; سنڌي شخصيتون: سائين جي ايم سيد، ممتاز علي وگهيو، عبدالخالق جوڻيجو، منظور ڪوھيار، ابراھيم جويو، سوڀو، گرامي،
Showing posts with label سائين جي ايم سيد، ممتاز علي وگهيو، عبدالخالق جوڻيجو، منظور ڪوھيار، ابراھيم جويو، سوڀو، گرامي،. Show all posts
Showing posts with label سائين جي ايم سيد، ممتاز علي وگهيو، عبدالخالق جوڻيجو، منظور ڪوھيار، ابراھيم جويو، سوڀو، گرامي،. Show all posts

18 January, 2014

سائين جي ايم سيد - ۲


سائين جي ايم سيد 
سنڌ جو سائين
ممتاز علي وگهيو
هي جو پوڙهو جهور، وڙهندي ٿيو ويڙھ ۾
اڃا ڏمر ڏاڍ تــــــي، آڻ نه مـــڃي مــــــور،
سوچي ڏسي ڏور، آڏو آرڻ ڏينهڙا.
(اياز)
سنڌ جي سيد سائين جي ايم سيد تي لکڻ لاء علم دانائي ۽ وڏو دماغ گهرجي، جيڪو مون جهڙي منڊي ماڪوڙي وٽ ڪونهي. سيد تي لکڻ لاء وڏو وقت گهرجي، ڇاڪاڻ ته سائين جي زندگي جا ايترا ته پهلو آهن جو هر هڪ پهلو ته هڪ وڏو ڪتاب لکجي سگهجي ٿو، ۽ هر هڪ پهلو تي ڊاڪٽريٽ ڪري سگهجي ٿي، ۽ اميد آهي ته ڪي سنڌ جا اهڙا نوجوان پيدا ٿيندا جيڪي سائين جي زندگي جي هر پهلو تي ڊاڪٽريٽ ڪندا، سائين سنڌ جي گهمندڙ ڦرندڙ ثقافت ۽ تاريخ هئا، ان سان گڏ وڏا ليکڪ ۽ دانشور ۽ وڏا عالم ۽ وڏي ضرف وارا وڏا ماڻهون هئا، بقول منهنجي دوست جناب حافظ خليل صاحب ته سائين عربي، فارسي جي گرامر صرف و نحو جا وڏا ڄاڻو ۽ ماهر هئا، عربي گرامر توڙي قرآن جي علم تي کين وڏو عبور هو، جڏهن شاه سائين جا بيت يا وري مولانه جلالالدين رومي جي مثنوي ۽ حافظ شيرازي جي شاعري پڙهي ڪري انهن جي معني ۽ تشريح ڪندا هئا ته مٿن هڪ عجيب ڪيفيت طاري ٿئي ويندي هئن. ۽ پاڻ به روئڻ ۾ پئجي ويندا هئا ۽ اتي ويٺلن کي به روئاري ڇڏيندا هئا.