شهيد آفتاب عالم شورو
عزم ۽ جدوجهد
خورشيد ٻگهيو
جنهن پنهنجي آواز کي غريبن مسڪينن ۽ اٻوجهن جو آواز بڻائڻ ٿي گهريو، تنهن
نوجوان کي پراين ڪلهن تي ڏٺو هو ۽ جڏهن اهو آواز شهر خاموشان ۾ هميشه لاءِ خاموش ڏٺو
هو تڏهن ڀٽائي جو اهو بيت بي ساخته چپن تي آيو هو ”گهوڙن ۽ گهوٽن جيئڻ ٿورا ڏينهڙا،
ڪڏهن منجهه ڪوٽن، ڪڏهن راهي رڻ جا.“ ۱۸ جنوري ۱۹۹۰ تي پنهنجي ارادن تي اٽل رهندي
پنهنجي پنهنجي قائد شهيد ڀٽو جي پيروي ڪندي سندس فڪر ۽ فلسفي تي جان قربان ڪندي هميشه لاءِ امر بڻجي ويو. سندس
دشمنن کيس ابدي خاموشي ڏيڻ چاهي هئي، پر هو سندس آواز کي گُهٽي نه سگهيا ۽ کيس ماري
ته سگهيا هئا. پر ان ارڏي جوان کي ڪوبه جهڪائي
نه سگهيو هو.