; سنڌي شخصيتون: شفقت حسين وڌو - غلام مصطفيٰ سولنگي

08 June, 2014

شفقت حسين وڌو - غلام مصطفيٰ سولنگي

شفقت حسين وڌو
رنگن جو موسيقار انجنيئر
غلام مصطفيٰ سولنگي
جڏهن به سندس ذهن ۾ ڪنهن فن پاري جو تصور جڙي راس ٿيندو آهي ته پوءِ هو اڪيلو ٿي وڃڻ تي مجبور ٿي پوندو آهي ۽ پنهنجي گهر جي تهه خاني (Basement) ۾ ٺهيل هڪ غار (The Cave) ۾ ڏينهن جا ڏينهن روپوش ٿي ويندو آهي ۽ پوءِ جڏهن ٻاهر نڪرندو آهي ته ڪو زبردست مصوراڻو شاهڪار سندس هٿن ۾ هوندو آهي. ان سمي سندس حالت ڏسڻ جهڙي هوندي آهي. وار وکريل، چهرو پگهران پگهر، ڪپڙا رنگن ۾ ٿڦيل، چپل ابتي پيل ۽ قميص جون ٻانهون گهنجيل. مطلب ته سندس سموري حالت واڪا ڪري اهو ٻڌائي رهي هوندي آهي ته هي شخص پنهنجي آرام، کاڌي پيتي ۽ آسپاس جي ماحول کان صفا ڪٽيل، پنهنجي تصورن ۽ خيالن جي دنيا ۾ گم رهيو آهي، پر سندس ذهن مطمئن، دل ڪنهن ڄاتل ۽ اڻ ڄاتل سرور سان ڀريل ۽ اکيون ڪاميابيءَ جي نور سان ٽمٽار نظر اينديون آهن.


اها پينٽنگ جڏهن غار مان نڪري اي اينڊ ڪيو (A & Q) آرٽ گئلريءَ جو حصو بڻبي آهي ته ڏسندڙ کي پاڻ ڏانهن ڇڪي وٺندي آهي، جو ان ۾ ڪا نه ڪا ڳالهه ضروري هوندي آهي. هر ڀيري ڏسندڙ کي اهو محسوس ٿيندو آهي ته اهو ان پينٽنگ کي پهريون ڀيرو ڏسي رهيو آهي يا وري ڪنهن نئين رخ کان ڏسي رهيو آهي.
اي اينڊ ڪيو (A & Q) آرٽ گئلري ۾ سوين فن پارن جو خالق انجنيئر شفقت حسين وڌو آهي، جنهن جي پينٽنگس جي اها خاصيت آهي جو اهي ڏسندڙ جو ڌيان هڪدم پاڻ ڏانهن ڇڪائي وٺڻ ۾ ڪامياب ٿي وينديون آهن. اهو ئي ڪارڻ آهي جو همعصر مصوريءَ ۾ سندس قد ڪاٺ انهن مصورن کان هرگز گهٽ ناهي، جن ان فن ۾ اعليٰ ڊگريون حاصل ڪيون آهن. توڙي جو هو پنهنجي سرڪاري زميدارين جي حوالي سان تمام گهڻو مصروف رهي ٿو، تنهن هوندي به ڳچ وقت مصوريءَ لاءِ ڪڍي وٺندو آهي ۽ اهو ڏسي بيحد سرهائي ٿيندي آهي ته سندس فن جي باھ ۾ نوان نوان گل ٽڙي رهيا آهن. اهڙيءَ طرح سندس فن پختگيءَ جي حدن کي ڇهندو مصوريءَ ۾ سندس روشن آئيندي جي خوشخبري ٻڌائي رهيو آهي.
انجنيئر شفقت حسين وڌو هڪ اهڙو مصور آهي، جيڪو پنهنجن پيرن تي پاڻ ئي بيٺو آهي. ننڍپڻ ڪيترن ئي شهرن ۾ گذاريائين. جتي بابي جي بدلي، اتي سندس واسو، مصوريءَ جو شوق ته هيو، پر سامان ندارد، خوابن جي ساڀيان ۾ ڪيتريون ئي رڪاوٽون هيون. تنهن ڪري فن جي ڪنهن اداري ۾ ڪاباقاعدي تعليم ۽ رسمي سکيا حاصل نه ڪري سگهيو. پر هڪ قابل جوهر کي ان جي ضرورت به شايد گهٽ ئي پوندي آهي. تنهن ڪري کيس به رسميت ۽ مڪتبي حد بندين جي ڪا ضرورت ۽ پرواهه ڪو نه هئي. حقيقت ۾ ذوق ۽ شوق وارن لاءِ ته حادثا ۽ طوفان ئي مڪتب جو ڪم ڏيندا آهن. سندن لاءِ سڄي دنيا تجربي گاهه، فطري بصيرت رهنما ۽ مشاهدو ڪامل استاد هوندو آهي. انهن ئي ڳالهين انجنيئر شفقت حسين وڌو جي فن جي ذوق کي اڳتي وڌايو. آبپاشيءَ ۾ نوڪري ڪرڻ خاطر جهر جهنگ جهاڳڻ، ٻارڙن جي پالنا ڪرڻ، لکڻ پڙهڻ، سماجي ذميوارين سان منهن ڏيڻ وغيره سندس شوق جي شينهن کي ماٺو ڪرڻ لاءِ ڪافي هئا، پر هن مصوريءَ تان پنهنجو تن من ۽ ڌن قربان ڪري ڇڏيو، کيس جيترو به وقت مليو، سو هن مصوريءَ جي فن جي محبوبا کي ارپي ڇڏيو.
انجنيئر شفقت حسين وڌو جي جيڪا طبعيت ۽ مزاج آهي، سو مصوريءَ لاءِ بيحد مناسب آهي. هو انسان، انساني فطرت ۽ قدرت جي ان ڳڻين لقائن جو شيدائي آهي. تنهن ڪري انسانن ۽ فطرت جو اڀياس کيس بيحد عزيز آهي. حقيقت ۾ انسانن جي پهرن تائين پهچ ته سولي آهي، پر انهن جي ضمير تائين پهچڻ بيحد ڏکيو آهي. هر انسان پنهنجي مٿان هڪ کوپو چاڙهيو گهمندو ٿو وتي. جيستائين ان کوپي کي ڀڃي ڀورا ڀورا نه ڪبو، تيستائين اصل انسان تائين پهچڻ ممڪن ناهي هوندو. ان لاءِ ته شاهه لطيف جهڙي شاعر جي نظر کپي، جيڪا مڙني حجابن ۽ پردن کي چيري تهه تائين پهچي وڃي. شفقت صاحب کي به اهڙي ئي طاقت مان ڪجهه ونڊ مليو آهي. هو پردن کي هٽائي انسان جي حقيقي  منهن مهانڊن تائين پهچي وڃي ٿو ۽ پوءِ ان منهن مهانڊن کي برش ۽ رنگن جي مدد سان پڌرو ڪري بيهاري ٿو. اهو ئي سبب آهي جو سندس مصوريءَ ۾ هڪ خاص سوچ، هڪ نواڻ، هڪ تازگي، هڪ عجيب ڪيفيت ۽ سرور ۽ زندگي ئي زندگي سمايل نظر اچي ٿي. ان کان سواءِ هڪ مصور لاءِ انساني شڪل ۽ صورت سان گڏ، انسان جي فطرت جو رازدان هجڻ به نهايت ضروري آهي. ان ڏس ۾ شيڪسپيئر واهه جو چيو هو ته : ”قدرت وارو انسان جهڙو راز دان وري ڪڏهن به پيدا نه ڪري سگهندو.“ معني ته شيڪسپيئر انسان جي حيران ڪندڙ وجود تي اچرج کاڌي هئي ۽ سچ ته اها ڳالهه درست به آهي. انساني فطرت جي اٿاهه گهرائين ۾ ڇا ڇا نه لڪل آهي! تنهن ڪري هڪ مصور جي نظر جڏهن انساني اندر جي اڻ ڄاتل لهرن تائين پهچي، انهن کي مصوريءَ جي روپ ۾ آڻيندي آهي ته پوءِ ان ۾ ڪيڏو نه موهه پيدا ٿي پوندو آهي.
حقيقت اها آهي ته انساني چهرن، انسان جي منهن مهانڊن ۽ انساني جسمن جي مصوريءَ ۾ به هڪ عجيب جادو سمايل آهي. انسان جي شڪل شبيهه ٺاهي پيش ڪرڻ يا قدرتي نظارن جي برش وسيلي عڪاسي ڪرڻ ئي سڀ ڪجهه ناهي. حقيقي معني ۾ ڪامل مصور اهو آهي، جيڪو پنهنجي تصويرن کي معني جو هڪ طلسم بنائي ڇڏي. ان جو مطلب اهو آهي ته جيڪا به تصوير سامهون اچي، سا معني سان ڀريل هجي، اثر ڇڏيندڙ هجي ۽ ڪا نه ڪا ڳالهه يا ڪو پيغام ڇڏيندڙ هجي.
انجنيئر شفقت حسين وڌو ماورائي تخليق جو قائل ناهي هو خوابن ۽ خيالن جي دنيا ۾ ناهي رهندو، نه ئي کيس ابهام جي ٻولي ايندي آهي. هو تجريدي مصوريءَ کان به ڪوهين ڏور آهي. هو پنهنجي آسپاس موجود شين، زندگيءَ ۽ زندگيءَ کي گرمي بخشيندڙ نظارن جي تصوير ڪشيءَ کي وڌيڪ ترجيع ڏيندو آهي. اهو ئي سبب آهي جو سندس مشاهداتي اک پنهنجي چوڌاري پکڙيل نظارن کي ڪنهن ڪيمرا وانگر ذهن ۾ جهٽي وٺندي آهي ۽ پوءِ سندس فنڪاراڻي مهارت انهن نظارن کي اهڙيءَ مصوريءَ جو روپ عطا ڪندي آهي، جيڪا ڄڻ ته ڳالهائڻ لڳندي آهي. ان ڳالهائيندڙ مصوريءَ جو بنيادي ۽ لازمي جزو سنڌ جي ثقافت ۽ تهذيبي روايتون آهن. سنڌ جي ثقافت، سنڌ جي ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي، تهذيبي ۽ فڪري معاملا ۽ مونجهارا سڌو سنئون شفقت حسين تي اثر انداز ٿين ٿا. سندس گهڻي ڀاڱي تصويرون ڳوٺ، ڳوٺاڻي زندگي، ڳوٺاڻن ڪردارن ۽ واقعن جي عڪاسي ڪن ٿيون. جيئن ته سندس تعلق ڳوٺ سان آهي، تنهن ڪري ڳوٺاڻي زندگي ۽ ڳوٺ جا نظارا لاشعوري طور تي سندس نفسيات جو حصو بنجي ويا آهن. ان پس منظر ۾ ٺهيل سندس سڀ تصويرون بيحد موهيندڙ ۽ سهڻيون آهن. ڌرتي ماتا جو ازلي ۽ ابدي روپ رکندڙ سنڌي عورت هجي يا وري ڳوٺ مٺي خان مستوئيءَ جو ميخانو، سانجهيءَ ٽاڻي هلڪي نيري ۽ گهاٽي گلابي رنگ واري اڀ تي پنهنجي آکيرن ڏانهن اڏامي ويندڙ اڇا ڪنگ پکي جهوپڙين مٿان ڇانيل چئوماسي جا آگم، ڏاند گاڏيءَ جي دري تي ويهي هَمَ کائيندڙ ابهم ڳوٺاڻو ٻارڙو، ڳوٺ جي ٻاهران واهه ۾ مڇي ماريندڙ ٻار، پاهه سياري جي رات ۾ باهه جي مچ تي، پنهنجي اندر ۾ ڪنهن  جي جدائي جا ڪيترائي ڀڀڙ ٻاري ويهندڙ اڪيلو ۽ اداس نوجوان ۽ ٻي کوڙ ساٿري حيران ڪندڙ مصوري هر هنڌ تي سندس فن مڙني جزن ۽ ڪمال سان اڀري ڏسندڙ جي شعور تي سڌو سنئون اثر انداز ٿئي ٿو. ان کان سواءِ انجنيئر شفقت حسين وڌي جو ڪم مختلف پاسن ۾ وکريو پيو آهي. سنڌ جي ڳوٺاڻي ڪلچر کان علاوه شاهه لطيف هجي يا عمر خيام يا وري شيخ اياز، فيض احمد فيض يا خليل جبران.... هر جاءِ تي سندس برش متحرڪ رهيو آهي. ڪائنات جيڏي فڪري وشالتا رکندڙ انهن ڏاهن شاعرن ۽ مفڪرن کي هو جڏهن paint  ڪندو آهي ته رنگ سندس تعبيداري ڪندي نظر ايندا آهن. تنهن ڪري سندس سمورو ڪم اعليٰ جمالياتي ۽ ٽيڪنيڪي اثر وارو آهي. سندس فن پارا شوخ رنگن ۽ صوفياڻي انداز جو هڪ پيڪر نظر اچن ٿا.
شروعات ۾ شفقت حسين منظر ڪشي، پورٽريٽ ۽ Still Life ۾ مصوري ڪئي هئي، جنهن ۾ هن قدرتي حسن کي خاص طور تي Paint ڪيو آهي ۽ هر ميڊيم ۾ ڪم ڪيو آهي. پر پوءِ جڏهن هن مصوري تي ٻيهر ڌيان ڏنو ته پوءِ هن حقيقت نگاريءَ سان گڏ موضوعاتي مصوريءَ کي وڌيڪ  اهميت ڏني.  ان کان سواءِ سندس گهڻو تڻو ڪم، جنهن ميڊيم ۾ ملي ٿو، تنهن کي Realistic چيو ويندو آهي. سندس تصويرون Realistic هجڻ سان گڏوگڏ Impressionism جو Touch به رکين ٿيون. سندس اڪثر تصويرون چٽي نموني ۽ کلي ڪري پنهنجي ڏسندڙ تي پڌريون ٿين ٿيون.

انجنيئر شفقت حسين وڌي جو فني سفر جاري آهي ۽ مصوريءَ جي فن جي نقادن جو چوڻ آهي ته هو ڪاميابيءَ جون ڪيتريون ئي منزلون ماڻي وٺندو.

No comments:

راءِ ڏيندا