; سنڌي شخصيتون: مراد، علي، مرزا، روح، جي سونهن، امرتا، ماڻي ٿي شبنم، گل،
Showing posts with label مراد، علي، مرزا، روح، جي سونهن، امرتا، ماڻي ٿي شبنم، گل،. Show all posts
Showing posts with label مراد، علي، مرزا، روح، جي سونهن، امرتا، ماڻي ٿي شبنم، گل،. Show all posts

08 June, 2014

مراد علي مرزا - شبنم گل

مراد علي مرزا
روح جي سونهن امرتا ماڻي ٿي
شبنم گل


ٻارن ۾ زندگي، هلچل ۽ بي ساخته خوشي آهي، ان ڪري مون کي ٻار وڻندا آهن. ٻار حال ۾ جيئن ٿا، هو خواهشن جا اسير نه آهن. نه هو ماضيءَ ۾ رهن ٿا، نه کين مستقبل جو اونو رهي ٿو. پکين وانگر ٻار به معصوم آهن، انهن سان گڏ وقت گذارجي ته تازگيءَ جو  احساس ٿئي ٿو. ٻئي طرف بزرگ آهن، جيڪي به ٻارن جيان حساس لڳندا آهن. سندن ذات جي سنجيدگي، ڏاهپ ۽ وجدان متاثر ڪندڙ آهن. اهو ئي سبب آهي ته خاندان جي پيرسن ماڻهن جي ويجهو رهي سندن لوڪ ڏاهپ ۽ سمجهه سدائين منهنجي سوچ کي اتسايو آهي.