; سنڌي شخصيتون: محمد اسماعيل راھو، رسول بخش پليجو، ارشاد ڪاغذي، محمد قاسم ميرجت، محمد موسيٰ جوکيو، منان چانڊيو،
Showing posts with label محمد اسماعيل راھو، رسول بخش پليجو، ارشاد ڪاغذي، محمد قاسم ميرجت، محمد موسيٰ جوکيو، منان چانڊيو،. Show all posts
Showing posts with label محمد اسماعيل راھو، رسول بخش پليجو، ارشاد ڪاغذي، محمد قاسم ميرجت، محمد موسيٰ جوکيو، منان چانڊيو،. Show all posts

18 January, 2014

فاضل راهو

فاضل راهو
ڪجهه يادون
طارق اشرف
فاضل راهو صاحب سان منهنجي پهرين ملاقات ڪڏهن ٿي هئي اهو ته ياد نه اٿم پر اها پڪ اٿم ته اها ملاقات رسول بخش پليجي صاحب وٽ ئي ٿي هئي. شايد ٻاهتر ٽيهتر ۾. جڏهن مونکي خبر پئي هئي ته فاضل زميندار آهي ته مونکي هيءَ نه وڻيو هو. ڇوته جاگيردارن، زميندارن ۽ وڏيرن جي متعلق جيڪو ٻڌو ۽ پڙهيو هيم، انهيءَ سبب زميندار جي نالي سان ئي مونکي چڙ هئي ۽ ڏسڻ ۾ به هو مونکي وڏو زميندار لڳو هو پنهنجي قد ڪاٺ جي ڪري.