بخش پليجو ۽ ٻين کي گرفتار ڪيو ويو.
ايم آر ڊي پاران ۱۹۸۳ع ۾ جمهوريت جي بحالي لاءِ جدوجهد شروع ڪئي جيڪا ملڪگير تحريڪ هئي. هن تحريڪ جي ڪري سنڌ ۾ جيڪا اٿل پٿل ٿي سا تاريخ جي حساب سان هڪ اهڙي تحريڪ هئي جنهن سنڌين جي مزاج ۽ موڊ کي بدلائي ڇڏيو. ان تحريڪ ۾ ٻين جماعتن سرگرمي ڏيکاري پر جهڙي نموني فاضل راهو ڏينهن رات محنت ڪئي سا ڪنهن کان به لڪيل ناهي. سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ وڃي تحريڪ کي منظم ڪرڻ لاءِ تياري ڪئي. لڪ ڇپ ۾ مختلف هنڌن تي جلسا ۽ گڏجاڻيون منعقد ڪري رٿابندي ڪئي ۽ مارشلا جي خلاف ڀرپور نموني سان گرفتاريون ۽ تحريڪ هلائڻ لاءِ فاضل سنڌين جي سڀني طبقن کي گڏ ۽ منظم ڪيو. جڏهن تحريڪ آگسٽ ۱۹۸۳ع ۾ شروع ٿي ته سنڌ ۾ باهه ٻري وئي، ضياءَ ۽ مارشلا خلاف طوفان مچي ويو. فاضل جي محنت رنگ لاتو ۽ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ کان مارشلا خلاف جلسا، مظاهرا ۽ گرفتاريون ڏيڻ ۾ سنڌي مرد، عورتن ۽ ٻارن پاڻ ملهايو.
سنڌ ۾ محمد فاضل جي انقلابي جدوجهد ۽ سياسي بصيرت جي نتيجي ۾ مارشلا خلاف لڳاتار جدوجهد هلڻ لڳي ۽ دنيا دنگ رهجي وئي ته سنڌي ماڻهو جيڪي پنهنجي مزاج ۾ ٿڌا هئا، اهي مارشلا خلاف ويڙهه ڪرڻ لڳا ۽ فوجي جنتا هٿين خالي ۽ پرامن سنڌين تي گوليون ۽ بم ڪيرائي شهيد ڪيو ۽ ڳوٺ تباهه ڪيا پر ماڻهن وڏي همت، حوصلي ۽ بهادري سان مقابلو ڪيو. ايم آر ڊي تحريڪ فاضل راهو جي ڪوشش جي نتيجي ۾ جمهوريت جي بحالي جي نقطي تي شروع ٿي ۽ نيٺ ڊڪٽيٽر ضياءَ لولي لنگڙي جمهوريت جو اعلان ڪيو ۽ پارٽي بنياد بدران غير جماعتي اليڪشن جو اعلان ڪيو، جنهن جي ڪري محمد خان جوڻيجو جي سرڪار قائم ٿي. ان سموري سياسي ۽ انقلابي جدوجهد جي پيش منظر ۽ پس منظر ۾ فاضل جي ڪارنامن تي نظر ڦيرائجي ٿي ته فاضل راهو سمورن سياسي اڳواڻن کان مٿانهون نظر اچي ٿو، جنهن ڪڏهن به مصلحت پسندي کان ڪم نه ورتو، توڙي جو ان دور ۾ ايم آر ڊي جي تحريڪ يا ملڪ ۾ ڪيئي وڏا وڏا سياستدان موجود هئا. محترمه بينظير ڀٽو، بزنجو، نصر الله خان، ولي خان ۽ ٻيا پر جهڙي نموني فاضل هن تحريڪ ۾ جان وڌي ۽ عملي طرح حصو ورتو تنهن جي ڪري فاضل جي عظمت کي ساراهيو وڃي ٿو.
فاضل راهو کي ۱۷ جنوري ۱۹۸۷ع ۾ شهيد ڪيو ويو. فاضل جسماني طرح هن دنيا ۾ موجود ڪونهي پر هُن جي جدوجهد، ڪمٽمينٽ ۽ اورچائي جا مثال دائم ۽ قائم آهن. فاضل راهو هميشه امر آهي ۽ رهندو. جيسين چنڊ ستارا رهندا- فاضل تنهنجا نعرا رهندا.


شهيد فاضل راهو
فريڊم فائٽر
ارشاد ڪاغذي
اسان وٽ قاسم ميرجت جو اچڻ وڃڻ هوندو هو. هو فاضل جي باري ۾ خبرون چارون ڪندو هو ۽ رسول بخش پليجو صاحب جي باري ۾ حال احوال ٿيندا هئا. هڪ ڏينهن قاسم مير جت حيدرآباد اچڻ جي دعوت ڏني. پروگرام ٺاهيو ۽ فاضل جي جاءِ تي ملڻ جو رٿيو ويو. مون حيدرآباد اسٽيشن پهچي ٽيليفون ڪئي. فون جي گھنٽي وڄندي رهي، ”آئون فاضل ٿو ڳالهايان.“ مون کيس پنهنجو نالو ٻڌايو ۽ هن مون کي پنهنجي گھر جي ائڊريس ٻڌائي. مان رڪشي ۾ چڙهي اوڏانهن ويس، رستي ۾ سوچيندو رهيس فاضل جي باري ۾.... هن جي شخصيت جي باري ۾..... هن جي جسماني ۽ سياسي ۽ انقلابي قد ڪاٺ جي باري ۾...... هو ڪيئن هوندو؟ ڪهڙو هوندو؟ سندس شڪل شبيهه ۽ منهن مهانڊو ڪهڙو هوندو؟ ان سوچ ۽ ويچار ۾ جيل جي لاهي لهي رڪشو بيٺو ۽ رڪشي واري چيو ته هيءَ پٺاڻ ڪالوني آهي. مون پڇا ڳاڇا ڪئي ۽ فاضل جي جاءِ تي ويس. مان وڃي اتي پهتس، ڪجهه ماڻهو ويٺا هئا، قاسم به اتي هو، سڀني سان مليس. فاضل صاحب ڀاڪر پائي مليو. سندس قرب ۽ محبت وارو ڀاڪر هن وقت تائين وسري نٿو! هن گھڻي گھڻي دير تائين مون کي ڀاڪر ۾ ڀڪوڙي رکيو. اڄ به هن وقت به مان پاڻ کي هن جي ڀاڪر ۾ محسوس ڪريان ٿو. هن جو ڇُهڻُ.... منهنجي دل جي ڪيفيت نرالي ٿي وئي! هن سان پهرين ملاقات هئي ۽ اٿندي ۽ پهرين ئي ملاقات ۾ اتساهه ۽ پيار وارو ڀاڪر نصيب ٿيو. هن جي ڀاڪر جي خوشبوءِ منهنجي من ۾ واسو ڪري وئي آهي. خوشبوءِ ۽ خوشين جا ڀاڪر....... مون لاءِ وڏي خوشنصيبي هئي ۽ آهي!
ٻي ڏينهن صبح سوير ننڊ مان اٿيس ته فاضل صاحب جي اوطاق تي ماڻهن جي اچ وڃ شروع ٿي وئي، ڪنهن ڪهڙو قصو پئي ٻڌايو ته ڪنهن وري پنهنجا سور ٻڌايا. هاري ناري، مسڪين، بي وس، مفلس ۽ ستايل ماڻهن جي پيهه فاضل وٽ ايندي رهي. هو سڀني جون ڳالهيون ٻڌي بروقت جواب ڏيندو رهيو. ڪنهن کي چٺي، ڪنهن لاءِ ٽيليفون ۽ ڪنهن سان گڏجي ڪنهن آفيسر، مختيارڪار، صوبيدار وغيره وٽ پنهنجي گاڏي ۾ هلندو هو. مان به هن سان گڏ هوندو هيس. جيترا ڏينهن به فاضل صاحب جو مهمان هيس، ماڻهن جا انبوهه صبح سوير سندس اوطاق تي ايندا ۽ ويندا هئا ۽ هو کل خوشي سان سڀني جا ڪم ڪندو هو ۽ وري ٻي ڏينهن ساڳئي ڪرت سان لڳي ويندو هو. ماڻهو کيس ڏاڍو بيزار ڪندا هئا پر مون ڪڏهن به هن کي ڪاوڙ ۾ نه ڏٺو ۽ نه ڪڏهن سندس منهن ۾ گھنج ڏٺو. فاضل اندران ۽ ٻاهران هڪ هو، هو ٻهروپي ڪونه هو، ٻيائي ۽ سياسي مصلحت جو هيراڪ نه هو، ڇاڪاڻ ته هو روايتي سياستدان نه هو! هو سادو، صاف ۽ بي ريا انسان هو. مظلوم، مسڪين ۽ غريبن جو يار ۽ برجهلو هو. سڄو ڏينهن ڪمن ڪارين ۾ رڌل، سڀني جي مسئلن کي نبيري پوءِ دلجوئي ملندي هيس. فارغ ٿي مون کي چوندو ”يار! توکي بک ته لڳي هوندي“. پوءِ ڪنهن هوٽل تي وڃي پيٽ پورت ڪبي هئي. هن وٽ هڪ جيپ هئي، جيڪا پاڻ هلائيندو هو. کليل جيپ هوندي هيس جنهن ۾ ماڻهو ساڻ ڪري سندن ڪم ڪاريون ڪندو هو، مختلف آفيسن ۾ وڃي مسئلا حل ڪرائيندو هو ۽ آخر ۾ انهن کان موڪلائڻ وقت کين چوندو هو ”بابا ڪم نه ٿئي ته وري اچجو.“ اتي رهندي ابراهيم منشي سان به واقفيت ٿي ۽ ڪچهريون ڪيون. ابراهيم منشي، فاضل صاحب جو يار هو ۽ گھڻو حجائتو سنگتي هيس، جيپ ۾ چڙهي حيدرآباد جي روڊن تي ڪچهري سان گڌ ابراهيم منشي جا شعر به گونجندا هئا ۽ وڏيرن ۽ حڪمرانن تي ڇوهه به ڇنڊبا هئا.
فاضل جي جاءِ تي رسول بخش پليجو صاحب سان به ڪچهريون ٿيون، پهريون دفعو ملاقات ٿي ۽ روزانو ٿيندي هئي. پليجو صاحب، فاضل شهيد، ابراهيم منشي ۽ ٻين قومي سياسي ڪارڪنن سان ملڻ جي ڪري زندگي ۾ گھڻو ڦيرو آيو، جنهن جي ڪري زندگي ۾ انقلاب اچي ويو ۽ ان ڪارڻ هڪ آدرشي ۽ چڱائي جي اصولن جي واٽ تي هلڻ جو موقعو مليو، جنهن جو سفر جاري ۽ ساري آهي!
فاضل جو انقلاب سان رومانس هو. جيئن ان زماني ۾ ۽ هينئر به تڏهوڪن انقلابي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي ياد ڪندي چيو ويندو آهي ته سندن انقلاب سان رومانس هو پر مان ايئن چوندس ته فاضل صاحب جو انقلاب سان ڀاڪر پيل هو ۽ انقلاب کي ڀاڪر ۾ ڀري سموري عمر ساٿ نبايو. انقلاب هن جي ٻَک ۾ هو ۽ ڪڏهن به هن انقلاب مان هٿ نه ڪڍيا. هن جو اٿڻ ويهڻ، گھمڻ ڦرڻ، کائڻ پيئڻ، سوچڻ لوچڻ فقط انقلاب هو. هو سچ جو پانڌيئڙو هو ۽ انقلاب جو امين هو! هو حق ۽ سچ لاءِ سجاڳ رهيو، وڙهيو ۽ توڙ تائين مقابلو ڪيو، سماجي انصاف ۽ انساني عظمت جي وڪالت ڪندو رهيو. هو اڏول هو ۽ بلند بالا هو. منهنجي لاءِ، سنڌ لاءِ ۽ سنڌي قوم لاءِ فريڊم فائٽر هو. آزادي جو سپاهي ۽ سپهه سالار هو. مون ٻڌو هو ۽ ڏٺو هو ته فاضل هر ڪنهن سان پيار ڪندو هو، نيازمندي سان ملندو هو. پنهنجي پارٽيءَ سان، پنهنجي اڳواڻن سان، ڪارڪنن سان ۽ قوم سان وفادار هو ۽ وفادار رهيو. هن مون کي ۽ ٻين کي اُتساهيو ۽ حوصلو ڏنو، همت ڏني، دل جي گھراين سان سنڌ ۽ سنڌين جي خدمت ڪئي. فاضل سان ان ڪري پيار ڪيو وڃي ٿو، ڇاڪاڻ ته هو سنڌ ڌرتي جي غدارن کان نفرت ڪندو هو، مون کي هن لاءِ گھڻي عزت ۽ احترام آهي، ان لاءِ ته هو مسڪين، محڪوم، ڦريل ۽ ڏڪاريل عوام جو ساٿي هو، اڳواڻ هو ۽ اٿي بيهندو هو، فرض ۽ ذميواري سمجهندو هو، زندگي ڀر چوويهه ئي ڪلاڪ ڊيوٽي تي حاضر رهندو هو. انقلاب جي نوڪري چاڪري ڪندو رهيو سموري عمر. هو ڪنهن به ظالم، جابر، جلاد، قاتل، بيرحم ۽ سفاڪ ضياءَ شاهي کان نه ڊنو، نه هٻڪيو ۽ نه وري پوئتي پير ڪيا. سخت، مشڪل گھڙين، طوفان ۽ قهري ڪاررواين سان سينو سپر ڪري وڙهيو. هو سنڌ جي ڀلي ۽ ڀلائي لاءَ اڳين صفن ۾ رهيو، هميشه سنڌ جي خوشي ۽ خوشحالي لاءِ جدوجهد ڪندو رهيو، جنهن جي صلي جي ڪا به تمنا ۽ توقع نه ڪئي. اهڙا مانجهي مڙس مٿير ورلي پيدا ٿيندا آهن. ۽ هن پنهنجي رت سان ريٽو جهنڊو جهولائي ابديت ماڻي ورتي. پنهنجي رت ۾ ريٽو جهنڊو اُڀ تائين جهوليندو.
اهڙو ڏينهن به ايندو!
فاضل راهو ڪيترين ئي تحريڪن ۾ بهرو ورتو.عوامي تحريڪ جي اڳواڻ هئڻ جي ناتي ۾ هن سنڌ جي حقن لاءِ پاڻ پتوڙيو. ايوب شاهي، يحيٰ شاهي جي خلاف، سنڌي ۾ لسٽون ڇپايو تحريڪ، ظلم بند ڪريو تحريڪ، نيلام بند ڪريو تحريڪ ۽ ٻين ۾ گھڻي سرگرمي ڏيکاري.پر سڀ کان وڌيڪ تحريڪ بحاليءَ جمهوريت يا ايم آر ڊي جي ۱۹۸۳ع ۽ ۱۹۸۶ع واري تحريڪن ۾ فاضل ڪمال ڪري ڇڏيو. ايم آر ڊي کي منظم ۽ متحرڪ ڪرڻ لاءِ سنڌ ۽ ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ويو ۽ اتي عوام ۽ سياسي ڪارڪنن کي تيار ڪيو. ضياءَ جي جارحيت ۽ مارشلا سان مقابلو ڪرڻ لاءِ سوين ۽ هزارين ڪارڪن تيار ڪري مارشلا سان وڙهيو. فاضل جي ڏاهپ، تنظيم ڪاري ۽ بي ڊپائي ئي هئي، جنهن ايم آر ڊي جي تحريڪ ۾ جان وڌي ۽ سنڌ جي عوام ۾ هڪ انقلابي جذبو پيدا ٿيو.
ايم آر ڊي ۾ تمام وڏي قد بت وارا سياسي اڳواڻ موجود هئا، بينظير ڀٽو، نوابزاده نصرالله خان، ولي خان، بزنجو، محمد قاسم ۽ ٻيا جيڪي پاڪستان ۽ ٻاهرين دنيا ۾ مشهور هئا پر اهي سڀ معتبر شخصيتون فاضل جي دل سان عزت ڪندا هئا. فاضل جي شهادت کان پوءِ انهن اڳواڻن جيڪي بيان ڏنا تن مان اندازو لڳائي سگھجي ٿو ته هو فاضل لاءِ ڪهڙا سٺا خيال رکندا هئا. انهن سڀني جي ايم آر ڊي ۾ هوندي به فاضل جو سياسي ڪم ۽ تنظيم ڪاري سمورن کان سرس هئي، جنهن لاءِ اهي اڳواڻ فاضل جي جدوجهد کي تسليم ڪندا هئا. اهو هڪ وڏو اعزاز آهي جو هڪ سنڌ جي ماڻهو جنهن پنهنجي قول، فعل ۽ عمل جي ڪري جهر جنگ باهه ٻاري ضيا شاهيءَ کي چئلينج ڪيو هو ۽ ان جي ڪري ضياءَ ۽ ان جي ساٿين سنڌ کان هڪ جوڌو جوان ۽ مڙس مٿير کسي ورتو. سازش ڪري هن کي شهيد ڪيو ويو. ضياءَ جي ان سازش جي نتيجي ۾ سنڌ جي سورهيه سپاهي ۽ سرواڻ کي شهيد ڪيو ويو. ۱۷ جنوري ۱۹۸۷ع تي فاضل راهو کي قاتلن ڪهاڙيءَ جا وار ڪري گولاڙچي ۾ شهيد ڪيو.


فاضل راھو
اهڙو شينهن جنهن کي پڃري ۾ شهيد ڪيو ويو
محمد قاسم ميرجت
جيستائين انقلابي پارٽيءَ جي ضابطي ۾ هئاسون اوستائين اسانجي انقلابي فرضن ۾ اڳواڻ کي عقل ڪل سمجهڻ ۽ پاڻ کي سچو انقلابي ثابت ڪرڻ لاءِ پارٽي ۽ پارٽي جي نالي ۾ پارٽي جي اڳواڻ جي هر حڪم جي هڪ فرمانبدار ڍڳي جيان تعميل ڪرڻ، انقلاب مخالف قوتن کي عملي طرح نيست نابود ڪرڻ جي سگهه نه آهي ته انهن خلاف مباحثن، تقريرن ۽ تحريرن تعليم، تربيتي ڪلاسن ۾ انهن  تي ايتري ڇتي تنقيد ڪيو ۽ بي رحمي سان انهن کي نظرياتي طرح ختم نه ته به مفلوج ڪري ڇڏيو جيئن قوم پرستي جا دعويدار ڪوڙا آهن ۽ ترقي پسندي جا پوئلڳ سڀ نقلي ترقي پسند آهن، هڪ ڌپ ڪري ويل لاش آهي؟
نيشنل عوامي پارٽي، سنڌ هاري ڪميٽي، سنڌي ادبي سنگت تي قبضو آهي، اديب ۽ شاعر شاعري ڪن ٿا، پورهيت جي ڳالهه نٿا ڪن، اياز کان استاد بخاري وڏو شاعر آهي، ڪامورا ته ازل کان انقلاب ڇا پر جمهوريت، قومپرستي ۽ انسان دوستي جي خلاف آهن، اليڪشنون وڏيرن کي ڪرسين تي پهچائڻ جو ذريعو آهن، پورهيت عوام کي ان مان ڪو به فائدو نه آهي، انسان پنهنجي مڪمل ايمان يقين انقلابي قوت ۽ صلاحيت سان پارٽي لائين تي عمل ڪيو، ساڳي ريت ساٿين جي غير انقلابي لاڙن تي ڇتي تنقيد ڪئي ۽ ساٿين جا يا عوام جا ذاتي مسئلا انقلاب کي ان جهنجهٽ ۾ پوڻ گهرجي، هڪ ته اسان اصلاح پسند نه آهيون جو وتون سماجي ڪم ڪندا ۽ ٻيو ته ائين ڪرڻ سان انقلابي قافلي جي راهه ۾ رڪاوٽون پونديون.
انقلابي هيڊ ڪوارٽر کي مضبوط ڪيو وڃي، گهر جا گهرتيڙا ٿي زال ۽ ٻارن جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۾ لڳي وياسون ته پوءِ ٻين ماڻهن کي انقلابي رستي کان ڪير واقف ڪندو، ان ڪري ٻاهر نڪرو ۽ ماڻهن کي منظم، متحرڪ ۽ انقلابي تعليم سان هٿياربند ڪيو.
استاد شاگرد کي چيو ته ڪتاب کڻ ان جي فلاڻي صفحي جي هو بهو ڪاپي ڪري کڻي آ، شاگرد ڏٺو ته ان صفحي تي هڪ مک به مئل هئي، سو استاد جي حڪم موجب اکر ڪاپي ڪرڻ کانپوءِ ۽ وڏي مشڪل سان هڪ مک ماري ان پتي تي چنبڙائي اچي استاد کي ڏنائين ته استاد چيو هي ڇا آهي؟، چئي ته سائين جيئن توهان چيو تيئن ڪري آيو آهيان، سو اسان پارٽي حڪم موجب ڪاپي ٽو ڪاپي ۽ مکي ٽو مکي تي عمل ڪرڻ جي جاکوڙ ۾ رڌل هوندا هئاسون ۽ پارٽي ضابطن جي ڄاڻي ٻجهي ڀڃڪڙي جو سوچي به نه سگهياسون، پر اسان جا ٻه ساٿي انهن ضابطن کي هو بهو عمل نه ڪندا هئا. هڪڙو هو قاسم پٿر جيڪو بٺورو ۾ ڪا به پارٽي ڪنهن به مسئلي تي ڪا جدوجهد ڪو احتجاج ڪندي هئي ته هو ۽ بٺوري وارا ساٿي ان ۾ ٽپي پوندا هئا. هو پنهنجن ساٿين کان سواءِ قوم پرستن، ترقي پسندن، جمهوريت پسندن، غير سنڌين سان به ملندو رهندو هو، جيڪا ضابطي جي سراسر ڀڃڪڙي هئي، ان ڪري پارٽي فيصلو ڪري قاسم پٿر کي جيل ۾ هوندي پارٽي مان ڪڍي ڇڏيو. ان وقت اسان کي ڏاڍي تڪليف ٿيندي هئي ته ساٿي فاضل راهو پارٽي کي ايترو وقت نٿو ڏي شهيد فاضل جو گهڻو وقت غريب ماڻهن جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ غدار ڪامورا شاهي وٽ وڃي کين منٿون به ڪري ٿو ۽ ڌمڪائي به ٿو، فاضل راهو شهيد غدار وڏيرن کي چٺيون لکي ماڻهن جا معاملا حل ڪرائڻ لاءِ ساڻن دوستاڻو رويو ٿو رکي ۽ وڏيرن جون چٺيون اچن ته فاضل علائقي جي ماڻهن جا فيصلا به ڪري ٿو ۽ وڏيرن جي اوطاقن تي وڃي فيصلن ۾ شريڪ ٿئي ٿو، غير انقلابي ڌرين جي مرڻن پرڻن ۾ شريڪ ٿو ٿئي، بلدياتي چونڊن ۾ ماڻهو  بيهاري به ٿو ته انهن جا ورڪ به ڪري ٿو، قومي صوبائي اليڪشن ۾ يا ته پاڻ اميدوار بيهي ٿو نه ته ٻين پارٽين جي اميدوارن جي مدد ڪري ٿو، انقلابي ساٿين ۽ غير انقلابي ماڻهن، تنظيمن، اديبن، شاعرن ۽ وڏيرن ڪامورن سان به لاڳاپا رکيو اچي، ٺيڪ آهي ته ڏکي وقت ۾ ساٿين تان سر ٿو گهوري، وڏيرن ۽ ڪامورن وٽ وڃي ساٿين جا مسئلا حل ڪرائي، پر ان کان اڳتي وڌڻ پارٽي ضابطي جي خلاف آ.
شهيد فاضل راهو تي نه صرف فردن تنقيد ڪئي مگر تنقيدي نسشتون به رکيون ويون، اول ته وڏو ٽهڪ ڏئي چوندو هو ته بابا اوهان هيترا سارا لڳا پيا آهيو، اوهانجي هوندي آئون ڪو به اهڙو ڪم نه ڪندس جنهن سان پارٽي کي نقصان ٿئي، مون پارٽي جا مسئلا پارٽي ساٿين جا مسئلا حل ڪرڻ ۾ ڪا ڪوتاهي ڪئي هجي، وڏيرن، ڪامورن ٻين تنظيمن ۽ پارٽين جي ماڻهن سنڌي شاعرن اديبن سان ملي ڪري انهن کي سنڌي عوام جا مسئلا حل ڪرائڻ لاءِ لاڳاپا رکيا آهن يا ڪو ذاتي فائدو حاصل ڪيو هجي، پنهنجن پٽن ڀائرن مٽن مائٽن کي ڪو فائدو وٺي ڏيڻ ۾ مددگار ٿيو هجان يا انهن جي غلط ڪمن تي انهن کي ٽوڪيو ناهي يا فيصلي ۾ ڪنهن جي طرفداري ڪئي آهي، منهنجا هٿ پير ٻڌڻ کان بهتر آهي ته پارٽي پنهنجي سخت پاليسي ۾ نرمي آڻي، نه رڳو پنهنجا پاڻ ۾ پيا بار بار ٽڪرايون سٺو آهي ته عام ماڻهن وٽ رڳو پنهنجا ڪتاب نظريا ۽ تنظيم به ٺاهيون، پر عوام جي ذاتي ۽ گڏيل مسئلن تي کلي ڪري انهن سان ڏک سک ۾ ساٿ ڏيون. گڏجي ظاهر ظهور ڌر ٿي بيهون.
اڄ جڏهن پٺ ورائي ٿو ڏسجي ته فاضل ڪونهي ماشاءَ الله پارٽي به آهي پارٽي اڳواڻ کي الله وڏي ڄمار عطا فرمائي. ڇتي مارشلا ۾ فاضل هوڙ هيائي ڪري پنهنجي ڳوٺ هاري ڪانفرنس رکي  پاڻ ۽ سندس فرزند صديق گرفتار ٿيا، گهرن تي ڇاپا لڳا، ڪارڪن گرفتار ٿيا انهن کي ڦٽڪا لڳا، قائد انقلاب فيصلو ڪيو ته هاڻ ڄام ساقي وانگر ڳجهو رهي پارٽي کي منظم ڪبو، پوءِ آئون ۽ قائد انقلاب گاڏي ۾ چڙهي لاڙڪاڻي پهتاسون، ساٿين سان ملياسون جتي ان وقت سنڌي شاگرد تحريڪ جو کل مک شاگرد عبدالڪريم راڄپر مليو ٻيا به مليا، ساٿي سر گهورڻ لاءِ تيار هئا، رٿابنديون به ٿيڻ لڳيون، فاضل راهو جي اٻهرائي تي تنقيد ڪئي وئي ته ٻيون پارٽيون بيان پيون ڏينديون ۽ اسان ڪنڊن ۾ پيا انقلابي گيت آلاپينداسين، پر جڏهن اهلڪارن جي وٽ پڪڙ ٿي پٺاڻ ڪالوني ۽ لطيف آباد تي چاپو لڳو ته صبح جو فيصلو ٿيو ته نه هاڻ روپوش ضروري آهي ۽ جڏهن فوجي حڪومت وٽ پيش ٿيڻ لاءِ بدين لٿاسون ان ڏينهن گل چانگ، حيسن بخش ناريجو، ادريس ميراڻي ۽ ٻين ڪارڪنن کي بدين ۾ سرعام  ڦٽڪا هنيا پئي ويا، فاضل ۽ صديق راهو تي اسپيشل ملٽري ڪورٽ ۾ ڪيس چالان ڪيو  ويو، حيدرآباد جي وڏن وڪيلن کي ڪيس وڙهڻ لاءِ چيو ويو، ملٽري ڪورٽ جي به آڇ ڪئي وئي، پر ڪو به تيار نه ٿيو فاضل کي  چيو ويو  ته  ڪو به  وڪيل  تيار نه آهي، فاضل پريشان ٿيڻ بدران ڏاڍي اطمينان سان  چيو مڙئي خير آهي اوهان  به  گهٻرايو نه، پوءِ هڪ چٺي وڪيل لطيف آرائين ڏانهن جنهن الائي ڪڏهن کان وڪالت ڇڏي ڏني هئي، ٻي چٺي ذاتي دوست پرتاب راءِ حيدرآباد وارو ۽ چيائين ته ٽيون وڪيل نظر آهي، مون چيو ته فاضل صاحب آئون ته اڃان سکان پيو! چيائين اڳيان وري ڪهڙي قانون جا ماهر فوجي ايندا ميڙئي هنن کي به ڊرامون ڪرڻو آهي پاڻ به ڊرامون ٿا ڪيون لطيف هنن سان تسي مسي ڪيو ويٺو هوندو، پرتاب محنتي وڪيل آهي قانوني مار ڏيندن ۽ تون سائين کي ڪورٽ جي ڪارروائي کان واقف به ڪندين ۽ اسان سان به سنگت جو احوال پيو ڪندين، پارٽي غور ويچار کانپوءِ فيصلو ڪيو ته ملڪ ته سنڌ ۾ پورهيتن ۽ هارين جي سچي انقلابي تنظيم جيڪا کليل نموني انقلابي ڪم ڪندي هجي اها ڪانهي ٻيو ته اسان پنهنجي ڪارڪنن جي انهن  ٽريڊ يونين ۽ سنڌ هاري ڪميٽي جي باري  ۾ تربيت ڪئي آهي ته نه اسان انهن سان هلي ٿا سگهون نه وري هو اسان کي  قبول ڪندا ان ڪري پنجاب ۽ سرحد  ۾ هارين ۽ مزدورن جي کاٻي ڌر جي انقلابي تنظيم جنهن جي اڳواڻي ميجر اسحاق ڪري رهيو آهي، مزدور ڪسان ۽ ٻن اڌن ۾ ورهائجي وئي ان جو بهتان اسان تي به مڙهيو ويو. ملڪ جي سياسي جماعتن گڏجي ضياءُالحق جي خلاف اتحاد جون گڏجاڻيون ڪوٺايون، محترمه نصرت ڀٽو، عوامي تحريڪ کي ساريو. اول ڪارڪن مليا پوءِ فاضل مليو اسان کي آزماشي طور اول ايم آرڊ ي ۾ مبصر طور فاضل جي اڳواڻي ۾ کنيو ويو پوءِ ڪارڪنن شاگردن ۽ عام ماڻهن جي ڪارڪردگي همت، حوصلو قرباني جو جذبو، صحافين جي جدوجهد ۾ هارين شاگردن ۽ ڪارڪنن جي گرفتارين ۽ مڙس ماڻهو ٿي بيهي رهڻ ڪري ايمانداري اسان  کي  برابري جي حيثيت ڏني ۽ شهيد فاضل کي سنڌ  جي ايم آر ڊي  جي ڪنوينر مقرر ڪيو ويو، فاضل رات ڏينهن هڪ ڪري سموري سنڌ جا دورا ڪيا جنهن نه صرف پارٽي ڪارڪنن سان ملڻ ۽ ڇپر ۾ ڪهاڻيون ڪچون پر عام ماڻهن ايم آر ڊي جي ٻين پارٽين خاص ڪري پيپلزپارٽي جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن سان گڏيل ڪچهريون ڪرڻ  ۽ ايم آر ڊي جي سنڌ ۾ پهريان جلسا شهيد فاضل راهو بدين ٽنڊو محمد خان ۾ سڏايا جنهن کي ايم آر ڊي  جي اڳواڻن خاص  طور تي مخدوم خليق الزمان، معراج محمد خان ۽ ٻيا شروع ۾ شريڪ  ٿيا، اهڙي ريت ۱۴ آگسٽ واري جي جدوجهد سموري  ملڪ کان اڳ سنڌ م شروع ٿي وئي جنهن ۾ سمورين جماعتن پنهنجي حصي جي ذميواري شاندار نموني نڀائي، پارٽي ڪارڪنن مسلسل جدوجهدون  ڪيون، ظلم بند ڪيو، نيلامي بند ڪيو، ڪالاباغ ڊيم نه کپي صحافين سان گڏ هارين  شاگرد جون گرفتاريون ۽ وري ان ۾ ايم آر ڊي ۾ ٻين پارٽين سان گڏ رهڻ جدوجهد ڪرڻ  جيل ڀوڳڻ اهي اهڙيون تربيتون هيون  جو جيڪي عام ڪارڪنن انهن امتحانن ۽ ٻين امتحانن مان پچي راس ٿي نڪتل ڪارڪنن مان ڦري چڱا موچاري ڳجهي تنظيم جي ڪارڪنن مان ڦري سٺا ليڊر ۽ اڳواڻ ٿي ٻاهر نڪتا.
سياسي سگهه ان لاءِ خاص  ڪبي آهي جئين  اقتدار ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿي پنهنجي وطن  ۽ عوام جا مسئلا حل ڪري سگهجن ملڪ توڙي دنيا جي محب وطن ۽ انسان دوست اڳواڻ ان لاءِ قربانيون ڏيندا هئا جيئن عوام کي سياسي ثقافتي غلامي پنهنجي عقل تي روئڻ  ٿو اچي ته پارٽي جي ڪوڙي طبقي جا ايڏا ايڏا عقيدتمند  ٿي وياسون. شهيد فاضل راهو  اڪيلي سر به اقتدار تائين پهچي ماڻهن جو ٻانهن ٻيلي ٿيڻ لاءِ يونين ڪائونسل ضلعي ڪائونسل ۽ صوبائي اليڪشن ڪنهن نه ڪنهن روپ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهيو،  هو  مير رسول بخش ٽالپر وارن سان گڏ ذوالفقار علي ڀٽو جي جلسن ۾ هوندو هو، ايم آر ڊي دوران سموري ملڪ جي وڏن ليڊرن خاص ڪري محترم نصرت ڀٽو ۽ شهيد بينظير ڀٽو جي تمام پر هيڏي ساري سگهه ويجهو هوندي  به شهيد  فاضل راهو پنهنجي  پارٽي ۽ پارٽي جي لکين چاهيندڙن جي قيمت تي ڪنهن به ڊيل جو حصو ٿيڻ لاءِ تيار نه ٿيو پر جڏهن عوامي  تحريڪ جي جهنڊي هيٺان هن ۽ هزارين ڪارڪنن بي مثال قربانيون ڏنيون هڪ نالي ۾ نهال ڳجهي تنظيم کي هڪ مڪمل سياسي پارٽي ٺاهي ڇڏي ان کي ڪوڙن دليلن کان ختم ڪيو ويو، فاضل سمجهو اڳواڻ رت جا ڳوڙها پي ماٺ ٿي ويا، اي اين پي ۾ شهيد فاضل ۽ عقلمند منظم ۽ دلير ڪارڪنن جڏهن چرڻ پرڻ شروع ڪيو اي اين پي کي ملڪ جي ٻيو نمبر کاٻي ڌر جي پارٽي ٺاهي وڌو ته ساڳي ضابطي جو هٿوڙو حرڪت ۾ آيو ۽ اتان اسان عوامي  تحريڪ  واري سگهه اي اين پي ۾ ادا  ڪيل ڪردار پٺاڻن حوالي ڪئي جنهن ڳاڙهي انقلاب جي سکڻي نعري جي پويان لڳي اهو انقلاب جئين اسين ڪٿي جا ڪو نه رهيا آهيون اهو انقلاب ڏسڻ  ۾ ڪٿي به ڪونهي  فاضل شهيد کي  کلي طرح سياست ۾ وٿي ڏني وڃي ها ان  جي راهه ۾ روڙا نه اٽڪايا وڃن ها ته شايد اڄ سنڌ مان بار بار اهو آواز نه اٿئي ها ته پوءِ ڪنداسين وڃو پر جن فاضل تي پارٽي ڪارڪنن تي هيڏيون پابنديون مڙهيون ۽ وڏيرا ڪامورا حڪمران پارٽيون شهر  ممنوع ۽ جيڪو ان وڻ ويجهو ويندو اهو انقلاب سنڌي قوم جو غدار هوندو انهن ساڳين  لفظن جي جادوگري کان ڪسب ڪرائي مارشلا ۾ ٿاڦيل ميجري ۽ انقلابي سورين ناڪن تي بيٺل دلير دلبر ارڏن ڪارڪنن کي اتان هٽائي ناڪن تي ويهاري ڇڏي پني سني ميجريون ڏيئي ۽ رشوتون حاصل ڪيون اٿن ويڌن رڳو اسان سان ڪانهي اها پيپلزپارٽي اسان سان نه آهي اسماعيل  آزاد  اميدوار طور سيٽ کٽي آيو، ڄام صادق سان ملڻ کان اڳ اسان بلاول هائوس جا چڪر ڏٺا ۽ اندر داخل ٿيڻ جي ڪوشش  ڪئي، جئين اسان پنهنجي ايم آر ڊي سائين سان گڏ هجون پر دربانن در به نه کوليو ڳالهه آئي وئي.
حاڪم علي زرداري مونکي ڪيترا ڀيرا چيو ته قاسم اسماعيل منهنجي يار جو پٽ آهي، آئون جڏهن عالم واري قتل ڪيس ۾ ڦاسايو ويس اسماعيل وزير هوندي به مون سان  ملڻ ايندو هو مون اسماعيل کي چيو اسماعيل مرزا منهنجي مخالفت ڪندو حاڪم علي کي چيم جنهن وري  به مون کي  آصف صاحب جي انتهائي ويجهي سائين ابوبڪر زرداري کان پوءِ پڇو جنهن چيو ته اوهين پوڙها ٻه ڍڪ پيو پيا خبرون ڪيون. اسماعيل کي چيو جتي آهين اتي ويٺو هج، هتي ڪجهه ڪو نه ملندئي  پوِءِ ماٺ ٿي وياسون اسماعيل پارٽي ۾وڃڻ  کان اڳ راڄن سان صلاحون ڪيون ماڻهن به چيو ته پاڻ پنهنجا پاڻ آهيون پيا  وڙهنداسون باقي چين ۽ روس وارو ڳاڙهو انقلاب اسان جي واهر نه ڪري سگهيو، سو لاهور ۽ عمران اسان کي ڪهڙيون پڳون ٻڌرائيندا باقي  شهيد فاضل جن جي ڪري سڀ ڪجهه ڇڏيو انهن اڳواڻن لاءِ پيپلزپارٽي جو رئو حلال آهي تنهنجي  لاءِ مردار.


شهيد فاضل راهو
شخصيت ۽ جدوجهد
محمد قاسم ميرجت
انسان، ازل کان وٺي جن عذابن بک، بيماري، جهالت غلامي ۾ ورتل آهي، ان کان ڇوٽڪارو ماڻڻ لاءِ ڏاڍ ڏهڪاءَ ۽ ڦرلٽ سان جهيڙيندي سماج جي ڦيٿي کي اڳتي ڌڪيندو رهيو آهي. ان سموري ويڙهه ۾ عالمن، ڏاهن ۽ کوجنائون ڪندڙ فردن جي ڪردار کان به ڪو انڪار نه ڪري سگهندو. انسان جا جسماني عذاب، بيماريون، انهن جو علاج ڳوليندي ڪيترن مسيحائن پنهنجون عمريون ڳاري نوان علاج ڳولي لڌا. ساڳي ريت غلامي بک، بي عزتي، بادشاهت مطلعق النعاني واري غلام سماج مان ڇوٽڪاري جي واٽ گڏيل عمل ذريعي غلامي کان آزادي ۽ آزاد معاشري لاءِ جمهوريت جا ڏس ڏيندڙ ۽ عمل ڪندڙ ڏاهن کي زهر پيالا پياريا ويا، جيلن جي اونداهين کولين ۾ قتل ڪيو ويو، مخدوم بلاول کي ظالمن گهاڻي ۾پيڙائي ڇڏيو. شاهه عنايت کي قتل جي سزا ٻڌائي وئي.
جي ايم سيد کان مئي پڄاڻان هٿ ڪڙيون لاٿيون ويون پر ڪڏهن اف نه ڪيائون. ڄام ساقي ڪيترا سال روپوشي ۾ دربدر ۽ جيل جي ڪال ڪوٺڙين ۾رهيو. نذير عباسي کي اونداهي رات ۾ اذيتون ڏيئي شهيد ڪري لاوارث لاش ڄاڻائي مائٽن کي منهن به ڪونه ڏيکاريو. مرتضيٰ ڀٽو کي سندس گهر جي اڳيان گوليون هنيون ويون هو. ذوالفقار علي ڀٽو جنهن ۹۹ نوانوي هزار فوجين کي دشمن جي قيد مان آزاد ڪرايو آيو انهن احسان فراموش کيس هڪ ڪوڙي ڪيس ۾ سوريءَ چاڙهي ڇڏيو. راولپنڊي جتي هن ملڪ جي حفاظت ڪندڙ اداري جو هيڊ ڪوارٽر به آهي ۽ اتي بچاءُ. جي بچاءَ جي ايڏن وڏن انتظامن هوندي بي هٿيار عورت بينظير جي ڪا حفاظت نه ٿي سگهي. بينظير ڀٽو، پيءُ ۽ ڀائرن جا اصل قاتل ڳوليندي پاڻ قتل ٿي وئي.
مٿي ڄاڻايل شهيد جي قاتلن کي ڪابه سزا نه ملي پر فاضل جي فرزند اسماعيل راهو پنهنجي پيءُ جي قاتلن کي سندن انجام تائين پهچايو.
شهيد فاضل راهو ۽ رسول بخش پليجو جڏهن جيل مان آزاد ٿي بدين ريلوي گرائونڊ تي جلسو ڪيو. اتي فاضل جيڪا تقرير ڪئي، (اها يو ٽيوب تي به موجود آهي) ٻڌڻ وٽان آهي. ان ڏينهن فاضل راهو جي تقرير هڪ سياستدان کان وڌيڪ رياضي دان جي پئي لڳي، جنهن انگن اکرن سان هن ملڪ جي نه صرف مسڪين هارين ۽ مزدورن ۽ ننڍڙن ملازمن، واپارين، زميندارن، مختلف ڪاروبار ڪندڙن جي محنت، زرعي پئداوار جا اگهه، سنڌ جي معدني وسيلن جي مجموعي اپت ٻڌائي ۽ اهو ڄاڻايو ته ان مان هاري، مزدور، واپار، آبادگار کي صرف ايترو ملي ٿو جو هو بک وگهي مرن نه جيئرا هجن ۽ ڪارخانيدارن، سرمائيدارن ۽ حڪمرانن جا پيٽ ڀريندا آهن. هن انگن اکرن سان ثابت ڪيو ته جڏهن ايڪڙ فصل مان هاري سال تي ٻه سئو ٿا پاڇي بچن ته ڪارخانيدار کي ۶۰۰۰ روپيا، سرمائيدار کي ۱۲۰۰۰ ۽ سرڪار کي ٽئڪس ۾ ۵۰۰۰ هزار ۽ عالمي منڊي ۾ ۶۰ وارين سارين مان نڪتل چانور ۶۰۰ رپيا مڻ وڪامي ٿو. ان تقرير ۾ فاضل وڌيڪ چيو ته سنڌودرياهه تي ڪالاباغ ڊيم ٺاهي اسانجو پاڻي بند ڪرڻ جا سانباها ٿي رهيا آهن. ٻي طرف فوجي ڇانوڻين جو ڄار وڇائي اسان جو گهيري تنگ ڪيو پيو وڃي. سنڌ مان تيل ۽ گئس لڌو ڏاڍا خوش ٿياسون ته هاڻ اسين خوشحال ٿي وينداسون پر افسوس سنڌ کي نه رائلٽي ٿي ملي نه روزگار نه رستا نه اسڪول نه اسپتالون نه زمين جو معاوضو جيڪي سالن کان ڪچا چوڪيدار کوهن جي حفاظت ڪري رهيا آهن انهن کي پڪو نٿو ڪيو وڃي. مزودر ۽ ملازم ته ٻئي هنڌان آندا اٿن پر هڪ سان پاڏي يا ڍڳي واري بيل گاڏي به پاڻ سان کڻي آيا، انکي ۱۲۰ روپيا تاريخ ڏين ٿا. اسان کين چيو ته بابا اسانجي ٻن ڏاندن واري بيل گاڏي آهي، وزن به ۶۰ مڻ کڻندي اسانکي ڀلي ۱۰۰ روپيا  ڏيو پر اهو به ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن. زمينن جو معاوضو ته مليو، پر تيل ڳولڻ جي بهاني بيٺل فصل ڀيليو لتاڙيو وڃن. تيل جا ٽرالر رستي تي ڪو ڍور ڍڳو آهي يا ڪو ماڻهو رستو وٺيو وڃي ان کي چيڀاٽي هليا وڃن، نه داد نه فرياد، ان جو حل اهو آهي ته اوهان اٿي پئو، ٻڌي ڪري پنهنجا نمائندا چونڊيو پر اهڙن کي ووٽ نه ڏيو جيڪي وڃي ڦرلٽ ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿين ۽ دشمن جي دلالي ڪن.
شهيد فاضل راهو پنهنجي تقرير ۾جن مسئلن جي نشاندهي ڪئي ۽ جيڪو حل ٻڌايو اهو بدين ۽ سنڌ جو مسئلو هئڻ سان گڏ ملڪ جي سمورن محروم، محڪوم ۽ مظلوم عوام جو مسئلو آهي. اسان کي طعنو ٿو هنيو وڃي ته سنڌ ماڻهو صنعتون ڇو نٿا لڳايو. فاصل چيو ته سنڌ جو سئو سيڪڙو عوام، واپاري، مزدور، هاري، ٻهراڙي يا ٻهراڙي جهڙن شهرن ۾ رهن ٿا. انهن جي اپت جو وڏو حصو ڪارخانيدار سرمائيدار ۽ سرڪار ڳڙڪايو ٿا وڃين هارين ۽ زميندارن جو گذارو قرض تي آهي. اپت وياج ۽ قرض ۾ هلي وڃي ٿي. اسان ڪٿان صنعت لڳايون؟
سائنسدانن کوجنائن ۽ تجربن سان پنهنجون عمريون ڳاري انسانن کي لڳل جسماني مرض جا علاج ڳولي انسانذات کي انهن عذابن کان ڇوٽڪارو ڏياريو. ساڳي ريت سماجي علم جي ماهرن نه صرف انسانذات ٿي تي ٿيندڙ ڏاڍ، ظلم، غلامي، ڦرلٽ ۽ ذلت واري زندگي کان ڇوٽڪاري جا ڇڙو ڏس ڪونه ڏنا پر ان لاءِ وڏيون قربانيون ڏنيون، زهر جا پيالا به پيتا، ڦاسي تي چاڙهيا ويا صليب تي ٽنگيا ويا. سندن بي مثال قربانين جي نتيجي ۾ معاشرو ترقي ڪري اڳتي وڌي اڄ جي ترقي يافته دور ۾ پهتو آهي. جيتري انسان جي تاريخ پراڻي آهي. ظالم ۽ مظلوم جي جنگ به اوتري پراڻي آهي ۽ اها ڇڪتاڻ اڄ تائين جاري آهي. فاضل به ان مظلوم قافلي جو هڪ پانڌيئڙو هو.
عوامي تحريڪ، عوامي نيشنل پارٽي ۾ ضم ٿيڻ کان اڳ ملڪ جي سماجوادي ترقي پسند جنهن ۾ سنڌ، پنجاب، سرحد ۽ بلوچستان جا اٺ گروپ شامل هئا، جيڪي گڏجي سوچيندا هئا هڪ ٻئي جي تجربن مان سکندا هئا. ان سان گڏ وفدن جي مٽاسٽا به ڪئي ويندي هئي، جيئن هڪ ٻئي سمجهي گڏجي جدوجهد ڪرڻ جا ڪي طريقا ڳولي سگهجن. انهن گروپن ۾ معراج محمد خان جو گروپ به شامل هو. ان جي گڏجاڻي ڪراچي ۾ رکيل هئي. جتان ٻن انقلابي ڪارڪنن سنڌي عوامي تحريڪ جي ڪم جي طريقي تعليم، تنظيم،مزاحمت ۽عوام سان لاڳاپي جو طريقو ڏسڻ جي خواهش ڪئي. شهيد فاضل کين پاڻ سان وٺي ويو. ڳچ وقت شهيد فاضل سان گڏ رهيا. واپس ويندي لطيف آباد آيا جتي دستور موجب کانئن سندن دوري جو حال احوال ورتو ويو ته هنن سنڌي عوامي تحريڪ جو کليل ڪم ۽ پارٽي ساٿين جي تعليم، تنظيم ۽ تربيت کي ڪيئن ڏٺو. ۽ شهيد فاضل کي سنڌي عوامي تحريڪ، صدر، پارٽي جي ڪارڪن، طور ڪيئن ڏٺو. ٻنهي ساٿين جي تبصري جو تت هن ريت هو:
پارٽي گڏجاڻين خاص ڪري ميرپوربٺورو ۽ آس پاس ڳوٺن ۾ بدين راهوڪي ۽ گولاڙچي جي ڳوٺن ۾ ڪارڪنن اچي اڪثريت مسڪين ڪپڙا ڦاٽل جي زمين هارين، کيت مزدور، ان سان گڏ ننڍا ملازم شهري مزدور، دڪاندار اسٽور وارا اديب شاعر سريلا قومي گيت ڳائيندڙ، مختلف ذاتين، ڳوٺن قبلين انهن مان هاري، مزدور، استاد، ڪلارڪ ۽ ٻين ڌنڌن جي تنظيمن جا اڳواڻ شامل هئا. ٻاهر هڪ ٻئي سان کل مسخري پياڪندا پر جڏهن باضابطا گڏجاڻي شروع ٿيندي، ته پوءِ ”نه رها بنده نه بنده نواز، جنهن کي جتي جاءِ ملي اتي ويهي رهندو. کانئس جيڪي پڇيو ويندو ان جو جواب ڏيندو. ڪير وچ ۾ ڳالهائيندو نه وڏي آواز ۾ بحث ڪندو، ڪارڪنن جي اهڙي علمي ڄاڻ ۽ هڪٻئي سان محبت احترام ۽ خلوص جو اهڙو مظاهرو ان کان اڳ نه ڏٺو.
اسان کانئن سوال ڪيو ته بلوچستان ۾ سالن کان بلوچ عوام پنهنجا حق حاصل ڪرڻ لاءِ هٿياربند مزاحمت ۽ مصروف آهن جڏهن ته اسان تعليم، ضابطو، جلوس، گرفتارين کان اڳتي وڌي نه سگهيا آهيون. ٻيو ته پنجاب ۽ سرحد ۾ ترقي پسند ڪارڪنن خاص ڪري مزدور ڪسان پارٽي پنجاب  اوڪاوڙا ٽوبا ٽيڪ سنگهه ۽ سرحد ۾ هشت ننگر ۾هارين جو وڏيون تحريڪون هلايون آهن، انهن تحريڪن کي عوام جي ڪيتري حمايت حاصل آهي. بلوچستان جي ترقي پسند تحريڪ جي باري ۾ سندن چوڻ هو ته اڄ به اها ويڙهه مخصوص علائقن ۽ چند محب وطن سردارن جي علائقن کان اڳتي وڌي عوامي شڪل اختيار نه ڪري سگهي آهي، جابلوعلائقو ۽ ڇڙوڇڙ آبادي ۽ هڪٻئي سان دشمنين ڪري مختلف ڳوٺن، راڄن، قبيلن، ذاتين جي ماڻهن کي سمجهڻ ۽ صلاح مصلحت وارو ماحول جڙي نه سگهيو آهي. رسمون روايتون به به وڏي رڪاوٽ بڻيل آهن. ٻي طرف لاڳيتو فوجي آپريشن هر چرندڙ پرندڙ ڪارڪن کي گم ڪري ڇڏڻ سان ڪيتري عرصي تائين ان علائقي ۾ موت جهڙي ماٺ هوندي آهي. وڙهي ٿو انسان جو ذهن ۽ ڄاڻ، سواءِ تعليم، تنظيم ۽ رابطي جي ماڻهو يا غلام آهي يا ڇڙواڳ- بلوچستان کي سوچيل سازش تحت گڏجڻ نٿو ڏنو وڃي. ان جي ابتڙ سنڌ ۾تعليم تنظيم ۽ رابطو آهي جنهن ڪري سنڌي عوام هميشه جمهوريت پسند ۽ ترقي پسندي جي پاسي رهيو آهي، شهر مهاجرن جي اڪثريت ڪٽر مذهبي، رجعت پرست ۽ آمريت جا طرفدار رهيا آهن.
خيبر پختونخواهه ۽ پنجاب بابت ساٿين تبصرو ڪندي ٻڌايو ته اتي پڙهيل، ترقي پسند قومي ڪارڪنن جو وڏو تعداد رياستي دٻاءُ، خانن جي انقلاب دشمني ۽ مذهبي ڪٽرپڻي هئڻ باوجود هشت ننگر جي هارين، مزدورن، ترقي پسند عوام ۽ ڪارڪنن ملڪ گير تحريڪن ۾ پنهنجو ڪردا ادا ڪيو آهي پر جيتري مزاحمت  ٿيڻ گهرجي اها نه ٿي سگهي، ان جا ڪارڻ خاص ڪري پختونخواهه جي اڌ آبادي جو صوبي کان ٻاهر اچڻ وڃڻ رهيو آهي، فوجي قوت ۾ پنجاب سان ڀاڱي ڀائيوار آهي، منشيات ۽ هٿيارن جي منافعي بخش ڪاروبار جي به اجازت آهي، صوبي جو ٻين ملڪن چين، افغانستان، روس سان سرحد کليل آهي، ڪنهن پاسپورٽ جي ضرورت نه آهي. اسمگلنگ عام آهي.
پروفيسر عزيز الدين جي سروي موجب پختونخواهه جا ٻه ضلعا پشاور ۽ مردان جا ماڻهو مستقل رهندڙ آبادي آهن. ان ڪري وڙهندو به اهو جنهن کي ٻي ڪاهه واهه، واٽ  ۽ وسيلو نه هجي. ٻئي طرف پنجاب جي صورتحال ٽنهي صوبن کان ڪيترن ڳالهين ۾ مختلف آهي. جيتوڻيڪ عوام جي اڪثريت چوڌرين، ڪارخانيدارن، بٺي مالڪن، لوڻ کاڻين، ذاتي چوڌرين جا يا فوجي زرعي فارمن تي Bonded Labours طورنيم غلامي واري زندگي گذارين ٿا. ٻئي طرف ترقي پسند ڪارڪنن جو به تمام وڏو تعداد موجود آهي. پر پنجاب جي آبادي جي ڀيٽ ۾ مزاحمتي قوتون ايڏيون سگهاريون نه آهن. ٻئي طرف مختلف ذريعن سان صوبن جي معاشي وسيلن جي جيڪا جمهوريت اڪثريت، سول ۽ فوجي ڪامورا شاهي جي زور تي سڀ وسيلا مرڪز حوالي آهن تنهن ڦرلٽ مان عوام کي به حصو پتي اڻ سڌيءَ طرح ملي ٿو. ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ اتي صحت تعليم، روزگار ۽ خوشحالي وڌيڪ آهي. ان سان گڏ حڪمرانن عوام کي سمجهايو آهي ته سنڌ ۽ بلوچ علحدگي پسند آهن ۽ ملڪ ٽوڙڻ ٿا چاهين ۽ عوام به لاشعوري طور سوچي ٿو ته جيڪڏهن، پاڪستان کي ڪو نقصان ٿيو ته پوءِ سنڌ ۽ بلوچستان جي معدني وسيلن گئس، پئٽرول، سامونڊي بندرگاهه سنڌ جي زرعي ۽ شهري ڪاروبارن ۽ نوڪرين جي ڪري لکين پٺاڻ ۽ پنجابي ڪيڏانهن ويندا. ان ڪري صوبن جي حقن لاءِ هلندڙ هلچل کان پنجاب ۽پٺاڻن پاڻ لاتعلق رکيو. اڄ به صوبن ۾ معاشي مفادن تي ٽڪراءَ جاري آهي. دوري تي آيل مهمان، انقلابي ساٿين کان فاضل راهو جي پارٽي ۾ ڪم ڪرڻ بابت تبصرو ڪرڻ لاءِ چيو ويو ته ”همراهن وراڻيو ته فاضل اسانجي سمجهه کان ٻاهرآهي“
سنڌ جيڪي عذاب سٺا آهن ۽ اڄ به جيڪي سور سهي پئي ۽ سنڌي عوام ۽ ان جي دشمن جي وچ ۾ هڪ سَنڌو يا لڪير ڇڪجي ته سنڌ جا دشمن، وڏيرا، سردار، ڪامورا ڪارخانيدار، تيل ڪمپنيون، پنجابي آبادڪار شهري، مهاجر، پٺاڻ، فاضل پاڻ وڏيرو آهي، وڏيرن کي چٺيون لکي ٿو وڏيرا کيس چٺيون لکن ٿا، سرڪاري ڪامورن وٽ سندن آفيسن جا چڪر هڻي ٿو ڪامورا به وٽس اچن ٿا.اسان هيستائين جيڪا انقلابي تعليم حاصل ڪئي يا ڪارڪنن کي تعليم ڏيون پيا ان مطابق ملڪ جي ڪامورا شاهي خان، سردار، سرمائيدار ۽ سندس ڇاڙتا انقلاب دشمن قوتون آهن، عوام ۾ انهن خلاف نفرت ۽ ساڻن ويڙهه ڪرڻ لاءِ تيار ڪندا آهيون، ٻيو ته اسان انقلابي آهيون، اجتماعي ۽ گڏيل جدوجهد ۾ يقين رکون ٿا. ننڍا ننڍا ذاتي ڪم ڪامورن، سردار ۽ وڏيرن جي درن تي وڃي درخواستون ڏيڻ ۽ پنهنجا مسئلا رکي فيصلا ڪرائڻ ڪنهن به طرح انقلابي ڪم نه آهي سنڌ ۾ ته ڪامورا شاهي ۽ وڏيرا شاهي سان گڏ مهاجر، پنجابي تضاد  به اڀريل آهي جيڪو سرحد ۽ پنجاب ۾ نه آهي.فاضل هڪ جمهوري ۽ ترقي پسند سياسي پارٽي جي صدر ۽ انقلابي نظريي ۽ ترقي پسند سوچ جي هڪ منظم ۽ متحرڪ پارٽي جي هڪ عام ساٿي جي حيثيت ۾ انقلاب اچڻ جو انتظار يا حڪومت ملڻ جي شرط کان اڳ ماڻهن جا سياسي سماجي ۽ ذاتي مسئلا حل ڪري جيڪي نوان ۽ حيرت ۾ وجهندڙ ڪامياب تجربا ڪري رهيو آهي. تنهن مان هو هڪ سياستدان کان وڌيڪ سماجي سائنسدان لڳو. سندس سياسي ڪم جي نئين، نرالي ايجاد جيڪا صرف فاضل جي وس جي ڳالهه آهي. سندس ڪم جي طريقي  ۽ نون تجربن مان نه صرف سنڌ پر سموري ملڪ کي فائدو وٺڻ گهرجي جنهن سان مسڪين عوام جا ڪيترا مسئلا حل ٿي ويندا. مثال ڏيندي هنن ٻڌايو ته اسان سمجهو ته ڪا پارٽي گڏجاڻي آهي پر معلوم ڪرڻ تي خبر پئي ته اڄ ماڻهن جي وچ ۾ اختلافن جا فيصلا ڪرڻ جو ڏينهن آهي جنهن غريبن جا هڪ ٻئي خلاف زميندارن، ڪامورن، يا دڪاندارن، واپارين خلاف شڪايتون روبرو ٻڌبيون ۽ فيصلو ڪيو ويندو. ان ڪري فريادي لاءِ ڪنهن پارٽي، طبقي، نظريي، مذهب، ذات، ٻولي ۽ علائقي جو ڪوبه شرط ڪونه هو. پوءِ اسان ڏٺو ته هندو، مسلمان، هاري، زميندار، هندو مسلمان ته هئا پر پنجابي ۽ بنگالي آبادڪار به هئا. ڪيترا سکيا ستابا ماڻهو گاڏين تي چڙهي آيا. صبح کان فيصلا شروع ٿيا منجهند جو پلاءَ کائڻ لاءِ سڀني کي مليو ڪنهن لاءِ ڪو خاص انتظام نه هو. ڪيترن جو نبيرو ٿي ويو. ڪيترن کي چٺيون لکي ڏنيون ويون. ڪيترن ئي بدين ۽ حيدرآباد جو ٽائيم ڏنو ويو خاص ڪري پوليس ۽ روينيو آفيس ۾ هلڻ جو چوندو رهيو. عجيب ماڻهو آهي وڏيرن ۽ ڪامورن جي حڪومت جي ظلمن جي سخت خلاف به آهي ٻئي طرف ساڳين ظالمن وٽ ماڻهن جا مسئلا حل ڪرائڻ لاءِ منٿون پيو ڪري ۽ وڙهڻ تي اچي ته جيل به هليو وڃي.اسان کيس پارٽي جي ڪارڪنن جي تنظيمي، تعليمي  گڏجاڻين ۽ هڪ عام ڪارڪن جيان پنهنجي حصي جي ڪيل ڪم جي رپورٽ ۽ ڪيل مطالعي بابت تبصرو ڪيو.
شهيد فاضل سان گڏ لاهور وڃڻ ٿيو مزدور اڳواڻ خالد لطيف وٽ ترسيل هئاسون اتي سياسي ڪارڪن، مزدور سان گڏ غير سياسي عام ماڻهو به فاضل سان ملڻ آيا ۽ کيس وٽن ترسڻ ۽ دعوت کائڻ لاءِ منٿون ڪري رهيا هئا. مون پروفيسر عزيز الدين احمد کان پڇيو ته پليجو صاحب لاهور ايندو آهي ته سياسي اڳواڻ، ڪارڪن، اديب، دانشور، شاعر ته  ملڻ ايندا آهن پر ڪو غير سياسي ماڻهو اسان نه ڏٺو تنهن تي پروفيسر عزيز وراڻيو ته هنن جا مائٽ سنڌ ۾ رهن ٿا، هنن جا پاڻي ملڪيت کانسواءِ سڱاوتي جهيڙا به آهن ۽ فاضل انهن جا نبيرا ڪندو آهي. فاضل جي چٺي رڳو سنڌ ۾ ڪونه ٿي هلي، هندن جي هنڊي جيان هتي به مڃتا ماڻي ٿي.
مون سنڌ ۾ ٻه اهڙا ماڻهو ڏٺا جيڪي مسڪين عوام سياسي ڪارڪن ۽ سياسي اڳواڻ اُهو کڻي ڪهڙي به پارٽي جو ڇو نه هجي هر وقت خدمت لاءِ حاضر هوندا آهن. انهن مان هڪ علڻ ٿيٻو منظور آباد وارو ۽ ٻيو شهيد فاضل راهو هو. ذوالفقار علي ڀٽو جڏهن حڪومت کان ڌار ٿي حيدرآباد پهتو ته قاضين ايوب جي ڊپ کان هوٽل ۾ ڪمرو ڪونه ڏنو ته مير رسول بخش ٽالپر، مير علي احمد ٽالپر سندس ميزباني ڪئي. جلسو به رکرايو. ان جلسي جو انتظام، طنبو، لائوڊ اسپيڪر وغيره فاضل هٿ ڪيا.شهيد بينظير کي قيد ڪري سکر جيل آندو ويو ۽ کيس قيدِ تنهائي ۾ رکيو ويو. بينظير صاحبه کي ڪن ۾ تڪليف هئي جنهن مان رت به وهي رهيو هوس. ان وقت فاضل به سکر جيل ۾ هو، جنهن وهاڻو، وهاڻي ۾ ننڍڙو ريڊيو ۽ ڪجهه دوائون، ڏياري موڪليون. ڪراچي ڪڪري گرائونڊ ۾ ايم آر ڊي جو جلسو رکيل هو پوليس جلسي کي گهيراءُ ڪري ڳوڙها آڻيندڙ گئس ۽ هوائي فائرنگ شروع ڪري ڇڏي. جلسي ۾ افراتفري پئجي وئي فاضل ڏٺو ته بينظير صاحبه اڪيلي بيٺي آهي ته کيس پنهنجي گاڏي ۾ وٺي ۷۰ ڪلفٽن تي حفاظت سان پهچايو.
ڀٽي صاحب جي شهادت کانپوءِ ملڪ ۾ موت جهڙي ماٺ هئي، اهڙي ڏکي وقت ۾ عوامي تحريڪ راهوڪيءَ ۾ هاري ڪانفرنس ڪوٺائي مارشل لا جي پابندين کي ٽوڙيو، ڪارڪنن کي ڦٽڪا لڳا. قيد جون سزائون ڏنيون ويون فاضل شهيد تي اسپيشل ملٽري ڪورٽ ۾ ڪيس هليو. رسول بخش پليجو صاحب کي به هڪ سال سزا ملي.
فاضل راهو جي شهادت جي تعزيت لاءِ سياستدان به تڏي تي آيا. بينظير صاحبه به راهوڪي آئي ته روڊ کان قبر تائين ۽ قبر کان گهر تائين ۽ گهر کان اوطاق تائين عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن هٿن جي زنجير ٺاهي بينظير لاءِ رستو ٺاهيو. ان ساڳي ڏينهن شام جو بينظير ٽنڊوالهيار ستار بچاڻي وٽ آئي ته پ پ ڪارڪن سندس گاڏي کي ورائي ويا ۽ هر ڪو ملڻ جي ڪوشش ۾ ڌڪ ڌڪان لڳي پئي هئي، بينظير پنهنجي خطاب ۾ چيو ته اڄ آئون سنڌ جي هڪ عوامي سياستدان جي تعزيت ڪيو پئي اچان اتي عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن جنهن منظم نموني  منهنجو آڌرڀاءُ ڪيو تنهن مان اوهانکي به سکڻ گهرجي.
شهيد فاضل پهريون عوامي اڳواڻ هو، جيڪو هر غريب ۽ مظلوم جو ڀرجهلو هو، شهادت تائين مظلومن جي حقن لاءِ جاکوڙيندو رهيو. عوام دشمن قوتون کانئس تنگ اچي هت ظالمن جو شڪار ڪندڙ شڪاري کي سازشون ڪري شهيد ڪيو. منهنجي ڪتاب تي تبصرو ڪندي ڪميونسٽ پارٽي جي ڪارڪن ست سال جيل ڪاٽيندڙ وڪيل شبير شر ٻڌايو ته جيل ۾ فاضل نه صرف سياسي ڪارڪنن جو ساٿي هو پر هو هر مظلومن جو به ساٿي هو. عام قيدين جا به مسئلا کڻي جيل عملدارن سان وڙهيو پيو هوندو هو.
نه ڪتا نه ڪونڪار، نه سي سڏ شڪاريئين،
پٽيو ڪڍي پار، جهنگل آهيڙين کي. (شاھ)



فاضل راھو
راهو تنهنجي ريت
عرفان منان
تاريخ جي ڇاتين کي جيڪڏھن نظرن سان ڇھي ڏسبو ته، اکيون ڪيئي ارڏا ڪردار پسي سگھنديون. تاريخ جي ورقن جو ورد ڪرڻ کان پوءِ اھڙن انسانن جي اڻ مٽ جدوجھدن جو پيرائتو پتو ملي ويندو. جن پنھنجن سماجن، خطن ۽ ملڪ جي مظلوم طبقي جي حقن ۽ آسودگي لئه اڻ ٿڪ انقلابي ويڙهه وڙھي آھي. اھڙي قسم جي بي مثال جنگ جوٽڻ تي انھن عظيم سورمن، غريب ۽ حقن کان لاتعلق پيڙهيل پورهيتن ۽ مضلوم طبقي جي ماڻھن جي دلين تي راڄ ڪيو آھي. اھڙن ئي نه جھڪندڙ اڙٻنگن ۽ ڪوپن مڙسن ھن ڌرتيءَ جي وشال سيني تي سوين چٽ چٽيا آھن. انھن جا عڪس، نقش، علامتون، اھڃاڻ ۽ ادا ڪيل اعليٰ ڪردار، اکين کان ڪڏھن به اوجھل نٿو رھي سگھي. انھن جي ڪيل اھڙن انمول ڪمن ماڻھن جي دماغن ۽ دلين ۾ جاءِ والاري آھي. اھڙن بي بھا املهه انسانن ۽ ھيرن مان فاضل راھو به ھڪ آھي. فاضل راھو ھڪ سوچ، ۽ نظريي، ھڪ واٽ ۽ دڳ، ھڪ فڪر ۽ مقصد ۽ ھڪ تحريڪ جو نالو آھي. ساڳيو ئي فاضل راھو ھڪ اهڙي دور جو نالو آھي، جيڪو سچائي، بھادري، ھمٿ ۽ حق ۽ سچ خاطر ويڙهه جو دور آھي. فاضل راھو ھڪ تاريخ جو نالو آھي، جنھن تاريخ تي وقت جي ڌوڙ نٿي پئجي سگھي. فاضل راھو سنڌ جو اھو چمڪندڙ ھيرو ھيو، جنھن جي سدا حيات چمڪ ساري سنڌ کي منور ڪيو. ھو جيڏو پنھنجي قد بت ۾ مضبوط ۽ پڪو پختو ھيو. ايترو ئي پنھنجي ڪردار، جدوجھد ۽ اصول ۾ سگهارو ھيو. سندس ڪيل جدوجھد عام جدوجھد نه ھئي. سندس جفاڪشيءَ سان ھن ديس جي جھانگيئڙن کي نئون جيون مليو. جنھن جيون جون بي شمار معنائون ٿين ٿيون. ھن جو ڳالھائڻ عام ڳالھائڻ نه ھيو. سندس گفتار ۾ ھڪ قسم جي للڪار ھئي. اسٽيجن تي بيھي ڪيل سندس تقريرون وقت جي جنرلن، ڪرنلن ۽ ويڪائو وڏيرن لئه تلوار مثل ھيون. ھن پنھنجي جذباتي ۽ شوخ تقريرن ۽ انقلابي ويڙهه وسيلي قوم دشمن ٽولي جا ڪنڌ جهڪائيو.
فاضل راھو ھن ڳورھاري ڌرتيءَ جو پورن مھينن تي پيدا ٿيل اھو پٽ ھيو، جنھن پنھنجي ٻنڌڻن ۾ ئي ڌرتيءَ ماءُ سان وفاداري جو وچن ڪيو ھو. ھن ته ٻارائپ ۾ ئي نگري جي نينھن جو تلڪ پنھنجي نرڙ تي لڳايو ھو. ھن ته امڙ جي ھنج ۾ ئي سنڌ سان سچائيءَ جون سوين ستيون پيتيون ھيون. ھو ته سنڌوءَ جيڏي دل رکندو ھيو، جنھن جي پاڻي ھن ديس جي ھارين ۽ پورھتن جي ذھني زمينن کي زرخيز ۽ سيراب ڪري ڇڏيو. ھن پورھتن جي بک اجھائڻ لئه اھڙي پوک پوکڻ پئي چاھي، جنھن جي پچڻ کان پوءِ پورھت راڄ جي فاقاڪشي سدائين لئه ختم ٿي وڃي ھا. فاضل راھو ھڪ ئي وقت اڳواڻ به ھيو ته، ڪارڪن به ھيو. پر اھو به سچ آھي ته ھو اڳواڻ گھٽ ۽ ڪارڪن وڌيڪ لڳندو ھيو. ان مان ئي سندس وڏ ماڻهپو ۽ پارٽيءَ سان سچائيءَ جي پرک پسجي سگھجي ٿي. ھن ۾ ھڪ نج انقلابي سپاھي ھجڻ جون سڀئي خوبيون موجود ھيون. ھن پاڻ تي سونپيل ھر ھڪ ذميواري سان پوري طرح نڀاءُ ڪيو. ھو اھڙو چنڊ ھيو جنھن جي چانڊوڪي سان ھن وطن جي ھارين جون دليون ۽ دماغ روشن ٿيا. ھو سادن ماڻھن جو سالار ۽ اٻوجھن لئه ھڪ اجھو ۽ آسرو ھيو. ھو اڪثر ڪري ماڻھن جي ڪکائن جھوپن ۾ لنگھي وڃي مسڪين ماڻھن جا ڏک، درد ۽ اھنج ٻڌندو ھو ۽ ھو انھن کي انھن جي حل لئه طور طريقا ۽ تدبيرون ٻڌائيندو ھو. ھو انھن کي مٿن برپا ڪيل ڏاڍ ۽ ظلم خلاف ويڙهه لئه اتساھيندو ھيو. فاضل راھو جڏھن پورھيت طبقي جي آجپي جو سڏ کڻي جھر جھنگ نڪتو ھو ته، ھارين پاڻ کي صدين جي غلامي مان آزاد ٿيندي ڏٺو. ھو آذاديءَ جو اھو شعلو ھيو، جيڪو ديس مان اونداھي جي خاتمي لئه نڪتو ھو، کيس ڏسي ھارين جي گونگين زبانن مان سنڌ جو ڏاهو جهڙن سچن لفظن جي گونج جا پڙاڏا سنڌ جي ڪوني ڪوني ۾ پوڻ لڳا.
سنڌي ڏاھو!
فاضل راھو،
فاضل راھو.
واقعي فاضل راھو ھن ڏکي ڏيهه جو ڏاھو ھيو، جنھن ھن چرئي سماج کي ڏاھپ جا ڏهه ڏهه ڏس ڏنا. ھن پنھنجي ڏاھپ سان ھارين ۽ پورھيتن جا حق کائيندڙن کي ڪيئي ڏنگ ھنيا ھيا، ۽ پوءِ دنيا ڏٺو ته، کيس يونان جي ديومالائي ڪردار، سقراط جيان زھر به ڏنو ويو. ھونئن به اڪثر ڪري ڏيهه جي ھر ڏاھي کي ڏيهه ۽ ڏوٿي بچائڻ جي جرم ۾ وقت جي جلاد قوتن ڪڏھن زھر ڏنو آھي. ڪڏھن دار جي دڳ تي پنڌ ڪرايو آھي، ته ڪڏھن صليب تي چاڙھيو آھي. ڇو ته سچ وڏو ڏوھاري آھي. ھر ڏاھي کي خون ڏئڻو ئي پوي ٿو. بقول ڀٽ ڌڻيءَ جي ته،
الا ڏاھي م ٿيان، ڏاھيون ڏک ڏسن.
پر ڪي اھڙا به ڪردار آھن، جيڪي پنھنجي (ڏسو صفحو ۳ بقايا نمبر ۳۸) ھٿن سان زھر جا پيالا پيئڻ لئه تيار ٿي وڃن ٿا، ۽ ڪڏھن اھي دار جي ڳٽي تي ڊگھي چمي ڏئن ٿا. جيڪي ڪنڌ جھڪائڻ کان اڳ ۾ ڪنڌ ڪپائڻ کي ترجيح ڏئن ٿا. اھڙن بھادر انسانن حق ۽ سچ کي زندهه رکڻ خاطر جان جي به پرواهه نه ڪئي آھي. ڇاڪاڻ ته ھي جان اچڻي وڃڻي آھي، باقي ڪردار ته سدائين جيئرا رھندا آھن. ڪردارن ۽ ڪارنامن کي جيئدان ڏئڻ لئه اھڙن ڏاھن وري ڪجهه ھي به چيو آھي.
الا ڏاھي ٿيان، ڀلي ڏسان ڏک،
ملندا پوءِ سک، مرڪي مونسان ماڳ تي.
فاضل راھو ھارين جي خوشحالي لئه سوين سورج اڀارڻ نڪتو ھيو، ھو ھارين جو حقيقي اڳواڻ ھيو، ھو اھو صبوح ھيو جنھن جو سپنو جنگشاھي جي جوڌي، رسول بخش پليجي ڏٺو ھيو. ان سڀاڳي صبوح ٿيڻ لئه ھن ھارين ۽ پورھيتن کي ايترو ته منظم ۽ متحد ڪيو ھيو، جو مارشلا جي قھري دور ۾ لکين ھارين راھوڪي ۾ گڏ ٿي، اھو چئي ڏنو.
ڪيڏو آ شور فضا ۾، ڏيهه اڀا ڪيا ڏاٽا وو،
سنگن وانگي سوئر، تنھنجا لڻبا ڳاٽا وو.
لکين ھارين جي منظم ميڙ کي ڏسي جنرل ضياءُ کان ڇرڪ نڪري ويو. سندس وايون بتال ٿي ويون ۽ کيس پنھنجو ظلم ۽ قھر تي قائم ٿيل قلعو ڪرندي محسوس ٿيو. ڇو ته ھاري ۽ مذدور ھن ڏيهه کي ھلائيندڙ آھن. اھي جڏھن گڏجي ھڪ آواز ٿيندا ته رھزنن تي قائم راڄ ھڪ ڏينھن به ھلي نه سگھندو. اھڙي سمي کي پسندي ئي شيخ اياز ٻھڪندي ڳايو.
سڄو ڏيهه ڏاٽا ڪري جي اڀا،
لکين عيد جا چنڊ اڀري پون.
اھڙي چنڊ جي اڀرڻ کان پوءِ محڪوم ۽ مظلوم طبقي جي گھرن جي آڳرن تي سکن جي چانڊوڪي، کير جيان ھارجي پوندي، ۽ سندن اڱڻ ڪڏھن به ميرا نه ٿيندا. سدائين اڇا ۽ اجرا رھندا. فاضل راھو رڳو لاڙ جو لال نه ھيو، پر ھو ته سنڌ جي اھا سڳنڌ ھيو، جنھن پنھنجي خوشبوءَ سان ديس جا سڀئي ويڙھا ۽ وسنديون واسي ڇڏيون ھيون. ھو صدين جي پيڙا کان پوءِ پيدا ٿيل اھو ٻج ھيو، جيڪو موسمن جو محتاج ناھي ھوندو، منجهس اھو جوھر موجود ھوندو آھي، جنھن وسيلي ھو ڦوٽھڙو ڪري سگھي. ھن ڌرتي جي مقدس ڪک مان ھر دور ۾ ان قسم جا ماڻھو پيدا ٿيا آھن، جن حالتن جا رخ موڙي ڏيکاريا آھن. جڏھن اھڙن انمول انسانن جو ھڪٻئي سان واسطو ٿئي ٿو، ھڪٻئي سان خيال ۽ سوچون ملن ٿيون، ھڪٻئي سان ذھني ھم آھنگي ۽ ھم خيالي پيدا ٿئي ٿي، سمجهه، سرت جا پاڻ ۾ سلسلا اچي ملن ٿا ته، پوءِ تڏهن ڳالهه ئي نرالي ٿي پوندي آھي. جڏھن فاضل راھو جي ملاقات رسول بخش پليجو سان ٿي تڏهن، ھيا اڳي ئي ڳڏ، ٻڌڻ ۾ ٻه ٿيا. واري ڪيفيت جو عيان ٿيڻ بجا ٿيندو.
اهو سچ آهي، ته جڏھن ٻه عظيم سوچون ۽ اعلي دماغ پاڻ ۾ ملن، جڙن ۽ ھم ڪلام ٿين ٿا ته، ديس واسين لئه سٺو سنوڻ سمجھو ويندو آھي. حقيقت ۾ فاضل راھو کي ارڏو انقلابي بنائڻ ۾ فڪر پليجو جو وڏو ھٿ ھيو. جڏھن فاضل راھو فڪر پليجو سان سلھاڙجي ويو ته سراپا انقلاب بنجي ويو. سندس منزل ۽ مقصد ساڳيو ھيو. سنڌ واسين کان رسول بخش پليجي، فاضل راھو ۽ عوامي تحريڪ جون ھلايل انقلابي تحريڪون ڀلا ڪئين ٿيون وسري سگھن. سنڌ ۽ ملڪ ۾ ھي ٻئي انسان جدوجھدن ۽ انقلابي تحريڪن جا موجد ليکيا وڃن ٿا. قوم لئه کنيل ھنن جا بھتر قدم ڀلا ڪنھن کان وسري سگھندا ڇا؟ عوامي تحريڪ جي مثالي، انقلابي، نظرياتي، منظم سياست، ھن ديس جي چپي چپي تي نه ڊھندڙ نشان ڇڏيا آھن. جن کي زماني جا زلزلا مٽائي نٿا سگھن. ۽ نه ئي وري وقت جا وڏا واچوڙا سندن رندن کي ڊاھي سگھن ٿا. فاضل راھو پنھنجي طبيعت ۾ فقير قسم جو انسان ھيو. منجهس نه ڪا وڏائي هئي، نه ڪو ٺٺ ٺانگر ھو. هو ھن ديس جو اھو جوڳي ھيو، جيڪو انھن واسينگن کي پڪڙڻ نڪتو ھو، جن نانگن صدين کان ھارين ۽ پورھيتن کي پنھنجي زھريلن ڏنگن سان پئي ڏنگيو آھي. فاضل راھو وٽ بھادري، سچائي، ھمٿ، پورھيت نظرئي جي پچار ۽ ان سان پيار جو فقدان ھيو ئي ڪونه. ھو ذھني، شعوري ۽ فڪري  طور ڏاڍو شاھوڪار ھيو. وٽس ڪنھن به قسم جي مسڪيني ۽ غريبي ڪون ھئي. ھو سياست جي دنيا جو اھو سدابھار گل ھيو، جيڪو ازل تائين ڪين ڪوماڻبو. ھن جي من اندر ۾ وڏا وڏا خواب ھيا. پورھيت نظريي جي پچار ڪندي ڪندي پورھيت راڄ جو ھي پاڌيئڙو پورھيتن کي  پنھنجي منزل طرف وٺي وڃڻ ۽ پنڌ پڄائڻ جو وچن ڪري ويٺو ھيو، ۽ وقت ڏٺو ته ويڙيھچن سان ڪيل وچن سان ھن ڇا ته نڀاءُ ڪيو. ان سفر ۾ ھن پنھنجو ڪنڌ ته ڪثائي ڇڏيو، پر مسڪينن سان ڪيل واعدا پورا ڪيا. ۽ پوءِ زماني جي ظالم قوتن ھٿان ھي واٽ ويندي بي ڏوهه ماريو ويو. سندس ڏوهه اھو ھيو ته ھن پيڙھيل طبقي سان پيار جا پڪا پيچ پائي ڇڏيا ھيا. ھن جو ڏوهه اھو ھيو ته، ھو چاھي پيو ته، ھن ديس تي ڏاٽي ۽ ھٿوڙي ھلائڻ وارن جو راڄ قائم ٿئي. سندس اها خواھش ھئي ته، ھن ڏيهه جا ڏوٿي ڪنڌ مٿي کڻي ھلن. ھن جي اھڙي موت تي اھا اک به آلي ٿئي ھئي، جنھن اک مان ڪڏھن ڳوڙھو به نه ڳڙيو ھيو. ھن جو  موت ڪو عام رواجي موت نه ھو. ھن جو موت ھڪ دور، ھڪ سوچ ۽ ھڪ انقلابي ويڙهه جو موت ھيو. ھن جو موت ھڪ جڳ ۽ دنيا جو موت ھيو.
فاضل راھو سنڌ ۽ سنڌي قوم جي پورھيت طبقي جي ڇوٽڪاري لئه وڏي ويڙهه ڪئي، جنھن جي گواھي تاريخ ڏيندي رھندي. ھو اھو جوڌو ھيو، جيڪو موت سان اکيون اکين ۾ ملائي ڳالھائيندو ھيو. فاضل صاحب جو ھي قول ان ڳالهه جو پڪو ثبوت آھي ته، ھو واقعي دلير ھيو. ”جيسيتائين  موت جو سوال آھي ته، اسان کي ھڪ نه ھڪ ڏينھن ھوئين مرڻو ئي آھي. جي ڀاڙي ٿيون ته پوءِ به ڪا پنج ڏينھن حياتي وڌي ملي، پر اھا به ڪانه ملندي“ فاضل راھو پنھنجي ريٽي رت سان سنڌ جي قومي، عوامي، انقلابي جدوجھد کي ريج ڏئي ويو. اھڙا ڪردار ڪڏھن به فنا ناھن ٿيندا. تنھن ڪري فاضل فنا نه پر بقا آھي، ۽ بقا کي موت ناھي اچڻو. جسم فاني آھي. انسان فاني آھي. پر عظيم انسانن جا عظيم عمل ۽ ڪمال ڪارنامه سدائين زندهه رھندا آھن. اھي ھميشه ماڻھن کي سچائي، جدوجھد ۽ قرباني جي راهه ڏيکاريندا آھن. بقول شيخ اياز جي.
سمجھو ٿا لوڪو،
راھو مرڻو ڪين آ،
مري ويو ڪو ٻيو.



فاضل راھو
غريب دلين جو راڻو
علي احمد جوکيو
فاضل راهو جو جنم ۱۹۳۳ع ۾ گولاڙچي جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ راهوڪي ۾ احمد راهو جي گھر ۾ ٿيو، هي اهو زمانو هو، جڏهن گولاڙچي جو وسيع ميداني علائقو غير آباد هو. وسيلن جي اڻهوند هئي، ماڻهن وٽ زندگي گذارڻ لاءِ ڪي به سهولتون نه هيون. پاڻي نه هو، اسڪول نه هئا، اسپتالون نه هيون، نه وري روزگار جا ڪي وسيلا. ماڻهو مالوند هئا. انهن جو گذر سفر کير ۽ مکڻ تي هو ۽ غربت انتها تي پهتل هئي.
فاضل جو ننڍپڻ اهڙين حالتن ۾ گذريو، صرف پرائمري تعليم حاصل ڪري سگھيو، جڏهن سمجهه ڀريو ٿيو ته هن ڏٺو ماڻهو ته انتهائي غريب آهن ۽ انهن کي غربت جو ڪو احساس به ڪونهي. جھالت ۽ محرومي کي انهن مقدر بڻائي ڇڏيو آهي. هن ان کي صورتحال کي بدلائڻ جو پڪو پهه ڪندي سياست جي شروعات يوسي جي ميمبرشپ کان ڪئي. ۱۹۶۰ع ۾ يوسي ترائي جو ميمبر ٿيو. ۱۹۶۵ع ۾ يوسي ترائي جو چيئرمين ٿيو. سياست جي هن ننڍڙي ڏاڪي تي پير رکڻ کان پوءِ کيس محسوس ٿيو ته هتي حڪم ته صرف طاقتور ماڻهن جو هلي ٿو، جيڪي جاگيرن جا ڌڻي آهن.
فاضل اهو محسوس ڪيو ته جيستائين هي ماڻهو پاڻ زمينن جا مالڪ نه ٿيندا تيستائين هي هاري ۽ غلام رهندا. ان ڏينهن کان فاضل هاري جو طرفدار ٿي بيٺو ۽ وڏيرن لاءِ اڻ وڻندڙ شخصيت ٿي ويو. انهي وقت ڪوٽڙي بيراج جي ڪمانڊ جون زمينون عام نيلام ذريعي ڀڳڙن مٺ تي زميندارن، ڪامورن ۽ ڌارين ماڻهن ۾ ورهايون پئي ويون. فاضل انهي بندر بانٽ خلاف خلاف اٿي کڙو ٿيو، ماڻهن ۾ سجاڳي پيدا ڪئي ۽ ۸ لک ايڪڙ زمين جي عام نيلام خلاف ماڻهن کي متحد ڪيو، هن عوام کي ٻڌايو ته هن زمين جا توهان وارث آهيو، اٿو زمين جي مالڪي ڪريو.
ايئن هڪ عوام هلچل شروع ٿي وئي، جيل ڀريو تحريڪ ٽنڊي محمد خان کان شروع ٿي ۽ ان کان پوءِ حيدرآباد کي تحريڪ جو مرڪز بڻايو ويو. شروع ۾ هارين گرفتاريون ڏنيون، فاضل راهو کي به گرفتار ڪيو ويو. ان کانپوءِ شاگرد، وڪيل، شاعر، اديب ۽ ٻيا پڙهيل لکيل ماڻهو به تحريڪ ۾ شامل ٿي ويا. “نيلام بند ڪريو تحريڪ” سڄي سنڌ جو آواز بڻجي وئي. فاضل جي چوڻ تي ٻهراڙي جون عورتون، آمي گهلا ۽ ڦاپي گهلا به بک هڙتال تي ويٺيون ۽ گرفتار ٿي جيل پهتيون. هي پهريون ڀيرو هو ته سنڌ جون عورتون ڪنهن سياسي جدوجهد ۾ جيل وڃڻ لاءِ تيار ٿيون. نيٺ ان وقت جي مارشلا حڪومت کي عام نيلام ختم ڪري، هر هڪ هاري کي ۱۶ ايڪڙ زمين ڏيڻ جو اعلان ڪرڻو پيو.
ان کان پوءِ سنڌ ۾ جيڪي به سياسي تحريڪون هليون. جن ۾ ون يونٽ خلاف تحريڪ، سنڌي ۾ ووٽر لسٽون ڇپايو تحريڪ ، ظلم بند ڪريو تحريڪ ، گولاڙچي کي تعلقو ۽ بدين کي ضلعو ڪريو تحريڪ، صحافت جي آزادي جي تحريڪ ۽ ايم آر ڊي، انهن سڀني ۾ فاضل جو ڪردار اڳواڻي وارو رهيو. فاضل جي سياسي زندگي جو وڏو حصو هو جيلن ۾ رهيو، ملڪ جا جيڪي به وڏا جيل آهن فاضل انهن سڀني ۾ قيد رهيو.
فاضل راهو جي سياست جو محور هاري ۽ مسڪين پورهيت رهيا. هن ڪوشش ڪري زمينون شيڊيول ۾ آڻائي هر تعلقي ۾ زمين ورهائڻ لاءِ ڪچهري مقرر ڪرائي پاڻ اتي وڃي روينيو آفيسر (آر او) سان گڏ ويهي مقامي حقدار ماڻهن کي زمينون کڻائي ڏيندو هو ۽ انهن کي آفر ليٽر وٺي ڏيندو هو ۽ جيڪڏهن ماڻهن جو زمين جي کڻت جي باري ۾ پاڻ ۾ تڪرار هوندو هو ته نبيرا به ڪندو هو. جڏهن به جيل کان ٻاهر هوندو هو ته هارين جي زمينن جي تڪرارن جي نبيري لاءِ شهباز بلڊنگ ۾ هفتي اندر هڪ ڏينهن هن جو مقرر هوندو هو. اهو سلسلو سندس زندگي جي آخري گھڙين تائين هلندو رهيو.
ان وقت جي روينيو آفيسر شهواڻي جيڪو فاضل جو ذاتي دوست هو، ان کيس چيو ته هن دو آبي جي علائقي ۾ ۱۰۰ کان ۲۰۰ ايڪڙ زمين پنهنجي نالي کڻي ڇڏ. هي زمين سڀاڻي شهر جو حصو ٿيندي ته اربين رپين جي پراپرٽي ٿي ويندي. ان تي فاضل چيو ته ان زمين تي جيڪي به ماڻهو ويٺا آهن پهرين حق انهن جو آهي، اهي سڀ منهنجا پنهنجا آهن. مون کي انهي زمين جي هڪ انچ ۾ به لالچ ڪونهي.
ڪراچي جي پاسي ۾ گھاري کان وٺي گلشن حديد تائين جا رهواسي ڳالهه ڪن ٿا ته جڏهن ضياءُ الحق جي مارشلا دوران هن علائقي ۾ ڌارين کي پولٽري فارم، ڊيري فارم ۽ ڪارخانن لاءِ زمينون الاٽ ڪيون پئي ويون، ته اسان فاضل راهو کي دانهن ڏني ۽ هن آفيسرن سان ڳالهائي اهي زمينون شيڊيول ۾ آڻائي اتي جي حقدار ويٺل ماڻهن کي ڏياريون.
ڳوٺ لائق ڏنو ڪيسراڻي جي چڱي مڙس پير بخش ڪيسراڻي هڪ قصو ٻڌائيندي چيو ته هڪڙي ڪچهري ۾ جڏهن سڀني ماڻهن کي زمين ملي چڪي ته فاضل پڇيو ته ڪوبه ماڻهو رهيو ته ناهي، ته رزاق ڪيسراڻي سندس هنج تي ويٺل ننڍڙي پٽ غلام نبي ڏانهن اشارو ڪندي چيو ته سائين هي رهجي ويو آهي. فاضل ان ننڍڙي کي پاڻ هنج تي کڻي روينيو آفيسر کي چيو ته سائين هن کي ٻني ڏيو. روينيو آفيسر چيو ته سائين هي ته بلڪل ننڍڙو ٻار آهي، ته فاضل ٻار کي پنهنجي ڪلهي تي ويهاري چيو ته سائين هي ته مون کان به وڏو آهي. ٻني ڏيو هي حقدار آهي. ان کانپوءِ آفيسر ٻار کي به ۱۶ ايڪڙ ٻني ڏئي ڇڏي.
۱۷ جنوري ۱۹۸۷ دوران جڏهن فاضل راهو کي ڪرائي جي قاتل هٿان گولاڙچي ۾ شهيد ڪرايو ويو. ان وقت علي انور ميڻون جيڪو فاضل جو دوست هو بدين ۾ زرعي ترقياتي بينڪ جو ريجنل مئنيجر هو. علي انور ميڻون چيو فاضل جي شهادت کانپوءِ وارن ڏينهن ۾ مون وٽ آفيس ۾ جيڪو ماڻهو ايندو هو، ان کان آئون پڇندو هئس ته فاضل راهو جي باري ۾ توهان جو ڪهڙو خيال آهي ته سڀئي ماڻهو چوندا هئا، فاضل راهو سٺو ماڻهو، دلير، ڏاهو ۽ همت وارو ماڻهو هو. ڪنهن به فاضل جي گلا نه ڪئي. هڪ ڏينهن جماعت اسلامي سنڌ جو امير سائين علي مير شاهه، جيڪو گولاڙچي جو وڏو زميندار به آهي. اهو مون وٽ آيو، هو فاضل جو نظرياتي مخالف هو، هن خلاف اليڪشنون به وڙهيون. مون پڇيو ته سائين فاضل راهو جي باري ۾ توهان جو ڇا خيال آهي؟ سائين علي مير شاهه ڪافي دير خاموشي سان سوچيندي جواب ڏنو ميڻا صاحب هڪڙي پاسي سڄي دنيا جي ملڪيت رکجي، ٻئي پاسي فاضل جا اصول رکجن، فاضل ملڪيت ڇڏي ڏيندو پنهنجا اصول ڪونه ڇڏيندو. اهو جواب ٻُڌي آئون حيران ٿي ويس ته هي ماڻهو ڇا هو. فاضل جي اها ئي سچائي ۽ ايمانداري هئي جنهن جي ڪري فاضل راهو مسڪين هارين جي دلين جو راڻو بڻجي ويو.

سو راڻل فاضل راھو ھو
دودو چانڊيو
ورهاڱي بعد سنڌ سياسي حوالي سان هڪ اهڙي موڙ تي بيٺل هئي، جتي ظاهري طور واٽون ويهه هيون، پر انهن واٽن مان ڪهڙي واٽ صحيح آهي ۽ ڪهڙي واٽ صحيح ناهي، اها پڪ ڪرڻ سنڌ جي ماڻهن لاءِ انتهائي مشڪل هو. سائين جي ايم سيد سميت کوڙ سياستدان جيڪي پهرين پاڪستان ٺهڻ جي حمايت ۾ هئا، انهن بعد ۾ اهو چيو ته سنڌ هاڻي هن فريم ۾ نه هئڻ گهرجي. پاڪستان ٺهڻ کان اڳ انگريزن خلاف گوريلا ويڙهه وڙهندڙ حر تحريڪ ۽ ان جا واڳ ڌڻي مضبوط وفاق جي ڳالهه ڪرڻ لڳا. ملڪي سياسي تجربن دوران سنڌ مان ئي هڪڙي قيادت ذوالفقار علي ڀٽو جي روپ ۾ نروار ٿي، جنهن ملڪي جمهوريت جو نعرو ڏنو. اهڙي دور ۾ سنڌ اندر ڪجهه نوان سياسي خيال ۽ سياسي سرگرميون شروع ٿيون، جن جا بنياد قومي هئا ته طبقاتي به هئا، جن سنڌ کي هڪڙي نئين اک سان ڏسڻ شروع ڪيو. انهن سياسي سرگرمين جا بنياد وجهندڙ رسول بخش پليجو ۽ شهيد فاضل راهو هئا. هي ٻئي مڊل ڪلاس جا ماڻهو هئا، پر ٻنهي ڄڻن سنڌ اندر هڪ نئين رخ سان سياست جو بنياد وڌو، جنهن بابت عوامي تحريڪ جا پراڻا ماڻهو چون ٿا ته رسول بخش پليجو جو ذهن ۽ شهيد فاضل راهو جو عملي ميدان ۲ اهم جُز هئا، جن عوامي تحريڪ کي سنڌ اندر ايترو ته مضبوط ڪيو جو پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ سمورين سياسي، سماجي، ادبي، نظرياتي ۽ طبقاتي تحريڪن جو ڳاڻيٽو ڪبو ته عوامي تحريڪ جو حصو وڌيڪ نظر ايندو.
ان عوامي تحريڪ کي مضبوط بڻائڻ لاءِ جيئن مون مٿي لکيو آهي ته رسول بخش پليجو ۽ فاضل راهو اهم ڪردار هئا، ان ۾ وري فاضل راهو عملي ۽ سياسي حوالي سان هڪ اهڙي شخصيت ۽ ڀرجهلو ٿي اڳيان آيو جو جن غريب ۽ مسڪين سياسي ورڪرن وڏيرن ۽ ٻين وفاقي پارٽين کي ڇڏي مسڪين ماڻهن جي سياست ڪرڻ شروع ڪئي، ان مٿان ڄڻ ڇپر ڇانوَ هو. فاضل راهو لاڙ جي علائقي جو وچولي طبقي جو زميندار ماڻهو هو، مسڪينن سان محبت ڄڻ سندس رت ۾ سمايل هئي، اهو ئي سبب آهي جو هن عوامي تحريڪ جهڙي سياسي پارٽي ٺهڻ کان اڳ ئي پنهنجي علائقي جي اندر پورهيت ماڻهن جي حقن لاءِ آواز اٿارڻ ۽ امير ماڻهن سان مهاڏو اٽڪائڻ شروع ڪري ڇڏيو، فاضل راهو جي تحريڪ اڳتي هلي سنڌ جي انهن سمورن ماڻهن کي سگهه بخشي جيڪي سياسي طور اڳتي آيا. ون يونٽ کان وٺي ووٽر لسٽون سنڌي ۾ ڇپايو، نيلام بند ڪريو تحريڪ، صحافين جي تحريڪ، ايم آر ڊي جي تحريڪ سميت ڪيتريون ئي سياسي تحريڪون راهوڪي مان جنم وٺي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهتيون. ضياءَ جي دور ۾ جڏهن سڄي ملڪ ۾ نفسا نفسي هئي، سياسي حوالي سان ماٺ هئي ته شهيد فاضل راهو راهوڪي ۾ عظيم هاري ڪانفرنس ڪري ڄڻ ته ضياءَ جي مارشل لا بابت جيڪا ماٺ جي ديوار هئي ان ۾ ڏار وجهي ڇڏيا.
فاضل راهو بي انتها بهادر، سچو ۽ مستقل جدوجهد ڪندڙ سياسي اڳواڻ هو، هن پنهنجي سڃاڻپ وڏيري سياستدان بدران هاري اڳواڻ طور ڪرائي ۽ هو پنهنجو سڄو وقت وڏن ماڻهن يا پنهنجن طبقي جي ماڻهن سان گڏ گذارڻ بدران غريب، مسڪين ۽ پيڙهيل ماڻهن سان گذاريندو هو. هن سنڌ جي زمينن تي ڌاڙن خلاف جيڪا نيلام بند ڪريو تحريڪ هلائي ان جي ڪري خاص طور لاڙ سنڌ ۾ هزارين بي زمين ماڻهن کي زمينون مليون ۽ ڌاري آبادڪاري رڪجي وئي. فاضل راهو توڙي جو هاري اڳواڻ هو پر ايم آر ڊي تحريڪ کان اڳ هن پاڻ کي پاڪستان جو هڪ وڏو سياسي اڳواڻ مڃرائي ورتو هو، جنهن ڪري ولي خان کان وٺي عطاءُ الله مينگل، محمود خان اچڪزئي کان وٺي پاڪستان سطح جا سمورا سياستدان هن سان گڏ ويهڻ ۽ سياست ڪرڻ کي ترجيح ڏيندا هئا. هو عوامي نيشنل پارٽي جو مرڪزي اڳواڻ به رهيو ته ايم آر ڊي دوران شهيد بينظير ڀٽو ۽ ٻين سياستدانن جو سهارو بڻيو. شهيد فاضل راهو روايتي وڏيرڪي سياست بدران سنڌ اندر هڪ اهڙي سياسي تحريڪ جا ٻج ڇٽيا جن جو فصل سڄي سنڌ شعور جي شڪل ۾ لڻي رهي آهي، سندس اوطاق غريب ۽ مسڪين ماڻهن جي ڌرم شالا هئي، جتي ۲۴ ڪلاڪ قومي گيت، شاعري ۽ نظرين تي بحث ٿيندو رهندو هو، ڪڏهن سرويچ ته ڪڏهن منشي، ڪڏهن مبين پنائي ته ڪڏهن محمد خان مجيدي جهڙا شاعر هارين لاءِ گيت لکندا هئا ته فاضل راهو انهن کي هزارين هارين جا ميڙ گڏ ڪري ڏيندو هو، ائين کڻي چئجي ته سنڌ اندر جيڪا طبقاتي شاعري ٿي رهي هئي، ان کي سگهه بخشڻ ۾ شهيد فاضل راهو جو انتهائي اهم ڪردار هو. فاضل راهو ۽ رسول بخش پليجي گڏجي سنڌ اندر جنهن سياست جا بنياد وڌا، اها روايتي وڏيرڪي، اليڪشني ۽ عوام دشمني واري سياست کان بلڪل الڳ بنياد هئا، انهن هارين کي ايڏو ته باشعور ڪيو جو سنڌ اندر ڪجهه عرصي لاءِ سڄو وڏيرڪو نظام لڏي ويو هو. عورتن، ٻارن، شاگردن ۽ مزدورن ۾ سجاڳي جي جيڪا لاٽ راهوڪي مان ٻري ان سڄي سنڌ کي روشناس ڪيو. پرڏيهي ڪمپنين خلاف فاضل راهو جي تحريڪ ايڏي ته سگهاري تحريڪ هئي جو ان کانپوءِ ايڏي وڏي تحريڪ ڪٿي هلي نه سگهي آهي.
فاضل راهو نظرياتي حوالي سان مارڪس وادي هو پر هن جي سياست جو محور سنڌ هئي، هو سنڌ جو هڪ ئي وقت قومپرست، وطن دوست، هاري، مزدور ۽ پورهيت اڳواڻ هو، گڏوگڏ سماج سڌارڪ ۽ انساني خدمتگار سياستدان به هو، اڄ به سنڌ جي لاڙ واري علائقي ۾ ڪنهن به سياسي ڪارڪن سان ڪچهري ڪجي ٿي ته هو فاضل راهو کي ياد ڪري لڙڪ لاڙي ويهي ٿو، اهو ئي سبب آهي جو فاضل راهو ورهاڱي بعد سنڌ جو اهو واحد شهيد هيو جنهن لاءِ شيخ اياز کان وٺي استاد بخاري تائين سنڌ جي سمورن شاعرن شعر چيا. شهيد فاضل راهو جي اڄ ورسي آهي، سنڌ جا هن قسم جا سياستدان پيدا ٿيڻ وارو فصل ڄڻ عارضي طور رڪجي ويو آهي، فاضل راهو زنده هجي ها ته يقينن سنڌ جو سياسي نقشو جيڪو هينئر نظر اچي رهيو آهي، اهو ائين نه هجي ها پر سازشن سنڌ کان هڪ اهڙو سياستدان ۽ عاشق کسي ورتو جنهن جو خال ويجهي ماضي ۾ ڀرجندي نظر نٿو اچي.

شھيد فاضل راھو
سنڌ جي تاريخ جو مثالي ڪردار
مير نادر علي ابڙو
جيڪي ماڻھو سماج ۾ ڏکويل ۽ پيڙيل طبقي جي حقن جي حاصلات لاءِ ويڙھاند ڪندا آھن سي تاريخ جي ورقن ۾ ھميشه ياد ڪيا ويندا آھن. شھيد فاضل راھو به سنڌ جي پيڙيل ۽ مظلوم طبقي جي لاءِ ويڙھاند ڪئي جيڪا تاريخ رقم ڪئي تنھن کي اڄ به سٺن لفظن سان سنڌ جا ماڻھو ياد ڪن ٿا، ھن جو جيون غريب ۽ ھاري طبقي جي حقن لاءِ ويڙھ ڪندي گذري ويو، ھن ڪنھن موڙ تي به ٿڪ نه ڀڳو ۽ ھميشه اڳ کان اڳڀرو نظر آيو، ھن جون ڳالھيون ۽ ڪردار جيڪڏهن تاريخ جي ماپي ۾ ماپجي ته تاريخ جا لفظ به ھن جي شخصيت آڏو تمام ٿورڙا محسوس ٿيندا. ھن جو نانءُ ئي چنڊ وانگي روشني ڏيندڙ ۽ سماج جي اندر شعور جي پيداوار ۾ اڳڀرو رھيو، ھن جون ڳالھيون اڄ به مونکي چڱي طرح سان ياد اچن ٿيون.
شھيد فاضل راھو اڪثر لاڙڪاڻي ۾ بابا ڪامريڊ تاج محمد ابڙو وٽ ڪچھري لاءِ ايندو ھو، ان دور ۾ مان ٻار ھئس پر سندن ڳالھيون اڄ به مونکي ياد آھن جن ۾ سڄاڳيءَ جو درس ڏيندو، اُھي غريب پيڙيل طبقي جا مسئلا ھوندا ھئا ۽ ھو چاھيندو ھو ته غريب مظلوم ماڻھن کي انھن جا بنيادي حق ڏنا وڃن انھن کي صحت ۽ تعليم سميت سموريون زندگيءَ جون سھولتون گھر جي چانئٺ ته ڏنيون وڃن ته جيئن اُھي خوشحال زندگي گذاري سگھن.
۱۹۷۷ع ۾ جڏھن بابا ڪامريڊ تاج محمد ابڙو ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج حيدرآباد ھئا ته اتي اڪثر شھيد فاضل راھوءَ سان ڪچھريون ٿينديون ھيون جيڪي ڪچھريون ھاڻ تاريخ جو حصو بڻجي رھجي ويون آھن، ھن جو ڪردار سياسي ھجي توڻي سماجي پر ھن ٻنھي ڪردارن ۾ غريب ۽ مظلوم طبقي جي نمائندگي ڪئي آھي، ھن جي جھدوجھد صرف ۽ صرف غريب مظلوم طبقي لاءِ رھي ۽ ھو چاھيندو ھو ته ھتان جي عوام جو آواز اھي غريب مظلوم بڻجن ھن ۱۹۷۰ع ۾ نيلام بند ڪيو تحريڪ به ھلائي جنھن ۾ ھن ھارين کان گرفتاريون به ڏياريون، جيل به ويو ۽ انھي تحريڪ ۾ پُھريون ڀيرو سنڌ جون ھاري عورتون به جيلن ۾ ھيون. اُھا تحريڪ ڪامياب ٿي.
پاڻ ۱۹۶۴ع ۾ يونين ڪائونسل ترائيءَ جو چيئرمين به رھيو ۽ ان سان گڏ پنھنجو سياسي سفر جاري رکندو آيو، سياست ۾ نون لاڙن کي متعارف ڪرائڻ لاءِ ھو ڪوشان رھيو ۽ ھن جون اھي ڪوششون گھڻي قدر ڪامياب به رھيون، ڇو جو سندن سياسي بصيرت کي ڏسندي ان وقت چڱا کاشا سياستدان کانئس ڊپ ڪندا ھئا ۽ اڪثر سياسي اٿل پٿل وقت سندن راءِ کي اھم سمجھيو ويندو ھو. ھو سياسي تاريخ جو اھڙو وھڪرو ھو جنھن سنڌ جي جھر جھنگ، ٿر تائين ھڪ نئين تاريخ کي جنم ڏنو .
شھيد فاضل راھو غريب مسڪينن جي دردن کي پنھنجو سمجھندو ھو جنھن ڪري مظلوم غريب طبقي جا ماڻھو کيس پنھنجو ليڊر سمجھندا ھئا ۽ مٿس ساھ نڇاور ڪندا ھئا ۽ ھو انھن جو آواز بڻبو ھو. جيسيتائين ساڻس زندگيءَ وفا ڪئي تيستائين انھن جي حقن لاءِ ويڙھ ڪندي گذاري ڇڏي، اڄ سندس ۳۳ هين ورسي آھي، جيڪا سندس اباڻي ڳوٺ ۾ ملھائي پئي وڃي، جنھن ۾ ملڪ جا ناليوارا سياستدان سندس جي جيون تي خيال ۽ لفظن جي مالھا جوڙي پيش ڪندا، جنھن ۾ ھڪ ڀيرو ٻيھر شھيد فاضل راھو جي ڪيل جھدوجھد کي ڀيٽا پيش ڪئي ويندي ۽ انھي کي ياد ڪيو ويندو.


فاضل راهو

عوام ۽ هارين جو ڀرجهلو

ڪامريڊ منان چانڊيو

لاڙ جو لال محمد فاضُل راھُو عوامي اڳواڻ ھڪ ھُيو, جنھن پنھنجي سڄي ڄمار سنڌي قوم ۽ ان جي ماتر ڀومي جي عزت ۽ آجپي جي لاءِ جدوجھد ۽ جاکوڙ ڪندي قربان ڪري ڇڏي. اڄ سترنھن جنوري تي اُن سنڌي سپُوت جي ورسي سندس آخري آرامگاھ راھوڪي ۾ عقيدت ۽ احترام سان ملھائي پئي وڃي.

شھيد عوام محمد فاضل راھو کي ۱۹۸۷ع تي ھڪ ڪرائي جي قاتل فضل چانگ ھٿان قتل ڪرائي اُھو تاثر ڏنو ويو ته اُھو واقعو ذاتي دشمني جي بنياد تي ٿيو آھي. شهيد فاضل جي زندگي جدوجھد ۽ پارٽي وابستگي تي مٿاڇري نظر وجھبي ته ھن ڳوٺ راھوڪي تعلقو گولاڙچي جي ھڪ مالوند ۽ ننڍي زميندار احمد خان راھو جي گھر ۾ اک کولي. جيئن جيئن ھُن جي عقل ۽ شعور ۾ واڌارو ٿيندو رھيو تئين تئين ھُن جي نظر پنھنجي مال ۽ زمين کان اڳتي آس پاس جي ھارين ۽ پورھيتن جي حالت تي پئي جيڪي اُن وقت ڏاڍي ڪٺن حالتن مان گذري رھيا ھُئا. فاضل صاحب کي شعوري ۽ ذھني طور تي اُھو معلوم ٿيو ته ڌرتي ڌڻين سان جيڪو انياءُ ٿي رھيو آھي اُھو قدرتي طور نه پر فرسوده حڪومتي نظام جو ھٿ سان گھڙيل آھي. فاضل صاحب ان سڄي ابتر صورتحال کي ڏسي دل ئي دل ۾ اُھو وچن ڪيو ته مظلومن ۽ محڪومن جي اھڙين حالتن کي بھتر بنائڻ لاءِ وڏي جاکوڙ ڪرڻ جي ضرورت آھي، اھڙي عزم، جذبي ۽ عمل جي ھُن شروعات بنا ڪنھن سياسي سماجي ڌُر جي پليٽفارم تان انفرادي طرح ھارين جي بيدخلين ساڻن زميندارن جي ڏاڍاين، مزدورن جي برطرفين ۽ سنڌي قوم جي قومي حقن تي لڳندڙ ڌاڙن خلاف آواز بلند ڪندي جدوجھد جي ميدان ۾ مانجھي مُڙس بنجي ڪُڏي ڪاھي پيو، جيڪا ڳالهه هڪ طرف علائقي جي مصيبت ماريل ماڻهن کي وڻي جيڪي سندس مداح ٿي پيا.

ٻئي پاسي سندس علائقن جا مير پير وڏا زميندار چوڌري ۽ آفيسر شاهي هن جي جان جا ويري بنجي ويا. جنهن وقت فاضل راهو سنڌي قوم ۽ عوام جي درد کي پنهنجو سمجهي پاڻ پتوڙي رهيو هيو ان وقت ڏکڻ سنڌ جي ڪيترن ئي ضلعن خاص ڪري بدين ۾ پنجابين جن ۾ حاضر سروس ۽ رٽائرڊ فوجي آفيسر توڙي سول عملدار شامل هيا انهن کي زرخيز ۽ سرسبز زمينون ڏنيون پئي ويون، اهو دور ون يونٽ جو هو جنهن ۾ سنڌ جون زمينون ڪارخانا ۽ گذر جا ٻيا وسيلا غير سنڌين ۽ ٻين صوبن سان واسطو رکندڙن لاءِ مال غنيمت بنيل هيا، انهن سڀني بي واجبين خلاف فاضل راهو هارين کي گڏ ڪري جدوجهد شروع ڪئي ۽ ان جدوجهد اثر ڇڏڻ شروع ڪيا.

فاضل راهو جي قائداڻي صلاحيتن جي خبر رسول بخش پليجي کي پئي ته هن فاضل سان ملڻ جي خواهش ظاهر ڪئي ۽ اهو وقت به اچي ويو جڏهن اهي ٻئي سنڌي قوم جا هڏ ڏوکي پاڻ ۾ مليا ته پوءِ ڀٽائي جي بيت جي هڪ سٽ وانگي هيا اڳي ئي گڏ ٻڌڻ ۾ ٻه ٿيا، يعني ذهن ساڳيا منزل ساڳئي ته پوءِ ڀلا ڌار ڇو رهجي، ڇو ته ڌار ڌار۽ انفرادي طرح جدوجهد وسيلي قومن جا مسئلا حل ناهن ٿيندا انڪري رسول بخش پليجو ۽ فاضل راهو گڏجي ۱۹۷۰ ۾ سنڌ سطع جي هڪ پارٽي سڌي عوامي تحريڪ قائم ڪئي، ان جو پهريون ڪنوينر چاچا حفيظ قريشي ۽ جنرل سيڪريٽري رسول بخش پليجو کي مقرر ڪيو ويو، اڳتي هلي فاضل راهو کي پارٽي جو صدر چونڊيو ويو، ان پارٽي ۾ ٻيا ڪيترائي وچين طبقي سان واسطو رکندڙ لکيا پڙهيا باشعور اديب دانشور ڊاڪٽر شاعر وڪيل عوام دوست سنڌي آفيسر ۽ ذميندار شامل ٿيا، جيسيتائين ڳالهه آهي فاضل راهو جي عوامي جدوجهد ۽ شهادت جي ته هو جڏهن عوامي تحريڪ جو حصو بڻيو ته سندس سياست ۽عوامي جاکوڙ اڳ کان وڌيڪ سگهاري ٿي وئي ياد رهي ته ان وقت بدين ضلعي ۾ تيل گيس جا جيڪي ذخيرا لڌا ويا انهن جو ٺيڪو آمريڪي ڪمپني يونين ٽيڪسائس کي مليل هيو اهڙن تيل ۽ گيس جي کوهن جي سنڀال ڪندڙ ملازمن جي گهڻائي پنجاب سان تعلق رکندڙ جي هٿ هئي، جن ڪمپني جي آشيرواد سان معدني پيداوار جي رائلٽي يا ملازمتون مڪامي سنڌي ماڻهن کي ڪونه پئي ڏنيون ويون، اهڙين ناانصافين خلاف فاضل راهو عوامي تحريڪ جي پليٽ فارم تان وڏي جدوجهد ڪئي.جنهن تي هڪ طرف ڪمپني جا مالڪ ناراض هئا ته وري ٻئي پاسي پنجاپ کان آيل ڪمپني جا وڏا ملازم ۽ ٺيڪدار به فاضل صاحب خلاف ڪات ڪهاڙا ڪري رهيا هئا، ٽئين طرف علائقي جا پير مير ڪرپٽ آفيسر به هن جي زندگيءَ جا تاڪائو بڻجي چڪا هئا، انهن سڀني تاغوتي ۽ فرعوني قوتن جي سرپرستي ضياءُ شاهي ڪري رهي هئي، ڇو ته ۱۹۸۳ع ۽ ۱۹۸۶ع جي جمهوري تحريڪ دوران فاضل راهو جي قيادت ۾ عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن اهم ڪردار ادا ڪيو هيو.

اڃان وڏي ڳالهه اها به هئي ته جڏھن فاضل صاحب کي ڪرائي جي قاتل هٿان شهيد ڪرايو ويو ان وقت فاضل پاڪستان ۾ سڀ کان وڏي کاٻي ڌر جي پارٽي عوامي نيشنل پارٽيءَ جو سينيئر نائب صدر هيو، هي اهو وقت هيو جڏھن افغانستان ۾ سويت يونين جي فوجي، سياسي ۽ مالي سهڪار سان ڪامريڊ نجيب الله افغان عوامي انقلابي حڪومت جو سربراهه هيو جنهن جا عوامي نيشنل پارٽيءَ سان تمام بهتر ۽ ويجها لاڳاپا هئا جيڪا ڳالهه آمريڪي سامراج ۽ ان جي ڪٺ پتلي جنرل شاهي ۽ ملڪ جي اسٽيبليشمنٽ کي پسند ڪونه هئي.

هتي هڪ ڳالهه به ياد ڏياريندا هلون ته جنهن ڏينهن فاضل صاحب کي شهيد ڪيو ويو ان کان صرف ٻه ڏينهن اڳ اي اين پي جي هڪ اعليٰ سطحي وفد سان گڏجي فاضل صاحب کي ڪامريڊ نجيب جي دعوت تي زميني رستي قابل وڃڻو هيو اهو وفد جڏھن تورخم سرحد تي پهتو ته پاڪستاني ايجنسين فاضل صاحب کي سرحد پار وڃڻ ڪونه ڏنو، ۽ هو واپس ڳوٺ پهتو، اسان جي نظر ۾ فاضل صاحب کي قتل ڪرائڻ ۾ مٿي ڄاڻايل ملڪي، غير ملڪي سفاڪ قوتن جو هٿ هيو، باقي فضل چانگ نالي واري قاتل سان هن جو ڪوبه ذاتي تڪرار ڪونه هيو ۽ هرو ڀرو ان مامري کي نام نهاد دشمني ۽ پلاند جو نالو ڏنو ويو، حقيقت ۾ فاضل علائقي واسي پورهيتن، هارين لاءِ ڀرجهلو ۽ ڇپر ڇانون هيو.

 

(ڏيھاڙي عوامي آواز ۾ ۱۷ جنوري ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)


شھيد فاضل راھو

راھوءَ جا رھيام، سنيھا سرير ۾

محمد اسماعيل راھو

انسان سٺائين ۽ خرابين جو مجموعو آهي، چڱايون ۽ برايون، خاميون ۽ خوبيون، نيڪيون ۽ بديون مطلب ته ڪوبه ماڻهو نه ته مڪمل طرح خامين کان پاڪ ٿي سگهي ٿو ۽ نه ئي وري پُورو بُرو ٿي سگهي ٿو. هونئن ته صحيع ۽ غلط جا معيار ۽ پيمانا هر معاشري جا الڳ به ٿين ٿا ۽ ڪن حالتن ۾ وقت جي تيز رفتار اڏام ۾ تبديل ٿيندا رهن ٿا. انهي حقيقت جي باوجود ڪي انساني قدر ۽ خصوصيتون نه رڳو مڙني معاشرن ۾ بلڪي مختلف زمانن ۾ به ساڳيون رهن ٿيون. مثال طور بهادري، دليري، جرئت، حوصلو، رحم دلي، سخاوت مستقل مزاج، ڏاهپ ۽ عقلمندي، ايمانداري، سچائي بي باڪي، سهپ، سادگي، نوڙت ۽ اڻورچائي، قرباني، ڪمانڊ ڪرڻ، رسڪ ۽ خطره کڻڻ، هر حال ۾ ثابت قدم رهڻ، توڙ نڀائڻ، وفادار هجڻ، غريب پرور هجڻ وغيره. جا گڻ، خوبيون ۽ خصلتون آهن جن ذريعي انسان جي بهتر هجڻ جو تجزيو ۽ تشريح ڪئي وڃي ٿي. لطيف سائين کي جن انساني خوبين گهڻي ۾ گهڻو متاثر ڪيو، هُن اُهي لوڪ داستانن جي ڪردارن ۾ ڳولي ڪڍيون، شاهه لطيف جي چونڊ انهن گڻن ۽ ڪردارن کي اها جلا ۽ عظمت بخشي جو انساني ذهن ۾ انهن ابدي حيثيت ماڻي ورتي. ايئن لڳندو آهي ته اها ئي انتها آهي، اهو ئي دنگ ۽ آخري ڇيڙو ۽ سنڌو آهي، ان ۾ لطيف جو ڪمال اهو آهي ته هن نه رڳو سندس موضوع بڻايل خصلت ۽ عمل کي پر ان لاءِ سندس پسند ڪيل ڪردار کي لازوال بڻائي انهي کي ابدي حياتي ڏئي ڇڏي آهي، سنڌي لوڪ داستانن جي ڪردارن کي جيڪي تاريخ جي وهڪري ۾ هڪ محدود دائري تائين سينه به سينه سفر ڪندي پنهنجو پاڻ کي زنده رکندي آيا، لطيف پنهنجو موضوع بڻائي انهن کي زبان عام ڪري هميشه لاءِ اَمرُ ڪري ڇڏيو. اها ڳالهه رڳو شاهه لطيف ئي نه پر دنيا جي ڪيترن ئي وڏن شاعرن سان به لاڳو ٿئي ٿي،

جيئن سسئي، سهڻي، ماروي، نوري، لاکو ڦلاڻي ۽ ٻين ڪردارن کي سڃاڻپ ۽ زندگي ڏني آهي، شاهه جي شاعري ۽ اهي ڪردار هڪ ٻئي جي لاءِ لازم ملزوم بڻجي ويا آهن. ايئن ئي جڳ مشهور ڊراما نويس وليم شيڪسپيئر انگلينڊ جي عشقيه داستان روميو جوليٽ لکي، روميو ۽ جوليٽ جي ڪردارن کي پوري دنيا ۾ مشهور ڪري لازوال بڻائي ڇڏيو،  پنجاب جي لوڪ ڪهاڻي هير رانجها کي وارث شاهه پنهنجو عنوان بڻايو،  وارث ته ان ۾ ايترو اڳيان هليو ويو جو هن رانجها کي ڪڍي ڇڏيو، هير رانجها جي ڪردارن پير وارث شاهه کي سندس شاعريءَ جو موضِوع ڏنو ۽ وارث شاهه سندس شاعريءَ جي ذريعي پنهنجي فن ۽ هير رانجها جي ڪردارن کي هميشه جي لاءِ امر ڪري ڇڏيو.

شاهه سائين به سندس سُورمين جي ڪردارن کي امر ڪري گهٽيِءَ ۽ گهر گهر تائين پهچايو. يقينن جيڪڏهن لطيف انهن کي پنهنجو عنوان نه بڻائي ها ته انهن مان ڪيترائي ڪردار وقت جي تيز وهڪرن ۾ لُڙهِي گمنام ٿي چڪا هجن ها، شاهه سندس ڪردارن جون جيڪي تعريفون ۽ واکاڻون ڪيون آهن، اهي بنيادي طرح انهن جي خاصيتن، عمل ۽ ڪم جي مڃتا ۽ ساراهه آهي، جيڪي هن سندس ڪئريڪٽرن ۾ انتها درجي تائين ڳولي ڪڍيون آهن، پر ڀٽائي هر خاصيت ۽ عمل جي لاءِ ڌار ڌار ڪردارن جي چونڊ ڪئي آهي، ايئن نه هوندو ته ان ڪردار ۾ بيان ڪيل خوبي کان علاوه ٻي ڪا به چڱائي يا گُڻُ نه ٿو ٿي سگهي، پر شاهه ان ۾ موجود انتهائي درجي تي پهتل خوبيءَ کي ئي کنيو آهي ۽ اهي انتهائون هن کي ڪنهن هڪ ڪردار ۾ نه پر الڳ الڳ روپ ۾ نظر آيون ۽ ان ئي روپ کي لطيف انهي گُڻَ جي ڪمال تي پهتل علامت بڻائي ڇڏيو. ماروي جي سندس ملير ۽ ملير جي ماروئڙن سان محبت ۽ حب الوطني، سسئي جي سندس منزل ۽ مقصد تي پهچڻ جي لاءِ پهاڙن جا ڪشالا ۽ اڻ ٿڪ جدوجهد، نوريءَ جي راڻي جي درجي تي پهچڻ باوجود نوڙت ۽ عاجزي سهڻي جو ميهار سان محبت ۽ عشق، مومل جي حسن ۽ سونهن جا جلوه، راڻي جي ڏاهپ ۽ تيزي، ڏياچ جي سخا، مڱڻي جي ساز ۽ سُر جو سوز، لاکي ڦلاڻيءَ جي دليري ۽ ارڏائي وغيره وغيره. ان کان قطع نظر ته لطيف جا اهي ڪردار حقيقي آهن يا ڏند ڪٿائي ۽ ديو مالائي، پر سندس شاعريءَ ۾ رڳو بيان ڪيل انهن ڪردارن جو نه رڳو لطيف کانپوءِ تخليق ٿيندڙ ادب تي پر سماجي ۽ سياسي زندگي تي گهرا اثر رهيا آهن. پر کڻي ايئن چئجي ته انهن جي اوثر ۾ ٻين سببن سان گڏ شاهه جي شاعري به هڪ مک ڪارڻ رهي آهي. يقينن شاهه جي مقرر ڪيل ۽ بيان ڪيل سندس ڪردار جي گڻ يا خصلت جي بلندي، گهرائي ۽ وسعت کي پهچڻ ناممڪن نه ته به مشڪل ضرور آهي، پر ايئن به نه آهي ته ڪو سنڌ صفا سنڍ ٿي وئي آهي، اسان وٽ ان معيار جي ڪردارن جي اڻاٺ ضرور آهي پر اڻهوند ڪونهي.

مون هڪ سياسي تقريب ۾ شاهه سائين جي وڏي شارح رسول بخش پليجو کي اهو چوندي ٻڌو ته لطيف سندس سُورمين جون جيڪي تعريفون ۽ واکاڻون ڪيون آهن، اهي سڀ جو سڀ جيڪڏهن ڪنهن هڪ شخص ۾ ٿي سگهن ٿيون ته ان جو نالو محمد فاضل راهو آهي، ان موضوع تي پليجو صاحب کان وڌيڪ ٻيو ڪير به نٿو لکي سگهي، هو جتي لطيف جو وڏو پارکو ۽ تشريح ڪرڻ وارو هو ته ساڳي وقت فاضل شهيد کي به اوترو ئي گهرائي سان سمجهندڙ هو. لطيف ۽ فاضل يعني لطيف جي ڪردارن ۾ فاضل کي ڳولڻو ۽ ڏسڻو آهي يا فاضل ۾ شاهه جي سُرن جي ڪردارن کي پسڻو آهي، شاهه سائين جي بيتن ۾ فاضل کي سمجهڻو آهي.

شروعات سُر سهڻي يا سهڻيءَ جي ڪردار سان ڪيون ٿا. فاضل ڪيترين ئي سياسي ۽ سماجي تحريڪن جو روح روان ۽ محرڪ رهيو، انهن ۾ گهڻيون اهڙيون هيون جيڪي هن باقائده انقلابي تنظيم جو حصو ٿيڻ کانپوءِ هلايون پر ڪيتريون جدوجهدون ۽ تحرڪ ان کان پهرين پنهنجي ليکي به ورتا. هونئن ته هن شعور سنڀاليندي پنهنجي اوسي پاسي ۾ ظلم ۽ ڏاڍائي جي خلاف سامهون ٿيڻ جي شروعات ڪري ڇڏي هئي.اها ڏات قدرت واري کيس پيدا ٿيندي ئي عطا ڪري ڇڏي هئي.

توڏِي! توڙائِين، نِينهَن نَوازِي سُوهَڻِي،

ڳِچِيءَ ھارُ حَبِيبَ جو، لائِقُ لَڌائِين،

سو تَڙُ سوٺائِين، جيڏانهَن عالَمَ آسَرو.

انساني فطرت جو جائزو وٺبو ته محسوس ٿيندو ته ڪيترائي ماڻهو هوندا آهن جيڪي ظلم، زيادتي، ناانصافي کي پسند نه ڪندا آهن يا هو اهو نه چاهيندا آهن ته ڪنهن سان به ڏاڍ ۽ جبر ٿئي پر اهو عمل فقط انهن جي خواهش تائين محدود هوندو آهي، هو اڳتي وڌي ان کي روڪڻ يا ان جي مزاحمت ڪرڻ جي جرئت ۽ همت نه ڪندا آهن يا نه ڪري سگهندا آهن. جڏهن ته انهن مان ڪي حالات سازگار ملڻ تي ان جي خلاف ويڙهه يا جدوجهد جو حصو بڻجي پوندا آهن، يعني جيڪڏهن ڪنهن ٻي فرد يا تنظيم ان جي خلاف ميدان ورتو ۽ اڳواڻي ڪئي ته پوءِ ڏاڍائي ۽ جبر جي خلاف نفرت رکندڙ ڪي ماڻهو ان جي پويان لڳي پوندا آهن ۽ ان جو حصو بڻبا آهن. اڳواڻي ڪرڻ ۽ ميدان وٺڻ لاءِ به ڪيتريون ڪيفيتون ۽ صورتحالون آهن. ڪنهن به جدوجهد ڪرڻ يا تحريڪ هلائڻ، يا جهيڙو يا ڦڏو ڪرڻ ۽ ان جي شروعات ڪرڻ کان اڳ ۾ پُوري ڳڻ ڳوُت ڪئي ويندي آهي.

هاڻي جيئن پاڻ مٿي ذڪر ڪيو ته رڳو چڱي سٺي سوچ رکڻ به مثبت آهي ڀلي ڳالهه آهي. هڪ ماڻهو ذهني طرح انصاف پسند هجي، ظلم ۽ زيادتي کي سٺو نه سمجهندو هجي اهو به بهتر آهي، پر ماڻهو اها سوچ رکي ٿو ۽ موقعو ۽ حالتون ملڻ تي ان ۾ پنهنجو ڪردار به ادا ڪري ٿو ته اهو پهرئين واري کان وڌيڪ بهتر آهي. اڃان به ٽئين بهتر پوزيشن آهي ته ان جي خلاف اڳواڻي ڪجي، شروعات ڪجي ۽ ميدان ۾ لهي پئجي، پر ليکو چوکو ڪري پوءِ ڳڻ ڳوت صلاح  ۽ مصلحت ڪرڻ کانپوءِ، مٿي ذڪر ڪيل هڪڙي ئي ڪم يا عمل جا ٽي مختلف مرحلا آهن. ٽنهي کي برو نٿو چئي سگهجي، سٺوئي سمجهبو، پر لطيف سائين جي ڪسوٽي جا معيار بلڪل جدا آهن، هن جي ڊڪشنري انهن ٽنهي کي جهڙوڪر رد ٿي ڪري، لطيف جي نظر ۾ جيڪڏهن پنهنجي مقصد سان سچائي ۽ ايمانداري آهي ۽ پنهنجو پاڻ تي ڪامل ڀروسو آهي ته پوءِ ڳڻ ڳوت ڇاجي ليکو ڪهڙو. لطيف کي سٺائين ۽ چڱائين جا معاشري جا عام ۽ رواجي قائم ڪيل معيار بلڪل متاثر نٿا ڪن. هن کي غير معمولي ڪردار ۽ انهن جا غير معمولي عمل متاثر ڪن ٿا جيڪي رواجي طرح بلڪل بينظير ۽  بي مثال هجن. جيڪڏهن شاهه سائين جي ان معيارکي ڏسبو ته شهيد فاضل راهو ان معاملي ۾ ان جو فرمانبردار شاگرد هو، شهيد فاضل ننڍڙين ۽ مقامي سطح جي جدوجهدن کان وٺي صوبائي ۽ قومي سطح جي تحريڪن ۾ پنهنجو پاڻ تي ۽ عوام تي ڀروسو ڪندي ڪاهي پوندو هو. جنهن ۾ ٻين ڪيترن ئي سببن کان سواءِ ان ۾ سڀ کان وڏو ڪردار هُن جي خود اعتمادي کي هوندو هو. شهيد فاضل جيڪي به سياسي، سماجي ۽ معاشرتي ڪاميابيون ماڻيون، ان جو ڪارڻ ڪيترائي عنصر آهن، جن ۾ تنظيم جا ساٿي ڪارڪن، دوست، راڄ ۽ هن جي شخصيت جا مختلف گُڻَ ۽ خاصيتون آهن پر انهن ۾ سڀ کان وڏو عنصر هن جي بي پناهه Will Power يعني خود اعتمادي کي حاصل  آهي. شايد انساني شخصيت جو اهو پاسو لطيف کي سڀ کان وڌيڪ متاثر ڪندڙ هو.

هُئِي طالِبِ حَق جِي، توڏِي لاڪُون توڙَ،

نه مَلاحُ نه مَڪُڙِي، نَڪِين ٻَڌَي نوڙَ،

پاڻِي پِنِيَ ٻَوڙَ، سُهِڻِيَ لَيکَي سِيرَ ۾.

جيڪڏهن منزل کي رسڻو آهي، جيڪڏهن درياهه پار ڪرڻو آهي، ميهار ماڻڻو آهي ته پوءِ ٻيڙيءَ يا مڪڙيءَ جي ڳولا ۽ انتظار ڇاجو، جيڪڏهن ٻيڙيءَ تي ئي سفر ڪرڻو آهي ته پوءِ نه رڳو اها رڪاوٽ آهي

پر پوءِ ان کي هلائڻ واري ناکئي ۽ ملاح جي به ڪاڻ ڪڍڻي پوندي ۽ ان جو به انتظار يا ڳولا ڪرڻي پوندي. لطيف جي نظر ۾ اهي سڀ بهانا ۽ رنڊڪون آهن، جيڪي توهانکي پنهنجي منزل کان پري ڪن ٿيون، هُو سمجهي ٿو ته مشڪل کان مشڪل حالتن ۾ به پنهنجي مقصد جي لاءِ جدوجهد ڪرڻ اصل منزل آهي، اهو عام ۽ رواجي ماڻهو جو ڪم آهي ته اهي پنهنجو سفر اڳتي وڌائڻ جي لاءِ موافق ماحول ۽ ساز گار حالتن جو انتظار ڪن، هوُ سُهڻيءَ کي هدايت ٿو ڪري ته فقط ساهڙ کي ذهن ۾ رک باقي ڪنهن به شيءِ جي پرواهه نه ڪر.

ساهَڙَ ڌارا، سُوهَڻِي! کوٽِيُون ڪَنِ کِرَسَ.

______

سِيارَي سِهَه راتِ ۾، جا گِهڙي وَسَندي مِينهَن،

هَلو ته پُڇون سُوهَڻِي، جا ڪَرَ ڄاڻي نِينهنَ،

جِنهِن کي راتو ڏِينهَن، مِهارُ ئِي مَنَ ۾.

لطيف جي پرک جي ڪسوٽي جو دنگ اتي به نٿو ٿئي، اهو اڃان به اڳيان آهي، يعني اهو سڀ ڪجهه کڻي ڪجي، انهن سڀني شرطن کي پورو ڪجي ۽ تمام مرحلن ۾ پار پئجي پوءِ به لازمي نه آهي ته شاهه جي معيار تي پورو لهجي ۽ ان کي متاثر ڪري سگهجي. لطيف سائين چئي ٿو ته اهي سڀ ڪم ڪرڻا آهن، تمام سلسلو پورو ڪرڻو آهي پر ڀڳيءَ دل سان نه، خوشيءَ سان بلڪه هيج ۽ ڪوڏ مان ڪجي.

ڪَنڌَيَ اُڀِيُون ڪيتَرِيُون، ”ساهَڙُ، ساهَڙُ“ ڪَنِ،

ڪَنِين سانگو ساهَه جو، ڪي ”گهورِيَس“ ڪِيو گِهڙَنِ،

ساهَڙُ سَندو تَنِ، گهاگهائَي گِهڙَنِ جي.

شاهه سائين جي مٿي بيان ڪيل وصف شهيد فاضل ۾ به اتم طريقي سان موجود هئي، انهن ئي وصفن سبب عام ماڻهو فاضل کي شينهن مڙس ڌُوپار، ڪنڌار ۽ مڙسن جو مڙس ڪري سڏيندا هئا. فاضل ننڍي کان ننڍي ڪم کان وٺي وڏي ۾ وڏي ڪم لاءِ هر دم حاضر هوندو هو. ڪنهن عام ماڻهو جو ننڍو ڪم هجي يا ڪو وڏو قومي ڪاڄ يا جدوجهدون تحريڪون، فاضل ان جي لاءِ سر ڌڙ جي بازي لڳائي ڇڏيندو هو، ان ۾ ويڙهه ۽ جدوجهد شروع ڪرڻ جي لاءِ فضا جي سازگار هجڻ يا موافق حالتن جو انتظار ڪو نه ڪندو هو، هو دشمن ۽ مخالف قوتن جي ڪمزور ٿيڻ جي لاءِ ڏينهن ڪونه ويهي ڳڻيندو هو، نه ئي وري ان انتظار ۾ وقت وڃائيندو هو ته اسين اڃان ايترا طاقتور ڪونه ٿيا آهيون جو هيءَ ويڙهه وڙهي سگهون. فاضل ميدان وٺندو هو ۽ ڪاهي پوندو هو، هو ان جنگ ۽ ويڙهه دوران ئي مخالف قوتن کي ڪمزور ڪندو هو ۽ پنهنجي هم صف طاقتن کي وڌيڪ مضبوط ڪندو هو، شهيد فاضل راهو سان انهن ويڙهن ۾ مختلف وقتن ۾ مختلف قوتون شامل هونديون هيون، جن ۾ هن جا ساٿي، ڪارڪن ۽ عام ماڻهو شامل هوندا هئا، پر ان ۾ سڀ کان وڏو ڪردار هن جي ذاتي يقين ڪامل کي هوندو هو. ۱۹۵۸ع کان وٺي ۱۹۸۷ع تائين يعني شهادت تائين، سندس زندگيءَ تي نظر وجهبي ته بنا ڪنهن شڪ شبهي جي واضع نظر ايندوته فاضل عام ماڻهن جا آفيسن جي اندر ڪم هجن يا بيمارن کي اسپتال پهچائي انهن جو علاج ڪرائڻو هجي يا مقامي ۽ علائقائي اجتمائي مسئلا حل ڪرائڻ لاءِ جدوجهد ڪرڻي هجي يا ڪي وڏيون قومي ۽ ملڪي تحريڪون هلائڻيون هجن، فاضل انهن ۾ سدائين اڳرو ۽ اڳڀرو هوندو هو. هو لطيف جو اهو پانڌيئڙو هو جيڪو اهي سڀ ڪم دنيا کي ڏيکارڻ جي لاءِ نه ۽ نه ئي راڄا رسم پوري ڪرڻ جي لاءِ ڪندو هو. پر هو مڪمل مالڪي ۽ ڌڻي ٿي اڳواڻي ڪندي شروعات ڪندو هو، سردي گرمي جهڪون هجن، مينهن هجن يا طوفان، ملڪ تي بدترين آمريت جا ڪارا ڪڪر ڇانيل ڇونه هجن، پر هو ويهڻ وارو نه هو.

هو سياري سهه رات ۾ جا گهڙي وسندي مينهن وارو مانجهي هو. هو ملاح، مڪڙي ۽ سيڻاهه کانسواءِ ڀريو درياهه پار ڪرڻ وارو جوان هو، قومي هجن يا عوامي ۽ جمهوري جدوجهدون ۽ جنگاڻن جي تمام ڏکين ۽ مشڪل وقتن ۾ ۽ وڏين آزمائشن ۾ به فاضل جي منهن ۾ ڪڏهن به گهنج ڪونه هوندو هو، هميشه وانگرسدائين کلندڙ ۽ مرڪندڙ چهرو، جهڙوڪر ڪجهه ٿيو ئي ڪونهي، پاڻ اڳي کان اڳرو. ايئن فاضل اهي سڀ مرحلا کلي ڪُڏِي هيج ۽ ڪوڏ مان گهاگهائي پنهنجي انجام تائين پهچايا.

 

(ڏيھاڙي پنھنجي اخبار ۾ ۱۷ جنوري ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)


محمد فاضل راھو

شھيد جمھوريت

ڊاڪٽر بخت جمال شيخ

اسان پنهنجي فائينل ايئر ايم بي بي ايس جي امتحان جي تياري ۾ مشغول هئاسون ۽ سنڌ ميڊيڪل ڪاليج ڪراچي جي NICVD سامهون نئين هاسٽل، جتي هاڻي ڊائو ليب قائم ٿيل آهي، جي ميس ۾ جيئن ئي لنچ ڪري ٻاهر نڪتاسون ته سامهون پليجي صاحب جو ڊرائيور عبدالحڪيم جوکيو اسانکي ڳوليندي نظر آيو. چيائين فاضل صاحب قتل ٿي ويو آهي. پليجو صاحب ملڪ کان ٻاهر ويل هو. مان، علي گل ميتلو، بشير شيخ، انور سومرو، ورسي مل، آفتاب لاشاري، ذوالفقار قاضي، دليپ روهڙو، امان الله ڀٽو ۽ ٻيا دوست حيراني ۽ پريشاني مان گڏ ٿي هڪٻئي جي همت وڌائڻ لڳاسون ۽ بعد ۾ ڪجھه دوست جلد محمد علي سوسائٽي پليجي صاحب جي گهر پهتاسون ۽ خبر پئي ته کيس گولاڙچي جي بازار ۾ ٻين وڳي منجهند جو جيئن ئي هو شهر ۾ پارٽي ڪارڪن حسن لوهار جي ڪپڙي جي دڪان تان ڪچهري پوري ڪري پنهنجي سوزوڪي FX ۾ ڊرائيونگ سيٽ تي ويهڻ لاءِ جهڪيو ته اول ئي موجود فضل چانگ ٽن ساٿين جي مدد سان مٿس پويان مٿي تي ڪهاڙيون هڻي ماري ڇڏيو .

اها ۱۷ جنوري ۱۹۸۷ع جي تاريخ هئي ۽ قتل جي رٿابندي ڪندڙن اهو ڏينهن ۽ قتل جو هٿيار انڪري چونڊيو هو جيئن سڀني جو خيال ان ئي ڏينهن سن ۾ سالگره ملهائيندڙن ڏانهن وڃي ۽ سنڌ ۾ سياسي ورهاست وڌائي هڪ ڌڪ سان ٻه شڪار ڪيا  وڃن پر سندس ذاتي ۽ سياسي وارثن، جيڪي ان وقت هڪ ئي ٻيڙي ۾ سوار هئا، جي سمجھه ۽ دورانديشي ان سازش کي ناڪام بڻائي ورتو. هڪ سال پهريائين ئي فاضل صاحب جي سکر جيل ۾ هوندي سندس وڏو فرزند صديق راهو ڪامڻ سبب فوت ٿي ويو هو.ايئن سندس خاندان جو سمورو وزن نوجوان اسماعيل راهو تي اچي پيو هو، جنهن پنهنجو سياسي سفر سڄاڳ ٻار تحريڪ کان شروع ڪيو هو. شهيد جي مڙھه کي ٻئي ڏينهن منجهند جو هزارين سوڳوارن پنهنجي ڪلهن تي کڻي آلين اکين سان “پلئه ڪندس پلئه ڪندس! اي فاضل توسان آ وچن!!” جي نعرن جي گونج ۾ راهوڪي ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو. پليجي صاحب کي پارٽي وارن صورتحال واضح ٿيڻ تائين واپس پاڪستان اچڻ کان منع ڪئي جيڪو الطاف گوهر جي Third World Foundation پاران ٿيندڙ ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ لنڊن ويل هو ۽ جنهن لنڊن ويندي ڪراچي ايئرپورٽ تي کيس رخصت ڪرڻ مهل فاضل صاحب کي هدايت ڪئي هئي ته هو خبردار رهي، ڇوته ۱۹۸۳ع ۽ ۱۹۸۶ع جي هلايل ايم آر ڊي جدوجهدن ۾ عوامي تحريڪ ۽ سندس وڏو ڪردار هو ۽ بدين ۾ تيل نڪرڻ سبب سندس زندگي کي خطرو هو جتي هن مڪاني ماڻهن کي روزگار ڏيارڻ ۽ تيل جي آمدني مان بدين کي حصو ڏيارڻ جي جدوجهد شروع ڪئي هئي. پر فاضل راهو بي ڊپو انسان هو جنهنجي شڪل ۾ ئي بهادري ڀريل هئي. سندس مرڪ مرڻ وقت به سندس لاش ۾ موجود هئي. هو ڪنهن يونيورسٽي مان پڙهيل ته ڪونه هو پر سندس ڏهاڪن جو عملي سياسي ۽ معاشي تجربو کيس هرهنڌ نمايان ڪندو هو ڇوته سندس شخصيت سندس قد جيان قداور هئي ۽ اعتماد سان ڀريل سندس مهڪندڙ چهري سندس سياسي دشمنن جي ننڊ ڦٽائي ڇڏي هئي. جيتوڻيڪ ۱۹۸۳ع جي ايم آرڊي جي تحريڪ ۾ هو پهرين ڏينهن ئي گرفتار ٿي ويو هو پر ان کان اڳ لال خان جي حيدرآباد واري گهر ۽ گل سينٽر تيِ گڏجاڻين ۾ جتي مختلف پارٽين جا نمائندا شامل هوندا هئا اتي هو واحد ماڻهو هوندو هو جيڪو وڏي اعتماد سان چوندو هو ته تحريڪ زور شور سان هلندي ۽ هن حڪمت عملي تحت انهن گڏجاڻين ۾ اهو فيصلو ڪرايو هو ته پنهنجي پارٽي جي جهنڊي سان گڏ پاڪستان جو جهنڊو کڻي ڪارڪن گرفتاريون ڏيندا جنهن تي مٿس تنقيد به ٿي هئي پر ٽن ڏهاڪن کان ايوب خان جي بنيادي جمهوريتن جي سياست ۾ فاطمه جناح جي حمايت ڪندي هو سياست ۾ داخل ٿيو هو پر فاطمه وانگر اها چونڊ ته کٽي نه سگهيو پر بعد ۾ هو ٻئي دفعي ترائي يونين ڪائونسل جو چيئرمين چونڊجي آيو. تنهنڪري کيس سياست جي ترڪتالن جي پروڙ هئي. اهڙو اعتماد فقط ايم آر ڊي جي هڪ ٻئي ليڊر محترم غلام مصطفي جتوئي جي لفظن ۾ هوندو هو جيڪو به شروعاتي ڏينهن ۾ ئي نظربند ٿي ويو هو ۽ جنهنجي علائقي جي عوام ان تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتو هو جنهنڪري اسماعيل اداسي جو لکيل گيت ”موري ميهڙ دادو ۾ ڍاٽيئڙا پٽ ڍول ڪٺا، رت سان رڱيل راڻن جا ڀيڻن ڀڻڪي لاش ڏٺا ” جهر جهنگ مشهور ٿيو هو.

فاضل صاحب گرفتاري کان اول سڄي سنڌ جو دورو ڪيو هو ۽ جنهن پليجي صاحب جي ڪوٽ لکپت جيل ۾ هئڻ سبب تحريڪ جي ڪارڪنن ۾ نئون روح ڦوڪيو هو. فاضل ۽ پليجي جو combo عوامي تحريڪ جي دل ۽ دماغ مثل هو. سندن دوستي ۽ سياسي ساٿ ڪئي ڏهاڪا پراڻو هو جڏهن ڪوٽڙي بئريج ٺهڻ بعد سنڌ جي زمينن جي نيلامي خلاف نيلام بند ڪريو تحريڪ هلي تڏهن فاضل صاحب ان تحريڪ جو روح روان هو. يونين ڪائونسل جي چيئرمين هئڻ سبب سندس ڪاموراشاهي سان به دوستيون هيون جيڪي نه فقط کيس خبرون پر پنهنجي ڪمائي مان حصو به ڏيندا هئا جنهن سان هو پارٽي جي مدد ڪندو هو. سندس اهڙن دوستن ۾ تپيدارن جي پلٽون به هئي جنهن۾ مرحوم غلام نبي بهراڻي، سردار محمد خان مگسي، حاجي محمد قاسم ملاح، حاجي ستابو شامل هئا. پليجو صاحب چوندو هو ته فاضل جيئن گاڏي تيز ٿو هلائي تيئن کيس ڊپ ٿئي ٿو ته هو گاڏي ڪلٽي نه ڪري وجهي ۽ پليجي صاحب بقول هن پاڻ هڪ دفعي سامهون ايندڙ تيز گاڏي جي موتمار حادثي کان بچڻ لاءِ پنهنجي ڪار ڪلٽي ڪئي هئي جنهن ۾ سندس ڪارائي جي هڏي ٽٽي پئي هئي. پر فاضل زندگي ۽ سياست جو ماهر ڊرائيور هو. سول اسپتال ڪراچي ۾ نظربند هوندي به سندس سياسي اثر جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته بدين ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلين ۽ بعد ۾ سينيٽ ۾ به سندس موڪليل چٺين تي هاليپوٽو، چانگ ۽ حمزو پليجو ۱۹۸۵ع جي چونڊن ۾ چونڊجي آيا هئا. پر هنن اسيمبلي ۾ ڄام ساقي، سندس ۽ پليجي صاحب جي نظربندي لاءِ سوال پڇڻ کان نابري واري هئي جيڪو آواز بعد ۾منڊي بهاءُ الدين جي چوڌري ممتاز تارڙ قومي اسيمبلي ۾ اٿاريو هو.

ضرور فاضل راهو سان جيل ۾ توڙي ٻاهر بااختيارن رابطا ڪيا هوندا ۽ ناڪامي جي صورت ۾ پهريائين کيس جيل ۾ برداشتي هٿان چانهن ۾ زهر ڏئي مارائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. جنهن مان هو چڙهي ويو، انڪري ملڪ ۽ جمهوريت جي دشمنن کيس جسماني طور ختم ڪرڻ جي سازش جاري رکي. فاضل ۽ سندس ساٿين کي خبر پئجي چڪي هئي ته سياسي انجنيئرنگ جي ماهرن اسلام آباد ۾ سندس زندگي جو فائيل رڪارڊ مان گهرائي ٽيبل تي رکيو آهي جنهن۾ سندن نظر ويھه سال پراڻي ۱۹۶۷ع جي واقعي تي پئي هئي جڏهن فاضل راهو ترائي يونين ڪائونسل جو چيئرمين هو. ميرپور بٺورو مان هڪ نوجوان ڇوڪري سڀائي چانگ سندس تر ۾ قاسم عرف قاسو چانگ اغوا ڪري آندي هئي. ڇوڪريءَ جي ڀاءُ احمد چانگ تر جي بااثر فاضل راهو جي عدالت وٽ فرياد ڪئي، جيڪا جهانگير بادشاهه جي گهنڊ وانگر هر وقت وڄڻ لاءِ تيار هوندي هئي. فاضل پنهنجي اثررسوخ سان حيدرآباد جي ڪورٽ مان، جنهنجو بدين ان وقت حصو هئي، سرچ وارنٽ ڪڍرائي پوليس جي مدد سان ڇاپو هڻايو جتي اغوا ٿيل سڀائي چانگ رکي وئي هئي

.پوليس جو ٻڌي قاسم مزاحمت ڪئي جنهنجي نتيجي ۾ پوليس فائرنگ ۾ هو مارجي ويو. ويهن سالن بعد ان واقعي کي تازو ڪري قاسو چانگ جي ان قتل کي فائيل مان ڪڍي فيلڊ ۾ آڻي سندس نوجوان ڀائٽي فضل چانگ کي چاچي جو بدلو پوليس بجاءِ فاضل کان وٺڻ لاءِ سندس برين واش ڪيو ويو ۽ کيس ان واعدي سان ته هو قانون جي ڪٽهڙي مان ايئن آزاد ڪيو ويندو جيئن ذوالفقار علي ڀٽي جي قتل جي مقدمي ۾ جماعت اسلامي جي همدرد شاهدن سان ميان طفيل ڪيو هو. پر ميان طفيل جي واعدي برخلاف سندس همدرد شاهد ڦاسي تي چڙهي ويا ايئن فضل چانگ ڦاهي تي لٽڪايو ويو، هڪ ملزم جيل ۾ ئي مري ويو ۽ باقي ٻن کي جنم ٽيپ ڏني وئي.

سنڌ جو هڪ تاريخدان جيڪو ڪئي ڏهاڪا پهريائين پوليٽيڪل سائنس ۾ ڊاڪٽريٽ ڪرڻ آميريڪا ويو هو سو ٻڌائندو آهي ته هن کي اتي خبر پئي ته پوليٽيڪل سائنس جي جڳھه هاڻي پوليٽيڪل انجنيئرنگ وٺي چڪي آهي ڇوته سائنس معنيٰ هر وقت ساڳئي عمل سان ساڳيو نتيجو اچي پر سياست ۾ هڪجهڙا عمل ساڳيا نتيجا نٿا ڪڍن. کيس پوليٽيڪل انجنيئرنگ پڙهڻ جي آڇ ٿي جيڪا هن قبول ڪئي پر لاگريٿم ۾ مهارت نه رکڻ سبب هو ڪامياب ٿي نه سگهيو جڏهن ته ساڻس گڏ پڙهندڙ حميد گل پاس ٿي ويو. سندس چوڻ آهي ته ان علم تحت سياسي شخصيتن جو گهرو نفسياتي تجزيو ڪندي سندن هڪ سئو کان وڌيڪ خوبين، خامين، ڪمزورين، چڱائين، پسند، ناپسند جو ايتري ته باريڪ بيني سان مشاهدو ڪيو وڃي ٿو جو ڪڏهن ڪڏهن ته اهي شخص به پنهنجين انهن جزن کان بي خبر رهن ٿا. اهڙي طرح انهن جو گهرو تجزيو ڪندي فارمولائن جي مدد سان سندن ماڊلنگ ڪئي وڃي ٿي. اهو ڪم هاڻوڪي زماني ۾ مشيني ذهانت AI جي مدد سان ڪيو وڃي ٿو. اهڙي طرح ان شخصيت کي شطرنج جي مهرن وانگر ڪڏهن لٺ ته ڪڏهن چٺ سان هلائڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي. گهڻي ڀاڱي سندن اهي حربا ڪامياب ٿين ٿا ۽ ڪڏهن ڪڏهن ناڪامي جي صورت ۾ راند جي بساط ڦٽائڻ کان سواءِ ٻيو ڪو چارو نٿو رهي. آڪٽوبر ۱۹۷۳ع ۾ يوم ڪپور جي جنگ سبب سئز ڪئنال بند ٿيڻ سبب عالمي منڊين ۾ جڏهن پئٽرول ۴ مان چڙهي ۱۲ ڊالر في بيرل تي پهتو تڏهن ان بحران جي مک ڪردارن مان هڪ سعودي عرب جي شاهه فيصل جنهن پنهنجي ملڪ ۾ غلامي ختم ڪئي هئي، مذهبي متعن جي اهميت گهٽائي بيوروڪريسي ۾ سڌارا آندا، هئا، سرڪاري ٽي وي جي نشريات شروع ڪئي هئي ۽ فلسطين جي حمايت ڪندي سڄي دنيا جي مسلمانن کي متحد ڪرڻ جي Pan Islamist نظرئي جي حامي ڀري هئي تڏهن کيس تعاون نه ڪرڻ جي پاداش ۾ ختم ڪرڻ جي سازش سٽي وئي. سازشين جي نظر سندس فائيل ۾ موجود ۱۹۶۵ع جي ان واقعي تي پئي جنهن ۾ رياض ۾ ٽي وي جي نشريات جي خلاف مظاهرو ڪندڙ سندس ڪٽر وهابي سئوٽ خالد بن مسعيد کي پوليس پاران گولي هڻي قتل ڪيو ويو هو.

سنڌ جي تاريخ شهيدن ۽ غازين سان ڀريل آهي پر گذريل هڪ صدي ۾ پنجن شهيدن پير صبغت الله شاهه پاڳارو، الله بخش سومرو، ذوالفقار علي ڀٽو، فاضل راهو ۽ بينظير ڀٽو جيڪي ترتيبوار ۳۳, ۴۳, ۵۱, ۵۳ ۽ ۵۴ سالن جي عمر ۾ جسماني طور ختم ڪيا ويا سي سياسي ۽ روحاني طور تي ختم ٿي نه سگهيا پر جي هو ايئن ختم نه ڪيا وڃن ها ته اڄ پاڪستان ۽ سنڌ جو روپ مختلف هجي ها.

 

(ڏيھاڙي پنھنجي اخبار ۾ ۱۷ جنوري ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)


فاضل راھو

سنڌ جو راڻو

محمد موسيٰ جوکيو

نومبر ۲۰۲۰ع مهيني جي ۷ تاريخ آئون پنهنجي ڪنهن ذاتي ڪم ڪار سان ڪراچي ۾ هوس. منهنجو ڀاءُ علي احمد به مون سان همسفر هو. منهنجو ڀاءُ علي احمد سُلجهيل سوشل، سماجي ذهنيت وارو آهي. انهي حوالي سان ڪراچي جي ڀرپاسي وارن ڳوٺن سان به هن جي عليڪ سليڪ صفا ويجھڙائي واري آهي. ڪراچي شهر ۾ گلاب جوکيو، حاجي اڪبر جوکيو ٻيا ڪجھه همراهه اسان کي ملي ويا. هنن وڏي اڪير ۽ دل جي گهراين سان سندن ڳوٺ هلڻ جي اسان کي دعوت ڏني.

انهي دوران ڪراچي شهر جي علائقي “گلشن حديد” جي نزد ڏکڻ طرف لڳ ڀڳ چار پنج ڪلو ميٽر جي فاصلي تي هڪڙو ڳوٺ قيصراڻي ذات وارن جو آهي. انهي ڳوٺ جو نالو مورنگ قيصراڻي يا محمود قيصراڻي جي نالي سان سڏجي ٿو. انهي ڳوٺ جي نيڪ مرد پير بخش قيصراڻي جي دعوت جو سنيهو به مليو. جنهن ۾ بزرگ پير بخش قيصراڻي اسان تي زور ڀري تاڪيد ڪئي هئي ته توهان کي ڪنهن به صورت ۾ اسان جي تڏي تي اچڻو پوندو.

آئون جڏهن پنهنجي ڀاءُ جي ساٿ ۾ پنهنجن ميزبانن جي ڳوٺ ۾ پهتس اهو نما شام جو ٽائيم هو. ڳوٺ وارن جي بيٺڪ تي ماڻهن جو چڱو خاصو مجموعو موجود هو. انهن اسان جي اهڙي ته شانائتي نموني سان آجيان ڪئي جو آئون ته حيران ٿي ويس. مون سان هم ڪلام ٿيڻ لاءِ جهڙو انهن همراهن جو “انداز بيان” هو. جنهن منهنجي دماغ کي صفا چرخ ڪري ڇڏيو. اسان جي سماجي حساب سان اجرڪون گلن جي ورکا، ٻيا تحفا منهنجي لاءِ اچرج جو باعث هئا. مون انهي قسم جي محبت، عقيدت احساسن ۽ جذبن جو مظاهرو فقط شهيد عوام محمد فاضل راهو جي لاءِ اهڙين تقريبن ۾ ڏٺو. ڇو ته فاضل صاحب سان منهنجو زندگي ڀر ساٿ رهيو. هن جي وڇوڙي کان پوءِ منهنجي لاءِ اها پهرين تقريب هئي.... جنهن ۾ مون شريڪ ٿيندڙن ۾ اهڙو اتساهه ڏٺو، منهنجي لاءِ اهو وڏو سواليه نشان  هو... جنهن جي جواب ڳولڻ لاءِ مون وٽ اهڙو ڪوبه پيمائشي اوزار نه هو.

منهنجي اها ڪيفيت منهنجي پاسي ۾ ويٺل بزرگ شخصيت پير بخش قيصراڻي پروڙي ورتي. هن منطقي انداز ۾ مون کي چيو ته  “توهان جو هتي غائباڻو تعارف شهيد فاضل جي “جهوني ساٿاري” وارو آهي. هي ته اوچتو تڙ تڪڙ ۾ پروگرام ٿي ويو. جنهن ۾ توهان ايئن سمجھو ته جيڪڏهن رٿيل پروگرام هجي ها ته هن کان به وڌيڪ ڏهوڻو ٿئي ها!”

منهنجي ذهن تي جيڪو بار هو .... انهي جو حل منهنجي سامهون ظاهر ٿي ويو........... پوءِ فاضل صاحب جي حوالي سان جيڪا هن تاريخي ڳالهه ٻڌائي انهي جو اختصار ڪجھه هن ريت آهي. هنن ٻڌايو ته“ ۱۹۸۱ع ۾ جڏهن سنڌ دشمن جابر حڪمران جنرل ضيا جي بادشاهي هئي. سنڌ جي ورهاست جون ڳالهيون ته هر دور ۾ ٿينديون رهن ٿيون. پر انهي دور ۾ سرس هيون. سنڌ جي نام نهاد حڪمرانن جو مقصد هو ته ڪراچي کان اوڀر طرف گھاري تائين هڪڙو “ انڊسٽريل زون ” ٺاهجي جنهن ۾ مختلف ڪارخانا، ڊيري فارم ( مال جا وٿاڻ ) مرغي خانا ۽ ٻين صنعتن جا پلاٽ لڳائي ماڊل وليج ٺاهي سنڌي ماڻهن جي بجاءِ اتي سنڌ دشمن ۽ غير سنڌي آباد ڪجن. انهن کي آسان شرطن تي قرض به ڏجن جيئن سنڌين جي هاءِ گھوڙا وارو مٿي جو سور به ختم ٿئي. اڳتي هلي سنڌ جي ورهاڱي وارو رستو به هموار ٿي وڃي.”

انهي خوفناڪ منصوبي کي ناڪام ڪرڻ لاءِ متاثر علائقن جا جيڪي به ساڃاهه وند سنڌ جا اصلي رهواسي پنهنجي وجود کي برقرار رکڻ لاءِ تحرڪ ۾ اچي ويا. انهي وچ ۾ سنڌ دشمن قوتن ڪاغذي ڪارروايون به شروع ڪري ڇڏيون. انهي جي ٽوڙ لاءِ انهن بي وس  ماڻهن کي رهنمائي جي شديد ضرورت محسوس ٿي. انهن سڄاڻ ماڻهن جي اڳيان سٺ واري ڏهاڪي جي پڇاڙي ۾ ڪوٽڙي بئراج جي زمينن تي ڌارين کي وسائڻ لاءِ جيڪو منصوبو رٿيل هو. انهي منصوبي کي ناڪام ڪرڻ لاءِ لاڙ پٽ ۾ جيڪا زمين نيلام ڪرڻ جي اسڪيم هئي جنهن ۾ “زمينن جو نيلام بند ڪريو ” تحريڪ هلائي ويئي هئي. جنهن جي نتيجي ۾ سنڌ جي لاڙ واري پٽ ۾ لکين ايڪڙ زمين جا مالڪ اصلي سنڌي انهن زمينن جا مالڪ ٿي ويا. جنهن جو محرڪ فاضل راهو هو. انهي جي رهنمائي لاءِ متاثر ماڻهن فاضل صاحب سان رابطو ڪيو. انهي وقت فاضل صاحب انهن ماڻهن جو ٻانهن ٻيلي ٿيو ... متاثر ماڻهن سان گڏجي هن انهي سموري علائقي ۾ ماڻهن ۾ سجاڳي آندي. متاثر ماڻهن سان گڏجي ايڏي ته همه گير تحريڪ هلائي جو انهي وقت جي حڪمرانن جو مٿي جو سور ٿي پيو. پوءِ حڪمرانن گوڏا کوڙيا مجبورن اهو سمورو علائقو سرڪار متاثر ماڻهن جي خواهش مطابق حقيقي ماڻهن جي گھرجن مفادن مطابق نيڪال ڪيو ... ڪوبه متاثر ماڻهو دربدر نه ٿيو اهي وسنديون جيئن به هيون ايئن برقرار رهيون نه رڳو ايترو پر انهن کي اهڙيون روبڪاريون به مليون جيئن اهي ماڻهو قانوني طور انهن وسندين جا مالڪ ٿي ويا. انهي ڳوٺ جي بزرگ نيڪ مرد پير بخش قيصراڻي انهي باري ۾ هڪڙو عجيب غريب واقعو هن ريت به ذڪر ڪيو ته “جڏهن متاثر ايراضي جي نئين سري سان سيٽلمينٽ ٿي رهي هئي. انهي وقت اسان حڪمرانن کي پنهنجي سگھه آهر اهو به پابند ڪيو ته جڏهن به انهي منصوبي تحت سرڪاري طور ڪچهرين جا پروگرام ٿين ته اسان انهن ڪچهرين ۾ مجاز آفيسر سان گڏ پنهنجا نمائندا به ويهارينداسون ۽ هن ڪم ۾ جنهن شخص وڌ ۾ وڌ سهڪار ڪيو آهي. اسان جي رهنمائي به ڪئي آهي. اهو محمد فاضل راهو آهي. انهي کي به گذارش ڪنداسون ته اهو به اسان جي انهن ڪچهرين ۾ شموليت ڪري اسان جي رهنمائي ڪري سرڪار اسان جي اها راءِ به قبول ڪئي. پوءِ خاص موقعن تي فاضل صاحب کي به اسان گذارش ڪئي ته توهان پنهنجي مصروف ترين وقت مان اسان جي لاءِ به ڪجھه ٽائيم عنايت ڪندا. فاضل صاحب به اسان جي گذارش کي مان ڏئي اهڙو اظهار ڪيو ته جتي توهان منهنجي موجودگي ضروري سمجھو ته اهڙي مون کي آگاهي ڏيندا. آئون ڪوشش ڪري اوهان سان گڏ هوندس.

پير بخش قيصراڻي هڪڙي اهم ڪچهري جو هن ريت ذڪر ڪيو ته “اسان فاضل صاحب کي اطلاع ڪيو ته سرڪاري ڪچهرين جو پروگرام شروع ڪري ڇڏيو آهي. مختلف ڳوٺن جي مرڪزن تي ڪچهريون ٿي رهيون آهن. متاثر ماڻهن کي سرڪار روبڪاريون ڏي پئي. ڪجھه ڳوٺن جي مرڪز ۾ هڪڙي اهم ڪچهري جو پروگرام ٿي رهيو آهي. اسان انهي ڪچهري ۾ اوهان جي موجودگي ضروري سمجھون ٿا. اسان جي سڀني ساٿي دوستن جو اهو خيال آهي ته انهي بهاني سان اوهان سان ملاقات به ٿي ويندي. اوهان ضرور شرڪت ڪجو.” فاضل صاحب انهي ڪچهري ۾ شريڪ ٿيو زمين جي ورهاست هئي. سڀني جي منشا مطابق اتي موجود ماڻهن کي زمينن جا پروانا به ملي ويا. تڏهن به هڪڙو زمين جو ٽڪرو رهجي ويو. مجاز آفيسر چيو ته “باقي هڪڙو زمين جو ٽڪرو رهي ٿو. انهي جو نيڪال به ٿيڻ گھرجي.” فاضل صاحب سڀني کي چيو ته “هي زمين جو ٽڪرو وچ ۾ آهي. پوءِ جيڪڏهن ڪنهن اهڙي ماڻهو کي ملي جو سڀني لاءِ مٿي جو سور ثابت ٿئي. انهي لاءِ اهو مناسب آهي ته توهان ڪو نالو ڏيو ته ڪم مڪمل ٿي وڃي.. اتي موجود سڀني همراهن ڪوشش ته ڪئي پر ڪوبه نالو نه ڏئي سگھيا تقريبن ڳوٺ جي ماڻهن جا نالا ٿي چُڪا هئا. اتي موجود هڪڙي همراهه جي هنج ۾ ٻن ٽن سالن جو هڪڙو ننڍڙو ٻار هو. جنهن جو نالو “غلام نبي ” هو. جڏهن فاضل صاحب جي نظر انهي ٻار تي پئي ته يڪدم چيائين ته “يار هي همراهه رهجي ويو آهي. اهو زمين جو ٽڪرو هن جي نالي ٿا ڪريون.” مجاز آفيسر رڙ ڪئي ته “فاضل صاحب هي ته ٻار آهي. اهو وري ڪيئن ٿيندو”؟ فاضل صاحب انهي ٻار کي سندس پيءُ کان وٺي پنهنجي ڪلهي تي ويهاري چيائين ته “سرڪار هي ته منهنجي قد کان به وڏو آهي. ڀلي کڻي ماپ ڪريو...! ڪاميٽي جو فيصلو آهي ته رهيل زمين هن کي ملڻ گھرجي. ڪنهن کي به اعتراض نه آهي.” پوءِ ايئن ٿي ويو. مجاز آفيسر هن ٻار جي نالي تي روبڪاري جاري ڪئي.

اتفاق اهڙو ٿيو جو انهي ڏينهن قيصراڻين جي ڳوٺ ۾ اسان سڀني جي روبرو غلام نبي به موجود هو ۽ انهي جو پيءُ عبدالرزاق به موجود هو. عبدالرزاق جي عمر لڳ ڀڳ اسي ڌاري هوندي ۽ سندس پٽ غلام نبي چاليهارو سالن جو ٿي لڳو. مون ڏٺو ته اسان کي ڏسي هو پيءُ پٽ خوشي ۾ نه پئي ماپيا جڏهن اهو ذڪر هليو ته ٻنهي پيءُ پٽن مون کي وري به ڀاڪر پائي منهن تي هٿ ڦيريا، ٻيا اتي جيڪي به ماڻهو موجود هئا. انهن سڀني فاضل صاحب جي ايتري ته ساراهه ڪئي جهڙوڪر هو انهن لاءِ فرشتو هجي. هڪڙو نوجوان جنهن جو نالو محمد فاضل ولد حسن علي قيصراڻي هو. هن اسان کي اهو ٻڌايو ويو ته “فاضل صاحب جي شهادت کان پوءِ هن جي ياد کي تازو ڪرڻ لاءِ اسان وٽ فاضل صاحب جي چاهيندڙن پنهنجي ٻارن تي فاضل نالو رکيو آهي. اهڙا فاضل جي نالي وارا ٻار اسان وٽ انيڪ آهن.”

فاضل صاحب لاءِ اڄ جي دور جي مشهور شاعر ڊاڪٽر محمد بچل “برق” جي هن شعر جي ٻن سٽن تي  هن ڪالم جو اختتام ڪريون ٿا.

تنهنجون ڳالهيون ڳوٺن پوٺن، تنهنجون يادون من ۾ مرڪن

فاضل هيئين تون مڙس مهان. راهو توتي سرخ سلام

 

(ڏيھاڙي عوامي آواز ڪراچي ۾ ۲۱ جنوري ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)


فاضل راھو

راهو تنهجي ريت....!

شاھد جتوئي

اڄ کان ۳۵ سال اڳ، ۱۷ جنوري ۱۹۸۷ع تي، بي بي سي ريڊيو جڏهن هيءَ خبر نشر ڪئي ته؛ ’سنڌي عوامي تحريڪ جي صدر فاضل راهو کي قتل ڪيو ويو آهي‘ ته پاڪستان جي وطن پرست جمهوري ۽ ترقي پسند حلقن کي ڄڻ نانگ سراپي ويو هو. ڇو جو هي انهن لاءِ تمام وڏو سانحو هو. ذوالفقار علي ڀٽو جي عدالتي قتل کان پوءِ پاڪستان جي تاريخ ۾ هي سڀ کان وڏو سياسي قتل هو. ان تي سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ سخت احتجاج ٿيو. فاضل راهو جي قتل سان آمراڻي، عوام دشمن، استبدادي ۽ استعماري قوتن خلاف هڪ سگهارو ۽ ڪڙڪيدار آواز بند ٿي ويو هو. پاڪستان جا ماڻهو هڪ ٻئي بهادر ۽ جرئتمند سياسي اڳواڻ کان محروم ٿي ويا هئا. ۱۷ جنوري تي هڪ ٻيو چار اپريل ٿي ويو هو.

فاضل راهو کي هڪ مقامي نوجوان شهيد ڪيو هو، پر پاڪستان جي سياسي قوتن کي معلوم هو ته پردي پويان سازش ڪجھه ٻي هئي. سينئر صحافي ۽ نامياري دانشور دستگير ڀٽي جو ان وقت اهو چوڻ درست هو ته فاضل راهو جو قتل ائين ٿيو هو جيئن سعودي عرب جي شاهه فيصل جو ٿيو. شاهه فيصل جي ڀائٽي جي جهڙي ريت برين واشنگ ڪئي وئي هئي، بلڪل ائين ئي گولاڙچي جي چانگ قبيلي جي نوجوان جو برين واش ڪيو ويو، جنهن ڪهاڙي جا وار ڪري فاضل راهو کي شهيد ڪري ڇڏيو هو. ان نوجوان کي شاهه فيصل جي ڀائٽيي جيان ڊگهي عرصي تائين ڀڙڪايو پئي ويو  ته ان جي پيءُ ۽ چاچي جو ڪيترا ئي سال اڳ قتل ٿيو هو.

ان ۾ فاشل راهو ملوث هو. شاهه فيصل تيل جي دولت سان مالا مال رياست جو بادشاهه هو، جيڪو تيل تي گهڻ قومي ڪمپنين ۽ انهن جي سامراجي آقائن جي قبضي کي ختم ڪرڻ جو خواهشمند هو. فاضل راهو به تيل ۽ گيس جي دولت سان مالا مال ضلعي بدين جو هڪ درويش سياسي ليڊر هو، جيڪو ان قدرتي دولت تي علائقي جي غريب ماڻهن جي مالڪي جي حق لاءِ ڊگهي وقت تائين جدوجهد ڪندو رهيو. تيل ۽ گيس جي بين الاقوامي ڪمپنين کي اها ڳالهه پسند نه هئي. ان جدوجهد سان گڏ گڏ فاضل راهو جاگيردارن ۽ نو آبادڪارن جي ظلمن خلاف به آواز اٿاريو هو ۽ آمرن ۽ استعماري قوتن کي به للڪاريو. جنرل ضياءُ الحق خلاف جمهوريت جي بحالي واري تحريڪ (ايم آر ڊي) ۾ فاضل راهوءَ جو قائداڻو ڪردار هو ۽ هو پاڪستان جو وڏو ليڊر بڻجي اڀريو. کيس ڪيتريون ئي قوتون پنهنجي رستي تان هٽائڻ چاهين پيون.

شهادت کان ڪجهه وقت اڳ فاضل راهو کي ڪراچي جي لانڍي جيل ۾ هڪ قيدي ذريعي زهر ڏنو ويو. زهر ڏيندڙ قيدي کي لانڍي جيل مان ڪنهن ٻئي هنڌ منتقل ڪيو ويو هو ته جيئن پردي پويان ٿيل سازش پڌري نه ٿي پوي. فاضل راهو کي اسپتال نيڻ بدران سکر جيل منتقل ڪيو ويو هو پر هو بچي ويو. ۱۹۳۴ع ۾ ضلعي بدين جي تعلقي گولاڙچي (موجوده نالو شهيد فاصل راهو) جي ڳوٺ راهوڪي ۾ هڪ زميندار عنايت احمد راهو جي گهر ۾ اک کوليندڙ محمد فاضل راهو شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي شاعري جي هڪ ڪردار “راهو” جو ٻيو جنم هو. شاهه عنايت جي ڌرتي تي پيدا ٿيو ۽ سڄي زندگي شاهه عنايت جي جدوجهد کي اڳتي وڌائيندو رهيو. هن سڄي حياتي غريب ۽ مظلوم ماڻهن جي حقن لاءِ جدوجهد ۾ گذاري.

شهيد فاضل راهو سنڌي عوامي تحريڪ (موجوده قومي عوامي تحريڪ) جو صدر هو. رسول بخش پليجي جي قائم ڪيل هن سياسي جماعت حيران ڪندڙ ماڻهو پيدا ڪيا.  انهن مان فاضل راهو تمام غير معمولي صلاحيتن جو مالڪ هو. قداور شخصيت ۽ مضبوط حوصلا رکندڙ فاضل راهو تمام بهادر انسان هو. هن سياست ۾ پنهنجي دولت لُٽائي. هن سياست کي ڪڏهن ڪمائي يا ٻين مراعتن ماڻڻ لاءِ ذريعن ڪونه ٺاهيو. هن عوام ۾ سياسي سجاڳي پيدا ڪرڻ لاءِ پنهنجو سک، چين ۽ مال دولت قربان ڪري ڇڏيو.

رسول بخش پليجو جي خاندان جيان فاضل راهو به پنهنجي سڄي ڪٽنب کي سياست ۾ آندو. نه رڳو فاضل راهو پاڻ پر سندس خاندان جي ٻارن ۽ عورتن به قيد بند جون سختيون سٺيون. پاڪستان جي ڪا اهڙي وڏي جيل ناهي، جتي فاضل راهو قيد نه ٿيو هجي. ۱۹۶۰ع جي ڏهاڪي کان ۱۹۸۰ع تائين ٽن ڏهاڪن ۾ سنڌ ۾ هلندڙ سمورين وڏين سياسي تحريڪن ۾ فاضل راهو جو ڪردار نهايت نمايان رهيو. انهن ۾ ون يونٽ خلاف تحريڪ، سنڌي ٻولي ۾ چونڊ لسٽن جي ڇپائي جي تحريڪ، نيلام بند ڪريو تحريڪ، ظلم بند ڪريو تحريڪ، ايم آر ڊي، جيل ڀريو تحريڪ، تيل ۽ گيس تي مقامي ماڻهن جو حق تسليم ڪريو تحريڪ، صحافت جي آزادي جي تحريڪ وغيره شامل آهن. سنڌي هاري تحريڪ جي صدر جي حيثيت سان شهيد فاضل راهو سنڌ جي هارين کي منظم ڪيو ۽ انهن ۾ سياسي سجاڳي آندي.

سال ۱۹۷۹ع ۾ راهوڪي ۾ هاري ڪنوينشن ٿيو هو. هي هڪ اهڙو عظيم سياسي ميڙاڪو هو، جنهن سنڌ جي مستقبل جي سياست تي تمام وڏا اثر ڇڏيا هئا. ان لاءِ سنڌ جا ماڻهو کيس ۱۷هين صدي جي عظيم انقلابي اڳواڻ ۽ صوفي بزرگ شاهه عنايت شهيد  جو وارث قرار ڏين ٿا. فاضل راهو پنهنجي ماڻهن سان تمام گهرا لاڳاپو رکندو هو. هو ڪنهن به تحريڪ لاءِ سڀ کان وڌيڪ افرادي قوت فراهم ڪندو هو. هن هاري تحريڪ کانسواءِ سجاڳ ٻار تحريڪ، سنڌياڻي تحريڪ ۽ شاگرد تحريڪ کي به منظم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. هن جو پٽ محمد اسماعيل راهو، جيڪو هن وقت پيپلزپارٽي جي سنڌ حڪومت ۾ وزير آهي، سجاڳ ٻار تحريڪ جي باني ميمبرن ۾ شامل هو. ايم آر ڊي تحريڪ ۾ شهيد فاضل راهو جو ڪردار تمام نمايان هو. سنڌ ان تحريڪ جو مرڪز هئي. ان دوران رسول بخش پليجو ڪوٽ لکپت جيل لاهور ۾ قيد هو، ۽ فاضل راهو ان تحريڪ کي هلائي رهيو هو. پيپلزپارٽي ۽ ايم آر ڊي جي ٻين سياسي پارٽين جي ميمبرن ان تحريڪ ۾ وڏيون قربانيون ڏنيون پر فاضل راهو جي ڪري ان جي جماعت عوامي تحريڪ سڀ کان اڳتي هئي. جيڪڏهن اهو چيو وڃي ته غلط نه هوندو ته فاضل راهو سنڌ کي اهڙي سرزمين بڻائي ڇڏيوهو، جيڪا ڪنهن به طور آمريت کي قبول قرڻ لاءِ تيار نه هئي. اينٽي ون يونٽ تحريڪ کان ايم آر دي تحريڪ تائين فاضل راهو انهن قوتن جي اک جو ڪنڊو ٿي رهيو، جيڪي وطن، عوام، جمهوريت دشمن هيون. ۱۷ جنوري ۱۹۸۷ع تي هنن شهيد فاضل راهو کي جسماني طور ماڻهن کان ڌار ڪري ڇڏيو پر غريب ۽ مظلوم ماڻهن، قومن ۽ گروهن جي حقن لاءِ شهيد فاضل راهو جي جدوجهد جي عظيم روايت سنڌ کان سڄي دنيا کي فيضياب ڪري رهي آهي. شاهه لطيف سچ فرمايو آهي ته:

راهو تنهنجي ريت، پرکنڊي پڌري”.

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچي ءَ ۾ ۱۶ جنوري ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)


شھيد فاضل راھو

ڪاري ڪڪر هيٺ مون جهيڙيندي ڇڏيا

عرفان منان چانڊيو

شهيد فاضل راهو دلربا ڌرتي جو عوامي انقلابي ڪردار آهي جيڪو وقت جي واءُ تي ڪڏهن به ميسارجي نٿو سگهي، نه ئي هو تاريخ جي تهن اندران دٻجي سگهجي ٿو، سندس دليري، سچائي سورهيائي، ارڏائپ ۽ ڪيل جدوجهد کان انڪار به ڪير نٿو ڪري سگهي، هو اهڙي دور جو نالو آھي جيڪو بھادري، ھمٿ، حق ۽ سچ خاطر ويڙهه جو دور آھي، هو ھڪ تاريخ جو نالو آھي جنهن جو هر ورق مستند آهي، اهڙي اتهاس تي ڪڏهن به وقت جي ڌوڙ نٿي پئجي سگھي. فاضل راھو سنڌ جو چمڪندڙ ھيرو هيو جنھن جي چمڪ سٻاجهي سنڌ جي هارين جا منهن منور ٿيا، ھو جيڏو پنھنجي قد بت ۾ مضبوط ۽ پڪو پختو ھيو ايترو ئي پنھنجي ڪردار، جدوجھد ۽ اصول ۾ سگهارو ھيو، هن جي ڪيل جدوجھد عام جدوجھد نه ھئي، سندس جفاڪشيءَ سان ديس جي جھانگيئڙن کي نئون جوش، جذبو ۽ ولولو مليو. پراڻا هاري اڳواڻ ۽ ڪارڪن اڪثر چوندا آهن ته شهيد فاضل راهو جو ڳالھائڻ عام ڳالھائڻ نه ھوندو هيو، سندس گفتار ۾ ھڪ قسم جي للڪار ھئي، سندس تقريرون وقت جي جنرلن، ڪرنلن، ويڪائو وڏيرن، جاگيردارن، ڀوتارن، ميرن، پيرن ۽ سرمائيدارن لاءِ تلوار مثل هونديون ھيون، هن پنھنجي شوخ تقريرن ۽ انقلابي ويڙهه وسيلي قوم دشمن ٽولي جا ڪنڌ جهڪايا.

ڪاري ڪڪر هيٺ، مون جهيڙيندي ڇڏيا،

ڪارا ڪندل هٿن ۾، اڙل وڇيرا هيٺ،

ٿي تنين سي ڏيٺ، موٽڻ جنين مهڻو. (ڀٽ ڌڻي)

فاضل راھو ڳورھاري ڌرتيءَ جو پورن مھينن تي پيدا ٿيل صدورو پٽ ھيو، جنھن ٻنڌڻن ۾ ئي ڌرتيءَ ماءُ سان وفاداري جو وچن ڪيو ھيو، ھن ٻارائپ ۾ ئي نگري جي نينھن جو تلڪ نرڙ تي لڳائي ڇڏيو ھيو، ھن امڙ جي ھنج ۾ ئي ديس سان سچائيءَ جون سوين سُتيون پيتيون ھيون.

ھو ھڪ ئي وقت اڳواڻ به ھيو ته ڪارڪن به ھيو، ان مان ئي سندس وڏ ماڻهپو ۽ پارٽيءَ سان سچائيءَ جي پرک پسجي سگھجي ٿي، هن ۾ ھڪ انقلابي سپاھيءَ جون سڀئي خوبيون موجود ھيون، هن پاڻ تي سونپيل ھر ذميواري سان پوري طرح نڀاءُ ڪيو. هو سادن ماڻھن جو سالار، اٻوجھن لاءِ اجھو ۽ اوٽ ھيو، ھو اڪثر ماڻھن جي ڪکائن جھوپن ۾ لنگھي وڃي مسڪين ماڻھن جا ڏک، درد ۽ اھنج ٻڌندو ھو، ۽ انھن جي حل لاءِ طور طريقا ۽ تدبيرون ٻڌائي  کين برپا ڪيل ڏاڍ ۽ ظلم خلاف ويڙهه لاءِ اتساھيندو ھيو.

هت جن جن ماڻهن جنگ لڙي،

تن  ورتا  پنهنجا   دنگ   دڙي،

سي قومون ٿيون آزاد  ڀٽائي،

مارو زنده باد ڀٽائي،

سانگي زنده باد ڀٽائي.

فاضل راهو جڏھن پورھيت طبقي جي آجپي جو سڏ کڻي جھر جھنگ نڪتو ته، ھارين پاڻ کي صدين جي غلامي مان آزاد ٿيندي ڏٺو، ھو آزاديءَ جو اھو شعلو ھيو جيڪو ديس مان اونداھي جي خاتمي لاءِ ٻريو ھيو، کيس ڏسي هيڻن ھارين جي گونگين زبانن مان سنڌ جو ڏاهو فاضل راهو جهڙن سچن لفظن جي گونج جا پڙاڏا سنڌ جي ڪوني ڪوني ۾ پوڻ لڳا. هو ڏکي ڏيهه جو ڏاھو ھيو جنھن چرياڻ سماج کي ڏاھپ جا ڏهه ڏهه ڏس ڏنا، ھن پنھنجي ڏاھپ، دانائي ۽ انقلابي سوچ سان ھارين ۽ پورھيتن جا حق کائيندڙن کي للڪاريو هيو. عوام جو پاسو کڻڻ جي جرم ۾ هن مڻيادار مڙس کي يونان جي ديومالائي ڪردار سقراط جيان زھر به ڏنو ويو هيو. اتهاس جي ورقن ۾ پڙهيو آهي ته ڏيهه جي ھر ڏاھي کي ڏيهه ۽ ڏوٿي بچائڻ جي جرم ۾ وقت جي جلاد قوتن ڪڏھن زھر ڏنو، ڪڏھن دار جي دڳ تي پنڌ ڪرايو، ڪڏھن صليب تي چاڙھيو، ته وري ڪڏهن گولين سان گهايو. هونئن به هر ڏاھي کي پنهنجي ڏات جو خون ڏئڻو پوي ٿو.

الا ڏاهي  م  ٿيان،   ڏاهيون  ڏک  ڏسن،

مون سين مون پرين ڀورائي ۾ ڀال ڪيا. (ڀٽ ڌڻي)

فاضل راھو ھارين جي خوشحالي لاءِ سوين سورج اڀارڻ نڪتو ھيو، ھو ھارين جو حقيقي اڳواڻ ھيو، ھو اھو صبح ھيو جنھن جو سپنو جنگشاھي جي جوڌي رسول بخش پليجي ڏٺو ھيو، ان سڀاڳي صبح ٿيڻ لاءِ ھن ھارين ۽ پورھيتن کي ايترو ته منظم ۽ متحد ڪيو ھيو، جو مارشلا جي قھري دور ۾ هزارين ھارين راھوڪي ۾ گڏ ٿي چئي ڏنو ته

ڪيڏو آ شور فضا ۾، ڏيهه اڀا ڪيا ڏاٽا وو،

سنگن وانگي سوئرتنھنجا، لڻبا اڄ ڳاٽا وو.

ھاري، پورهيت ۽ مزدور طبقو ڏيهه جي چرخي کي ھلائيندڙ آھي، اھي جڏھن گڏجي ھڪ آواز ٿيندا ته رھزنن تي قائم راڄ ھڪ ڏينھن به ھلي نه سگھندو. هارين جي منظم ميڙ کي ڏسي وقت جي غاصب جنرل ضياءُ کان ڇرڪ  نڪري ويا هيا، سندس وايون بتال ٿي ويس، ظلم ۽ قھر تي قائم قلعو ڪرندي محسوس ٿيس، اھڙي سمي کي پسي سنڌ وطن جي مهان ڪوي شيخ اياز ٻھڪندي چئي ڏنو ته

سڄو ڏيهه ڏاٽا ڪري جي اڀا،

لکين  عيد  جا  چنڊ  اڀري پون.

فاضل راهو پورهيت راڄ قائم ڪرڻ لاءِ سورهيه ساٿ سان سرويچ بڻجي هلندو رهيو، هو چاهي پيو ته سنڌ وطن تي ڏاٽي، ڪوڏر ۽ هٿوڙي وارن ڏتڙيل ۽ ڦريل لوڪن جو راڄ قائم ٿئي. فاضل راهو هن جوءِ جو اهو جوڳي هيو جيڪو نگري کي ڏنگيندڙ نانگن جي سسي چٿڻ ۽ پڇڙي ڪپڻ لاءِ ميدان تي نڪري پيو هو، ان سفر ۾ هو اڪيلو نه هيو، هاري، پورهيت، مزدور، پيڙهيل، وساريل، ڌڪاريل ۽ غلامي جا ماريل ماڻهو هن سان گڏو گڏ هيا، هن سان ته سڄو ساٿ ساڻ هيو. فاضل راھو رڳو لاڙ جو لال نه ھيو، پر سنڌ جي سمورن ڇيڙن، حدن ۽ سرحدن جي سرهي سڳنڌ ھيو جنھن پنھنجي  کٿوري سان ديس جا سڀئي ويڙھا ۽ وسنديون واسي ڇڏيون.

فاضل جي شهادت فقط فاضل جي شهادت نه هئي، پر هڪ انقلابي دور، آدرشي تحريڪ ۽ ارڏي قافلي جي شهادت هئي، هن جي شهادت انهن لکين هارين ۽ پورهيتن جي شهادت هئي جن آجپي جي ڏينهن جا سرخ سپنا ڏٺا هيا، اهي سندر سپنا جڏهن تعبيرن جو روپ وٺن ها ته ڏکويل ڏيهه تي ڇانيل غلامي جي اماس رات ختم ٿي وڃي ها. فاضل جي شهادت سنڌ جهڙي سٻاجهڙي سماج لاءِ وڏو هاڃو، ڪيس ۽ ڪلور هئي. بقول عظيم سياسي مدبر محترم رسول بخش پليجو جي ته فاضل منهنجو ساڄو هٿ ۽ عوامي تحريڪ جو روحُ روان هيو، فاضل ۾ اهي سڀ خوبيون هيون جيڪي اسانجي شاعرن، اديبن، ۽ فنڪارن سنڌ جي سورمن بابت ڳايون ۽ چيون آهن فاضل صدين جي جدوجهد جو نچوڙ هيو. هارين جي حق حڪمراني خاطر ڪيل طبقاتي ويڙهه جي پاداش ۾ فاضل راهو کي شهيد ڪيو ويو، فاضل جي شهادت فقط عوامي تحريڪ ۽ رسول بخش پليجو جو سياسي نقصان نه پر سنڌ ۽ ملڪ ۾ هلندڙ سچي ۽ کري طبقاتي جدوجهد جو نقصان هيو، جنهن جو هن وقت تائين ازالو ناهي ٿي سگهيو. اها مڃيل حقيت آهي ته سچن قومي، عوامي ۽ انقلابي ڪردارن کي موت ڪنهن به صورت ۾ مات نٿو ڏئي سگهي، اهڙا ڪردار جڳ ۾ جيئرا رهڻا آهن، انهن جي ڪيل جدوجهد مان هر وقت مظلوم ۽ محڪوم طبقا سوين سبق وٺندا رهندا.

ننگري ۾ نيٺ پنهنجي نئين سر  نياءُ  ٿيندو،

هر خون کٿوري جو هڪ ڏينهن هڳاءُ ٿيندو. (ڊاڪٽر آڪاش انصاري)

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۱۷ جنوري ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)


فاضل راھو

ٻيو ڪير سڏائيندو فاضل!

عبدالمجيد ملاح

شهيد عوام محمد فاضل راهو پنهنجي سڄي زندگي هارين جي حقن خاطر پنهنجي عملي جدوجهد ڪري حق هارين کي حق ڏيارڻ جو هڪ اهڙو مثال آهي جنهن کان ڪوبه باشعور ماڻهو چاهي اهي سياستدان هجي يا ڪو ٻيو ليڪن فاضل جهڙي اڄ ڏينهن تائين ڪنه به جدوجهد نه ڪئي ان جو مثال سندس شهادت جي رتبي تائين ملي ٿو. شهيد محمد فاضل راهو جنهن جو ٻانگ جو نالو ناٿو هو. جڏهن هو بٺوري مان سندس ڪٽنب پڊ ڇڏي اچي راهوڪي ۾ آباد ٿيو. تڏهن کان ئي وٺي هن جي رت ۾ ظلم، جبر، ڏاڍ خلاف هن هميشه پنهنجو پاڻ کي عملي صورت ۾ جدوجهد ڪندي نظر آيو.

هن کي ايتري ته گهڻي تعليم ڪونه هئي پر هن جو جيڪو عمل اهو اڄ به مڙسانه ڪردار جي مثل آهي. محمد فاضل راهو ترائي مان جڏهن ايوب جي زماني ۾ بي ڊي واري اليڪشن ۾ ترائي جو چيئرمين ٿيو ان وقت به سندس ڏات، ڏاهپ انصاف پسندانه طرف رهي. هن هارين کي زمينون ڏيارڻ لاءِ عملي جدوجهد ڪري سيٽلر جيڪي ماڻهو هئا جنن کي ان وقت ماڻهن ڀڳڙن جي مٺ تي زمينن کي نيلام پئي ڪيو ويو ته هن نيلام بند ڪريو تحريڪ هلائي ۽ غريب بي زمين مقامي ماڻهن کي زمينون کڻت ڪرائي انهن کي زمينن جو حقدار بنايو. ۽ ان ۾ فاضل راهو حيدرآباد جي بورڊ آف روينيو تائين پهچي ڪري انهن آفيسن اڳيان احتجاج ڪري عملي طور مفت مسڪين ماڻهن بنا ڪنهن ذات ۽ پات، هندو توڙي مسلم هارين ۾ انهن کي زمينون کڻت ڪرائي ڏنيون ۽ جڏهن به اهڙيون ڪچهريون ٿينديون هيون ته پاڻ ڪرسي لڳائي روينيو آفيسر جي اڳيان انهن مسڪين ماڻهن جي پٺڀرائي ڪري پاڻ سڃاڻپ ڪري آر او کان زمينون ڏياريندو هو.

هن ڪافي جاگيردارن جيڪي خاص ڪري ميرن جون هيون انهن مان به مقامي ماڻهن کي زمينون ڏياري انهن کي زميندار بنايو. هو سنڌ پرست هئڻ جي ڪري هن ون يونٽ خلاف جدوجهد ڪندي پنهنجي ڪردار کي هميشه سرخرو رکيو ۽ بنا ڪنهن لالچ جي غريب ماڻهن مان احساس محرومي ختم ڪرائي چاهي ريلوي اسٽيشن تي سنڌي ۾ نالا ۽ صحافين جي جدوجهد ۾ پڻ شهيد عوام محمد فاضل راهو سينو سپر ٿي بيٺو رهيو هو ۽ ووٽر لسٽون سنڌي ۾ شايع ڪرائڻ ۽ پنهنجي سنڌي ٻولي کي سنڌي ادب جو مهور بنايو. شهيد عوام محمد فاضل راهو هن هميشه وڏيرن، جابرن ماڻهن سان مهاڏو اٽڪائي حقيقي ماڻهن کي پنهنجو حق وٺي ڏيڻ ۽ فيصلن جو امين ٿي بيٺو. فاضل راهو ءَ ضيا دور ۾ ڪاري قانون مارشل لا خلاف راهوڪي ۾ هڪ وڏي هاري ڪانفرنس ڪوٺائي جنهن ۾ ۱۰هزار کان مٿي انهن غريب هارين مسڪين ماڻهن شرڪت ڪئي ۽ فاضل راهو کي بغاوت ڪرڻ جي ڏوهه ۾ گرفتار ڪيو ويو جنهن ۾ سندس وڏو پٽ محمد صديق راهو به پنهنجي والد سان گڏ گرفتار هيو، ان وقت ۾ هي تحريڪ وڌيڪ زور وٺڻ لڳي جنهن ۾ محترم رسول بخش پليجو صاحب ۽ ٻيا ڪيترائي اڳواڻ گرفتار ٿيا، پر هو حيدرآباد جيل سينٽر جيل ۾ قيد جون تڪليفون برداشت ڪيون، ليڪن سامراجي قوتن جي آڻ قبول نه ڪئي ۽ هو جڏهن بدين جي ملٽري ڪورٽ ۾ حاضري لاءِ ايندو هو ڄڻ ته نمايان شخصيت هٿ ڪڙين جي جهنڪار سان گذرندي هر بدين شهر جي ماڻهن کي هٿن جي وڪٽري جا نشان ڏيکاريندي ڪورٽ جي حاضري ۾ ويندا هئا وري واپس ٿيندا هئا تڏهن به ساڳي منهن تي مرڪ ۽ انقلابي قدم کي قدم قدم سان ملائي هلڻ سندس محبوب قائد جيئن عوام جو حقيقي هارين مسڪين ماڻهن جو روپ جو ڏيک ڏيندو هو.

محمد فاضل راهو جي اڄ ۳۵هين ورسي ۱۷ جنوري ۲۰۲۲ع راهوڪي ۾ ملهائي پئي وڃي جنهن ۾ اڄ هزارن جي تعداد ۾ شهيد محمد فاصل راهو جا شيدائي اڄ هر هڪ هٿ ۾ گلن جون چادرون کڻي ڪري پنهنجي محبوب اڳواڻ جي مزار تي نڇاور ڪندا ۽ دعائون گهرندا. فاضل راهو جهڙا محبوب اڳواڻ ڪيترين صدين تائين عوام جي دلين تي راڄ ڪندا.

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۱۷ جنوري ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)


فاضل راهو

هڪ اڻموٽ انقلابي

مقبول راهو

سنڌ ڌرتي جي مٽي ڏاڍي زرخيز آهي. هن مٽي هميشه مڻيادار ۽ حسناڪ ماڻهن کي جنم پئي ڏنو آهي جن پنهنجي لاٽ سان روشنيءَ کي پئي ڦهلايو آهي ۽ تاريخ تي پنهنجا اڻ مٽ نشان پئي ڇڏيا آهن. هن ڌرتيءَ جي سيني ۾ ڪيترائي ماڻڪ موتي لال ستل آهن جن تاريخ جا رخ مٽائي ڏاهن جي هن چوڻيءَ کي سچ پئي ثابت ڪيو آهي ته ”شخصيتون تاريخ جا پير هونديون آهن“ انهن پيرن جي پڻي اهڙي تا سڀاويڪ هوندي آهي جنهن هر ڪوئي اچي سلامي ڀريندو آهي.

”ڪوڙئين ڪن سلام، اچيو آسڻ ان جي“

شاهه سائين اها لازوال سٽ اهڙن ئي ارڏن انسانن کي ارپيل آهي جن جا آواز اڄ به گڦائن ۾ پڙاڏو بڻجي گونجي رهيا آهن، جن جا سڏ اڄ به سرير کي ننڊ مان ڌونڌاڙي اٿارڻ جي سگهه رکن ٿا. اهڙين شخصيتن جو جڏهن ذڪر اچي ٿو ته کوڙ نالا منهنجي اکين جي ڪهڪشائن تي چمڪندي نظر اچن ٿا مثال جي طور تي هيمو ڪالاڻي، روپلو ڪولهي، شهيد هوشو شيدي، دولهه دريا خان، نذير عباسي، صوفي شاهه عنايت، ۽ مخدوم بلاول جهڙيون عظيم شخصيتون منهنجي وجود ۾ اتساهه ڀرڻ لڳن ٿيون جن ساهه ڏئي ويساهه ڏنو ۽ ديس جي راهه کي پنهنجي شهادتن سان اجرو ڪيو.

۽ پوءِ اهڙين شهادتن جي تسلسل ۾ شهيد فاضل راهوءَ جو نالو به اچي ٿو وڃي جنهن پنهجو رت ست ڏئي تاريخ جي سينڌ سنواري ڇڏي.

ديوان چوندا آهن ته هر ڌرتيءَ جي هر ٽڪري جو پنهنجو هڪ ڀاڳ هوندو آهي. ڀاڳائتي سنڌ ڌرتي جي لاڙ خطي جو به پنهنجو هڪ ڀاڳ آهي جنهن فاضل راهوءَ جهڙي عظيم فرد کي جنم ڏئي جديد تاريخ جو تسلسل برقرار رکيو.

فاضل راهوءَ جو جنم ۱۹۳۰ ۾ بدين ضلعي جي راهوڪي واري مقام تي احمد خان راهوءَ جي گهر ۾ ٿيو ۽ شروعاتي تعليم به اتان ئي حاصل ڪيائين. جيئن ته سندن ڳوٺ سنڌ جي ٻين ڳوٺن جيان هڪ پسمانده ڳوٺ هيو تنهن ڪري هو اتي رڳو ابتدائي ٽن درجن تائين ئي تعليم حاصل ڪري سگهيو. اهڙين ڏکين سکين حالتن ۾ نيٺ هن جي عمر اچي جوانيءَ کي ڇهيو.

جيئن ته هن جو گهر تر جو اباڻو گهر هو انڪري سندس اوطاق هيمشه عام ۽ خاص ماڻهن سان ڀري پئي هوندي هئي ۽ اهڙي ماحول ۾ فاضل راهوءَ جي پرورش ٿي رهي هئي ۽ سمورا ڪسا ڪانڊا منظر سندس ذهن ۾ محفوظ ٿي رهيا هئا. ۽ اهڙن منظرن جو حصو هوندي لاشعوري طور تي عام ماڻهوءَ سان سندس همدرديءَ وارو رويو پروان چڙهڻ لڳو ۽ هو انهن ماڻهن سان پنهنجائپ واري رويي سان پيش ايندو هو ۽ اهڙو سڀاءُ اڳتي هلي هڪ مضبوط رشتي ۾ تبديل ٿي ويو. ان سان اهو به ٿيو جو هن مختلف ماڻهن جي ملڻ جلڻ اٿڻ ويهڻ ڳالهائڻ ٻولهائڻ جي ڪري هن جي شخصيت ۾ عجيب قسم جو نکار ايندو ويو، جنهن ڪري ئي کيس آهستي آهستي سياسي کيتر ۾ سرواڻيءَ جو شرف پلئه پيو ۽ پوءِ اهو ڏينهن به آيو جڏهن هڪ عظيم انقلابي ۽ ارڏو انسان ڪامريڊ جي حيثيت ۾ سنڌ جي سياست هڪ سج جيان طلوع ٿيو ۽ سنڌ جي سياست ۾ سرواڻ طور مشهور ٿي ويو. ان جو سبب شايد گڊمين ايس جي هنن لفظن ۾ ئي ملي ٿو ته ”جتي مسڪين ماڻهن ڏانهن بندوق وڌي ٿي اتي هڪ انقلابيءَ جو جنم ٿئي ٿو.“

بهرحال اها ڳالهه پڌري پٽ پئي آهي ته جيڪي ماڻهو قوم ۽ وطن خاطر وڙهندا آهن سي ماڻهن جي دلين ۾ گهر ڪري ويهي رهندا آهن ۽ کين پيارا لڳندا آهن. اهو سبب آهي جو فاضل جو وجود مظلوم ۽ مسڪين ماڻهن جي آجپي ۽ خوشحالي جي ساک هو. ڌرتيءَ جو هي سچو پٽ ۽ انقلابي سامراج جو سخت مخالف هو. هن ارڏي انسان ڪڏهن به ظالم ۽ جابر آڏو پنهنجو ڪنڌ نه جهڪايو تنهن ڪري هي پنهنجي عوام جو محبوب ليڊر بڻجي ويو.

هو ارادي جو اٽل هو ۽ هو هارمڃڻ وارن مان نه هو. جڏهن سامراجي قوتون کيس جيل ڏئي ٿڪا ته تڏهن آخري ڀيرو کيس ان ڪري آزاد ڪيو ويو ته ڪنهن طريقي سان کيس صفحه هستيءَ تان مٽائي ڇڏجي، انڪري هن کي هڪ سازش هيٺ ۱۷ جنوري ۱۹۸۷ تي ٻنپهرن جو گولاڙچي شهر ۾ هڪ عام ماڻهوءَ هٿان دشمني ڄاڻائي مارايو ويو. بهرحال هو بي گناهه شهيد ٿي ويو. بس سندس ايترو ئي گناهه هيو ته هن عام ماڻهوءَ جي آجپي جو خواب ڏسي ورتو هو ان جو گناهه اهو هيو جو هو سامراج جو سخت مخالف هو، هن جو گناهه اهو به هو ته هو مظلوم ماڻهن جو محبوب ليڊر هو.

فاضل کي شهادت نصيب ٿي پر رات جي رکوالن کي ڪهڙي خبر ته شهيدن جو رت هڪ مقدس رت هوندو آهي جيڪو هڪ نه هڪ ڏينهن ضرور رنگ لائيندو آهي ۽ اڄ به فاضل جي ريٽو رت عوام جو آواز بڻجي اڀ تائين جهولي رهيو آهي. فاضل جو فڪر اڄ به مظلومن جو فڪر آهي.

جيئن ته فاضل راهوءَ جي شهادت سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن لاءِ هڪ تمام وڏو سانحو هو، لکين ماڻهن جون دليون غم جي گهٽائن ۾ هليون ويون هو ۽ هر طرف سوڳ جي منظر نظر اچي رهيو هو. هن سانحي ته سنڌ جي هر اک آلي هئي. هر سنڌ جو هر دردمند ماڻهو هو سڏڪو بڻجي ويو هو ڇوته هن قوم جي سجاڳيءَ لاءِ پير پٿون ڪيا هئا تن جو ڪوبه ماڻ يا ماپو موجود نه آهي. هن جي گودڙيءَ ۾ جيڪي گل هئا تن وقت جي نوجوانن کي بيحد متاثر ڪيو هو.

ٿامس ڪارايل چيو آهي ته جيڪڏهن ڪو پنهنجي زندگيءَ ۾ وڏو ماڻهو آهي ته پنهنجي موت بعد هو ڏهه ڀيرا وڏو ماڻهو ٿي ويندو آهي. ڪارايل جي اها ڳالهه بنهه سچ آهي. هي غير معمولي انسان واقعي وڏو ماڻهو هو. تاريخ جي چوواٽي تي غيرمعمولي شخصيتون تڪراري ضرور رهيون آهن ان ۾ سندن مهانتا لڪل هوندي آهي.

اسپونزا جي لفظن ۾ ته غير معمولي شخصيتون جيتريون اڻ لڀ آهن ۽ اوتريون مشڪل پڻ آهن. بهرحال ڏاها ۽ عظيم ماڻهو زندگي ۽ انسانيت جي ڇيڙي تي ويٺل هوندا آهن اهي يا ته وڏا ماڻهو هوندا آهن يا صفا ننڍا هوندا آهن. ان نسبت سان فاضل نه رڳو وڏو ماڻهو هو پر هو قومي شعور جو هڪ اهم باب به هو.

هونئن به انساني زندگي جو نالو رڳو کل ۽ خوشيءَ بلڪه انسان جي تڪميل جي حاصلات لاءِ وڏي ۽ ڊگهي جدوجهد جي ٻيو نالو آهي جنهن جي پڄاڻي موت آهي ان ڪري ان چوڻ ۾ ڪوبه عار محسوس نه ٿيندو ته شهيد فاضل راهو بحيثيت هڪ انسان جي هڪ انمول هيرو هو. سندس طبيعت ۾ خاڪساري، انسان دوستي مظلومن ۽ هارين جي لاءِ همدردي سمايل هئي.

بهرحال شهيد جي جدوجهد حق ۽ سچ لاءِ هئي. اسان تي اهو فرض ٿو لاڳو ٿئي ته هن جيڪا عملي جدوجهد ڪئي، ان تي عمل پيرا رهي لاٽ کي جهيڻو نه ڪريون ۽ سندس ڪيل عملي جدوجهد کي سونهون بڻايون.

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۱۷ جنوري ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)


فاضل راھو

غريبن جو غلام

ڊاڪٽر خليل قاضي

شهيد فاضل راھو جو تصور ايندي ئي لطيف سائين جون ھي سٽون ھانو تي ھرڻ لڳنديون آھن:

“ڪوڙين ڪاياؤن تنھنجون لکن لک ھزار،

جيءُ سڀڪنھن جيءَ سين درسن ڌارو ڌار،

پريم تنھنجا پار ڪھڙا چئي ڪيئن چوان.”

شھيد فاضل راھو سنڌ جي ھن دور جو ھڪ اڻ ميو انمول انسان ھو جيڪو صدين تي ڀاري آھي. سندس فڪري ۽ عملي ڪايا کي سمجھڻ لاءِ اڃا به زمانا کپن پر ھن جي فڪر ۽ جدوجھد کي جيترو به سمجھيو وڃي ان کي امانت سمجھي سندس حقيقي وارث پورھيتن، مزدورن، ھارين، مظلوم قومن ۽ بي پھچ لاچار انسانن تائين پھچائڻ ھڪ قومي ۽ انساني ذميواري آھي. شھيد فاضل جي سوچ عمل ۽ جدوجھد جو ھڪ پنھنجو منفرد انداز ۽ طريقيڪار آھي. ھن دنيا جي پورهيتن جي انقلابي فڪر ۽ جدوجھد کي ھن ڌرتيءَ جي خمير سان گڏي پنھجي سماج جي تاڃي پيٽي ۽ ثقافتي قدرن سان ھم آھنگ ڪري وڏيون جمھوري قومي ۽ عوامي تحريڪون برپا ڪيون ۽ انھن ۾ عوام لاءِ سوڀ حاصل ڪئي.

شھيد فاضل راھو بلا شبه تحريڪن ۽ جدوجھدن جو ماھر انجنيئر ھو. ون يونٽ ۽ ايوبي آمريت خلاف تحريڪن کان وٺي نيلام بند ڪريو ۱۹۷۸ جي صحافين جي جدوجھد جنرل  ضياء جي آمريت خلاف تاريخي ايم آرڊي تحريڪ  تائين ھن جي ڪابه جدوجھد  لاحاصل نه ھئي ننڍي توڙي وڏي مقامي توڙي قومي ۽ ملڪي وڏين عوامي جدوجھدن ۾ ھو سوڀ جي نشاني ھو. شھيد فاضل جي عوام سان اھو ڏک سک ۽ جدوجھدن جي ان سچائيءَ جي ساٿ جو رشتو ھو جو ۱۹۶۴ جي بلدياتي اليڪشن ۾ تر جي جاگيردارن کي ھارائي عوام کيس پنھجي يونين ڪائونسل جو چيئرمين چونڊيو. ھن ھميشه اليڪشن ۽ جمھوري ادارن جي ڪارج کي اھميت ڏني ۽ ان کي غريب مسڪين ماڻھن جي طاقت بنايو. پنھجي پارٽيءَ ۽ بي پھچ مسڪين عوام لاءِ ھو شاهه خرچ ۽ پنھنجي ذات ۽ گھر لاءِ ھن عام غريب پورھيتن جيان، ڪڏھن آھي ته ڪڏھن ڪونھي واري انتھائي سادي زندگي گذاري. ان جي جھلڪ محترمه شھناز راھو جي سھيڙيل ڪتاب، “شھيد فاضل راھو- جيل جا خط” ۾ ڏسي سگھجي ٿي.

شھيد فاضل پنھجي سوچ ۽ عملي ڪردار ۾ تمام مٿاھون ۽ نرورار نظر اچي ٿو. اسماعيل راھو ۱۹۹۰ع جي ڏھاڪي جي آخري سالن ۾ ايڪسائيز جو وزير ھو ته وٽس آفيس ۾ کاتي جو ھڪ وچولي عمر جو ملازم ملڻ آيو. ھن کيس ھڪ فوٽو ڏيکاريو جنھن ۾ ھو سکر جيل ۾ شھيد فاضل سان گڏ ھو. ٻڌايائين ته شھيد جيل ۾ ھڪڙي ڀيري کيس ٻڌايو ته آئون پنھنجي آمدني جو پنجھتر سيڪڙو پارٽي تي ۽ پنجويھ سيڪڙو پاڻ تي خرچ ڪندو آھيان. اھو پنجويھ سيڪڙو ھن جنھن “پاڻ” تي خرچ ڪرڻ جو چيو ھن اھو پاڻ به ھن پارٽي ۽ عوام جي لاءِ وقف ڪري ڇڏيو ھو. ھڪ ٻيو واقعو آھي جو ٻه سال کن ٿيندا، رات جو ڪراچي ايندي ھاءِ وي تي جوکين جي جدہ ھوٽل تي ماني لاءِ گاڏي روڪيم. سردي جي مند ۾ ھوٽل کي عرب اسٽائيل جي ننڍن ۽ ھڪ وڏي خيمي وانگر ڪور ڪيو ويندو آھي. آئون وڏي خيمي ۾ وڃي ويٺس اتي ڪجھه ھمراھ پرڀرو ۽ ٻه منھنجي سامھون واري صندل تي ويٺا ھئا.

انھن ۾ ھڪ ڪجھه وھي چڙھيل ھمراہ ۽ ساڻس مڇن جي ساوڪ وارو ڇوڪرڙو ھو۔ حالي حوالي ٿيندي نالو عبدالرحمان ٻڌايائين. چيائين ته اصل منڇر جو ملاح آھي ۽ ھاڻي بلوچستان پسني جي پاسي شڪار جي مزوري ڪندا آھن. چيومانس فاضل راھو ٻڌو اٿئي انھي جي پاسي جو آھيان. شھيد فاضل جو نالو ٻڌندي ھو جھڪيل چيلھه اڀي ڪري سڌو ٿي ويٺو چيائين “راھي فاضل جي ڪھڙي ٿو ڳالھه ڪرين اھڙو دلير ماڻھو اسان غريبن جو وڏو آڌار ھو.” ٻڌايائين ته سندن ھڪڙو ماڻھو پوليس سعيدآباد ٿاڻي تي کڻي وئي ھئي. اتي راھن جي ھلي ٿي فاضل راھي جو ٻڌو ھوسون ته غريبن جي مدد ڪري ٿو سو انھي وٽ حيدرآباد ۾ ھلي وياسين. ھو ٿوري دير لاءِ چپ ٿي ويو ۽ پوءِ ھڪ خاص تاثر سان چيائين “اھڙا ماڻھو ڪٿي.!! اسان جي ڄاڻ نه سڃاڻ پر مليو ائين جو اسين ڪي ھن جي ڳوٺ راڄ جا ھئاسين اسان کي ٽيم ڏنائين ۽ پوءِ انھي تي سڌو ٿاڻي تي آيو اسان اڳئي اتي ھئاسين پوليس اڃا رپورٽ ڪونه ڪٽي ھئي ھمراهه کي ائين بيگناھ لاڪپ ۾ ھڻيو ويٺا ھئا. راھو انھي ڏينھن آيو ھن کي اسان ٻيو ماڻھو ڏنو. انسپيڪٽر کي داٻا ڏئي ھمراھ ڇڏائي ڏنائين.” ھن جو چھرو ۽ اکيون ھڪ گھري احساس سان ڀرجي ويون ھيون. ٻڌايومانس ته آئون انھي جو ناٺي آھيان ته اٿي مون کي ڀاڪر وڌائين. ھو ۽ پريان ويٺل ھمراھن کي سڏي ملايائين اھي سڀ پاڻ ۾ گڏ ھئا ۽ پسني کان منڇر لاء موٽيا ھئا.

ھلندي ملندي ڪيترائي اھڙا مثال ۽ واقعا ملن ٿا جو شھيد فاضل بنا ڪنھن سڃاڻ، سياسي ۽ ڪنھن مطلب جي ھيڻن جو حامي ٿيو ٿي. سندس تر جي ھڪ شڪاريءَ جا مئل جانورن جي بدبو ايندڙ ھڏن جي ھڙ پنھجي گاڏي ۾ کڻي انھي کي منزل تي پڄايائين روڊ تي بيٺل ڳورهاري عورت جي وارثن سندس گاڏي کي ھٿ ڏنو پنھنجو ڪم ڇڏي بنا خرچ اسپتال پھچايائين. اھو به وقت ھو جڏھن ھن سڄي سنڌ کي جنرل ضياء جي ظالم آمريت خلاف ھڪ زنجير ۾ ڳنڍڻ لاءِ ڏينھن رات ھڪ ڪري ڇڏيو. ائين به ٿيو ٿي جو رات جو سفر ۾ حاجي گاڏي ھلائيندو ھو ۽ پاڻ سندس سنگل ڪئبن ٽويوٽا پڪ اپ جي ڊالي ۾ تختي تي اجرڪ تاڻي ڪي گھڙيون سمھي ٿڪ لاھيندو ھو، جو کيس اڃا اڳتي سفر جو سانباھو ھوندو ھو. بي پھچ مسڪين ۽ پيرين اگھاڙن جو غلام ٿي انھن جي لاءِ آزاد ۽ خوشحال زندگي جو وسيلو بنجڻ شھيد فاضل راھو جو عشق ھو. جيئن لطيف چواڻي “اوءِ ڪو ٻيو فھم جنھن سان پسين پرينء کي” شھيد فاضل راھو اھو فھم غريبن جي غلامي ۾ پروڙي ورتو ھو. جنھن کي ھن پنھجي سڄي حياتيءَ جو اورڻ بنائي ڇڏيو.

حبيبن ھيڪار منجھان مھر سڏ ڪيو،

مون سڀ ڄمار اورڻ اھو ئي  ٿيو. (شاہ).

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۱۷ جنوري ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)


فاضل

فضيلت جو ڌڻي

سليمان ڏاھري

آءٌ ۽ ماما عارب (گل حسن ڪيڙانو)، سن مان سائين جي ايم سيد جي سالگره تان موٽياسين. سج لهي انڌارو ٿي چڪو هو. ڄامشورو ڦاٽڪ تي لهي نورنبي راهوجو جي گهر وياسين. اسان کي اتي خبر پئي ته فاضل صاحب شھيد ٿي ويو آھي. اهڙي خبر ريڊيو تي به هلي آھي. ڳالھه ٻڌڻ سان زمين پيرن هيٺان نڪري وئي. اسان پاڻ ۾ به ڳالهائڻ جو ست نه سمجهيو ، خاموشي سان هڪٻئي ڏانهن چتائي پئي ڏٺوسون. ذھن ۾ڪئين خيال ۽ سوچون گردش ڪرڻ لڳيون. هيڏو قداور ڌڱ مڙس ڪيئن شھيد ٿيو؟ ڪنهن جي سازش؟ ڪنهن جي جرات؟ عوامي تحريڪ هاڻ اوج تي هئي ته مٿان هيء وار ٿيو آھي. پارٽيء جو ڇا ٿيندو؟ وغيره وغيره. انهي ئي پير تي واپس ٿياسون، سوزوڪي تي حيدرآباد شهر ۽ پوءِ اتان ٽنڊو محمدخان پهتاسون. جتان پوءِ ڪنهن سواريءَ تي رات جو دير سان راهوڪي پهتاسون. سڄيءَ سنڌ مان سڀ رڙندا، دانهون ڪندا پهچندا ويا. هن قيامت خيز ڪاري ڏينهن لاءِ سندس چاهيندڙ ۽ ڪارڪن تيار نه هئا. ڪير سندس ڳالهيون ڳڻي.

سال ۱۹۷۹ع ۾ سندس ئي ڳوٺ راهوڪيءَ ۾ ضيائي مارشلا ۾ هزارن جي اجتماع ھاري ڪانفرنس جي ڏوھ ۾ پنهنجي سٿ سان سينٽرل جيل حيدرآباد ۾ ڀڀڪيون ڏيندڙ ھيء ارڏو ۽ ڪنڌار قيدين جو واهرو ۽ ڌڻي ٿيو بيٺو آھي. نوجوان شاگردن سان ونجھه وٽي راند، پڙھائي، رڌ پچاءُ، ماڙيءَ تي قيدين جي مسئلن کي حل ڪرائڻ. همٿون ڏيارڻ، سزائن ۽ سختين کي منهن ڏيڻ سندس کاٻي هٿ جو کيل. ٻاهر نڪتو، رات ڏينهن هڪ ڪري، تنظيم سازي ڪري، ٽيم ورڪ جوڙي، تحريڪ کي زور وٺرائڻ. ايم آرڊيءَ جا جلسا. روپوشيون. وري گرفتاريون. مچ جيل، لانڍي جيل. سندس موڀي پٽ محمد صديق جي جيل دوران وفات. زهر جا ڪيپسول، مچ جيل، سول اسپتال ۽ لانڍي جيل ۾ ملاقات. اي اين پي جي اڳواڻي. دال چانور، رکي سکي ساٿين سان گڏ ماني ٽڪي. هر ڪنهن جي سنڀال. مسئلن کي ڳولهي جانچي هٿ ڪري، هڙان وڙان ڏئي به حل ڪرڻ. ان کان به اڳي ون يونٽ خلاف ۽ سنڌ جون زمينون نيلام بند ڪريو تحريڪ، صحافين ۽ ٻوليءَ جي جدوجهد. هارين کي بئراج جون زمينون ڏيارڻ. راڄن ڀاڳن، برادرين جا فيصلا ۽ ٻيو گهڻو ڪجھ. هن ڪنڌار ۽ مٿير مڙس جون ڳالهيون اڄ تائين ٻرن پيون .

”راڄن راڻو راھو فاضل

قوم سڄيءَ جو ڪاھو فاضل“

شھيد عوام محمد فاضل راھو ۱۹۳۰ جي ڏھاڪي ۾ بدين ضلعي جي لاڙ پٽ راھوڪي ڳوٺ ۾ ھوند واري مالوند گھراڻي احمد راھو جي گھر ۾ پيدا ٿيو. کين پٽ جو اولاد ڪونه بچندو ھو تنھنڪري رواجي سوڻ ڪري کيس ناٿو به سڏيو ويندو ھو. سنڌ جي خمير مان پيدا ٿيل ھن ارڏي انسان ۾ ڀلي ھجڻ جون سڀ خصلتون ننڍي ھوندي کان ئي  موجود ھيون. سخا، ھڙان وڙان ڏئي حاجتمندن جي مدد ڪرڻ، اخلاق، مظلومن جي واھر، بردباري، بھادري، سچ، سادگي، ڏيان، ظلم خلاف پھاڙ ۽ ٻيون انيڪ انساني گڻن جون خصلتون سندس طبعي فطرت ۾ سمايل رھيون.

عوام جي خدمت، ڀلائي ۽ چڱاين جا سوين ھزارين سندس قصا پيا ڳائجن. لکين ھزارين ايڪڙ سرڪاري زمينون غريب ھارين کي الاٽ ڪرائڻ، ون يونٽ خلاف تحريڪ، سنڌي ٻوليءَ جي ھلچل ۽ آمريت خلاف پراثر لاڀائتي ايم آرڊي جي تحريڪ جو سپھه سالار شھيد فاضل راھو سنـڌ ۽ مظلوم انسانذات جي تاريخ جو نو لکو ھار آھي، جنھن تي قوم ۽ انسانيت کي فخر آھي.

مرڪون نه تنھنجون مرنديون ۽ وير تنھنجا ورندا،

فاضل جي رت ڦڙي مان فاضل نوان نڪرندا.

۱۷ جنوري ۱۹۸۷ تي کيس گولاڙچي شھر ۾ آمر ضياء جي دور ۾ شھيد ڪيو ويو.

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۱۷ جنوري ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)



فاضل راهو

سنڌ جو عوامي ۽ نظرياتي اڳواڻ!

شفيق وساڻ

سائين جي ايم سيد جو ۱۷ جنوريءَ تي جنم ڏينهن آهي ۽ فاضل راھوءَ جي ۱۷ جنوري تي ورسي آھي، سندس جدوجھد اڻ وسرندڙ آھي. سنڌ جي تاريخ تي نظر وجھنداسين ته اھڙن سورمن سرواڻن ۽ جوڌن سان ڀري پئي آھي هتي ماڻھو پنھنجي مٽ پاڻ ۽ املھ موتي داڻو آھي، سنڌ جي تاريخ ۾ ٻه اھڙا املھ موتي آهي جيڪي عوام جي دلين ۾ اڄ به زنده آھن، انهن مان ھڪ سن جي ڀوميءَ جو سنڌ ڌرتي ڄائو آھي ته وري ٻيو راھوڪي جو راڻو ۽ سنڌ جي مظلوم ھارين جو آواز راھوڪي جي ڳوھيل مٽيءَ جي پيدائش آھي، جنھن سنڌ جي لاءِ انقلابي جدوجھد ڪئي ۽ آمر ضياالحق سان مھاڏو اٽڪايو ۽ جيل ي ڪارن ڪوٽن کي منھن ڏنو پر سنڌ جي مزدورن، ھارين، عورتن ۽ ٻارڙن جي حقن ۽ سنڌ جي حقن لاءِ وڙھيو ۽ آمرن کي ڳڻتيءَ ۾ وجھي ڇڏيو، ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ڪي ڪي ماڻھو تاريخ ٿين ٿا جيڪي سنڌو جي سونھن ۽ سنڌ جو آواز ھوندا آهن، سنڌ جو ساھ جنھن ۾ سمايل ھوندو آھي، جيڪي ڀلي اوندھ ھجي پر ستارو ٿي ڪري اڀرندا آھن ۽ اُھي ھميشه ڌرتي تي ڪنهن ستاري جيان چمڪندا آھن، ۽ اڄ به سندن عاشق ۽ سندن فڪر جا ساٿاري راھوڪي توڙي سن پھچن ٿا.

فاضل راھو، سنڌ جي سياسي اڳواڻ رسول پليجو سان گڏ سياسي سفر شروع ڪيو پر فاضل راھو ڪير سڏائي جيڪو ڳالھائيندو ته گھٽ ھو پر سڄو ڏينھن ۽ رات سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ نه ڏسندو ھو رات يا تات، هو راھوڪيءَ کان نڪري پوندو ھو ۽ سنڌ جي حقن لاءِ پاڻ پتوڙيندو هو، سندس فڪر سندس سوچ ۽ نظريو صرف سنڌ جي عوام جي لاءِ سنڌ جي حقن جي جدوجھد طور واضع نظريو ھو، ان ۾ ڪو شڪ نه آھي ته فاضل راهو ھڪ موتيءَ داڻو ۽ وڪامڻ وارو نه ھو ۽ سنڌ جو سچو سپوت ۽ انقلابي اڳواڻ ھو.

فاضل راھو ھڪ بھترين سياسي ڪارڪن سان گڏ ھڪ بھترين نظرياتي انقلابي اڳواڻ ھو، جنهن عملي طور عوامي تحريڪ کي منظم ڪرڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪيو ۽ سنڌ جي ھر ننڍي کان ننڍي مسئلي کان ويندين ڪالاباغ ڊيم خلاف، جمھوريت جي بحالي لاءِ، سنڌ سان ٿيندڙ ناانصافين خلاف جنگ وڙھيو، عوامي تحريڪ لاءِ خود ڀٽو صاحب چيو هو ته سنڌ ۾ جيڪڏھن ٻي پارٽي پ پ کانپوءِ آھي ته اھا عوامي تحريڪ آھي، جنھن ۾ عورتن ۽ ٻارڙن کي سنڌ جي حقن متعلق ڄاڻ ڏني وڃي ٿي، جنھن ۾ سنڌياڻي تحريڪ سان گڏ سجاڳ ٻار تحريڪ به شامل آھي، فاضل راھو مڪمل حقيقي نظرياتي ۽ سنڌ جو انقلابي اڳواڻ ھو.

شھيد عوام محمد فاضل راھو سنڌ جو اھو اڻٿڪ ۽ عملي آواز ھيو جنھن سنڌ جي مزدورن، ھارين، پورھيتن، نوجوانن، ٻارڙن ۽ عورتن کي منظم ڪيو، جنھن عوامي تحريڪ جي پليٽ فارم تان جدوجھد شروع ڪئي. جنھن ۾ فاضل راھو ۽ رسول بخش پليجو اڳواڻ ھيا، شھيد فاضل راھو جو تعلق بدين جي تعلقي گولاڙچي سان هو جتي سندس ڳوٺ راھوڪي آھي، هو بدين جي ماڻھن سان ڪورٽن، شناختي ڪارڊ ٺھرائي ڏيڻ، زمينن کي بااثرن کان ڇڏائي ڏيارڻ جو ڪم ڪندو هو، ايم آر ڊي جي دور ۾ جلسن جلوسن تي پابندي ھئي پر اھو فاضل راهو ھيو جنھن هڪ آمر جي دور ۾ جمھوريت خاطر جلسا جلوس ڪيا، ان وقت جڏھن چار ماڻھو گڏ ويھي نه سگھندا ھئا، جيڪڏھن ويٺا ته انھن کي فوج کڻي ڪوڙا ھڻندي ھئي. پر انھن جي ڪوڙن کان فاضل راھو نه ڊنو، هو ھڪ عوامي سياستدان ھيو، جيڪو سنڌ جي پاڻي خاطر وڙھيو، سنڌي ماڻھن کي سجاڳ ڪيو، غريبن جي مدد ڪندو ھيو، پاڻ کي هن وٽ هڪ ڊاٽسن گاڏي ھوندي ھئي جڏھن به گھر کان نڪرندو ھيو ته جيڪو به رستي تي هن کي ھٿ ڏيندو ھيو ته ان سان لھي ملندو ھو ۽ گاڏي تي کڻندو ھيو، سچ ته هو سنڌي ماڻھن جو سھارو ھيو، جنھن بدين ۾ ڌارين کان زمينن تان قبضا ختم ڪرايا. غريبن ۾ زمينيون ورھايون. سچ ته اھڙا اڳواڻ صدين ۾ ڪي ورلي پيدا ٿيندا آھن ۽ شھادت به ڪنھن ڪنھن کي نصيب ٿيندي آهي. حقيقت ۾ شھيد فاضل راهو جھڙن جوڌن جي سنڌ کي اڄ به ضرورت آھي. اھڙن نظرياتي، عملي عوامي ۽ جمھوري اڳواڻن جي عوام کي به ضرورت آھي.

 

(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۱۷ جنوري ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)


شھيد فاضل راهو

سورهيه اڳواڻ

الطاف ابڙو

 فاضل راهو سنڌ جي سورهيه ۽ سچار سياسي اڳواڻن مان هو. هو سنڌ جي عوام جي سياسي ۽ معاشي ڇوٽڪاري توڙي سماجي ۽ ثقافتي آزادي لاءِ سدائين جاکوڙيندو رهيو. اهو ئي سبب آهي ته کيس نه صرف سنڌ ۾ تمام گھڻي شهرت ۽ مقبوليت ملي پر هو پاڪستان جي به اهم سياستدانن مان ليکجڻ لڳو. پر افسوس ته سنڌ دشمن سياستدانن ۽ جاگيردارن کان سندس قومي ۽ عوامي مقبوليت برداشت نه ٿي سگھي ۽ کيس ۱۷ جنوري ۱۹۸۷ع واري ڏينهن ان وقت قتل ڪيو ويو جنهن وقت سنڌ جي هڪ عظيم ترين قوم پرست قومي ۽ صوفي اڳواڻ سائين جي ايم سيد جي سالگره ملھائڻ جون تياريون ٿي رهيون هيون.

ڪن ماڻھن جي خيال ۾ ته اها واردات محض هڪ اتفاق هئي پر ڪن سياسي مبصرن جي خيال مطابق سنڌ جي عظيم ترين سياسي اڳواڻ جي سالگره واري ڏينهن هڪ ٻئي عظيم سنڌي سياسي اڳواڻ کي قتل ڪرڻ جي پويان ملڪ تي مڙھيل ڏيهي ۽ پرڏيهي آقائن جي شعوري سازش هئي، جنهن جو مقصد سنڌ دوست سياستدانن کي ڪو چتاءُ ڏيڻ به ٿي پي سگھيو.

۱۹۳۷ع ۾ بدين ضلعي جي راهوڪي واري ڳوٺ ۾ پيدا ٿيڻ وارو سنڌ جو مقبول ترين اڳواڻ فاضل راهو جو والد هاري هو. فاضل راهو پاڻ به هارپو ڪيو ۽ سياسي اڳواڻ طور غريبن هم وطنن جي خدمت لاءِ سدائين تيار رهندو هو. ۽ انهن جي مسئلن جي حل لاءِ هر قسم جي ذاتي ڪوششن کان سواءِ سرڪاري ادارن ۾ پنهنجي اثر کي استعمال ڪرڻ کان به وسان نه گھٽائيندو هو.

فاضل راهو نه صرف زندگي جو هڪ وڏو حصو مختلف جيلن، انويسٽي گيشن سينٽرن ۽ ٿاڻن ۾ گذاريو هو پر هن پنهنجي زندگي جا ڪيترا ئي سال بنا عدالتي حڪم جي قيد ۾ ڪاٽيا هئا.

ڊسٽرڪٽ جيل بدين، ڊسٽرڪٽ جيل خيرپور، سينٽرل جيل حيدرآباد، نارا جيل حيدرآباد، سينٽرل جيل سکر، سينٽرل جيل ڪراچي، ڊسٽرڪٽ جيل لانڍي، سميت لاهور جي ڪوٽ لکپت جيل ۽ مڇ جيل بلوچستان سميت ڪهڙي جيل هئي جنهن ۾ هن کي قيد نه ڪيو ويو هو. فاضل راهو نه صرف سنڌ جي سطح تي تمام گھڻي سياسي شهريت، مقبوليت ۽ اهميت رکندو هو پر کيس پاڪستان جي سطح تي به اهميت حاصل هئي خاص ڪري اي اين پي جي مرڪزي نائب صدر بنجڻ کان پوءِ هن جي شهرت ۽ اهميت ۾ اضافو ٿيو.

فاضل راهو پنهنجي سياست جو آعاز ۱۹۶۲ع کان بنيادي جمهوريت جي چونڊن ۾ شرڪت سان ڪيو. انهي کانسواءِ هن ون يونٽ جي خلاف تحريڪ ۾ به ڀرپور نموني حصو ورتو. ۱۹۷۰ع ۾ سنڌي ۾ ووٽر لسٽن ڇپرائڻ واري تحريڪ ۾ به هن اهم ڪردار ادا ڪيو. جڏهن ته سنڌي ٻولي ۾ سڃاڻپ ڪارڊن جي جاري ٿيڻ ۾ به سندس ڪوششن جو وڏو دخل رهيو آهي.

پنهنجي سياست جي شروعات ۾ فاضل راهو جي ايم سيد ۽ محمد ايوب کهڙي جي سنڌ متحده محاذ ۾ شامل هو پر بعد ۾ ڪن اختلافن سبب فاضل راهو کان سواءِ رسو بخش پليجو، تنوير عباسي ۽ حفيظ قريشي جهڙن اڳواڻن سان گڏجي هڪ نئين سياسي پارٽي عوامي تحريڪ جو بنياد وڌو ۽ انهي جي ذيلي تنظيم ۾ شاگرد، شاگردياڻيون مزدور هاري توڙي ٻار به شامل ڪيا ويا.

صدر ضياءُ الحق واري دور ۾ ۱۹۷۸ع ۾ جڏهن صحافت جي خلاف ڪات ڪهاڙا اڀا ڪيا ويا ته صحافت جي آزادي لاءِ هڪ تحريڪ جاري ڪئي وئي ته فاضل راهو جيل ۾ قيد هئڻ جي باوجود به پنهنجي پٽ کي انهي تحريڪ ۾ شموليت لاءِ موڪليو.

فاضل راهو ضياءُ الحق جي ڪاري دور ۾ نه صرف ڀٽي جي ڦاهي کان پوءِ پنهنجي ڳوٺ ۾ هاري ڪانفرنس جو انعقاد ڪرايو پر اڳتي هلي جڏهن سنڌ ۾ ۱۹۸۳ع ۾ جمهوريت جي بحالي واري تحريڪ (ايم آر ڊي) شروع ڪئي وئي ته انهي ۾ به سنڌ جي سطح تي کيس جوائنٽ سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو ۽ انهي تحريڪ ۾ پيپلز پارٽي کان سواءِ عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن به جمهوريت جي بحالي لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪيون ۽ جان ۽ مال جي قرباني ڏئي تحريڪ کي ڪامياب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.

۱۹۸۶ع ۾ عوامي تحريڪ سميت مختلف سياسي پارٽين گڏجي عوامي نيشنل پارٽي جوڙي ته فاضل راهو کي ان پارٽي جو مرڪزي نائب صدر چونڊيو ويو. ان پارٽي طرفان سندس ڪوششن سان چوڏهن لک ايڪڙ زمين بي زمين هارين ۾ ورهائجي سگھي. هن شگر ملن ۽ تيل ڪمپنين جي مزدورن جي حقن جي حصول لاءِ به ڪوششون ڪيون ۽ سندس ڪيتريون ئي ڪوششون ڪاميابي سان همڪنار ٿيون.

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۱۷ جنوري ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)

 


راهوءَ جا رهيام، سنيها سرير ۾

سرويچ ساريو

سنڌ وطن، هر دور ۾ اهڙا سورهيه ۽ سرواڻ پيدا ڪيا آهن، جيڪي پنهنجي زندگيءَ جو هر پل، ويڙهيچن جي زندگين ۾ سکَ ۽ شانتيون آڻڻ لاءِ گهاريندا رهيا آهن. پنهنجي ديس ۽ ماڻهن جي حقيقي آزاديءَ لاءِ، اتهاس جي ميدان ۾، پنهنجو جيون ارپيندڙ سورهيه ۽ سالار سورمن جي قطار ۾ شهيد عوام محمد فاضل راهو جو قد، مان ۽ مرتبو به مٿاهون ۽ شانائتو آهي.

شهيد فاضل راهو، سنڌي ماڻهن جي صدين جي صدائن جو وڪيل ۽ ناسورن جو ويڄ بڻجي، وقت جي فرعونن سان چوٽون کائي، رت ۾ مينديءَ جي خوشبو پسي، مقتل ڏانهن جنهن بهادريءَ سان ڊوڙ ڪئي، سندس اها ڊوڙ صدين تائين، سنڌين جي تقدير تبديل ڪندڙ موڀي، راوت، غيور ۽ غيرت مند پُٽن لاءِ سونهون بڻجي، سندن عمل جي واٽ ۾ ڏيئا ٻاري، روشني ڪندي رهندي.

شهيد فاصل راهو، سنڌ جو اهڙو ڪيهر شينهن هو، جيڪو زخمي پيرن سان ڏاڍ جي ڏونگرن کي لتاڙيندو اڳتي وڌندو رهيو، ۽ موت کي مهڻو سمجهي، پنهنجو ريٽو رت وهائي، تاريخ جي ڪاغذن جي سرخ بابن تي مقتل گاهه ڏانهن ڪيل پنهنجي پنڌ جا ريٽا نشان ڇڏي ويو.

شهيد فاضل راهو، پنهنجي مزاج ۾ هڪ بهادر، بي ڊپو، ۽ ارڏو ڪردار هو؛ جنهن جي زندگي ۽ فطرت ۾ ڊڄڻ، هٽڻ، جهڪڻ ۽ وڪجڻ جهڙن فعلن لاءِ ڪا به جاءِ باقي نه هئي.

منڌ نه منجهان تن، پسي لڪ لڏن جي،

جا پر کاهوڙين، سا پرِ سکي سسئي! (لطيف)

شهيد فاضل راهو، اڏول ارادن ۽ سُچيت سوچن جو هڪ اهڙو مجسمو هو، جنهن ۾ پنهنجي مقصد سان سچائيءَ واري سونهن جو جلوو، ايترو ته روشن هو، جو قوم جي تڙپ رکندڙ روحَ، ڪوهن کان ڇڪجي، سندس موهه آڏو موهجي ويندا هئا.

جيهر لوڪ جهپَ ڪري، اوهرَ اڏامن،

پٿون جي پاتار جون، چيتاريو چڻن،

ڪوهه ڪندا کي تن، پارهيڙي پههَ ڪري! (لطيف)

شهيد فاضل راهو، سنڌ وطن جي ڪپڙا ڦاٽل ۽ پيٽ بکايل انسانن جي تنَ جو لٽو ۽ پيٽ جي ڍئو بڻجي، سندن وهه-جيون بڻائيندڙ آمرن سان اکيون اکين ۾ ملائي، گجگوڙون ڪندڙ شينهن هو؛ جيڪو وکَ وکَ تي پنجوڙ ڏسي به اڳرو ٿيندو اڳتي وڌندو رهندو هو.

جنهن آزاد گذاريو آهي،

تنهن لاءِ موت ته ڪا شيءِ ناهي،

وک وک تي پنجوڙ ڏسي، ڇا

شينهن ڪڏهن گجگوڙ ڇڏي آ؟

ڪنهن به عقابي چنبي، ڀوَ ۾

آکيري جي اوٽ وتي، آ؟!

ڏرِ جو ڏڍ گدڙ لاءِ آهي،

جهرِڪي جهڙپ ڏسي ڏرندي آ،

جنهن آزاد گذاريو آهي،

تنهن لاءِ موت ته ڪا شيءِ ناهي !

ساري عمر غلاميءَ جي کان،

آزادي پل جي به چڱي آ،

۽ تو پنهنجي پوري جندڙي،

جنهن پل ۾ ڀرپور ڀري آ،

سو پل سگهه صدين جي آهي،

ان جي سڀ کان عمر وڏي آ،

جنهن آزاد گذاريو آهي،

تنهن لاءِ موت ته ڪا شيءِ ناهي!! (شيخ اياز)

شهيد فاضل راهو، جبل هو، هر ڏاڍ ۽ ظلم آڏو. شهيد فاضل راهو، مظهر هو، بهادريءَ جو، سرفروشيءَ جو، همٿ جو، مردانگيءَ جو، دليريءَ جو، اڏولتا ۽ اورچائيءَ جو.

راهو تنهنجي ريت، پرکنڊي پڌري،

گهڻا گهوڙن چاڙهيئي، مسافر مسيت،

پڇن ڪانه وڏيت، جي آيا سي اگهيا! (لطيف)

شهيد فاضل راهو، گهوٽ هو، اڻموٽ هو، جو ڪوٽن جي قيد مان آجو ڪري، رڻ جي راهه تي روانو ڪيو ويو.

گهوڙن ۽ گهوٽن، جيئڻ ٿورڙا ڏينهڙا،

ڪڏهن منجهه ڪوٽن، ڪڏهن راهي رڻ جا. (لطيف)

۱۷ جنوري ۱۹۸۷ع واري سنڌ، پنهنجي سالار ۽ سرواڻ سورمي جي شهادت تي واويلا وڻڪار بڻجي وئي؛ ڀٽائيءَ کي ڀاڪر پائي، سنڌ جا ڀريل سڏڪا، اڄ به پڙاڏو بڻجي، ڪيڏارو ڳائي رهيا آهن.

سنڌ جو سڏ به آهي، ته پڙاڏو به آهي، پر اهو سڏ سڻي، ڪلهي ڪيئرو پائڻ وارو فاضل ناهي؛ مارَي، متارو بڻجِي، سوڀن کي پنهنجن ماڻهن جي پيرن ۾ ڪيرائڻ وارو فاضل ناهي!

سورهيه مرين سوڀ کي، دل جا وهم سڀ وسار،

هڻ ڀالا، وڙهه ڀاڪرين، آڏي ڍال مَ ڌار،

متاع تيغ ترار، مار ته متارو ٿئين. (لطيف)

شهيد فاضل راهو، پنهنجي دور جي انيرائن جي ديس ۾ سنڌ جو جکرو هو، جسَ کرو هو، ۽ جنهن مٽيءَ مان هو جُڙيو، اها مِٽي، ان دور ۾ اصل ايتري ئي هئي.

جکرو، جس کرو، ٻيا سڀ انيراءِ،

جهائين جڙيو جکرو، تهائين نه ٻيا،

مٽي تنهن ماڳا، اصل هئي ايتري. (لطيف)

شهيد فاضل راهو، سنڌ جو ساهه هو، پساهه هو، ويساهه هو؛ چانڊوڪيءَ جو چاهه هو. شهيد فاضل، ڪارونجهر هو، ڪاڇو هو؛ شهيد فاضل، ديبل، اروڙ، ٺٽو، ٽلٽي، سيوهڻ، مياڻي هو.

هن جنگ پنهنجي وطن جي جهانگين لاءِ جوٽي، پنهنجو ساهه ڏئي به ويساهه نه ڏنو ؛ ۽ هر سنڌيءَ لاءِ ثابت قدمي ۽ سچائيءَ جو مثال ڇڏي ويو.

جي تون وڙهندي ماريو ويندين،

هن وستيءَ تي واريو ويندين،

دودا! تنهنجو ساهه ته ويندو،

ماڻهوءَ جو ويساهه نه ويندو،

تنهنجا پٽ، نه ته تنهنجا پوٽا،

رهندا تو سان، پور-وڇوٽا،

آزاديءَ لاءِ رڙهندا آخر،

رڙهندي رڙهندي وڙهندا آخر،

تن جي لاءِ مثال ڇڏي وڃ،

۽ جي چاهين خال ڇڏي وڃ! (اياز)

شهيد فاضل راهو، سنڌين جي اڻ-مٽ سک ۽ سلامتيءَ لاءِ وقت جو حسينُ بڻجي، ظلم جون دهشت ڀريون ديوارون ڪيرائي ڇڏيندڙ، گهوٽ اڻموٽ هو.

سڀ ڪو سکي شال، راهوءَ جي ريت،

نڀائي پريت، سر ڏنائين سنڌ تي. (اياز)

شهيد فاضل راهو، سنڌين جي امنگن ۽ خواهشن جو ترجمان بڻجي، پنهنجي مقصدن سان وفائون ڪندي، تاريڪ راهن ۾ مري، نئون جيون ماڻي، امر بڻجي ويو.

مرڻا اڳي جَي مئا، سي مَري ٿين نه مات،

هوندا سي حيات، جيان اڳي جي جِئيا. (لطيف)

شهيد فاضل راهو، ٻاروتڻ کان ڏکن جي تخليق هو؛ هو زندگيءَ جي بازار ۾ سيني تي گهاءَ سجائي، وڏا پنڌ ڪندو هو.

شهيد فاضل، ڏيئو هو، جنهن کي لالچ، ڏک ۽ خوف جا طوفان تمام طاقت آزمائڻ باوجود اجهائي نه سگهيا، ۽ هو آخري گهڙيءَ تائين ٻرندو رهيو.

اوندهه ۽ اويرَ، منجهايو هو ماڳ کي،

کِلي ڪيرُ کِنوڻ، چمڪائي ويو چِت ۾. (اياز)

شهيد فاضل راهو، سچ-سفر جو راهي هو، جوڳي هو، ڪاپڙي هو، کاهوڙي هو، جيڪو سک پائي، ڪڏهن نه ستو، کيس پنڌ جو اوسيئڙو، هر گهڙي رهندو ئي رهيو.

کِرڪڻا لاهي، سک نه ستا ڪڏهن،

اوسيئڙو آهي، کاهوڙين کي پنڌ جو. (لطيف)

شهيد فاضل راهو، ٻاٽ ۾ لاٽ هو، روشن سنڌ، سچ، سماج جي واٽ هو، ۽ ان واٽ ۾ ئي ڪاٽَ ٿي ويو.

شهيد فاضل راهو، انياءَ سان اٽڪيو، ڏاڍ ۽ ڏهڪاءَ سان جهيڙو جوٽيو. شهيد فاضل، آزاريل ۽ عليل ماڻهن جي قيدي امنگ جو چنگ هو، ۽ چارڻ هو؛ ۽ هو پنهنجن ماڻهن جي صدين جا سڏڪا، آڌيءَ جا اڊڪا ۽ ننڊ نهوڙيل راتيون، ديس جون درديليون دانهون، پيڙهين جا پڙلاءَ، صدين جا گهرا گهاءَ، سيني تي سجائي، چنگ چوريندو رهيو ۽ اڄ تائين، پنهنجي غير موجودگيءَ جو خال نه ڀرجڻ جو اڀاڳ ڏئي هليو ويو آهي.

ڪيڏي ڪاري ٻاٽ، ڍول لٿي آ ڍٽ تي،

نه ڪو تارا اڀ ۾، نه ڪا ڏيئي لاٽ،

او شال جرڪي جاٽ، چارڻ تنهنجي چنگ مان. (اياز)

شهيد فاضل راهوءَ پڄاڻان، سنڌين جو سگهارو آواز، وري نه اڀريو آهي؛ کڳن جا کٽراڳ وڌيا آهن، سنڌي-دشمن مارين جا ڄار اڻڻ وارا انداز وڌيا آهن؛ ڌاريا ته ٿيا ئي ڌاريا، اهي مٽَ مئيءَ جا ٿي ئي نه ٿا سگهن، پر پنهنجا به ڪوڙ جي ڪاڄ ۾ شامل ٿي، ان جو راڄ ڀاڳ بڻجي ويا آهن.

سنڌين جي حال ۽ آئيندي تي انڌ ڇانيل ڏسي، ۽ ڪاري رات مان ٻي ڪاري رات ڄايل ڏسي، شهيد فاضل جي سنڌ، ۽ ان وقت سندس سرواڻ فاضل جا سنڌين جي تقدير تبديل ڪرڻ واسطي نيون واٽون، نيون راهون، نوان پنڌَ ۽ پيچرا تخليق ڪرڻ وارو فن ۽ ڏانءُ ڏسي، دشمن جو ساهه سڪائيندڙ هوڪارون ۽ للڪارون ڏسي، اندر ۾ وڍَ پونِ ٿا ته سنڌ ۾ اڄ به اهو هلچل جو ماحول آهي، سنڌين ۾ دشمن خلاف ڪروڌ ۽ ڪاوڙ، ان دور کان اٿاهين آهي؛ وسيلا به وڌيڪ آهن، سهولتون به سوايون آهن، پوري دنيا هڪ ڳوٺ ۾ به تبديل ٿي چڪي آهي؛ پر جي ناهي، ته فاضل ناهي.

نون سرن ۾ زندگيءَ جا نوان گيت ڳائڻ، ڊاهڻ کان پوءِ ٺاهڻ، دٻاءَ، ڦر رهزنيءَ جا کيل سڀ بگاڙڻ، خزان کي پناهه ڏيندڙ باغ کي اجاڙڻ، ۽ خزان جو گهر ئي جلائڻ جو سمورو ماحول آهي، پر ناهي، ته شهيد فاضل ناهي.

آفتاب جو ٻهڪندڙ جلوس ڪڍي، انڌيري رات جو ڪفن ليڙون ليڙون ڪرڻ؛ ٻوڏ جيان حيات جو قافلو وڌائي، قيامتن پٺيان قيامتون اٿارڻ جو سمورو ماحول آهي، پر ناهي، ته شهيد فاضل ناهي.

آسمان تي جڳمندڙ سج کي زمين تي جڳمڳائڻ، ۽ چنڊ کي لاهي به پنهنجن ماڻهن جي پيرن ۾ جهڪائڻ، بهشت، جنتن جي خوابن کي حقيقتن ۾ آڻڻ، بهارن کي مرڪائڻ ۽ حسين گيت ڳائڻ، جو سنڌ ۾ سمورو ماحول آهي، پر ناهي، ته فاضل ناهي.

شهيد فاضل واري سرواڻي، اڄ انهن ”سرواڻن“ حوالي آهي، جيڪي اسٽيجن تان گر گر گڦ گڦيو، پوري قوم جو غم غلطان ڪن ٿا. جاهل، ڪاهل، علم عقل کان ڪورا، ڌارين جي چمچاگيري ڪرڻ ۾ ڀڙُ ۽ پنهنجن سان هيرا ڦيري ڪرڻ ۾ پورا، ڀڳڙن ۽ ٽامي جي ڪجهه ٽڪرن تي ڌرتي وڪڻڻ جا ڪوڏيا، قبضو ڪري ويٺا آهن، ۽ ”گرينڊ الائنس“ جي اسٽيج تان گدڙ ڀڀڪيون ڏئي، نه رڳو شهيد فاضل جو روح تڙپائين ٿا، پر ڄڻ، ابراهيم منشيءَ جي لفظن ۾ هو اهو چوڻ تي مجبور ٿئي ٿو.

تون روڳي روپ وٺي هت آئين،

ڪالهه به قاضي قاضن جو،

۽ بابو، نائومل چنيسر،

ڄام فيروزي پارن جو.

مون ڪالهه به روپا، دٻي مياڻي،

جهيڙيو گڏ جهونجهارن سان.

ٿو، اڄ به توکي چورن سان گڏ،

چوڪيءَ تي چوبند ڏسان؛

۽ جيجل جي جلادن سان،

ٿو، حاضر هر هنڌ ڏسان،

۽ اڄ به منهنجي جنگ آ جاري،

غدارن تو پارن سان !

اڄوڪي سنڌ ۾ ماڻهن تائين لطيف به پهتو آهي، ته اياز به. ۽ لطيف ۽ اياز جي خوابن جي تخيل واري سنڌ کي عملي روپ ۾ آڻڻ وارو فاضل ناهي؛ ۽ شهيد فاضل راهوءَ جي نئين جنم تائين، سنڌ، ائين ئي ڀوڳيندي رهندي، جيئن ڪروڙين ڌرتي ڌڻين هوندي ڀوڳنائون سنڌ جو، سنڌين جو مقدر مقدر بڻايون ويون آهن.

راهوءَ جا رهيام، سنيها سريرَ ۾،

ٻيا در وسريام، ڏٺي جادم جکري! ( لطيف )


 

راهو جا رهيام، سنيها سرير ۾

منان چانڊيو

اڄ کان اوڻٽيهه سال اڳ ۱۷ جنوري ۱۹۸۷ع تي لاڙ جي لعل ۽ راهوڪي جي راڻي فاضل راهو کي هڪ ڪرائي جي قاتل فضل چانگ هٿان قتل ڪرائي اهو تاثر ڏنو ويو ته ذاتي دشمني جي بنياد تي راهو کي قتل ڪيو ويو، پاڻ فاضل صاحب جي شهادت جي سببن تي لکڻ کان پهرين عرض ڪندس ته ايم آر ڊي اتحاد سنڌ جي جوائنٽ سيڪريٽري جي حيثيت ۾ فاضل صاحب ۱۹۸۲ع جي پڇاڙي ۾ وارهه شهر ۾ هاري اڳواڻ حڪيم قاضي غفار جي اوطاق نما اسپتال تي آيو ۽ اتي اهو طئه ٿيو ته ايم آر ڊي تحريڪ کي منظم ڪرڻ خاطر اتحاد ۾ شامل پارٽين جي گڏيل گڏجاڻي ٿيڻ گهرجي، ۽ اهو فيصلو ڪيو ويو ته ڳوٺ نهال تنيو ۾ عبدالله عرف ڀاوندو چانڊيو جي اوطاق تي رات جو هڪ گڏجاڻي ٿيندي، ۽ مقرر وقت تي ان گڏجاڻي ۾ عوامي تحريڪ کانسواءِ پ پ ۽ جي يو آءِ جي اڳواڻن پڻ شرڪت ڪئي، اتي فاضل صاحب ايم آر ڊي تحريڪ جي جي مقصدن ۽ مول متن تي زبردست ڄاڻ ڏني، ۽ ان گڏجاڻي جي ڪجهه مهينن کان پوءِ هڪ ڀيرو ٻيهر فاضل صاحب ساڳي سلسلي جي ڪڙي طور لعلورائنڪ ۾ هاري اڳواڻ قاضي غفار وٽ آيو، ۽ ان گڏجاڻيءَ ۾ ايم آر ڊي تحريڪ ۾ رضاڪاراڻا طور تي ضلعي اندر عوامي تحريڪ جي دوستن جا نالا طئه ڪيا ويا، مٿين ڳالهين ڪرڻ جو مقصد اهو آهي ته مون ان کي زندگيءَ ۾ صرف ٻه دفعا ڏٺو. فاضل راهو بدين ضلعي جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ راهوڪي ۾ هڪ مالوند ۽ هڪ ننڍڙي زميندار احمد خان راهوءَ جي گهر ۾ اک کولي سندس ننڍپڻ ٻين ٻارن وانگر گذريو، ۽ جڏهن ان ۾ ڪجهه سمجهه آئي ته پنهنجي والد سان ٻني ٻاري ۽ مال متاع جي سار سنڀال ڪرڻ لڳو، ۽ هو جڏهن وڏو ٿيو ۽ سندس سمجهه ۾ واڌارو آيو ته هن جي نظر پنهنجي مال متاع کا هٽي ڪري آس پاس جي هارين ۽ پورهيت پنهوارن جي حالت تي نظر پئي، جيڪا ان وقت ڏڍي ڪٺن هئي، اها حالت ڏسي فاضل راهو جي دل ۾ ڏکويل مسڪين ماڻهن لاءِ همدردي پيدا ٿي، پر هو جڏهن قومي طبقاتي ڦرلٽ ۽ اڻ برابري واري نظام جي گهرائي ۾ ويو ته معلوم ٿيو ته اهو نظام قدرت طرفان رائج ٿيل ناهي پر، هٿ ٺوڪيو آهي، فاضل صاحب ان پس منظر کي ڏسي، سمجهي اهو دل ئي دل ۾ فيصلو ڪيو ته مظلومن ۽ محڪومن جي ابتر حالتن کي سڌارڻ ۽ بهتر بڻائڻ لاءِ جاکوڙ ۽ جدوجهد جي ضرورت آهي، ۽ اهڙي طرح هن شروعات ۾ بنا ڪنهن سياسي سماجي ڌر جي پليٽ فارم تان انفرادي طرح هارين جي بيدخلين، مزدورن جي برطرفين ۽ سنڌي قوم ۽ عوام جي حقن تي لڳندڙ ڌاڙن خلاف آواز بلند ڪندي مانجهي مڙس ٿي ڪڏي ڪاهي پيو، جيڪا ڳالهه هڪ طرف علائقي جي مظلوم محڪوم طبقن جي ماڻهن کي گهڻو پسند آئي، جنهن ڪري عوام جو وڏو حصو سندس حامي ۽ مداح بڻجي ويو، اتي وري علائقي جا پير، مير، وڏا زميندار، چوڌري، آفيسر شاهي هن جا ويري بڻجي ويا، جنهن وقت ۾ فاضل راهو سنڌي قوم ۽ عوام جي درد کي پنهنجو درد سمجهي جدوجهد ڪري رهيو هيو، ان دور ۾ ڏکڻ سنڌ جي ڪيترن ضلعن جنهن ۾ بدين ضلعو پڻ شامل هيو، ڌارين پنجابين جن ۾ حاضر، رٽائرڊ فوجي آفيسر ۽ سول آفيسرن کي زرخيز ۽ سرسبز زمينون ڏنيون پيون ويون شايد اهو دور ون يونٽ وارو دور هيو، جنهن ۾ سنڌ جون زمينون ڪارخانا نوڪريون، ۽ گذر جا ٻيا وسيلا غير سنڌين ۽ ٻين صوبن سان تعلق رکندڙ خاص طرح پنجابين لاءِ مالي غنيمت بنجي چڪا هئا، اننهن سمورين بيواجين ۽ ارهه زوراين کي ختم ڪرڻ لاءِ سنڌي هارين، مزدورن کي ساڻ ڪري باقائدا جدو جهد شروع ڪئي، ان جدوجهد ۾ مظاهرا، جلسا، جلوس، بک هڙتالون، شامل هيون، ۽ جڏهن فاضل راهو جي قائدانه صلاحيتن جي خبر ان وقت سنڌ جي هڪ ٻئي کاهوڙي ڪردار مرد مجاهد رسول بخش پليجي کي پئي ته ان فاضل سان ملڻ جي خواهش ظاهر ڪئي، ۽ جڏهن اهي ٻئي هڪ ٻئي سان مليا، ته هنن جون سوچون نظريا، گس پسند ۽ پيچرا ڄڻ ته ساڳيا هئا، ڀٽائي صاحب جي هن سٽن وانگر ته،

هئا اڳي ئي گڏ، ٻڌڻ ۾ ٻه ٿيا.

چوڻ جو مطلب ته جڏهن ذهن ساڳيا، منزل ساڳي، مول متا ساڳيا، ته پوءِ ڀلا ڌار ڇو رهجي، ان ڪري ٻنهي اڳواڻ اهو محسوس ڪيو ته ڌار ڌار ۽ انفرادي طرح سنڌي قوم ۽ عوام جا مسئلا مشڪلاتون حل ڪونه ٿينديون، ڇو نه هڪ عوامي، قومي، جمهوري نظريو رکندڙ پارٽي ٺاهجي، ۽ ان مقصد جي حاصلات لاءِ ۱۹۶۹ع ۾ سنڌ سطح جي هڪ پارٽي وجود ۾ آئي، جنهن جو نالو سنڌي عوامي تحريڪ رکيو ويو، جنهن جو پهريون ڪنوينر حفيظ قريشي، جنرل سيڪريٽري رسول بخش پليجي کي مقرر ڪيو ويو، ۽ فاضل راهو کي به اهم ذميواريون ڏنيو ويون، چوڻ وارا چون ٿا ته ان وقت عوامي تحريڪ ۾ شامل ٿيندڙ وچين طبقي جا پڙهيل لکيل باشعور، اديب، دانشور، شاعر، ليڪچرار، پروفيسر، وڪيل، ڊاڪٽر، ۽ محب وطن، عوام دوست سنڌي آفيسر ۽ ٻيا هئا، چوڻ جو مطلب ته جنهن وقت عوامي تحريڪ جو وجود پيو، ان وقت هڪ طرف ڀٽو جي قيادت ۾ پ پ هئي، ٻئي طرف سائين جي ايم سيد جي قومپرست تحريڪ به سرگرم هئي، ته ٽئين طرف سنڌ ۾ ڪميونسٽ به خاص حيثيت رکن پيا، ان سڄي سياسي منظر نامي م عوامي تحريڪ جو ٺهڻ ۽ سرگرم ٿيڻ هڪ وڏي اهميت رکي پئي.

پاڻ ڳالهه پئي ڪئي سين فاضل صاحب جي جدوجهد ته جڏهن فاضل صاحب عوامي تحريڪ ۾ شامل ٿي ويو ته فاضل صاحب جي سياسي طاقت اڳئين کان ڪيترا ڀيرا وڌيڪ موثر ٿي وئي، ياد رهي ته بدين ضلعي ۾ جيڪي تيل جي کوهه دريافت ٿيا ته انهن جو ٺيڪو آمريڪا جي هڪ ڪمپني يونين ٽيڪساس کي مليل هيو ۽ ان تيل جي ملندڙ يا حاصل ٿيل ذخيرن کي سنڀائيندڙ ملازمن جي اڪثريت پنجاب سان تعلق رکندڙ پنجابي ماڻهن جي هئي، ۽ علائقي جي ماڻهن کي هڪ ته ان تيل جي رائلٽي ڪونه پئي ڏني وئي ته ٻئي طرف کين ان ڪمپني ۾ هلڪيون ڦلڪيون ملازمتون به ڪونه ڏنيون پئي ويون، انهن ناانصافين خلاف فاضل صاحب وڏي جدوجهد ڪئي، جنهن تي هڪ طرف ان ڪمپني جا ڪرتا ڌرتا به ناراض هئا ته وري ٻئي طرف پنجاب کان آيل ڪمپني جا وڏا ملازم ۽ ٺيڪيدار به فاضل صاحب خلاف گهات گهڙي رهيا هئا ٽئين طرف وري علائقي جا پير، مير، چوڌري، ۽ ڪرپٽ آفيسر به فاضل صاحب جي جان جا ويري بڻجي چڪا هئا، ۽ انهن سڀني فرعوني قوتن جي سرپرسرتي جنرل ضياءَ جي مارشلا شاهي ڪري رهي هئي، ڇو ته ۱۹۸۳ع ۾ ايم آر ڊي جي جمهوري تحريڪ دوران فاضل راهو جي قيادت ۾ عوامي تحريڪ جو اهم ڪردار هيو، ۽ اڃا اهم ڳالهه اها به هئي ته جڏهن فاضل صاحب کي ڪرائي جي قاتل هٿان شهيد ڪرايو پئي ويو ته ان وقت عوامي تحريڪ پاڪستان جي سڀ کان وڏي کاٻي ڌري جي نئين پارٽي عوامي نيشنل پارٽي ۾ ضم ٿي چڪي هئي، ۽ ان وقت فاضل صاحب عوامي نيشنل پارٽي جو مرڪزي سينئر نائب صدر جي اهم عهدي تي فائز هيو، هي اهو وقت هيو جڏهن افغانستان ۾ سوويت يونين جي سياسي، مالي ۽ فوجي سهڪار سان ڪامريڊ ڊاڪٽر نجيب الله افغان عوامي انقلابي حڪومت جو سربراهه هيو، ۽ ڪامريڊ جا عوامي نيشنل پارٽي جي قيادت سان تمام ويجها سياسي لاڳاپا هئا، جيڪا ڳالهه به آمريڪي سامراج ۽ ان جي ڪٺپتلي جنرل ضياءَ جي مارشلائي راڄ ۽ ملڪ جي اسٽبلشمينٽ کي پسند ڪان هئي،

هتي اها ڳالهه به ياد ڏياريندا هلون ته جنهن ڏينهن فاضل صاحب کي شهيد ڪيو ويو ته ان کان ٻه ڏينهن اڳ ۾ اي اين پي جي هڪ اعلى سطح جي وفد سان گڏجي ڪامريڊ نجيب جي دعوت تي زميني رستي ڪابل وڃڻو هيو، ۽ اهو وفد جڏهن طورخم سرحد تي پهتو ته پاڪستاني ايجنسين فاضل صاحب کي سرحد پار ڪرڻ ڪون ڏني ۽ هو واپس پنهنجي ڳوٺ پهتو، اسان جي نظر ۾ فاضل صاحب کي قتل ڪرڻ ۾ پاڻ جن مٿين غير ملڪي ۽ ملڪي قوتن جو ذڪر ڪيو آهي انهن جو هٿ شامل هيو، باقي فضل چانگ نالي جنهن شخص فاضل کي قتل ڪيو ان سان بذات خود ڪو به تڪرار ڪونه هيو، ۽ هرو ڀرو ان معاملي کي نام نهاد ذاتي دشمني ۽ پلاند جو نالو ڏنو ويو، حقيقت ۾ فاضل صاحب علائقي واسين هارين ۽ پورهيتن لاءِ ڀرجهلو ۽ ڇپر ڇانو هيو هن ذاتي طور تي يا سياسي طور تي ڪنهن سان به ناانصافي ڪانه ڪئي هئي، وقت جي ستم ظريفي رڳو اها نه آهي ته ان اسان کان فاضل جهڙا انقلابي ڪردار کسي ورتا پر وقت جي ستم ظريفي اها به آهي ته جتي اڳ راهوڪي ۾ ڳاڙها جهنڊا جهوليندا هئا اڄ اتي ڳاڙهن جهنڊن جي جاءِ ساون جهنڊن والاري ڇڏي آهي. آخر ۾ شاهه سائين ءَ جون هي سٽون عرض ڪندا سين ته،

راهو جا رهيام، سنيها سرير ۾،

ٻيا در وسريام، پسي ڄام جکري.

 



فاضل راهو

سنڌ جي روح جو راڻو

علي احمد جوکيو

شهيد محمد فاضل راهو جي زندگي جو هرپل جدوجهد ۽ عمل آهي. هن کي پنهنجي مقصد ۽ منزل تي پهچڻ لاءِ اڻ ٿڪ محنت ۽ جنون جي حد تائين اڻ تڻ ۽ تڪڙ هئي، تنهن ڪري هو جدوجهد دوران گھڻو عرصو جيل ۾ رهيو ۽ جڏهن آزاد ٿيو ته هو ظلم جي خلاف هلندڙ جدوجهد ۾ سرگرم عمل رهيو ۽ هن ڪڏهن به ٿڪ محسوس نه ڪيو ۽ آرام جي لاءِ به هن وٽ وقت نه هو. آمريت خلاف جيڪي جدوجهدون هليون، شهيد فاضل راهو انهن سڀني جدوجهدن جو حصو رهيو ۽ سندس ڪردار اڳواڻي وارو هو. هن ملڪ جي ڊڪٽيٽرن، فوجي حڪمرانن جي دؤرن ۾ جمهوريت ۽ مظلومن جي حقن لاءِ پاڻ پتوڙيو ۽ جيلن جون صعوبتون برداشت ڪيون ۽ تحريڪن کي ڪاميابي جي ڪنارن تي پهچايو ۽ نتيجا خيز معرڪا سرانجام ڏنا. شهيد فاضل راهو ايوب خان، يحيى خان ۽ ماڊل ڊڪٽيٽر ضياءَ الحق جي ظالمانه دؤرن جو ثابت قدمي سان مقابلو ڪيو. هن ظلم جي ماريل ماڻهن جو ساٿ پوري سچائي سان ڏنو. هن سنڌ جي زمينن کي نيلام ٿيڻ کان بچائي، مقامي ماڻهن کي زمين جو مالڪ بنايو، جنهن ۾ اڪثريت بي زمين هارين جي هئي، جن خواب ۾ به نه ڏٺو هو ته هو به ڪڏهن پنهنجي زمينن جا مالڪ ٿي سگھن ٿا.

شهيد فاصل آمريت ۽ آپيشاهي جو مخالف هو. هو جمهوريت جو سروان هو، ضياءُ الحق جي دور ۾ جمهوريت جي بحالي لاءِ ايم آر ڊي جي پليٽ فارم تان ۱۹۸۳ ۽ ۱۹۸۶ ۾ جيڪي تحريڪون هليون، انهن ۾ شهيد فاضل سرواڻي جو ڪردار ادا ڪيو. پاڪستان ۾ جمهوريت لاءِ شهيد ذوالفقار علي ڀٽي ته سڀ کان وڏي قرباني ڏني، جنهن جا پٽ ۽ نياڻي جمهوريت لاءِ قربان ٿيا. شهيد بينظير ڀٽو، شهيد شاهنواز ڀٽو، شهيد مرتضى ڀٽو سڀ جمهوريت لاءِ آمريت سان وڙهندي تاريخ جو امر ڪردار ٿي ويا. انهيءَ کانپوءِ شهيد فاصل راهو به سندس موڀي پُٽ محمد صديق راهو سميت آمريت سان مهاڏو اٽڪائيندي پنهنجون جانيون قربان ڪيون.

هن ملڪ جي تاريخ ۾ جيڪا حڪمراني رهي آهي، ان ۾ انساني حقن جي لتاڙ ۽ عوام جي جمهوري حقن تي غاصبانه وار ٿيندا رهيا آهن. ننڍين قومن جا قومي حق غصب ڪرڻ ۽ انهن تي ظالماڻي روش هميشه کان رهي آهي. سنڌ به انهيءَ ظلم جي نشاني تي رهي آهي. سنڌ جا ماڻهو به پنهنجي جمهوري ۽ قومي حقن لاءِ وڙهندا رهيا آهن پر شهيد فاضل راهو پنهنجي پوري سچائي ۽ اٽل ارادي سان پنهنجي زندگي جو پل پل جمهوريت دشمن قوتن سان مهاڏو اٽڪائيندو رهيو. هن ڪڏهن پنهنجي جان جي پرواه نه ڪئي.

تاريخ ۾ اهي ماڻهو ياد ڪيا ويندا آهن، جيڪي پنهنجي مقصد تي اٽل ٿي بيٺا ۽ جان جي پرواهه نه ڪئي. پنهنجي اصول ۽ واعدي تي قائم رهيا ۽ زندگي جي آخري گھڙين ۽ ساهه جي آخري هڏڪي تائين ثابت قدم رهيا. وقت انهن ماڻهن کي ياد ڪري ٿو ۽ اهي ماڻهن جي دلين تي صدين تائين بادشاهي ڪن ٿا ۽ هو قومن جا هيرا ٿين ٿا ۽ زمانن تائين قومن ۽ نسلن جي روحن ۾ اوطاقون ڪري رهن ٿا.

لطيف سرڪار چوي ٿو ته جيڪو ماڻهو عشق جي دعويداري ڪري ٿو، جيڪو ڪنهن به مقصد جي حاصلات لاءِ پنهنجو سڀ ڪجھ قربان ڪرڻ جو عزم ڪري ٿو، انهي لاءِ زندگي ۾ هڪ اهڙو مرحلو اچي ٿو، جتي وقت ان کان هڪ فيصلو گھري ٿو. جتي وقت سچائي جي پرک ڪري ٿو. اها گھڙي اهڙي گھڙي آهي، جيڪا بهادر ۽ سچي ماڻهون جو امتحان آهي. هڪڙي پاسي دنيا جون سڀ آسائشون خواهشون عيش آرام، دولت سڀ ڪجھ هجي، ۽ ٻئي پاسي صرف پنهنجي ڌرتي جي عشق ۽ عوام سان واعدي جي پاسداري هجي. اتي سورهيه سچا ۽ دلير ماڻهو مقتل جي چونڊ ڪندا آهن ۽ پنهنجي زندگي پنهنجي وطن ۽ عوام مٿان نڇاور ڪندا آهن ۽ سدائين لاءِ امر ٿي ويندا آهن. انهيءَ گھڙي لاءِ لطيف سرڪار هيئن چوي ٿو:

ڳئورا ٻئي پار، هنيون حيرت ۾ پيو،

ويهان ته ويرم ٿئي، نيهن ۾ پئي نهار،

وڃان ته واڪو ٿئي، پاڙي پوئي پچار،

هُت ٿي واعدي جي وار، هِت سوٽون ڏيئنم سرتيون.

لطيف سرڪار چوي ٿو انهي مرحلي ۾ ٻنهي طرفن مان هڪ طرف جي چونڊ ڪرڻي آهي. هڪڙي ڳالهه تي بيهڻو آهي. زندگي يا موت جو فيصلو ڪرڻو آهي. اها ئي گھڙي زندگي جي اهم گھڙي آهي ۽ اتي ئي سچائي جي خبر پوندي آهي ۽ پوءِ لطيف سرڪار پاڻ ئي چوي ٿو:

ته ڪر ڪين سوئي، جي سير نه گھڙي سهڻي،

هِت حياتي ڏينهڙا، هڏين تان نه هئي،

چڪي تنهن چري ڪئي،  جا هن ڏنس ڏُهي،

سُهڻيءَ کي سيد چوي، وڌو قرب ڪُهي،

هِئين هوند مُئي، پر ٻڏي جا ٻيڻا ٿيا.

فاضل راهو اهو قول نڀايو. هن زندگي تان هٿ کنيو، دنيا تان هٿ کنيو، پنهنجا اصول قائم رکيا، شهادت ماڻي ۽ سنڌ جي روح جو راڻو بڻجي ويو.

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۱۶ جنوري ۲۰۲۴ع تي ڇپيل)


 

محمد فاضل راهو

ان سوال جو جواب ڪير ڏيندو؟

ڊاڪٽر ايوب شيخ

پاڪستان جي سياسي اڳواڻ محمد فاضل راهو جي ۳۵ هين ورسي راهوڪي بدين ضلعي ۾ ملهائي وئي. کيس ۱۷ جنوري ۱۹۸۷ع تي بدين جي علائقي ڪڙيو گهنور ۾ ڪهاڙي جا وار ڪري قتل ڪيو ويو. محمد فاضل راهو سنڌ جي سياست جو يگانو ڪردار هو، سندس جنم ۱۹۳۴ع ڌاري راهوڪي ۾ ٿيو، جنهن جي ورسي هر سال راهوڪي ۾ ملهائي ويندي آهي. سنڌ جي عوام محترم محمد فاضل راهو کي ان وحشياڻي قتل تي کيس “شهيد عوام” قرار ڏنو هو.

سنڌي عوام جو هاڪارو اڳواڻ محمد فاضل راهُو ۱۷ جنوري ۱۹۸۷ع تي صبح جي پهرئين پهر ڪڙيو گهنور تعلقو گولاڙچي ۾ (هاڻي شهيد فاضل راهو) ڪهاڙين سان قتل ڪيو ويو. چانگ ذات جي هڪ ڄڻي قانون کان بچڻ لاءِ اهو چئي کيس قتل ڪيو هو ته هن ڏانهن سندس ڪئين سال پراڻو غيرت جو پلئه رهيل هو. جناب محمد فاضل راهوءَ جي پونيئرن قانون جي پوئواري ڪندي، قاتل کي ڦاسيءَ تائين پهچايو هو.

ملڪ جي پراڻي نسل کي يادگيري طور ۽ نئين نسل جي ڄاڻ لاءِ کين ٻڌائجي ٿو ته، جناب محمد فاضل راهو ۱۹۳۴ع ۾ ڄائو ۽ ۱۹۸۷ع تي قتل ڪري عوام کان ڌار ڪيو ويو. سندس ڪل ڄمار ۵۳ ورهيه هئي. هن کي پٽن ۽ نياڻين جو اولاد آهي. جنهن مان سندس وڏو پٽ محمد صديق راهو جيلن جون سختيون سهندي بيماريءَ کانپوءِ سندس جيئري ئي گذاري ويو هو. محمد صديق جي وفات وقت فاضل صاحب جيل ۾ هو. کيس پئرول تي هڪ هفتي لاءِ آزاد ڪيو ويو هو. محمد فاضل راهوءَ صاحب کي نياڻين جي اولاد ۾ شهناز راهو، شهربانو راهو، حسنا، رخسانا ۽ فرزانا راهو ۽ پٽن جي اولاد ۾ چار پُٽ محمد اسماعيل راهو، محمد اسلم راهو، محمد سليم ۽ محمد فياض شامل آهن. فاضل صاحب جي چاليهي تي جناب رسول بخش پليجي جيڪا شاندار تقرير ڪري شهيد فاضل کي ڀيٽا ڏني هئي، تنهن ۾ اسان کي شاهه جي انهن بيتن بابت خبر پئي هئي، جيڪي “راهو” ذات لاءِ شاهه صاحب اچاريا هئا. جن بيتن ۾ راهن جي لاءِ هاڪاري سوچ شامل آهي.

راهوءَ جا رهيام، سنيها سرير ۾

ٻيا در وسريام، ڏٺي جا دم جکري (شاهه)

جناب محمد فاضل راهوءَ جي لاءِ “وڪي پيڊيا” ۾ لکيل آهي ته هو ولايت مان پڙهيل هو. اصل ڳالهه اها آهي ته هو رڳو ٽي درجا سنڌي پڙهيل هو، پر ڌرتي ڌڪاڻن ماڻهن جي سورن ۽ ڏکن جي پي ايڇ ڊي جي ڊگري هن پليجي صاحب جي دوستي ۽ سرواڻيءَ ۾ هلندڙ “عوامي تحريڪ” مان حاصل ڪئي هئي. ڌرتيءَ جي مٽيءَ مان ڳوهيل هو. ان ڪري هن جي بدن جي هڪ هڪ ذري ۾ ڌرتي سمايل هئي ۽ هڪ هڪ ڳالهه ۾ ڌرتيءَ جي نمائندگي شامل هئي. چيو وڃي ٿو ته فاضل راهوءَ جي پهرين ويڙهه پنهنجي والد احمد خان سان ننڍپڻ ۾ ٿي هئي. جڏهن به محمد فاضل والد کان اهو سوال پڇندو هو ته توهان مهمانن کي ماني به کارايو ٿا، پر وڃڻ وقت کين ٻه چار ٻڪريون ڪهڙي اجرت ۾ ڏئي رهيا آهيو، جڏهن هن کي ڪوبه جواب نه مليو ته هن جي ذهن ۾ آهستي آهستي سوال اڀرڻ لڳا.

سندس پهرين سياسي جنگ سنڌ جي روينيو کاتي سان ٿي هئي، جڏهن ڪوٽڙي بئراج جي اڏاوت کانپوءِ جنرل ايوب خان بدين ۾ پنجابي آبادڪارن لاءِ کليل عدالتون قائم ڪري زمينون الاٽ ڪرڻ شروع ڪيون. نيلام شروع ٿيڻ کان اڳ ئي فاضل صاحب به حاضر ٿي ڪرسي تي قبضو ڪيو. نيلامي جا واڪ شروع ٿيڻ وقت فاضل ڪرسي تي بيٺو پنهنجو موقف پيش ڪيو ۽ چيو هو ته سنڌ جون زمينون سنڌين کي ۽ پنجاب جون زمينون پنجابين کي ڏنيون وڃن. تقرير شروع ٿيندي ئي پهريان روينيو وارن ۽ پوءِ آبادڪارن ۾ ڀاڄ پئي هئي. ايوب خان جي منصوبي خلاف ويڙهه جي نتيجي ۾ کيس قتل ڪرڻ ۽ ختم ڪرڻ جون ڪيتريون ئي سازشون ڪيون ويون ۽ سندس ئي ماڻهن هٿان کيس قتل ڪرڻ جون چار پنج ڪوششون ڪيون ويون.

فاضل راهو جن ماڻهن جي دلين کي ڌڙڪايو هو، تنهن کي عوام ۽ وڏيرن جي تضادن کان ڀليءَ ڀت واقفيت هئي. کيس خبر هئي ته جيڪو به کين مارڻ يا سياست تان هٽائڻ لاءِ ايندو، اهو انهن ماڻهن مان ئي هوندو، جنهن جي زبان هو ڳالهائيندا هئا. جن ماڻهن کيس قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، تن مان ڪي اڄ به زنده آهن، جيڪي اڳتي هلي جناب محمد فاضل راهوءَ جو ساڄو هٿ بڻجي ويا. انهن مان هڪ جمعو نوحاڻي هو، جيڪو اڳتي هلي سنڌي هاري تحريڪ جو مرڪزي صدر ٿيو. هن پنهنجي يادگيرين ۾ چيو ته هن ڪيترائي ڀيرا فاضل راهو کي قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ علائقي جي وڏيري جي حڪم تي گينگ ٺاهي هئي. اسان وٽ هٿيار هئا ۽ سامهون هن جون اکيون ڏسندي ئي اسان اتان کسڪي ويندا هئاسين.

تاريخي طور هن جي هڪ اهم ملاقات عدالت جي هڪ ٻڌڻيءَ جي موقعي تي ملڪ جي نامور وڪيل جناب رسول بخش پليجو سان ٿي هئي جتي جناب رسول بخش پليجي ساڻس سنڌ ۾ زمينن جي نيلامي بند ڪرڻ واري تحريڪ بابت ڳالهايو. اهي هڪ ٿي ويا ۽ جناب محمد فاضل راهو زندگيءَ جي آخر تائين عوامي تحريڪ ۾ رهيو. فاضل راهو جي حياتيءَ جا ٻه وڏاڪم آهن. هڪ ته هن جڏهن به جيڪو به ڪم هٿ ۾ کنيو، ان جي باري ۾ ڪڏهن به موٽ نه کاڌي. هن پنهنجي زندگي ۾ هڪ رويو پنهنجي ساهه سان ڳنڍي ڇڏيو هو ته جيڪا به ڳالهه درست آهي ان جي باري ۾ بيهڻ سڀ کان بهتر ڪم آهي. ان ڪري هن پنهنجي زندگي ۽ پنهنجي سياسي روييي کي مڪمل عوامي بڻائي ڇڏيو.

اهو رويو عوامي تحريڪ اندر به رهيو ته ايم آر ڊي جي شاندار تحريڪ ۾ پاڻ ارپي سنڌي قوم کي اڳتي آندو. اسان کي ياد آهي ته هو ايم آر ڊي جي دور ۾ سڄي سنڌ ۾ جهر جهنگ ۾ هر ڏکئي سکئي ماڻهو سان مليو. انهن کي پنهنجو ڪيو. فاضل صاحب لاءِ جيئن پنهنجي ذات ڪجهه نه هئي تيئن هن لاءِ ڏک به ڪجهه نه هئا. وڏيرا هن جا مخالف هئا ۽ هي انهن جو مخالف هو. وڏيرا سنڌ جي زمين، ان مان نڪرندڙ تيل ۽ گئس جي خزانن کي لٽڻ جي چڪرن ۾ هئا ۽ فاضل راهو وري انهن خلاف جدوجهد لاءِ سرگردان هوندو هو. چون ٿا ته، تر جي رهزن وڏيرن کي هن جو وجود مهانگو پئي پيو. ان ڪري “غيرت” جي نالي ۾ کيس قتل ڪري ڇڏيائون.

ان ئي ڏينهن، ۱۷ جنوري ۱۹۸۷ع تي سن ۾ عوامي تحريڪ جو مرڪزي وفد سائينءَ جي سالگرهه تي موجود هو. فاضل راهو جي قتل جي خبر سبب سالگرهه جون تقريبون ختم ڪيون ويون. اتي موجود نامياري تاريخدان پروفيسر ڊاڪٽر حميده کهڙو صاحبه عوامي تحريڪ جي وفد کي ٻڌايو هو ته “کيس ڪراچيءَ ۾ خبر پئي هئي ته اڄوڪي ڏينهن تي ڪو وڏو واقعو ڪيو ويندو”.

سنڌي ماڻهن جا مختلف شهر ان ڏينهن کي ٻن مختلف نمونن سان ملهائيندا آهن. فاضل راهو جنهن کي ۱۷ جنوري تي قتل ڪيو ويو هو ان وقت عوامي نيشنل پارٽي جو سينئر نائب صدر هو. سندس قتل کان هڪ هفتو اڳ عوامي نيشنل پارٽيءَ جو هڪ اعليٰ سطحي وفد سندس اڳواڻي ۾ ڪابل وڃڻو هو، سڀني کي ڪابل وڃڻ جي اجازت ڏني وئي، رڳو وفد مان محمد فاضل راهو کي واپس ڪيو ويو. هڪ هفتي بعد ۱۷ جنوري تي هن کي ڪڙيو گهنور ۾ قتل ڪيو ويو جڏهن هو پنهنجي ڪار ۾ پنهنجي دوست جي ڪپڙن جي دڪان تان واپس اچي رهيو هو. اها افسوسناڪ خبر سڄي پاڪستان ۾ جهنگ جي باهه وانگر پکڙجي وئي، ان وقت سنڌ جي ضلعي دادو جي علائقي “سن” ۾ سائين جي ايم سيد جو جنم ڏينهن ملهايو پئي ويو.

۱۷ جنوري تي سنڌ جا ماڻهو هڪ طرف محمد فاضل راهو جي ورسي ته ٻئي پاسي سائين جي ايم سيد جو جنم ڏينهن ملهائيندا آهن. هاڻ ۳۵ سالن کانپوءِ جڏهن سياسي ۽ سماجي انگ اکر پيش ڪيا وڃن ٿا ته محمد فاضل راهو يا عوامي تحريڪ يا پاڪستان پيپلز پارٽي يا ملڪ جون سڀئي وڏيون ۽ ننڍيون پارٽيون ۽ گروهه ان هڪ سوال تي سخت پريشان نظر اچن ٿا. چيو وڃي ٿو ته ۱۹۳۰ع کان ۲۰۰۷ع تائين لڳ ڀڳ هر ڏهن سالن بعد سنڌ جو هڪ اهم ۽ نامور سياستدان قتل ڪيو ويو آهي. جن ۾ سورهيه بادشاهه، الله بخش سومرو، ذوالفقار علي ڀٽو، نذير عباسي، محمد فاضل راهو، مير مرتضيٰ ڀٽو ۽ محترمه بينظير ڀٽو ۽ ٻين کي قتل ڪيو ويو. هڪ سوال اهو آهي ته انهن کي ڪيئن قتل ڪيو ويو ۽ انهن جا اثر ڪهڙا پيا آهن؟ اسان صرف ايترو ئي چئي سگهون ٿا ته اڄ پاڪستان ۾ جيڪا سياست خاموش آهي، ان جو سبب اهو آهي ته اڄ پاڪستان ۾ سياست ۽ غير سياسي شين جي وچ واري فرق واري ليڪ ختم ٿي وئي آهي. اڄ اصول ۽ بي اصولي هڪ ٿي ويا آهن. انهن ڳالهين جو ذڪر ڪيترائي سوال اٿاري ٿو. انهن سوالن جو جواب پاڪستان کي ڏيڻو پوندو. انهن سوالن جا جواب پاڪستان جي يونيورسٽين کي ڏيڻا آهن. انهن سوالن جا جواب پاڪستان جي سياست ۽ پاڪستان جي سياستدانن کي ڏيڻا آهن. عوام چاهي ٿو ته ڪاش! اهڙي لڪير ٺهي وڃي، جنهن ۾ هڪ طرف محمد فاضل راهو هجي ۽ ٻئي طرف بي اصوليون هجن.

 

(ٽائيم نيوز ويب سائٽ تي ۱۸ جنوري ۲۰۲۲ تي شايع ٿيل مضمون کي فاضل راهو جي ۳۷هين ورسي جي موقعي تي ٻيهر پبلش ڪري رهيا آهيون).

(ڏھاڙي ھمسري حيدرآباد آنلائين ۾ ۱۷ جنوري ۲۰۲۴ع تي ڇپيل)


 

فاضل راھو

راهو تنهنجي ريت پرکنڊين پڌري!

سچل ڀٽي

۱۷ جنوري سنڌ جي تاريخ ۾ وڏي اهميت جوڳو ڏينهن آهي. هڪ طرف هي ڏينهن سائين جي ايم سيد جو جنم ڏينهن آهي ته ٻئي طرف فاضل راهو جي شهادت جو ڏينهن! سنڌ دشمنن هن ڏينهن کي تڪراري بڻائڻ لاءِ فاضل راهو جهڙي عظيم رهنما کي اسان کان ڇني ڌار ڪري ڇڏيو.

سر جدا، ڌڙ ڌار، دوڳ جنين جا ديڳ ۾،

سي مَر ڪن پچار، حاضر جنين هٿ ۾.

سڀاش چندر بوس جي جهاز حادثي ۾ مارجي وڃڻ جي خبر ڦهلي ته سندس سخت مخالف مهاتما گانڌيءَ کي ايترو صدمو رسيو، جو هن لڙهندڙ دل سان خبر جي تصديق ڪرڻ بنا سندس امڙ سان ٽيليگرام ذريعي پنهنجو ڏک ونڊيو. شهيد فاضل راهو جي شهادت جي خبر به سنڌ تي ايئن وڄ جيان ڪري، جو سندس ساٿين کي ته هانءَ ۾ هٿ پئجي ويا پر سندس مخالف به خبر ٻڌندي دهلجي ويا. فاضل جي نظرياتي لائين سان اختلاف رکندڙ به سندس همٿ، حوصلي، جذبي ۽ ڪردار جي اورچائي جا دل سان قائل هئا.

منهنجي شهيد فاضل سان پهرين واقفيت سندس شهادت جي خبر سان ٿي هئي. ۱۷ جنوري ۱۹۸۷ع جي اها شام اڄ به ياد اٿم، جڏهن ٻالڪپڻ ۾ راند رهندي مون کي پنهنجي پڦاٽ سارنگ ٻڌايو هو ته، “تنهنجي بابا (رشيد ڀٽي) جي دوست فاضل راهوءَ کي شهيد ڪيو ويو آهي”. ان ڏينهن پهريون ڀيرو شهيد جي نالي کان واقف ٿيو هوس ۽ مون لاءِ اتساهه جو سبب  بڻيو. راند رس ۾ ڇڏي گهر آيس. گهر جو ماحول سوڳ ۾ ورتل هو. سڀ ڀاتي سخت صدمي ۾ هئا. بابا اڳ ئي سخت بيمار هو ۽ تازو ئي شگر جي مرض سبب آڱوٺو ڪٽرايو هئائين، تنهن ڪري آخري رسمن ۾ شرڪت لاءِ منهنجن وڏن ڀائرن کي ترت راهوڪي روانو ڪيائين. بابا شهيد فاضل جو هڪ وڏو پورٽريٽ ٺهرائي گهر جي ديوار تي آويزان ڪري کيس گهر ڀاتي بڻائي ڇڏيو.

شهيد فاضل پاڻ کي مظلوم هاري پورهيت جدوجهد سان سلهاڙي “ڊي ڪلاس” ڪري ڄڻ ته ڪامريڊ حيدر بخش جتوئيءَ جو نئون روپ ورتو هو. هن هاري تحريڪ ۾ نئون روح ڦوڪيو. سندس سياسي جدوجهدن جو دؤر هڪ هلچل وارو دؤر هو. هن جي ولولي سبب تحريڪون ڇوليون بڻجي سنڌ دشمنن جي سيني تي مڱ ڏري رهيون هيون. جيل جون سختيون سندس اٿاه ۽ مضبوط حوصلي کي ٽوڙي نه سگهيون.

رختِ دل بانڌ لو، دل فگارو چلو،

ڦر همين قتل ہو آئين يارو چلو.

ضيائي مارشل لا جي ڪاري دؤر ۾ پليجي صاحب جي جيل ۾ هئڻ باوجود ايم آر ڊي تحريڪ کي منظم ڪيائين ۽ پليجي صاحب جي مشورن تي ثابت قدمي سان عمل ڪرايائين.

شهيد فاضل ۽ رسول بخش پليجي جي ڄڻ ته هڪ ٽيم هوندي هئي. عوامي تحريڪ اندر ان چوڻي جي بازگشت اڄ به ٻڌي سگهجي ٿي ته ذهن پليجي جو ۽ عمل شهيد فاضل جو. مطلب ته هن ٽيم جي قول ۽ فعل جي حسين امتزاج ڪيئي معرڪن کي جنم ڏنو ۽ عوامي تحريڪ جي روپ ۾ سنڌي ماڻهن کي پنهنجي نجات جي راھ نظر پئي آئي، جيڪا ڳالهه سنڌ دشمنن ۽ ملڪ جي حقيقي حڪمرانن کان هضم نه ٿي ۽ شهيد فاضل جي شهادت جي روپ ۾ عوامي تحريڪ ۽ سنڌ کي هڪ گهرو گهاءُ ڏنو، جيڪو اڄ ۳۶ سال گذرڻ باوجود به ڀرجي نه سگهيو آهي.

مون ڌرتي تنهنجا ڌِڱ ڏٺا، مون جا لويل لِڱ ڏٺا،

جن وڙهندي وڙهندي جان ڏني، سي وارا وير وڄائي ويا. (اياز)

رشيد ڀٽي پنهنجي ڪتاب “جيءَ جياريو جن” ۾ شهيد فاضل راهو کي ساريندي لکي ٿو ته، “رسول بخش پليجي عوامي تحريڪ جو بنياد رکڻ لاءِ ساڻس رابطو ڪيو ۽ اها ابتدائي گڏجاڻي تاريخي هنڌ اروڙ ۾ منعقد ٿي. شهيد فاضل به موجود هو ۽ عوامي تحريڪ جو بنياد رکيو ويو.” ۽ پوءِ سنڌ ڏٺو ته شهيد فاضل ۽ پليجي صاحب جي قيادت ۾ عوامي تحريڪ جهر جهنگ پهتي ۽ سنڌ کي هڪ سجاڳيءَ جي اميد نظر آئي!

شهيد فاضل سواءِ عوامي تحريڪ اڄ به اهو عروج ماڻڻ لاءِ جستجو ۽ جدوجهد جي پيچرن تي آهي.

ڀل اها افرادي قوت ڀڃ ڊاهه جي حملن سبب نه رهي هجي پر اڄ به عوامي تحريڪ جي هر قدم کي سنڌ کيڪاريندي آهي. ها پر اسان، پليجي صاحب کي سندس غير موجودگي سدائين ڪکندي محسوس ڪئي! ڄڻ ته هو فاضل جي راھ نهاريندو نيٺ پاڻ به وڃي ڀونءِ ڀيڙو ٿيو.

سمجهو ٿا لوڪو

راهو مرڻو ناهي

مري ويو ٻيو ڪو

اڄ شهيد فاضل کي سندس شهادت جي ڏهاڙي تي ساريندي قومي ۽ سرخ سلام پيش ڪجي ٿو!

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۱۷ جنوري ۲۰۲۴ع تي ڇپيل)


فاضل راھو

دلير داناءُ، جُنگ جوان کي سنڌ ساري ٿي!

ڊاڪٽر سريش ھوتچنداڻي

 ھر ويندڙ سال، جڏھن ڪروڙين اکين جا لڙڪ ڳاڙيندي مخلوق کان موڪلائي روانو ٿئي ٿو، ۽ ٻي صبح جو جتي نيون آسون اميدون، نوان واعدا وچن ڪري ڌرتيءَ جي مخلوق سان گڏ نڪري نروار ٿئي ٿو، ۽ جتي اھو خوشين جو سنيھو ڏئي ٿو ته اُتي ھو انساني تاريخ جي لکين سالن جي ناحق، ڏاڍاين، ظلمن خلاف جدوجھدون ڪندڙن جي ياد به ڏياري ٿو ته سنڌ تي صدين کان پيل زنجيرن کي ٽوڙڻ جي جدوجھد ڪندڙ شھيد ٿيندڙ شھيدِ عوام فاضل راھو جي ياد ڏياريندو رھي ٿو. ۱۷ جنوري ۱۹۸۷ع کان اھو سلسلو جاري آھي ۽ هر شام ۾ اڄ به نه صرف لھندڙ سج جي لالاڻ، پر ان ۾ شھيدِ عوام فاضل راھوءَ جي خون جي لالاڻ به شامل آھي.

اڄ شام لھوءَ سان رڱيل آ، ڪنھن ڪاريھر جي ڏنگيل آ،

اڄ سورج لھندي سنڌوءَ تان، ڇو پنھنجو سيس نوايو آ.

اڄ شھيد عوام فاضل راهو جي ۳۷هين ورسي آھي. اڄ به شھيد فاضل راهوءَ کي ياد ڪندي اکين مان لڙڪ لڙي پون ٿا. ياد آھي اھا اڀاڳي گھڙي، اھا اڀاڳي شام، اھو اڀاڳو ڏينھن ۽ ھا جڏھن رابطي ۽ تازين خبرن جو واحد ذريعو صرف ۽ صرف بي بي سي ريڊيو ھو ۽ جنھن وقت بي بي سي لنڊن تان اھا خبر نشر ٿي ته، “پاڪستان ۾ عوامي نيشنل پارٽي جي سينيئر نائب صدر فاضل راھو کي اڄ ڏينهن ڏٺي بدين ضلعي جي ڳوٺ گولاڙچي ۾ مٿي تي ڪهاڙيءَ جا وار ڪري قتل ڪيو ويو آهي.” منھنجي ھٿن مان تاش جا پتا ڪري پيا ھئا، (ان وقت يعني ۱۷.۱.۱۹۸۷ جي شام جو اسان ڪجھ ذاتي دوست ايم بي بي ايس جي ٻئين سال جي امتحانن مان تازوئي ڪجھ ڏينهن اڳ ئي فارغ ٿيا ھئاسين ۽ تاش جي پتن سان سائي چانھن جي ڪوپ سان سرد شامن کي گرم به ڪري رهيا ھئاسين ۽ تاش جي پتن سان رنگوار راند به کيڏي رهيا ھئاسين.) واقعي اھا شام فاضل جي بي گناھ قتل سان سندس رت سان رڱجي وئي ھئي. مان تڪڙو عوامي تحريڪ جي دوستن ڏانھن ڀڳس، ڇو جو ان دور ۾ سوشل ميڊيا جو ته ڪو تصور ئي نه هو ۽ نه ئي موبائيل جو دور ھو. مٿان وري جنرل ضياءُ چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر ھو. نالي ۾ نھال محمد خان جوڻيجو صاحب وزير اعظم ھو. دوستن سان ملي خبر پئي ته کين اھو اطلاع شام ڪنھن ذريعي وٽان مليو آهي.

تون اتي ھج، رات ڏھين وڳي گاڏيون نڪرنديون، صبح جو فاضل صاحب جي جنازي ۾ شريڪ ٿينداسين. مان سمجھان ٿو تڏهن لاڙڪاڻي مان ٻه يا ٽي گاڏيون نڪتيون ھيون، جيڪي دوست وڃي سگھيا ويا. پر جڏھن چاليھو ھو ته لاڙڪاڻي مان ۲۷ بسون نڪتيون هيون، جن ۾ پنج بسون عورتن جون ھيون ۽ ڪجھ دوست سڄي سنڌ مان پيادل جٿن جي صورت ۾ راھوڪيءَ ۾ پنھنجي محبوب ۽  دلير اڳواڻ جي چاليھي ۾ شريڪ ٿيا ھئا.

شھيد فاضل توڻي جو پنج درجا پاس ھو پر ھن جي ڏاھپ واري جدوجهد ڪئي. اڄ ان جو جائزو وٺبو ته، شھيد عوام فاضل راهو ھڪ ديومالائي ۽ ڏندڪٿائي ڪردار لڳندو. ھو رڳو پلاننگ ڪري نه پر جڏھن ۽ جتي به خلق مٿان ڪنھن پوليس واري، ڪنھن ڪاموري يا ڪنھن وڏيري جي ناجائزي ڏسندو هو ته ھڪدم انھن سان گڏ وڃي نه صرف احتجاج ڪندو ھو پر مسئلا حل ڪرائي به ڏيندو ھو. ھو نه صرف خلق جا ذاتي مسئلا حل ڪرائيندو هو پر کين سياسي شعور به ڏيندو ھو. کين پنھنجن حقن بابت آگاھي ڏيندو هو،

انھن کي منظم به ڪندو ھو. اُھوئي سبب آھي ته نه صرف نيلام بند ڪريو تحريڪ، ووٽر لسٽون سنڌيءَ ۾ڇپايو تحريڪ به ڪاميابيءَ سان ھمڪنار ٿي. بدين مان نڪرندڙ پيٽرول ۽ گئس جي رائلٽي واري جدوجھد به ڪامياب ٿي. اھوئي سبب آھي جو اڄ جن ضلعن مان گئس، پيٽرول نڪري ٿو، ان جي رائلٽي، گئس ۽ تيل فيلڊس مان ٿيندڙ اُپت جو ڪجھ حصو ضلعي انتظاميا کي ملندو ھو، جيڪا ان ضلعي جي اندر اسڪول، اسپتالون ۽ روڊ رستا ٺھرائڻ جي پابند ھئي.

شھيد فاضل جيتوڻيڪ  ڪي وڏا فلسفا ۽ فڪر پڙھيل نه ھو، پر ھو پنھنجي امير ۽ خوبصورت سنڌ جي مسڪين پورھيت ماڻھن جي دردن ۽ ڳوڙھن کي ماھر نفسيات کان وڌيڪ بھتر نموني سمجھي ويندو ھو. شهيد فاضل جي ھڪ وڏي خوبي اھا به ھئي جو سنڌ ۽ سنڌي ماڻھن تي ٿيندڙ آمريتي ظلم خلاف سيني سپر ٿي ميدان تي بيھندو ھو. اھڙن مثالن مان ھڪ مثال شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ڦاسيءَ تي جيڪو پھريون احتجاج ھو. اھو به رسول بخش پليجي ۽ شھيد فاضل راهوءَ جي اڳواڻيءَ ۾ ٿيو ھو. بينظير ڀٽو ۽ نصرت ڀٽو کي جنرل ضياءَ جي آمريت خلاف جدوجھد ھلائڻ جي آڇ به عوامي تحريڪ ڪئي ھئي ۽ پوءِ جڏھن ۸۳ع ۽ ۸۶ع ۾ ايم آر ڊيءَ جي تحريڪ ھلي ته سنڌ ۾ ڪاميابيءَ سان منظم ۽ ڪامياب ڪرائڻ ۾ شھيد فاضل راهوءَ جو اڳواڻيءَ وارو ڪردار ھو، جنھن جو ذڪر سنڌ، پاڪستان جون حدون ٽپي روس تائين پھتو، جنھن جو ذڪر روسي ليکڪ ايوان ترگنيف پنھنجي ڪتاب “سنڌ تاريخ جي آئيني ۾” ۾ به ڪيو. ۸۳ع واري تحريڪ ۾ عوامي تحريڪ مبصر جي حيثيت سان شامل ھئي پر پوءِ عوامي تحريڪ مستقل ميمبر طور ان ۾ شامل رھي.

اڳتي ھلي نه صرف ايم آرڊي جي اڳواڻي ڪئي پر اھا قرارداد به منظور ڪرائي ته، ايم آرڊيءَ ۾ شامل ڪا به ڌر اقتدار ۾ آئي ته اھا ان قرارداد تي عمل ڪرائيندي ته، مرڪز وٽ دفاع، ڪرنسي، پرڏيھي، ۽ داخلا جا مامرا ھوندا ۽ باقي سمورا اسم صوبا پاڻ هلائيندا. ان سان گڏ اھو نعرو به ھنيو ويو ته، “صوبن سان سٺا ناتا، مرڪز کي چار کاتا”، هيترا سال گذرڻ کان پوءِ به پاڪستان قومي اڻبرابري جو شڪار رھندو اچي. اڄ شھيد فاضل ڏاڍو ياد پيو اچي. اھڙو دلير داناءُ، ڪو جنگ جوان اڃا پئدا ناھي ٿيو، جيڪو سنڌ جي ھھڙي نڌڻڪي حالت تي اورچ ۽ سورھيائيءَ واري جدوجھد ھلائي، سنڌ جي مالڪيءَ جا حق مڃرائي سگهي.

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۱۷ جنوري ۲۰۲۴ع تي ڇپيل)

No comments:

راءِ ڏيندا