; سنڌي شخصيتون: روشن جي، سُريلو، موسيقار، ڪي بورڊ، پليئر، ناصر، قاضي،
Showing posts with label روشن جي، سُريلو، موسيقار، ڪي بورڊ، پليئر، ناصر، قاضي،. Show all posts
Showing posts with label روشن جي، سُريلو، موسيقار، ڪي بورڊ، پليئر، ناصر، قاضي،. Show all posts

01 January, 2014

روشن جي - ناصر قاضي

روشن جي
سُريلو موسيقار ۽ ڪي بورڊ پليئر
ناصر قاضي
وقت جيڏو تيزيءَ سان گذري وڃي ٿو، ايڏي ئي تيزيءَ سان انسان جي اندر جا گھاوَ ۽ درد به ڀرجي وڃن ٿا. وڇوڙا، جدايون ۽ الائي ڇا ڇا وقت جي وهڪري ۾ لڙهيو وڃن ٿا. پر ڪي درد، ڪي وڇوڙا اهڙا به هوندا آهن، جن جو ازالو وقت به نه ڪري سگھندو آهي. جيتوڻيڪ هيءَ دنيا فاني آهي. ڪو ئي به هن دنيا، هن سنسار ۾ هميشه ناهي رهڻو. پر پوءِ به ڪي امر انسان، ڌرتيءَ واسين کان وڇڙي، اهڙو ته ڏک ڏئي ويندا آهن، جيڪو رهندي عمر تائين پيو اندر ۾ دکندو رهندو آهي. هر ڏينهن، هر پل، هر ويل ۽ هر سال نه ڄاڻ ڪهڙيون ڪهڙيون سگھاريون شخصيتون اسان کان وڇڙنديون رهن ٿيون. جيڏي وڏي دنيا آهي، جيڏو وسيع سنسار آهي، ايڏا ئي وڏا ۽ وسيع انسانن جي جدائيءَ جا درد آهن.