; سنڌي شخصيتون: سر غيبي خان چانڊيو - غلام مصطفيٰ سولنگي

08 June, 2014

سر غيبي خان چانڊيو - غلام مصطفيٰ سولنگي

سر غيبي خان چانڊيو
ايشيا جو حاتم طائي نواب
غلام مصطفيٰ سولنگي
هن حويليءَ جي اڱڻ تي ويٺي ننڍڙي ٻار علي نواز خان پنهنجي امڙ کي چيو ته “آئِي! منهنجي دل چاهي ٿي ته ماڻهو مون کان ڪجهه گهرندا رهن ۽ مان کين ڏيندو رهان. مون کي بخشيش ڏيڻ ۾ جيڪو سُڪون ملي ٿو، تنهن جي رڳو مون کي ئي خبر آهي”.
هي ماڙيون هي محل ۽ هي غيبي ديرو شاهد آهي ته ننڍڙي علي نواز خان ننڍپڻ ۾ سخاوت جو جيڪو سلسو شروع ڪيو، سو سندس آخري ساهه تائين جاري رهيو، وٽانئس ڪو به سوالي خالي نه موٽيو. اهڙي ئي سخاجي موٽ ۾ کيس “ايشيا جو حاتم طائي سڏيو ويو، علي نواز خان جهڙي عظيم انسان کي دنيا نواب سر غيبي خان چانڊئي جي نالي سان سڃاڻي ٿي.


اُپٽ مان لطيف چئي، ڏهاڙي پيا ڏين،
پوءِ نيڪي وٺي نين، ثمر ڪيون ساڻيهه جو.
سنڌ جي تاريخ ۾ انسان دوستي، ميٺ، محبت، سخاوت ۽ سچائي سورهيائي، عدل ۽ انصاف جا اعليءِ مثال قائم ڪندڙ نواب سر غيبي خان چانڊيو جي ولادت ۲۵ ڊسمبر ۱۸۷۲ بمطابق ۱۴ شوال ۱۲۸۹ هجريءَ تي ٿي، سندس والد بزرگوار جو نالو سردار وير غيبي محمد خان اول هيو، جيڪو پاڻ به سخا جو صاحب ۽ وڏي هلنديءَ پڄنديءَ وارو شخص هيو.
نواب سر غيبي خان چانڊيو، غيبي ديري جهڙي تاريخي ڳوٺ ۾ ڄائو، هي ڳوٺ سردار مرزا خان ولد سردار ڏاتا خان چانڊئي سن ۱۲۱۴ع ۾ ٻڌايو هو، هي ڳوٺ ان وقت رڳو ديرو سڏبو هيو، جڏهن ۱۶۵۲ع ۾ ناليواري بزرگ ميان شاهل محمد ڪلهوڙي، سردار مولوي حاجي ولي محمد خان اول کي دعا ڪئي ۽ غيبي ۽ ملڪ جا خطاب ڏنا ته هيءُ ڳوٺ غيبي ديري جي نالي سان مشهور ٿيو، هي ڳوٺ اڄ به چانڊيا قبيلي جي سياسي، سماجي ۽ قبيلائي سرگرمين جو مرڪز آهي.
ننڍڙو علي نواز خان ڪجهه وڏ ڀرو ٿيو ته سندس والد کيس پڙهائڻ جو انتظام ڪيو، سندس تعليم لاءِ وڏا وڏا عالم، فاضل قاري ۽ حافظ گُهرايا ويا. پر هن پڙهڻ ۾ ڪا به دلچسپي ڪو نه ڏيکاري، جيتوڻيڪ هن ڪا به رسمي تعليم حاصل نه ڪئي، پر ڏاهپ دانائيءَ ۽ عقل جهڙيون وصفون ۽ نعمتون قدرت پاران کيس وڏيءَ سخاوت سان عطا ڪيون ويون هيون، سندس ڪچهريءَ ۾ هميشه عقلمند، داناءَ، سالڪ ۽ ڏاها ماڻهو موجود هوندا هئا.
نواب سر غيبي خان سچ پچ ته هڪ درويش صفت انسان هيو، سندس شڪل شبيهه ۽ ڏيک ويک به درويشن جهڙو هيو، سندس سموري زندگيءَ سادگي ۾ گذري، اکين ۾ الله پاڪ اهڙو ته رعب رکيو هوس جو ڪو به ساڻس اکيون اکين ۾ ملائي ڳالهائڻ جي همت نه ڪري سگهندو هو. حقيقت ۾ ته عزت، شهرت، جاگيرداري ۽ سرداريءَ سان گڏ بزرگي ڪن ٿورن ماڻهن کي نصيب ٿيندي آهي.
نواب سر غيبي خان چانڊئي جي پهرين شادي ۱۶ جنوري ۱۸۹۴ع تي رئيس شاهو خان آدماڻي مرزاڻي جي نياڻيءَ سان ٿي. هن شادي مان کيس ڪو به اولاد نه ٿيو، سندس ٻي شادي ۱۸ اپريل ۱۸۹۷ع تي ٿي، ٻي شادي مان کيس ٻه پٽ ۽ هڪ نياڻي ڄائي. سندس وڏو فرزند مير محمد خان ۲۷ فيبروري ۱۹00ع تي ڄائو هيو، ان کانپوءِ سندس نياڻي گودي سمل خاتون ۱۱ جون ۱۹0۴ع تي ڄائي، سندس ننڍو فرزند مير مظهر علي خان ۹ سيپٽمبر ۱۹0۸ع تي پيدا ٿيو هو، پاڻ ٽيئن شادي ۱۴ نومبر ۱۹۴۲ع تي ڪئي هئائين، پر ان مان به کيس ڪو اولاد نه ٿيو هيو. سندس دستاربندي پهرين شادي کانپوءِ ڪرائي وئي، ان موقعي تي انگريز آفيسر، هندستان، پنجاب،  سنڌ ۽ بلوچستان جا وڏا وڏا رئيس، امير ۽ سردار غيبي ديري ۾ اچي گڏ ٿيا هئا، اهڙي طرح نواب سر غيبي خان چانڊئي کي ۳ مارچ ۱۸۹۴ع تي پڳ ٻڌائي چانڊيا قوم جو سردار مقرر ڪيو ويو. اُن وقت سندس عمر ۲۳ سال هئي، پاڻ چانڊيا قوم جو ۳۳ هون نمبر سردار هيو.
دستاربنديءَ جي تقريب ۾ ننڍي کنڊ جون اهم شخصتيون شريڪ ٿيون، مثال طور:
۱ مسٽر وٽيل صاحب
۲ ميجر جنرل سر جيهز برائون
۳ نواب صديق حسن خان آف ڀوپال
۴ نواب صادق محمد خان عباسي، واليءَ رياست بهاولپور
۵ سردار نواب مهر الله خان رئيساڻي آف سبي
۶ نواب حاجي خان مهر آف خانڳڙهه
۷ پير سيد صالح محمد شاهه جيلاني آف راڻي پور
۸ مير تاج محمد خان جمالي آف روجهاڻ جمالي
۹ خان بهادر غلام رسول خان جتوئي آف مورو
۱0 پير سائين علي گوهر شاهه آف درگاهه پير جو ڳوٺ
۱۱ هز هاءِ نيس مير علي مراد خان ٽالپر آف رياست خيرپور ۽
۱۲ پير تراب علي شاهه آف قمبر علي خان
سنڌ جي تڏهوڪي ڪمشنر سرجيمس ۲۱ اپريل ۱۸۹۴ع تي هڪ سرٽيفڪيٽ جاري ڪيو، جنهن ۾ چانڊيا قوم جي نئين سردار نواب سر غيبي خان چانڊئي کي برطانيه سرڪار پاران چانڊيا قوم جو سردار  ۽ فرسٽ ڪلاس جاگيردار تسليم ڪيو ويو.
ان سرٽيفڪيٽ جي جاري ٿيڻ جي نون مهين کانپوءِ ڪمشنر صاحب سر جيمس ، نواب غيبي خان سان ملڻ غيبي ديري آيو، سندس نائب مسٽر ڊبيلو ايڇ ليوڪس، بلوچستان جو ايجنٽ ميجر جنرل سر جيهز برائون، شڪارپور جو ڪليڪٽر ڪرنل ميو، هز هاءِ نيس مير عبدالحسين سانگي ۽ ٻيا ڪيترائي آفيسر ۽ تَرَ جا وڏا ساڻس گڏ هئا، اهي ٻه ڏينهن هتي رهيا ۽ هرڻن ۽ گڊن جو ڏاڍو شڪار ڪيائون.
ساڳئي ئي سال برطانوي شهنشاهه پاران کيس ”نواب“ جي لقب سان نوازيو ويو، تمام گهڻو پوءِ وري يعني مارچ ۱۹۴۵ع تي کيس سر جو خطاب برطانيا سرڪار پاران ڏنو ويو. ان وقت هندستان جو وائسراءَ لا رڊ ويول هيو، برطانيا جي راڻي پاران کيس بڪنگهام محل اچڻ جي دعوت ڏني وئي هئي، پر ضعيفي جي ڪري هو پرديس جو سفر نه ٿي ڪري سگهيو.
نواب سر غيبي خان چانڊيو سخي سردار هيو، غريبن، يتيمن، بيواهن، لولن لنگڙن ۽ فقيرن کي روڪ پئسا ۽ اناج ڏيڻ جو سلسلو سڄي عمر جاري رکيائين، نه رڳو ايترو، پر سندس سخاوت جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو جو غيبي ديري ۾ چوويهه ڪلاڪ ديڳيون چڙهيون پيون هونديون هيون ۽ ڳوٺ جا سڀ ماڻهو ۽ تر جا غريب غُربا کائي کيس دعائون ڏيندا هئا. اهو ئي سبب آهي جو اهو پهاڪو مشهور آهي ته ادا فلاڻو ماڻهو ته نواب غيبي خان وانگر ديڳيون چاڙهي پيو کارائي.
نواب غيبي خان جي ميزباني ۽ جاگير جي حوالي سان ناليوارو تاريخدان پير حسام الدين راشدي پنهنجي ڪتاب “هو ڏوٿي هو ڏينهن” ۾ لکي ٿو ته :
نواب سر غيبي خان ۴ لک ايڪڙ جاگير، جهنگ اُن ۾، پٽ ان ۾، ڍوريون ۽ ڍنڍ ان ۾، هيٺاهيون به ان ۾، ته جبل به ان ۾، ڪاٿنهن ساوڪ ته ڪاٿنهن سُڪ، ڪٿي وير ته ڪٿي واهڙ.
سيارو پوندو، ناتال جي موسم ايندي، ڪَٽَڪَ صاحب لوڪن جا اچي ڪَٺا ٿيندا. غيبي ديري ۾ منزلان لڳي وينديون، مطلب ته جيسين شڪار جي سيزن هلندي تيسين پيا گورا ڳاهٽ ڏيندا ۽ آفيسر ڪُتر ٿيندا. ڪڪڙ، ڇيلا، آنا، کير مکڻ، ماکيون نه ڪنهن کان کٽايا پُڄن ۽ نه کاڌا پُڄن.
نواب سر غيبي خان چانڊيو، جيتوڻيڪ پرهيل ڳڙهيل ڪو نه هو، پر سندس ڪچهريءَ ۾ پنهنجي دور جا وڏا عالم ۽ ڏاها انسان موجود هوندا هئا. مثال طور:
۱ مولانا محمد عظيم شيدا سولنگي
۲ مولوي مير محمد نورنگي
۳ مولانا عبدالڪريم ڪورائي
۴ پير تراب علي شاهه راشدي
۵ مولانا سيد تاج محمود امروٽي
۶ مولانا عبيدالله سنڌي
۷ مولانا عبدالغفور مفتون همايوني
۸ مولانا عبدالڪريم چشتي
۹ مولانا حماد الله هاليجوي
۱0 مخدوم امير احمد
۱۱ علامه محمد صادق کڏي وارو
۱۲ مخدوم حاجي حسن الله صديقي پاٽائي
۱۳ مخدوم بصر الدين سيوهاڻي، ۽
۱۴ مخدوم ميان محمود لاکير.
نواب سر غيبي خان چانڊيو علم ۽ تعليم جو وڏو قدردان هيو، هو علم پرائيندڙن تي ڏاڍو خرچ ڪندو رهيو، پنهنجي پوٽي نواب سلطان احمد خان چانڊئي جي تعليم لاءِ خاص اپاءَ ورتائين، ان ڏس ۾ ناليواري تعليم دان علامه علي خان ابڙي کي مقرر ڪيائين. نواب سر غيبي خان چانڊيو هڪ انصاف پسند شخص هيو، راڄوڻا فيصلا اڪثر ڪري پاڻ ڪندو هيو، سندس ڪيل فيصلو حرف آخر هوندو هيو، روزاني الوحيد ڪراچي جي “سنڌ آزاد نمبر” ۱۶ جون ۱۹۳۶ع ۾ لکيو ويو آهي ته:
نواب غيبي خان سڄي هندستان ۽ بلوچستان جي چانڊين جو قبول ڪيل سردار آهي، سڀ فيصلا هو صاحب پاڻ ڪندو آهي، ۽ جتي نه پڄي سگهندو آهي، اُتي پنهنجو عيوضي مقرر ڪندو آهي، چانڊيا قوم هن جي فيصلي کي آخرين سمجهندي آهي، جاگير ۾ هندو توڙي مسلمان با آرام ميٺ ۽ محبت ۾ رهندا آهن، ۽ ڪو به پاڻ کي دُکي نه سمجهندو آهي، سندس درٻار صبح شام لڳندي آهي، جنهن ۾ ڪو به عرضدار پنهنجو اهنج ايذاءُ ٻڌائي تڪليف دور ڪرائي خوش ٿي ويندو آهي، نواب صاحب هڪ زبردست جاگيرداري هلندي وارو آهي، هو صاحب هر ڪنهن انسان سان خوش اخلاقي سان هلندو آهي ۽ طبعيت جو بلڪل سٺو آهي ٻارن سان ڏاڍو پيار اٿس.
نواب غيبي خان چانڊيو سنڌ کي بمبئي کان ڌار ڪرڻ ۾ سنڌ جي سڀني اڳواڻن سان گڏ هيو، ۱۹۳۵ع ۾ جڏهن سنڌ کي بمبئي کان ڌار ڪري هڪ صوبو ٺاهيو ويو ته اُن وقت سنڌ جو گورنر سر لانسيلاٽ گراهام مقرر ٿيو هو، ۲۸ نومبر ۱۹۳۶ع تي پاڻ غيبي ديري آيو. هڪ سال کان پوءِ وري هو ٻيهر غيبي ديري پهتو. سندس گهر واري ليڊي گراهام به ساڻس گڏ هئي، هرڻن ،گڊن، سرهن ۽ تلورن جا ڏاڍا شڪار ٿيا.
ان کانسواءِ برطانيه دور جا ٻيا به ڪافي اهلڪار وٽس ايندا رهندا هئا. جهڙوڪ:
۱ بمبئي جو گورنر لارڊ ليمنگٽن
۲ سنڌ جو ڪمشنر ايڇ ٽي لئمبرڪ
۳ بمبئي جو گورنر ليزلي اورمي ولسن
۴ بمبئي جوگورنر بيرن ولنگڊن
۵ بمبئي جو گورنر سر جارج ايمبروز لائنڊ
۶ بمبئي جو گورنر هينري اسٽيولي لارنيس ۽
۷ بمبئي جو گورنر سر فريڊرڪ هيو سائيڪس
نواب سر غيبي چانڊيو هڪ باذوق انسان هيو، پاڻ ڪيتريون ئي عمارتون جوڙايون هئائين، جيڪي اڏاوتي لحاظ کان ڏاڍو منفرد آهن. لاڙڪاڻي وارو بنگلو به سندس هڪ يادگار آهي. ان کانسواءِ غيبي ديري ۾ بنگلن جو ڪم ۱۹۱۳ع  ۾ شروع ڪرايائين. اهي بنگلا ۱۹۱۷ع ۾ مڪمل ٿيا. هي بنگلا اڏاوتي حسن جو هڪ زبردست مثال آهن.
پاڻ غيبي ديري ۾ موجود جامع مسجد شريف به تعمير ڪرايائين. ان مسجد جي تعمير جو ڪم ۱۹۱۹ع ۾ پورو ٿيو. ان مسجد شريف جي جوڙائڻ جي عمارت ڪجهه هن طرح لکيل هوندي هئي.
جامع مسجد شريف نواب غيبي خان جوڙائي اڄ ڇهه تاريخ ماهه ذي القعد سن ۱۳۳۳ هجري ۾ تيار ٿي ڪاريگر: ۱ پيارو مشوري ۽ ۲ امام بخش مشوري
ننڍي کنڊ ۽ سنڌ جي تاريخ تي اڻ مٽ نقش ڇڏيندڙ هي عظيم انسان ۴ ڊسمبر ۱۹۵۴ع تي هي جهان ڇڏي ويو. کيس رانئڪن واري قبرستان ۾ مرحوم مير محمد خنا جي مقبري جي اوڀر طرف سپرد خاڪ ڪيو ويو. مٿس وڏو مقبرو سندس پوٽي نواب احمد سلطان خان جوڙايو. ڪم وچ ۾ رهجي ويو. پوءِ نواب زاده مير علي نواز خان مقبري جو باقي ڪم مڪمل ڪرايو.
جا ڀونءِ پيرين مون، ساڀوءِ ۽ مٿي سڄڻين،
ڌڱ لٽبا ڌوڙ ۾، اُڀي ڏٺاسون

ڏينهن مڙيئي ڏون، اُٿي لوچ لطيف چئي.

No comments:

راءِ ڏيندا