; سنڌي شخصيتون: مراد علي مرزا - شبنم گل

08 June, 2014

مراد علي مرزا - شبنم گل

مراد علي مرزا
روح جي سونهن امرتا ماڻي ٿي
شبنم گل
ٻارن ۾ زندگي، هلچل ۽ بي ساخته خوشي آهي، ان ڪري مون کي ٻار وڻندا آهن. ٻار حال ۾ جيئن ٿا، هو خواهشن جا اسير نه آهن. نه هو ماضيءَ ۾ رهن ٿا، نه کين مستقبل جو اونو رهي ٿو. پکين وانگر ٻار به معصوم آهن، انهن سان گڏ وقت گذارجي ته تازگيءَ جو  احساس ٿئي ٿو. ٻئي طرف بزرگ آهن، جيڪي به ٻارن جيان حساس لڳندا آهن. سندن ذات جي سنجيدگي، ڏاهپ ۽ وجدان متاثر ڪندڙ آهن. اهو ئي سبب آهي ته خاندان جي پيرسن ماڻهن جي ويجهو رهي سندن لوڪ ڏاهپ ۽ سمجهه سدائين منهنجي سوچ کي اتسايو آهي.


مراد صاحب جي شخصيت ۾ سنجيدگي، وسيع ڄاڻ ۽ لوڪ ڏاهپ جو ڀرپور تاثر موجود هو. مستقل مزاجي سندس ذات جي اضافي خوبي هئي. مستقل مزاج ماڻهو ذهني طور تي سگهارو ٿئي ٿو، جڏهن منهنجو ڪتاب ”منهنجو سورج مکي“ ڇپائيءَ جي مرحلي هيٺ هو ته، ڪتاب جي مهاڳ لاءِ ٻه نالا منهنجي ذهن ۾ هئا. ولي رام صاحب ۽ مراد علي مرزا، جيڪي هم عمر به هئا ۽ دوست به. ان وقت مراد علي مرزا مصروف زندگيءَ کي الوداع چئي چڪا هئا. حقيقت ۾ دنيا داري، دولت، شان و شوڪت ۽ ڏيکاءُ کان وڌيڪ مون کي سدائين انسان جي ذات جي سادگي ۽ سچائيءَ متاثر ڪيو آهي. پر ساده، سچا ۽ کرا ماڻهو سدائين پس منظر ۾ هليا ويندا آهن، ڇو ته هن دور جو الميو آهي ته، ذات جي سچ جي اهميت ۽ ساراهه بدران شخصيت پرستي ۽ بناوٽ خالص سنڌي مزاج ۾ جاءِ والاريندي پئي وڃي. مراد صاحب فن ۽ فڪر جي حوالي سان پنهنجي دور جو ڀرپور ترجمان رهيو آهي. علم و ادب سان کين گهرو لڳاءُ هو. سندس تعلق سنڌ جي مشهور علمي و ادبي گهراڻي سان هو. ان ڪري سندس گفتگو، رک رکاءُ ۽ مزاج تي اهو قديم شاهاڻو رنگ غالب هو.
۱۹۶۲ع واري دور ۾ مراد صاحب ريڊيو جي دنيا ۾ هوا جي خوشگوار جهوٽي جيان داخل ٿيا. سنڌي ريڊيو ڊرامي جي حوالي سان سندن خدمتون تاريخ جي باب ۾ روشن لفظن سان محفوظ آهن. مراد صاحب نه فقط پاڻ به ڊراما لکيا پر هن ريڊيو تي خوبصورت فنڪار ۽ اديب پڻ متعارف ڪرايا. منهنجو ريڊيو تي وڃڻ جو اتفاق ۱۹۸۶ع ۾ ٿيو هو. ان زماني ۾ هو ريڊيو کي خير آباد چئي چڪا هئا. مرزا صاحب ۱۹۷۹ع ۾ رٽائرڊ ٿيا هئا، پر ريڊيو سان سندن رابطو برقرار رهيو. ساڻس تفصيلي ڪچهري ان ڏينهن ٿي جڏهن مان پنهنجي ڪتاب ”منهنجو سورج مکي“ جو مسودو کڻي سندس گهر ويس. اشتياق انصاري ۽ ٻار به مون سان گڏ هئا. سندس رهائش وارو هنڌ ٽنڊو آغا مون کي خاموش ۽ پراسرار علائقو لڳو. منهنجي حساسيت روين تائين محدود نه آهي. بلڪ مان زمين جي چوڌاري ماحول ۽ فضا جي مخصوص اثر کي محسوس ڪري وٺندي آهيان. اها زمين زرخيز آهي، يا وارياسي، ان علائقي ۾ ڪهڙي مزاج جا ماڻهو رهن ٿا، ان زمين تي ڪهڙا واقعا ٿيا آهن، اها توانائي (منفي يا مثبت) ان ماحول ۾ موجود رهي ٿي. مون کي اهو تاثر اڄ به ياد آهي ته، ڪئين گهٽين مان ٿيندي سندس گهر ۾ داخل ٿيا هئاسين ته هڪ خاموش ۽ ننڊاکڙي جهوٽي اسان جو آڌر ڀاءُ ڪيو هو. هڪ قديم گهر پنهنجي ساهن ۾ ماضيءَ جون انيڪ ڪهاڻيون سانڍي مون سان هم ڪلام هو. مون کي قديم گهر وڻندا آهن. جن جون ڇِتيون وڏيون ۽ انهن گهرن ۾ پِينگها هجن، جتي جي خاموشي به ڳالهائيندي محسوس ٿئي. ان گهر ۾ مراد صاحب ۽ سندس گهر واري رحمت النساءِ رهندا هئا. سندن ڌيئرن جي شادي ٿي وئي هئي ۽ سندن پٽ منظور مراد (ٽي وي ڊرامن جو اهم نانءُ) ڪراچيءَ ۾ رهندو هو. ان ڏينهن مراد صاحب اسان کي پنهنجي گهر ۾ ڏسي تمام گهڻو خوش ٿيو هو. سندس اُداس ۽ اڪيلي چهري تي ٿوري دير ۾ زندگيءَ جو گلابي رنگ ۽ اکين ۾ ويساهه جا ڪِرڻا جرڪڻ لڳا. حقيقت اها آهي ته، جديد دور جو انسان پنهنجي ذات ۾ اڪيلو ۽ ويڳاڻو آهي. جيئن ئي انسان ميڙ مان نڪري پس منظر ۾ هليو وڃي ٿو، ته هن جي زندگيءَ جو ڏکيو مرحلو شروع ٿي وڃي ٿو.
مراد صاحب ڪتاب سان محبت ڪندڙ انسان هو. هن وٽ انگريزي ادب سان تعلق رکندڙ بهترين ڪتاب هئا. ڪاش مشغلا به موروثي بيمارين وانگر نسل در نسل منتقل ٿيندا هجن ٿا. ائين هڪ نسل جي ڄاڻ ۽ ذهني وسعت ٻئي نسل تائين منتقل ٿيندي رهي ها. جيئن انگريزيءَ جو مشهور نقاد ٽي ايس ايليٽ پنهنجي مضمون ۾ لکي ٿو ته، هر نئون نسل پراڻي نسل جو ورثو سنڀالڻ بدران ان ۾ جدت پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو يا پراڻي ورثي جي اهميت کان انحراف ڪري ٿو. پراڻن خطن تي هلڻ بدران نوان لاڙا ۽ رجحان متعارف ڪرائي ٿو. پر قديم شين جي پنهنجي الڳ اهميت آهي. اهو ئي ڏک مون کي مراد صاحب جي چهري جي تاثرات مان جهلڪندي محسوس ٿيو. دور جي بدلجي وڃڻ جو ڏُک، جڏهن شيون خالص نه رهن ۽ انهن ۾ جديديت جي ناءُ تي سطحي روين جي ملاوٽ ٿيڻ لڳي.
انگريزي ادب جو پڙهندڙ ۽ ڄاڻو هڪ الڳ مزاج رکي ٿو، ڇو ته اهو ادب پڙهندڙ جي ذهن جي دري دنيا جي مختلف تهذيبن ڏانهن کلي وڃي ٿي. منهنجو مضمون به انگريزي ادب هئڻ ڪري مراد صاحب سان ذهني ويجهڙائي محسوس ٿيندي هئي. سندس گهر جي لائبريري بيش بها ڪتابن سان ڀريل هئي. ڪتاب جو شوق ۽ چاهه به انسان کي جيئرو ۽ متحرڪ رکي ٿو. ڪتابن ۾ انيڪ دنيائون قيد آهن. جيڪي هر صفحي اُٿلائڻ سان کلنديون وڃن ٿيون. ڪجهه ڪتاب ڪراچي پٽ ڏانهن موڪليا هئائين.  ڪجهه دٻن ۾ بند هئا ۽ انگريزيءَ جا ڪجهه ڪتاب مون کي ڏنا هئائين. مراد صاحب انگريزي ادب جو سنڌيءَ ۾ ترجمو پڻ ڪيو هو. ترجمي نگاري هڪ ڏکيو فن آهي. ليکڪ جي مفهوم کي پنهنجي انداز سان سمجهي ٻي ٻوليءَ ۾ سهيڙڻ آسان ڪم نه آهي، اڪثر ترجمي ڪندڙ جيئن جو تيئن ترجمو ڪن ٿا. ان سان اصل لکڻيءَ جو رح زخمي ٿي پوي ٿو. اصل تخليق جي انفراديت ختم ٿي وڃي ٿي. مراد صاحب کي ترجمي جي فَن تي مهارت حاصل هئي. ان ڪري محترمه بينظير صاحبه پنهنجي ڪتاب ”ڊاٽر آف ايسٽ“ جي ترجمي لاءِ مراد علي مرزا صاحب جو نالو تجويز ڪيو هو. ان ڪتاب جي ترجمي ڪرڻ جو اعزاز مراد صاحب کي حاصل ٿيو. مراد صاحب مون کي ”منهنجو سورج مکي“ جو مهاڳ لکي ڏنو ۽ مون کي چيائين ته، ان ڪتاب کي پڙهڻ بعد کيس ٻيهر لکڻ جو اتساهه مليو آهي. هو ڪا منفرد تحرير لکڻ چاهي ٿو.

هڪ ڏينهن ڪتاب ڏيڻ گهر آيو، ان ڏينهن تمام گهڻو خوش هو. هن ناول ”سامي سج وڙاءُ“ لکي پورو ڪيو هو، جيڪو صوفي شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي زندگيءَ تي لکيو ويو آهي. ان ڪتاب مڃتا ماڻي ۽ کيس ايوارڊ پڻ مليا. خوشيءَ جي ڳالهه اها آهي ته کيس مڃتا زندگيءَ ۾ ملي. مان به هيمنگوي جي لافاني ڪردار سنتياگو وانگر سوچيان ٿي ته، ماڻهوءَ جو جسم ته تباهه ٿي سگهي ٿو پر ذهن ناقابلِ شڪست آهي. وقت سان جسم جُهري سگهي ٿو، پر حوصلو رڪ جيان مضبوط رهي ٿو. توڙي جو عمر جي خوبصورتي ۽ تازگي کيس وڻي ٿي، پر ذهن ۽ روح جي تازگي مڃتا ماڻي ٿي. اها حقيقت آهي ته، انسان جو قيام هن دنيا ۾ عارضي آهي. انسان جي سوچن ۽ احساس جي سچائي ۽ سونهن هڪ دائمي حقيقت آهن. هن جو پوئتي ڇڏيل خوبصورت سوچن ۽ احساسن تي مشتمل فڪري ورثو کيس تاريخ جي صفحن ۾ امر ڪري ٿو ڇڏي. مون کي اڄ به مراد صاحب جي گهر جو اهو پهريون قديم تنها تاثر ياد آهي. ان هڪ لمحي ۾ مون سنڌ جي پنج هزار سالن جي تهذيب کي ساهه کڻندي محسوس ڪيو هو. انسان هليو وڃي ٿو، پنهنجو گهر ۽ پاڙو ڇڏي پر سندس فڪر جو ڇانورو ۽ وجود جي سگهاري قوت ڌارا فضائن ۾ گردش ڪندي رهي ٿي. احساس جي روشن سگهه ۽ تخليقي ورثو جيڪو ايندڙ نسلن لاءِ اُتساهه بڻجي ٿو.

No comments:

راءِ ڏيندا