; سنڌي شخصيتون: نيلوفر، سنڌ، ناليواري، ڪهاڻيڪاره، محسن، علي، جويو،
Showing posts with label نيلوفر، سنڌ، ناليواري، ڪهاڻيڪاره، محسن، علي، جويو،. Show all posts
Showing posts with label نيلوفر، سنڌ، ناليواري، ڪهاڻيڪاره، محسن، علي، جويو،. Show all posts

18 January, 2014

نيلوفر جويو - محسن علي جويو

نيلوفر جويو
سنڌ جي ناليواري ڪهاڻيڪاره
محسن علي جويو
سنڌ جي نامياري ڪهاڻيڪاره سائين محمد ابراهيم جويي جي ڌِيءَ ۽ منهنجي امان, نيلوفر جويو ۲۷ ورهين تائين درس ۽ تدريس جي شعبي سان لاڳاپيل رهي ۽ عمر جي پڇاڙڪن ڏينهن تائين پنهنجون ذميواريون نڀائيندي رهي. توڻي جو ڪينسر جي موذي مرض ۾ مبتلا ٿي هئي ۽ تمام گهڻي اگهي هئي، پر هن اسڪول وڃي شاگردن ۽ شاگردياڻين کي پڙهائڻ وارو فرض باقاعدگيءَ سان نڀايو. امان نيلوفر جويو، سنڌيءَ ۾ ماسٽرس ۽ ايم ايڊ ماسٽرس جون ڊگريون حاصل ڪيون.