; سنڌي شخصيتون: سليم رضا ڪنڀر- ناصر قاضي

08 June, 2014

سليم رضا ڪنڀر- ناصر قاضي

سليم رضا ڪنڀر
سنڌي غزل جو راڳي
ناصر قاضي
لاڙڪاڻي شهر کان ٻاهران دودائي روڊ تي واقع زيتونن جي اڻ کٽ باغن جو قطارون، جيڪي پنهنجي چٽي سائي رنگت سان جهڙوڪر اها گواهي ڏينديون هجن ته لاڙڪاڻي جا ماڻهو جهڙا مٺڙا ۽ اجرا آهن، تهڙا ئي محبتي ۽ امن پسند آهن.


انهيءَ مٺڙي خطي جو ٻيو برجستو مثال ان ئي سر زمين مان ڦٽندڙ مٺڙي آواز جا مالڪ، ناميارا ۽ سگھارا راڳي استاد مٺو ڪلهوڙو، خانصاحب استاد گلزار علي خان، عابده پروين، استاد انور علي سانگي، ماسٽر مهر علي سميت هن ئي شهر سان وابسته نئين ٽهيءَ جي نمائنده غلام شبير سمون، الطاف سمون، نذير سمون، مختيار علي شيخ، عاشق نظاماڻي، ڪمال سمون توڙي ٻيا ڪيترائي هر دلعزيز ڪلاڪار آهن، جن پنهنجي آواز جي سحر سان سموري سنڌ ته ڇا پر پوريءَ دنيا ۾ لاڙڪاڻي کي سچ پچ به ساهه سيباڻو ثابت ڪري ڏيکاريو آهي.
لاڙڪاڻي جي انهن ئي ڪلاڪارن جي پويل سهڻي مالها ۾ نئين ٽهيءَ جي ڪلاڪار سليم رضا ڪنڀر جو نالو پڻ ملي ٿو، جنهن پنهنجي رياض ۽ رچيل رسيلي آواز سان لاڙڪاڻي شهر جي نذر محلي کان ويندي سيٽ لائيٽ چئنلز وسيلي پوري دنيا ۾ نيڪي ۽ ناماچاري ڪمائي آهي، اهو ئي سليم رضا، جنهن ڪڏهن هوائن جي دوش تي پنهنجي سريلي آواز سان ڪنهن سنگدل صنم کي اها ميار پڻ ڏني ته: ’اوهان ڇا پيار مان ڄاڻو، اوهان لئه پيار بي معنى... !!!‘
سريلي آواز جي مالڪ راڳي سليم رضا ڪنڀر لاڙڪاڻي جي لافاني مٽيءَ مان ستين اپريل ۱۹۶۹ع تي محترم ڀاڳيل خان ڪنڀر جي گھر ۾ جنم ورتو. بنيادي طور تي سندس تعلق شهر جي پڙهيل لکيل، مڇي مانيءَ لائق هڪ معزز گھراڻي سان آهي، سندس والد صاحب پوليس کاتي هيڊ ڪانسٽبل هو. چيو وڃي ٿو ته پٽاڻي اولاد لاءِ سالن کان سڪايل هن گھراڻي ۾ سليم رضا جي ڄمڻ سان ڄڻ ته گھر ۾ ميساريل خوشين نئين سر جنم ورتو هو، انڪري ننڍپڻ ۾ مڙني مائٽن جي اڻ مئي پيار جي پالوٽ هيٺ سليم رضا جي پرورش ٿي، جنهنڪري ڏنگائي ۽ ارڏائي ننڍپڻ ۾ سندس وجود جو حصو بڻيل هيون، جيڪي وصفون عمر سان گڏ آهستي آهستي پاڻمرادو ختم ٿينديون ويون ۽ اهي ننڍپڻ واريون ڏنگايون ۽ ارڏايون، نرم دلي ۽ حساسيت ۾ تبديل ٿي ويون. ننڍپڻ ۾ سليم رضا جو والد سندس پڙهائي جي معاملي وڌيڪ سنجيده رهيو. سندس خواهش هئي ته سندس نورِ نظر سليم پڙهي لکي وڏو آفيسر بڻجي، جنهن لاءِ هو پنهنجي پٽ جي پڙهائيءَ تي مڪمل ڌيان ڏيندو هو، پر سندس قسمت ۾ ڪجھه ٻيو ئي لکيل هو، هو وڏو آفيسر ته ڪونه ٿي سگھيو، البته پنهنجي اعلى اخلاق ۽ پنهنجي سريلي آواز سان وڏو انسان ضرور بڻيو آهي. سليم رضا ڪنڀر نصابي تعليم جي اعتبار کان بي. اي، پي. ٽي. سي ۽ بي. ايڊ جون ڊگريون حاصل ڪيون آهن ۽ هن وقت تعليم کاتي ۾ پرائمري استاد طور ذميداريون سر انجام ڏئي رهيو آهي.
اڪثر ائين ٿيندو آهي، جو ڪيترن ئي ڪلاڪارن کي موسيقيءَ جي ميراث پنهنجي گھر ۾ ئي آفاقي امانت طور ملندي آهي، پر سليم رضا کي گھر ۾ ننڍپڻ ۾ موسيقيءَ جو اهڙو ڪوبه ماحول ميسر ٿي نه مليو. سندس گھراڻي ۾ سليم رضا کان اڳ راڳ طرف ڪنهن جو به لاڙو ڪونه هوندو هو. پاڻ جڏهن پنج درجا پاس ڪري ڇهين درجي جي شاگرد جي حيثيت سان گورنمينٽ پائليٽ اسڪول لاڙڪاڻي ۾ داخلا ورتائين ته اتي منعقد ٿيندڙ هم نصابي پروگرامن ۾ وڌي چڙهي حصو وٺڻ لڳو، جتي سندس استاد ۽ سندس شاگرد دوست سندس آواز ٻڌي کيس ساراهيندا هئا، جنهن ساراهه سان سندس حوصلا افزائي ٿيندي هئي. پر انهن سڀني هاڪارن نتيجن جي ابتڙ سليم رضا کي لاڏ ڪوڏ ۽ بيحد پيار هوندي به سندس والد صاحب سختيءَ سان راڳ ڳائڻ کان روڪيندي اهڙي عمل کي اجائي وندر چئي کيس راڳ کان پري رهڻ جي نصيحت ڪندو رهندو هو. اتفاق سان سنڌ جي نامياري ڪلاسيڪل راڳي استاد انور علي سانگيءَ جي قائم ڪيل سنگيت ڪلب به سليم رضا جن جي پاڙي ۾ هوندي هئي، انهن ڏينهن ۾ سليم رضا هڪ ڀيري پنهنجي پاڙيءَ ۾ رانديون رهڻ دؤران استاد انور علي سانگيءَ کي رياض ڪندي ڏٺو ۽ ٻڌو، استاد انور عليءَ جو رياض ڪندي آواز هڪ ڀيرو ڇا ٻڌائين، بس! پوءِ ته راند وارو مڪمل ٽائيم سندس سنگيت ڪلب تي وڃي کيس ڪلاڪن جا ڪلاڪ ويهي سندس راڳ ٻڌندو هو ۽ ائين پنهنجي روح کي ريجھائيندو رهندو هو.
مئٽرڪ پاس ڪرڻ بعد سليم رضا پنهنجي ئي شهر واسي سنڌ جي مشهور ڪلاڪار، شاعر ۽ مصور استاد نذير سمي جي خدمت ۾ حاضر ٿي کيس استاديءَ لاءِ عرض ڪيو، موٽ ۾ استاد نذير سمي به مٿس شفقت جو هٿ ڌريندي کيس پنهنجي شاگرد طور تسليم ڪيو ۽ اهڙيءَ طرح سليم رضا ڪنڀر موسيقيءَ جي ميدان ۾ باضابطه طور تي قدم رکيو ۽ هن باقاعده سکيا جو عمل شروع ڪيو. راڳ جي ڄاڻ حاصل ڪرڻ دؤران سليم رضا سنگيت ۾ طبلي جي حوالي سان لئي ڪاري توڙي رڌم جي اهميت ۽ افاديت کي سمجھي ورتو ۽  لئي ڪاريءَ توڙي گنت ڪاريءَ  کان روشناس ٿيڻ جي لاءِ سنڌ جي نامياري طبلا نواز توڙي ڍولڪ نواز استاد لياقت علي سمي وٽان اهڙي ڄاڻ حاصل ڪندو رهيو.
اهڙي صورتحال ۾ سليم رضا جي ڪاميابين جو دروازو ان وقت کليو، جڏهن هڪ ڀيري لاڙڪاڻي جي هڪ ادبي تنظيم ’استاد بخاري ادبي سنگت‘ پاران سليم رضا ڪنڀر سان رهاڻ رچائي وئي، پاڻ سان رچايل ان رهاڻ ۾ سليم جي بيحد اسرار بعد سندس والد پڻ شرڪت ڪئي، جتي پٽ جي نيڪي، ناماچاري، عزت ۽ آبرو اکين آڏو ڏسندي کيس به سرهائي محسوس ٿي ۽ پٽ جي پٺي ٺپي دل سان کيس ڳائڻ جي اجازت ڏئي ڇڏيائين.
سليم رضا ڪنڀر پنهنجي ميڊيا جي سفر جي شروعات تقريباً سال ۱۹۹۰ع ڌاري آڊيو ڪئسٽ جي دنيا کان ڪئي، سندس آواز ۾ پهريون آڊيو البم ’لوڪ فنڪار پروڊڪشن‘ پاران جاري ٿيو. اها ڪئسٽ جاري ٿيڻ کان اٽڪل هڪ سال پوءِ  ۱۹۹۱ع ڌاري سليم رضا پاڪستان ٽيليويزن ڪراچي سينٽر تان نشر ٿيندڙ جڳ مشهور سنڌي پروگرام ’پرک‘ ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو، هن پروگرام ۾ کيس نامياري هدايتڪار اعجاز عليم عقيليءَ متعارف ڪرايو. جنهنجي لڳ ڀڳ ۹ سالن بعد ۲۰۰۰ع ڌاري ريڊيو خيرپور تان هن پنهنجي ريڊيائي سفر جي شروعات ڪئي، جتي نامياري ليکڪ، شاعر ۽ پروڊيوسر ڪوثر ٻرڙي ۽ شوڪت خاصخيلي کانئس آڊيشن وٺي کيس ڪامياب قرار ڏيندي، روزانو نشر ٿيندڙ ڳوٺاڻن ۽ آبادگارن جي پروگرام ’سهڻي ڌرتي‘ ۾ براهه راست ڳائڻ جو موقعو ڏنو. ساڳئي ئي وقت سليم رضا ڪنڀر جي آواز ۾ ريڊيو خيرپور تي ٻه اسم پڻ ريڪارڊ ڪيا ويا، سندس آواز ۾ سڀ کان پهريائين ريڊيو تي سنڌ ڌرتيءَ جي ناميارن شاعرن استاد بخاري ۽ مشتاق بخاريءَ جا جيڪي ٻه اسم ريڪارڊ ٿيا، انهن جو پيشڪار ناميارو پروڊيوسر ۽ شاعر مختيار ملڪ هو.
سيپٽمبر ۱۹۹۶ع ۾ جڏهن ريڊيو لاڙڪاڻي جو بنياد عمل ۾ آيو هو ته ان وقت پنهنجي Home Station جي ناتي، اسٽيشن جي ڪاميابيءَ خاطر سليم رضا پڻ بي لوث خدمتون سرانجام ڏنيون، ان ڏس ۾ نئين اسٽيشن هئڻ ڪري اسٽوڊيو رڪارڊنگ جي سهولت نه هئڻ سبب بازار مان معياري آوازن ۽ اسمن تي مشتمل آڊيو ڪئسٽون مهيا ڪرڻ کان وٺي نئين اسٽيشن لاءِ موسيقيءَ جي شعبي سان لاڳاپيل ڪيترو ئي لاڀائتو ڪم سرانجام ڏيڻ ۾ ريڊيو جي ڪارڪنن سان گڏ سليم رضا ڪنڀر پڻ پيش پيش رهيو. ساڳئي اسٽيشن جي بنيادي نشريات ۾ سندس جاري ٿيل آڊيو ڪئسٽن جي ريڪارڊنگس جي نشر ٿيڻ کان وٺي اڄ ڏينهن تائين ان اسٽيشن جي اسٽوڊيوز ۾ سندس ريڪارڊ ٿيل ڪلامن تائين سندس آواز ۾ ريڊيو لاڙڪاڻي تان ڪيترائي موسيقيءَ جا اسم نشر ٿي چڪا آهن، جڏهن ته سندس پهريون On air انٽرويو پڻ ريڊيو لاڙڪاڻي تان نشر ٿيو، جيڪو نامياري براڊڪاسٽر، ڪمپئر ۽ شاعر ياسر قاضيءَ کانئس ورتو هو.  سليم رضا پنهنجي فن جي حوالي سان پوري ملڪ کان علاوه ۲۰۰۴ع ۽ ۲۰۰۶ع ۾ ٻه ڀيرا دبئي جو دورو ڪري پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري چڪو آهي. کيس سندس فني خدمتن جي عيوض استاد بخاري ادبي سنگت لاڙڪاڻي پاران ايوارڊ، سنڌي ادبي سنگت شاخ لونگاڻي شريف پاران ايوارڊ ۽ ٻيا ڪيترا ئي ايوارڊ ۽ اعزاز ملي چڪا آهن.
سليم رضا سنڌي موسيقيءَ جي ٻين صنفن سان گڏ خاص طور تي سنڌي غزل جي گائيڪيءَ ۾ نواڻ آڻي، گائيڪيءَ سان گڏ ڪمپوزيشن ۾ پڻ ڪافي نوان تجربا ڪيا آهن، سندس شاعريءَ جي چونڊ به پنهنجي حوالي سان تمام بهترين رهي آهي، سندس ڪوشش هوندي آهي ته عام رواجي هلندڙ ڪئسٽي شاعريءَ کان هٽي ڪري نئين ۽ معياري تخليق ٻڌندڙن تائين پهچي، جنهنڪري شاعريءَ جا سٺا ڪتاب پڙهڻ سندس مشغلو پڻ آهي. اهو ئي سبب آهي جو سليم رضا جديد سنڌي ادب جي نمائنده صاحبِ ڪتاب شاعرن کي پسند ڪري ٿو. سندس پسند جي شاعرن ۾ استاد بخاري، ڊاڪٽر عطا محمد ’حامي‘، عبدالغفار تبسم، مقصود گل، اياز گل، جواد جعفري، ڪوثر ٻرڙو، مختيار سمون، سعيد ميمڻ، روبينه ابڙو، احمد سلطان کوسو توڙي ٻين جا نالا شامل آهن، جن جي شاعريءَ کي جديد طرزن ۽ رموز موسيقي سان آراسته ڪري منظر عام تائين پهچايو اٿائين.

سليم رضا ڪنڀر جو راڳ سان عشق آهي، جتي سندس لب ۽ لهجو سريلا آهن، اتي سندس سماعتون ۽ بصيرتون به سريليون آهن، پاڻ سٺي ڳائڻ سان گڏوگڏ سٺو ٻڌڻ جو پڻ شغف رکي ٿو، سندس پسند جي ڪلاڪارن ۾ لتا منگيشڪر، غلام علي، محمد يوسف، جگجيت سنگھه، عابده پروين، منظور سخيراڻي، حميره چنا ۽ ٻيا ڪيترائي ملڪي توڙي بين الاقوامي سطح جا گلوڪار شامل آهن، سليم رضا تعليم کاتي ۾ معلم هئڻ کان علاوه موسيقيءَ جو معلم پڻ آهي، جنهن حوالي سان هن پنهنجي پاڙي نذر محلي لاڙڪاڻي ۾ ’آسا سنگيت ڪلب‘ جو بنياد پڻ رکيو آهي، جتي پاڻ سنگيت جي سيکڙاٽن جي ذهني آبياري ڪرڻ ۾ مصروفِ عمل آهي.

No comments:

راءِ ڏيندا