; سنڌي شخصيتون: ناصر قاضي، مظهر خاصخيلي، گل مورو، محبوب ڪلهوڙو، مصطفيٰ ملاح، حميد ڀٽو، صاحب خان ڀنڊ، خالد ميمڻ،
Showing posts with label ناصر قاضي، مظهر خاصخيلي، گل مورو، محبوب ڪلهوڙو، مصطفيٰ ملاح، حميد ڀٽو، صاحب خان ڀنڊ، خالد ميمڻ،. Show all posts
Showing posts with label ناصر قاضي، مظهر خاصخيلي، گل مورو، محبوب ڪلهوڙو، مصطفيٰ ملاح، حميد ڀٽو، صاحب خان ڀنڊ، خالد ميمڻ،. Show all posts

18 January, 2014

جلال چانڊيو

جلال چانڊيو
يڪتاري جو يڪتا ۽ يگانو عوامي فنڪار
ناصر قاضي

سهڻي سنڌ جي ساهتي پرڳڻي جي هڪڙي ننڍڙي شهر ڦل مان هڪ واءَ ۽ پڙلاءَ اهڙي ته گونجار ڪئي، جيڪا پنهنجي الڳ ۽ لوڪ رمز سان عام لوڪ کي لوئي وئي. سنڌ جي هن منفرد ۽ لوڪ فنڪار، جيڪو ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان هڪ مڪمل ڪردار پڻ هو، پنهنجي ٻالجتيءَ وارن ڏهاڙن ۾ هن اهو سوچيو به نه هوندو ته هو پنهنجي منفرد انداز سبب ملڪان ملڪ ايتري مقبوليت ماڻيندو، جو سندس آواز جو پڙلاءُ جھر جهنگ ۾ گوجندو رهندو ۽ واقعي ٿيو به ائين جو يڪتاري جي يڪ تار تي آڱريون سوريندڙ اهو لوڪ ڳائڻو ’جلال چانڊئي‘ جي نانءَ سان  يڪتاري ۽ چپڙيءَ جي جهان ۾ يڪتا ۽ يگانو بادشاهه فنڪار بڻجي ويو. کيس چڱي طرح خبر هوندي هئي ته عوام جي دلين تي راڄ ڪيئن ڪبو آهي. هو جڏهن به اسٽيج تي ايندو هو ته هزارين پرستار پتنگن جيان پچڻ تيار ٿي ويندا هئا. هو جڏهن به وڏي واڪي ’ايڏي دير ڪري ڇو ٿا يار اچو‘ يا ’اٿندي ويهندي حسن وارن جو منهن ڏسڻ ته ثواب آ‘ جهڙا ڪلام ڳائيندو هو ته هزارين عاشق پنهنجون دليون هارائي ويهندا هئا.