شفقت حسين وڌو
رنگن جو موسيقار انجنيئر
غلام مصطفيٰ سولنگي
جڏهن به سندس ذهن ۾ ڪنهن فن پاري جو تصور جڙي راس ٿيندو
آهي ته پوءِ هو اڪيلو ٿي وڃڻ تي مجبور ٿي پوندو آهي ۽ پنهنجي گهر جي تهه خاني (Basement) ۾ ٺهيل هڪ غار (The Cave) ۾ ڏينهن
جا ڏينهن روپوش ٿي ويندو آهي ۽ پوءِ جڏهن ٻاهر نڪرندو آهي ته ڪو زبردست مصوراڻو شاهڪار
سندس هٿن ۾ هوندو آهي. ان سمي سندس حالت ڏسڻ جهڙي هوندي آهي. وار وکريل، چهرو پگهران
پگهر، ڪپڙا رنگن ۾ ٿڦيل، چپل ابتي پيل ۽ قميص جون ٻانهون گهنجيل. مطلب ته سندس سموري
حالت واڪا ڪري اهو ٻڌائي رهي هوندي آهي ته هي شخص پنهنجي آرام، کاڌي پيتي ۽ آسپاس جي
ماحول کان صفا ڪٽيل، پنهنجي تصورن ۽ خيالن جي دنيا ۾ گم رهيو آهي، پر سندس ذهن مطمئن،
دل ڪنهن ڄاتل ۽ اڻ ڄاتل سرور سان ڀريل ۽ اکيون ڪاميابيءَ جي نور سان ٽمٽار نظر اينديون
آهن.
