; سنڌي شخصيتون: مسڪين جهان خان کوسو

14 June, 2014

مسڪين جهان خان کوسو

مسڪين جهان خان کوسو
ٿر جو سچو سماجي خدمتڪار
ڀارومل امراڻي
سنڌي ادب ۾ اهڙو ڪو ناول نگار نه آهي، جيڪو هالينڊ جي عظيم مصور ونسينٽ وان گوگ جي زندگي تي ارونگ اسٽون جي لکيل ناول ‘اُڃ’ جهڙو ‘مسڪين جهان خان’ تي ناول لکي. مسڪين جهان خان پورهيتن، مزدورن، ڪولهين، ڪڙمين کي چوندو ته: “غربت ۾ انسان جو شعور ڪڏهن مرندو نه آهي، پر ضمير وڌيڪ ڦڙت بڻبو آهي ۽ هن جي روح کي وسعت عطا ٿيندي آهي. اسان کي غربت جو مقابلو کليل دل سان ڪرڻ گهرجي.”


مسڪين، ٿر ۾ هڪ ‘اسڪول آف ٿاٽ’ جو نالو آهي. مسڪين، غريبي ۾ گذاريو هو. خلق جي خدمت عبادت سمجهندو هو. اڄ ڏينهن تائين مسڪين جي ڪم ڪو جانشين پيدا ٿي نه سگهيو آهي. مسڪين جي ٿر سان مارئي جهڙي محبت هئي. مسڪين، ٿر جي ڏڪار بابت انگن اکرن سان ڳالهائيندو هو. هو ٻڌائي سگهندو هو ته ٿر جي ڪهڙي ڳوٺ ۾ ڪيترا گهر آهن. ڪيترو چوپايو مال آهي. ڪيترا ماڻهو ڏڪار ۾ متاثر ٿيا آهن. ٿر جي سياست، سماجيات ۽ اقتصاديات تي بهتر نموني ڳالهائي ويندو هو. هن نه صرف فلاحي ڪمن تي توجهه ڏني پر هن جي اندر جي آرزو هئي ته نظام تبديل ٿئي. سياسي ورڪر به هو. انسان دوست ۽ نظرياتي سياستدانن سان گڏجي سياست ڪئي. هن پاليسيون ٺاهيندڙ ادارن تي پريشر پيدا ڪرڻ جي لاءِ ايڊووڪيسي ڪئي. اخبارن ۾ ايڊيٽوريل لکرايا. مسڪين وٽ رضاڪار دوست هوندا هئا، پر پهرين پاڻ پوليس جي نوڪري ڇڏي اڪيلو نڪتو هو. پوءِ قافلا ٺهندا ويا. ڪنهن سان ظلم ٿيندو هو. اتي مسڪين پهچي ويندو هو. هن هيومن رائٽس جي ورڪر جو ڪردار ادا ڪيو. مسڪين جي نوڪري ڇڏڻ جو واقعو به غريبن سان ظلم ٿيڻ جي واقعي سان جڙيل آهي. مٺيءَ ٿاڻي تي ڏڪار ورهيه ۾ ننگرپاڪر کان بئراج ويندڙ ڪولهين جي قافلي کان رشوت گهري ويئي، غريب ماڻهو پئسا ڏين ڪٿان؟ هجن ته ڏين! ٻيو ڏين به ڇا جا؟ پئسا نه ڏيڻ تي ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو ويو. مسڪين جهان خان ان ٿاڻي تي سپاهي هو، جيئن مسڪين کي پتو پيو ته غريبن سان اچي مليو. حال حقيقت معلوم ڪري پنهنجي اعليٰ آفيسر کي احتجاجن پوليس جي نوڪري وارو ‘پٽو’ ۽ بندوق واپس ڏيئي نوڪري کي الوداع ڪيو. محمد بخش مجنون مسڪين جي نوڪري ڇڏڻ جو سال ۱۹۳۷ع لکي ٿو. جڏهن ته وليرام ولڀ پنهنجي هڪ ليک ۾ ۱۹۳۵ع ڄاڻائي ٿو. اهو ڏينهن تڏهوڪو ڏينهن مسڪين غريبن جي حقن جي لاءِ نڪري پيو. ڪڏهن ننگرپارڪر جا وانڊيا ته ڪڏهن ميرپورخاص جي عثمانيه هوٽل، ته ڪڏهن حيدرآباد ۾ اخباري دفتر. مسڪين جيترا ڪنهن پنڌ به نه ڪيا هوندا، مسڪين ڪڏهن اڃ ۽ بک جي پرواهه نه ڪئي. مسڪين ڳوٺان نڪرندو هو ته ڏينهن جا ڏينهن ٿي وينداهئا مسڪين واپس نه ورندو هو. گهر وارا مسڪين جي منهن جي لاءِ سڪندا هئا! ڳوٺ ۾ ڪو مرڻو پرڻو ٿيندو هو، مسڪين جي ڪنن ڪٿان سڌ پئي ته پوءِ اچي حاضر ٿيندو هو نه ته ٿيو مڙئي خير. غريبن جي مسئلن جي حل جي لاءِ مظاهرا ڪندو هو. ‘مفت اسٽامپ وينڊر’ بڻجي درخواستون لکي گڏجي وڃي ڏيندو هو. مسڪين، ٿر جي ڪيترن ماڻهن کي روزگار تي به لڳايو. ماڻهن کي هِتان هُتان ڪري معاشي مدد به ڪئي پر هي سڀ لڪيل خيرات هوندي هئي. هن ڪڏهن پنهنجي ڪم کي اشتهار نه بڻايو.
هن ڪڏهن ‘ڊالر’ ۽ ‘ڊونر’، ‘پروجيڪٽ پروپوزل’ جي ٻولي نه ٻولي. هن وٽ ماڻهن جي خدمت ڪرڻ جو اٿاهه جذبو هو. جنهن جذبي تحت هن رضاڪار ٿر جي سچي خدمت ڪئي.
مسڪين جهان خان جي ان پورهئي جي ڪري جديد سنڌي شاعريءَ جي وڏي نانءُ شيخ اياز پنهنجي آتم ڪهاڻي ‘ڪٿي ته ڀڃبو ٿڪ مسافر’ ۾ لکيو آهي ته: “مون کي مسڪين ڏسي يڪدم حافظ جو هي شعر ياد اچي ويو:
خاڪساران جهان را به حقارت منگر
توچه داني که دراين خاک سُواري باشد
(جهان جي خاڪسارن کي حقارت سان نه ڏس، تون ڇا ڄاڻين ته متان ان خاڪ ۾ ڪوئي سوار هجي )
لفظ ‘جهان’ جي بدران جيڪڏهن حافظ ‘جهان خان’ شعر ۾ لفظ وجهي ها ته شعر جو وزن ته ضرور ڪري ها پر ان جي معنيٰ ڳري ٿي وڃي ها. مسڪين جهان خان کوسي ۾ انڪساري، خودداري، هڪ ظلم تي ٻڌل ڪامورڪي نظام لاءِ بي انتها نفرت ۽ پنهنجي مظلوم عوام لاءِ بيحد محبت هئي، مجنون کان بهتر هُن تي ڪير ٿو لکي سگهي!مسڪين جهان خان ست درجا سنڌي پڙهيل هو، هو خود مصنف نه هو ۽ هن جي سوانح حيات هڪ مختيارڪار محمد بخش مجنون پنهنجي مخصوص انداز ۾ لکي آهي. پر مسڪين جي نسبت به فقط ‘خاڪ ’ سان نه هئي، پر ‘عالم پاڪ’ سان به هئي، جي انسان ذات جي بي لوث خدمت، رنگ، نسل، قوميت ۽ مذهب جو خيال نه رکي ڪئي وڃي ۽ ماڻهو سان دک درد بنان ڪنهن غرض يا مطلب جي ورهايو وڃي ته ان کان بهتر عبادت ٻي نه آهي ۽ انسانيت لاءِ احترام کان وڌيڪ ٻي وڏي عظمت جي نشاني نه آهي. بين القوامي سطح تي البرٽ شوائيٽرز ۽ قومي سطح تي مسڪين اهڙا ماڻهو آهن. جن جي زندگيءَ جي لاءِ لانگ مارچ مائوءَ کان بنهه مختلف آهي. انهن ڪنهن کي دک نه ڏنو آهي. فقط سٺو آهي.”
شيخ اياز پنهنجي دل جي گهرائي سان مسڪين کي ڀيٽا ڏني آهي. مسڪين تمام وڏو ماڻهو هو. سچا شاعر پنهنجي عظيم ماڻهن کي ائين ڀيٽا ڏيندا آهن. ۽ اهو سچ آهي محمد بخش مجنون کان ڪوئي بهتر هن وقت تائين مسڪين تي لکي نه سگهيو آهي.
۸ آگسٽ ۱۹۶۷ع تي حيدرآباد ۾ مولانا غلام محمد گرامي جي صدارت ۾ مسڪين سان يادگار شام ملهائي ويئي. ان موقعي تي محمد بخش مجنون جي ڪتاب جي مهورت ٿي. ڪتاب تي تمام تعريفي تبصرا آيا. اديبن کليل دل سان مسڪين کي ڀيٽا ڏني.
محمد بخش مجنون جو لکيل ڪتاب ‘مسڪين جهان خان کوسو’ سنڌ يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي ۾ نصاب طور پڙهايو وڃي ٿو. مسڪين جي ڪردار تي سنڌ يونيورسٽيءَ کي نوجوانن کان پي ايڇ ڊي ڪرائڻ گهرجي. ٿر جي نوجوانن لطيف ادبي سنگت جي پليٽ فارم تان ڪتاب جي تحفي ۾ ‘مسڪين جهان خان’ ڪتاب ڏيڻ جو رواج وڌو آهي. سچ ته ڏاڍو سٺو سنئوڻ آهي.
۱۹۸۰ع جي ڏهاڪي ۾ لکيل ڊاڪٽر محمد خان سميجي جي ناول ‘رت ريجالا سپرين’ جا ڪردار مسڪين جهان خان کوسو، سائين سچل جنجهي ۽ ٻيا ان وقت جا تبديلي پسند ڪردار آهن. هي ناول اڻ لڀ ٿي ويو آهي. ٻيهر ان جو ڇاپو اچي نه سگهيو آهي. ناليواري اديب، ناول نگار، ناٽڪ نويس، صحافي عثمان ڏيپلائي ڏڪارن ۾ مسڪين جي جدوجهد کي پنهنجي هڪ ناٽڪ ڏڪار ۾ بهتر انداز ۾ پيش ڪيو آهي. ڪتاب ‘ماڻهو ميگهه ملهار’ ۾ ناليواري دانشور عبدالواحد آريسر جو مسڪين تي لکيل خاڪو سڻئي ڦل جهڙي سهڻي نثر جو روپ آهي.مسڪين جهان خان کوسي ننگرپارڪر جي ڳوٺ سامي ويري جي رئيس بجرخان کوسي جي گهر ۾ ۹ جولاءِ ۱۹۰۹ع تي جنم ورتو. مسڪين جو شجرو ننڍي کنڊ جي مزاحمتي ڪردار شهيد شادي خان کوسي سان ملي ٿو، ميمڻ عبدالغفور سنڌي پنهنجي هڪ ليک ۾ لکيو آهي ته: “مسڪين جهان خان ولد رئيس بجار خان بن ميرحسن خان بن خانبهادر سردار خان بن شهيد شادي خان کوسو بلوچ”، ننگر جي سماجي اڳواڻ تاريخ جي ڄاڻو مانائتي الهه رکيي کوسي به ان شجري جي تصديق ڪندي چيو ته: “شادي خان انگريز سامراج سان لڙيو هو”. چارڻ ڪوين شادي خان جي سورهيائي ڳائيندي چيو آهي ته:
اڙٻنگ عزت خان رو، شادي ونڪو شير.
_
ڏونگر تون ڪئين ڏهڪڻو، تو ۾ رهي کوسو شادي خان.
مسڪين، ٿر جي تاريخ ۽ لوڪ ادب جو به ڄاڻو هو. ٿر جي ڳوٺن، ڍاڻين ۽ وانڊين ۾ رهڻ دوران رات جو ڪچهري ۾ لوڪ ادب جي وکر جي سگهڙن، سياڻن سان ڏي وٺ به ٿيندي هئي. ٿر جي ڪولهي، ڀيل ۽ غريب لوڪن مسڪين تي لوڪ گيت سرجي ڳايا، اڄ به خوشي جي منڊپ ۾ مسڪين تي جڙيل گيت گونجن ٿا:
مانري گهر آويو، مسڪين اوتاري،
منگل هون گائون، جائون ٻلهاري.
(منهنجي گهر مسڪين اوتاريءَ آيو آهي، آئون خوشي جا گيت ڳائي آجيان ڪري، هن تان ٻلهار وڃان)
_
مانري آنگڻيئي مسڪين پڌاريو،
هاٿان ري وادڙ ڪران ڇايا.
(منهنجي اڱڻ مسڪين پڌاريو آهي، آئون هٿن سان بادل جهڙي ڇانو ڪريان)
مانرا مسڪين ويرا مزماڻ
رهو وانڊئي اجوڻي رات
ڪران ٻيسي من ري بات،
آج اماري ڏونگر ني ڏيکيو،
روپي پاڇي روح پي سڪيو،
ڪوئي راوت سور نهين سڻيو
ڏيٺو نهين ڪو جگ ۾ ڏاتار
امارو بڻيو ڇي تون آڌار.
(اي منهنجا مسڪين ڀاءُ! تون مهمان بڻجي اڄوڪي رات منهنجي وانڊئي (ڳوٺ) ۾ اچي رهه، آئون تو سان ويهي من جون ڳالهيون ڪريان. (توکي ڏسي) اڄ مون پنهنجي ڏونگر ڏانهن نهاريو آهي. روپي کان پوءِ روح سڪي رهيو هو، ڪوئي بهادر سورهيه نه ٻڌو ، نه ئي جڳ ۾ ڪوئي ڏاتار ڏٺو، تون اسان جو آڌار بڻيو آهين)
مسڪين تي لوڪ گيت ٻڌندي مون کي روسي لوڪ گيت ياد آيا، جيڪي اتان جي لوڪن لينن سان مخاطب ٿي چيا آهن.ننڍي کنڊ جي لوڪ ادب کي سهيڙيندڙ ديويندر ستيارٿي پنهنجي ڪتاب ‘ڌرتي گاتي هي’ ۾ ڏنا آهن. انهن مان هڪ گيت هتي ڏجي ٿو؛
تون ئي اهو پهريون شخص هئين،
جنهن اسان کي انسان سڏيو.
تو ئي اونداهه ۾ رهندڙ انسانن کي
هن پرڪاش ۾ آندو.
تو ئي اسان کي سپني مان جاڳايو
مسڪين، ٿر بابت ننڍا ننڍا ليک پڻ لکيا. ٻين ليکڪن، اديبن ۽ صحافين کي ٿر بابت معلومات به ڏني. هن ٿر جي هڪ رهنما طور ڪم ڪيو. ٿر جي مسئلن بابت اخبارن کي خبرون پهچائيندو هو. ان دور ۾ رابطي جا ذريعا محدود هئا، پوسٽ تار يا روبرو پهچ ٿيندي هئي. مسڪين ۱۹۳۰ع کان ٿر بابت خبرن ۽ ليکن واريون اخبارون ۽ رسالا ميڙي رکيا.ٿر جي تروٽي پٽيلن پاران مسڪين جهان خان تي ڪوڙا ڪيس به داخل ٿيا. هر طرح تنگ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي، پر هُو جهڪي ڪيئن ٿو سگهي!؟ هن ڪارونجهر کان پختگي ورتي هئي. هڪ ڀيري مسڪين کي جيل ياترا به ڪرائي وئي، جنهن تي قائد ملت فاطمه جناح پنهنجي ذاتي وڪيل ذريعي هاءِ ڪورٽ مان ضمانت ڪرائي آزاد ڪرايو. ٿر جي نوجوان ليکڪ پرديپ ڀاناڻي پنهنجي هڪ ليک ‘مسڪين مظلومن جو آواز هو’ ۾ لکيو آهي ته: “مسڪين جي بي لوث خدمتن عيوض سنڌي ادبي سنگت ميرپور شاخ پاران کيس “مُحب سنڌ” جو لقب ڏنو ويو.”
مسلسل پنڌ، اوجاڳن، بک ۽ اڃ جي پيڙائن ۾ هلندي مسڪين بيمار ٿي پيو. سول اسپتال ڄامشوري ۾ داخل ٿيو. پر بيحسي جي بارش ۾ ٻڏي ويل سماج مسڪين جي خاطر خواه سنڀال نه ڪئي. ۲۳ جولاءِ ۱۹۸۰ع تي ڪارونجهر جو هي عظيم ڪردار هن فاني دنيا کي الوداع ڪري ويو. چون ٿا ته مسڪين جو لاش ٻين مسڪينن وانگر ٻن ڏينهن تائين اسپتال جي سرد خاني ۾ پيل رهيو. منهنجون مسڪين جي سڪيلڌي پٽ بجار خان سان ننگرپارڪر ۾ پياري دوست ناشاد سمي، ساگر خاصخيلي ۽ سليم کوسي جي معرفت ڪافي ڪچهريون ٿيون. مسڪين جي وفات کان پوءِ بجارخان ڪوشش ڪري هر سال ورسي جو ڏهاڙو ملهائيندو هو. گوڙهيار ۾ سنڀومل هميراڻي جي ورسي ۾ بجار خان مليو، تڏهن طبيعت چاڪ نه هئي. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ ٻڌوسين ته مسڪين جيان بجارخان کي به مفلسي ريڙهي ويئي. پنڌ نه کٽو، پر پانڌيئڙو مارڳ ۾ موڪلائي ويو.
مسڪين جي سماجي خدمتن عيوض يو ايس اي جي هڪ اداري پاران “گولڊن ڪارڊ آف اچيومينٽ” ايوارڊ ڏنو ويو، پر سندس پٽ بجار خان غربت سبب وٺڻ لاءِ وڃي نه سگهيو. سنڌ حڪومت جي تعليم کاتي پاران ۲۰۱۵ع ۾ ننگرپارڪر جي هائير سيڪنڊري اسڪول جو نالو مسڪين جي سماجي خدمتن جي مڃتا طور منسوب ڪيو.


مسڪين جهان خان کوسو
سندس ايمانداري ۽ انسان دوستي
محمد بخش ”مجنون“ بلوچ
مسڪين جي امانت داريءَ جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي! هڪ سياري جي رات، ڀريءَ ننڊ ۾ ستو پيو هوس ته آڌيءَ رات جو گهر جو ٻاهريون دروازو کڙڪيو. وڃي ڏٺم ته مسڪين! چيائين؛ ”سڀاڻي ڳوٺ وڃان ٿو، سو موڪلائڻ آيو آهيان.“ دل ۾ چيم ته ”ٻيلي! تو ڪئي ته بنهه زورآوري! ناحق ننڊ مان اٿاري مون کي سرديءَ جي سڙهه تي کڻي چاڙهيو اٿيئي!“ پر منهن تي خواهه مخواهه جي مرڪ آڻي، پڇيومانس؛ ”ٻيو حڪم!“ چيائين؛ ”ٻيو سڀ خير!“ موڪلائي وري اچي گرم بستري ۾ پيس. پر ننڊ هڪ دفعو جا ڦٽي، سا نڌڻڪي ڪٿي ٿي ٻيهر سولائيءَ سان اچي! پاسا ورائيندي، اڃا اک مس لڳي هيم ته وري در تي ”دٻيڙ، دٻيڙ!“ جل تون جلال تون! هيءُ وري ٻيو ڪهڙو مسڪين؟! وڃي ڏسان ته ساڳيو سڄڻ سامهون! پڇيومانس؛ ”مسڪين! تو سان وري خير؟“ چيائين ته؛ ”هڪ امانت اوهان لاءِ ملي هيم. آئون صبح جو وڃان هليو ها ته امانت، مون وٽ رهجي وڃي ها. الله جو ڏوهاري ٿيان ها.“ مون هٿ ڊگهيڙي چيومانس ته؛ ”مون کي ڏي امانت!“ مشڪي چيائين: ”سانوڻ خان، اوهان لاءِ سلام ڏنا هئا، سي اوهان کي ڏيان ٿو. حاجي صاحب مون کي خدا ڪارڻ جو واسطو وڌو هو.“ هاڻي ڀلا حساب لڳايو، مسڪين جي امانت داريءَ جو!!
هڪ دفعي هاءِ ڪورٽ جي شنوائي تان موٽندي مسڪين حيدرآباد ۾ هڪ رات ”هاري حقدار“ آفيس جي اڳيان ستل هو ته رات جو اٽڪل ٽين وڳي مهل ڀرسان هڪ ٻه ماڙ جڳهه ڪري پئي. جاءَ ڪرڻ جي زبردست ڌماڪي ۽ ان ۾ دٻيل ماڻهن جي چيخ و پڪار تي مسڪين  جي اک کلي. ڀڄي وڃي بر وقت سر زمين تي پهتو. اوڏي مهل ڪرندڙ جڳهه ۾ ڪير ٿو وڃي؟ پر مسڪين پهريون ئي ماڻهو هو جوپنهنجي جان کي خطري ۾ وجهي گهڙي پيو جڳهه ۾ دٻجي ويل ۽ زخميل ماڻهن کي سهارو ڏئي ٻاهر ڪڍندو رهيو. زخمي ماڻهن کي ٻاهر ڪڍڻ کان پوءِ وري ڀر واري گهر مان ڪوڏر ۽ تغاري وٺي کوٽائي جي ڪم ۾ جنبي ويو. نهايت ئي چستي ۽ هوشياري سان ملبو هٽائيندو رهيو ته متان ڪو دٻيل زنده ماڻهو وڌيڪ ملبي ڪرڻ ڪري يا ڪوڏر لڳڻ ڪري وڌيڪ زخمي نه ٿي پوي. ملبي جي کوٽائي ۽ تغاري ۾ کڻي ٻاهر اڇلائڻ ۽ جڳهه ۾ پيل سامان ۽ ڪريل ڪاٺ جو ذور ذرو کڻي ٻاهر جدا رکڻ جو ڪم مسڪين اها باقي رات ۽ورندو سڄو ڏينهن ويندي سج لٿي تائين ڪيو. انهيءَ وچ ۾ کيس ماني پاڻي حرام. انهيءَ منحوس جڳهه جي هيٺان ۱۹ ماڻهو دٻجي مري ويا ۽ اڄ ڏينهن تائين اها کنڊ رات جي حالت ۾ پئي آهي، شايد ڪو به ان نڀاڳي هنڌ تي نئين اڏاوت ڪرڻ لاءِ خواهان ڪونهي. مسڪين ۽ ٻين کوٽيندڙن سان صبح جو اٽڪل ۹ بجي مهل پنج سئو کن سينٽرل جيل جا قيدي به اچي کوٽائي جي ڪم ۾ شامل ٿيا. مسڪين ڪم ڪندي مٽي ۾ ڀڀوت ٿي ويو هو ۽ سڃاڻپ کان پري هو، مگر مير رسول بخش خان جي عقابي نگاهن کيس انهيءَ حالت ۾ به سڃاڻي ورتو. ٻين به هزارين ماڻهن جون نظرون مسڪين ۾ کتل هيون جنهن نهايت ئي تيزي سان ۽ جوشيلي نموني دنيا و مافيه کان بي نياز ٿي پنهنجو ڪم پئي ڪيو. ايڏو ڪم ڪندي ڏسي، فرط جوش ۾ مير صاحب وڃي کيس ڀاڪر پاتو ۽ کيس چيائين ته فقط پنج منٽ ڪم بند ڪري ٻاهر نڪر. اوڏي مهل اتي ڪمشنر، ڪليڪٽر ۽ ٻيا هزارين آفيسر ۽ پبلڪ جا ماڻهو اچي ڪٺا ٿيا هئا. مير صاحب مسڪين کي انهيءَ ئي ڀڀوتي حالت ۾جڏهن ڪوڏر سندس ڪلهي تي ۽ تغاري هٿ ۾ هئي ڀاڪر پائي تعارف ڪرائيندي چيو ته هن شخص جي انسان ذات لاءِ محبت اوهين پنهنجي اکين سان ڏسي رهيا آهيون ۽ جنهن جوش خروش سان رات کان وٺي جيڪو هي ڪم ڪري رهيو آهي، اهو اوهان کي بخوبي معلوم آهي ۽ اوهان کي اهو ٻڌي عجب لڳندو ته هي اهو شخص آهي جنهن کي غنڊا ائڪٽ ۾ ٻه سال سخت پورهئي سان سزا ڏني وئي آهي.

مسڪين جهان خان کوسو
اياز علي لغاري
ٿر جي تتل واري ۽ پارڪر جي پٿرن تي پيرين اگھاڙي انگريزن خلاف لڳاتار سورھن سالن تائين ڏڦن، ڀالن، ڪاترن، غليلن ۽ ٻين ھٿراڌو ھٿيارن سان ويڙھ ڪندڙ روپلي ڪولھي جي سرزمين ننگر پارڪر جو ھڪ وساريل ڪردار، جنھن جي اڄڪلھ جي نوجوانن ته ٺھيو پر گھڻن وڏن کي به شايد خبر ھجي، اھو آھي ”مسڪين“ جھان خان کوسو. ھي ڪو وڏو سردار، ڀوتار يا امير ته ھيو ڪونه جو تاريخ جي حوالن ۾ اچي. پر جي اسان ان کي وساريو، ڄڻ ته سنڌ جي ھن عظيم سماجي ڪارڪن سان ناانصافي ڪئيسين.
مسڪين ۹ جولاءِ سن ۱۹۰۹ع تي ننگرپارڪر جي ھڪ ننڍڙي ڳوٺ سامي جي ويري ۾ پيدا ٿيو. سندس ڳوٺ جا اڪثر ماڻھو پوليس ۾ ايئن ڀرتي ٿيندا ھئا ڄڻ ته ڪو باقائدي رواج پيل ھجي. مسڪين کي به پوليس جي نوڪري ورثي ۾ ملي. پر ھي ٻين پوليس وارن کان گھڻو الڳ طبع ھوندو ھيو. ڳوٺ جي وڏيري سان جھيڙو ٿيڻ جي ڪري ھن پنھنجي نوڪري تان استعفيٰ ڏئي پنھنجي زندگيءَ کي ھڪ اھڙي ڪم لاءِ وقف ڪري ڇڏيو جنھن ۾ خودي خاڪ ۾ مليو وڃي ۽ ڌڻي طرفان ڀلائي جا ڀاڙا ملڻ شروع ٿيو وڃن.
محمد بخش ”مجنون“ بلوچ، مسڪين جي سوانح لکندي سندس تعارف لاءِ جيڪو خاڪو پيش ڪيو آھي اھو ڪجھ ھن ريت آھي: ”ڪرڙوڍ، قد درميانو، جسم جو جانٺو، موڪري منھن تي سفيد سھڻي چاپنئي سونھاري اڇي جھڙي ٻُوھ، مٿو اڪثر اگھاڙو، سياري ۾ اڪثر ملن واري برقعي ٽائيپ ٽوپي يا ڪڏھن ڪڏھن گرمين ۾ کجي واري مولانا ڀاشاني ٽوپي، مليشا جا ڪپڙا سي به ميل ۾ ڪِچ، ھڪ دفعو پائڻ کانپوءِ سج کٽي يا ٻج کٽي، پاڻھيئي ڳري سڙي پنھنجي جان ڇڏائين ته واھ نه ته ٻيو ٿيو خير، ساڄي ڪلھي تي پٺارڪ ڪتابن ۽ اخبارن جي، کاٻي ڪڇ ۾ ٻه ٽي سير اخبارن جو پلندو، ان سان گڏ ٻاوري جو گيڏيو، ھٿ ۾ مس ڪپڙي، کڙيون ڀڄي سپاٽا ٿيل سليپرن سان کرت کرت ڪندو، مٽي جي اڻمئي کِھ اڏائيندو، ٿرين جا ولرن جا ولر پويان لايو ڪنھن آفيس ڏانھن واڪيندو ڪو ماڻھو ويندو ڏسو ته پڪ سمجھو ته اھو مسڪين جھان خان کوسو!“
مسڪين جي پنھنجي ٿر جي محبت جو اندازو ان مان لڳائي سگھجي ٿو ته ھو ٿر ۽ ٿرين کي سکيو ستابو ڏسڻ لاءِ سرڪار کان مختلف طريقن سان گھرون ڪندو رھندو ھو، ڪتاب ڇپرائي اختياري وارن ۽ اسيمبلي جي ميمبرن ۾ ورھائيندو، اخبارن ۾ ليک لکندو ۽ حڪومت کي پنھنجون تجويزون سدائين پيو موڪليندو ھو. پر مسڪين جي ھمٿ جا اصلي جوھر ته ٿر جي ڏڪار وارن ڏينھن ۾ ظاھر ٿيندا ھئا. جيئن ئي ٿر ۾ ڏڪار منھن ڪڍندو، مسڪين پنھنجو ھيڊڪوارٽر وڃي ميرپورخاص کي ٺاھيندو ھو، ڇو ته انھن ڏينھن ۾ سڄي ٿر جون ضلعي ۽انتظامي آفيسون ميرپورخاص ۾ ھونديون ھيون. اتان پاڻ پنھنجي مھمن جي شروعات ڪندو. سندس ھيڊڪوارٽر آفيس ته ھميشه سندس ڪڇ واري گبري ۾ ھوندي ھئي، جنھن ۾ سڄي سنڌ جون اخبارون، ڏڪار بابت مليل اطلاع، ڪجھ ڪتاب ۽ اڇا پنا ھوندا ھئا، لکڻ لاءِ مس ڪپڙي ۽ قلم سندس ھٿ ۾ ھوندا ھئا. شام جو ميرپورخاص ريلوي اسٽيشن جو در وڃي جھليندو ھو. جنھن به ٿري تي نظر پوندس، پاٻوھ منجھان ان سان ڀاڪر پائي ملندو، ان کان ٿر جا حال احوال وٺندو، رات جو ويھي انھن ڏڪار سٽيلن جون درخواستون لکندو، جنھن ۾ ٿرين جي لڏپلاڻ، فصل ۽ پاڻي جي اڻھوند، ٻارن جي بيمارين، موت، مال جي مرڻ جا احوال قلمبند ڪندو، ڏڪار دوران سرڪاري اناج جي ورھاست بابت آڏي پڇا ڪندو، ڪٿي ڪا گڙٻڙ معلوم ٿيس ته ان خلاف درخواستون لکندو، جيڪي واپاري ۽ دڪاندار ڏڪار جي مجبوري ۾ ماڻھن کي ڦريندا لٽيندا، انھن جا احوال ھٿ ڪري انھن خلاف شڪايتون لکندو، رات جي پيٽ ۾ مختلف اخبارن جي دفترن جا دورا ڪري، اھي خبرون سربستيون اخبارن ۾ ڇپرائيندو ھيو. مسڪين صبح جي شروعات به ريلوي اسٽيشن کان ڪندو، جيئن ئي اسٽيشن تي پھچندو ته پليٽفارم تي ۽ آس پاس جي ھوٽلن تي غريبن، ڏتڙيلن جا انبوھ سندس انتظار ۾ ويٺا ھوندا ھئا جيڪي چقمق وانگر ڏانھنس ڇڪبا ايندا ۽ جلوس جي صورت ۾ سندس پويان پويان ھلڻ شروع ڪندا ۽ ويندا سڌو ڪليڪٽر جي آفيس. جتي مسڪين مسڪينن لاءِ مفت درخواستون لکڻ ۽ انھن جي پيروي ڪري، ڪامورن کان ڪارروايون ڪرائي، کين اناج جون پرمٽون وٺرائي ڏيندو، پوءِ نوجوانن جي ولر کي ساڻ ڪري، مختلف آفيسن جا چڪر لڳائيندو ۽ آفيسرن، بيوروڪريٽن ۽ ڪامورن کي منٿ ميڙ ڪندو ته من ڪنھن جوان کي ڪا ڪچي پڪي بيلداري، مقدمي، ٽنڊيلي يا چوڪيداري جھڙي نوڪري ملي پوي. انھن خفن کان جيڪڏھن جھٽ به فرصت مليس ته سڄي شھر جي ميڊيڪل اسٽورن تي وڃي پڄندو ۽ انھن کان ڏڪار سٽيل ٿرين جي لاءِ مفت دوائن جي صدا ھڻندو. ميڊيڪل اسٽورن وارا به سندس سچائي ۽ ايمانداري جا شاھد ٿي ڪري نه فقط ڪيتريون ئي دوائون کيس مفت ۾ ڏيندا، پر وقت ڪڍي انھن جي استعمال جا طريقا به کيس ٻڌائيندا، جيڪي اچي ھو ٿرين ۾ ورھائيندو.
ڪجھ عرصو پوليس ۾ نوڪري ڪرڻ جي ڪري ڪيترن ئي پوليس وارن ۽ ڪامورن سان واسطا ھئس، غريب ٿرين جو ھڏڏوکي بڻجڻ خاطر انھن واسطن جو ڀرپور فائدو وٺندو ھو. ڪنھن غريب جي چوري چڪاري ٿيندي ته يڪدم اتي پھچندو، پوليس ۽ ٻين عملدارن جي مدد سان چوريون واپس ورائيندو ھيو. جيڪڏھن کيس ٿرين جو والي وارث چئجي ته ڪو به وڌاءُ نه ٿيندو.
ڪن حاسدن کيس عوام جي خادم بدران ڪولھين جو خادم چوڻ کان به ڪين ڪيٻايو، پر ان ۾ عيب به ڪھڙو؟ مسڪين ٿر جي جنھن علائقي ۾ ڄائو نپنو ان علائقي ۾ آھن ئي اسي سيڪڙو ڪولھي ته پوءِ انھن جي خدمت ڪرڻ ۾ ڪو عيب سُجھي؟ گھران نڪرندو ته مھينن جا مھينا واپس ڪو نه ورندو. غريبن جي خدمت مان فرصت ملي ته پنھنجي ذات ڏانھن ڏسي. ھن پنھنجي عمر جا اٽڪل ٽيتاليھ ورھيه انسانذات جي جيڪا خدمت ڪئي سا ڳڻڻ ۽ لکڻ کان وڌيڪ آھي. ۲۳ جولاءِ سن ۱۹۸۰ع تي نھايت مسڪيني جي حالت ۾ مسڪين جھان خان ھن فاني جھان کان، جنھن دردناڪ حالت ۾ موڪلاڻي ڪئي، اھا لکندي منھنجا ھٿ ڏڪن ٿا.

اياز علي لغاري ولد استاد لغاري، ڇپيل روزاني عبرت، هلال پاڪستان، سوڀ، جيجل ۽ مهراڻ ۾، اڱارو بتاريخ ۲۳ جولاء ۲۰۱۹ع تي، ليکڪ جي فيس بڪ وال تان کنيل.)

مسڪين جهان خان کوسو
[ ۱۹۰۹ع۱۹۸۰ع ]
ميمڻ عبدالغفور سنڌي
مارئيءَ جي ملڪ ”ٿر“ لاءِ محبت رکندڙ ۽ حب الوطنيءَ جو عديم النظير دنيا آڏو مثال پيش ڪندڙ، مسڪين جهان خان ولد بجار خان بن رئيس مير حسن خان (رئيس مير حسن، سنڌ پوليس ۾ انسپيڪٽر جي عهدي تي فائز هو؛ ۽ لاڙڪاڻي ۾ (۱۸۲۱ع ۾) شهيد ٿيو هو. [مسڪين جهان خان کوسو؛ محمد بخش ”مجنون“، ۱۹۶۷ع، صفحو ۲۸].) بن خانبهادر سردار خان بن شهيد شادي خان کوسو بلوچ، (بلوچن ۾ ”کوسا“ مشهور ذات ليکجي ٿي. هو سنڌ ۾ ڪلهوڙن سان گڏجي آيا هئا. وڏا جنگجو ۽ بهادر سڏجن ٿا. ڪلهوڙن جي زوال بعد (۱۸۷۲ع ۾) سنڌ ڇڏي مارواڙ ۽ ڪڇ جي صحرائي حصن ۾ ٺڪاڻا ٺاهي رهڻ لڳا. تتيءَ ٿڌيءَ جا عادي ۽ بهادريءَ جا بهترين جوهر ڏيکاريندي، ٿر ۾ پنهنجو ناماچار ڪڍيائون. ڏسو؛ Memoirs on the Thar & Parker -Capt: Stanley Napier Raikes: ۱۸۵۶, P.P۶۸) هڪ عظيم انسان ٿي گذريو آهي. سندس ولادت ۱۲ صفرالمظفر ۱۳۳۸هه مطابق ۹ جولاءِ ۱۹۰۹ع تي ننگرپارڪر ۾ ٿي هئي. ننڍپڻ کان ئي رحمدل، سلڇڻو ۽ ماٺيڻي طبيعت جو مالڪ هو.
”کوسا“ ۽ ”مسڪين“! سچ پچ ته متضاد صفتون آهن، ڇاڪاڻ جو کوسا، حالانڪ پئسي پنجڙ ۾ مسڪين (غريب) به ڇو نه هجن، بلڪ طبيعت ۾ هو مسڪين ٿي هرگز نٿا سگهن!! کوسا، کٽل ته به ”خان“ جي ڏک ڏيندا. پير ۾ جتي نه به هوندن، تاهم به جوش ۾ سيٽيل ضرور نظر ايندا. سندن گهر ۾ ڀل چار ڏينهن دانگي نه به چڙهي، مگر سندن ٻاهر ڳالهائڻ جو انداز اميراڻو پيو معلوم ٿيندو. وات جي کڙڪي ۾ هو اهڙا ته کرا آهن، جو اڳلو کين ائين سمجهندو، ته ”مڙسن جو شايد لک تي مٿو ٿو ڌوپي!!!“ مطلب ته کوسن جي ٻاهرين بناوت اهڙي ته ڀرجهلي ڏسڻ ۾ ايندي آهي، جو سندن اندر کوکلي هجڻ جي هوند کڙڪ به محسوس ڪري نه سگهبي آهي. مگر هت ته قصوئي انهيءَ جي برعڪس آهي، ته جهان خان جهڙو جوڌو جوان؛ جنهن کي پوليس جي ملازمت به ورثي ۾ مليل هجي، تنهن جي طبيعت ۾ ايتري قدر ته حسين امتزاج موجود ملي، جو سندس سيرت، بلوچن جو ناز بڻجي پوي. خدا ڄاڻي ڪهڙي اچي دل ۾ پيس؛ جنهن کان پاڻ کي ئي جوانيءَ ۾ ئي ”مسڪين“ سڏائڻ لڳو.
”مسڪين“، ۱۹۳۷ع کان ملازمت ترڪ ڪرڻ بعد، غريبن جي خدمت لاءِ پاڻ کي وقف ڪري ڇڏيو هو. ايتري تائين جو مهينن جا مهينا مسڪينن جي مدد لاءِ گهر کان ٻاهر رهيو. پوءِ ڀل ٻچا پيا سندس صورت لاءِ ترسن. سندس گهر موٽڻ جو سبب، مٽ مائٽ جو موت يا زوري غريبن جي گهيري مان کنڀي کڻي اچڻ هوندو هو. ورنه پاڻمرادو موٽڻ مشڪل هوس. پڇاڙيءَ ۾ هڪ ڊگهي بيماريءَ ۾ مبتلا ٿي پيو؛ جنهن ڪري ۹ رمضان المبارڪ ۱۴۰۰هه مطابق ۲۳ جولاءِ ۱۹۸۰ع تي وفات ڪيائين.
اڪثر هٿ ۾ گيڏيو (ٿري لڪڻ) هوندو هوس. مليشيا جو لباس سندس جسم جي سونهن سمجهبو هو. وٽس ”سماجڪ سڌار جذبو“ پڇاڙيءَ تائين قائم رهيو. پٺ پڌري اٿس. کيس زندگيءَ ۾ ته سک نصيب نه ٿيو، پر مرڻ وقت به سندس ڪو اوهي واهي نه ٿيو. ڄامشوري اسپتال ۾ (وارڊ ۶) لاوارثن جيان باقي حياتيءَ جا سج ڳڻيندي، آخري ۷۰ سالن جي عمر ۾ ”مسڪين“ موڪلايو. اها ڪيڏي نه قومي بي حسي آهي، جو برابر ٻه ڏينهن سندس لاش اسپتال جي سرد خاني ۾ پيو رهيو. آخر ڊاڪٽرن جي ذاتي دلچسپي، ٿرپارڪر جي انتظاميه تائين پهچائي، کيس سپرد خاڪ ڪرايو ويو. وٽس ورثي ۾ ۱۹۳۰ع کان روزانه اخبارن جا مڪمل فائيل رکيل آهن. کيس ”ٿرپارڪر جي گشتي تاريخ“ سڏجي ته بيجاءِ نه ٿيندو.
دنيا ۾ ڪيترا ئي قومي ڪارڪن، سوشل ۽ پبلڪ ورڪر ٿي گذريا آهن، مگر مسڪين کوسي جهڙا جذباتي ۽ جنون رکندڙ ورلي لڀندا. مسڪين، هڪ اعليٰ ۽ بهادر بلوچ خاندان جو چشم چراغ هو. ميراڻي دور ۾ سنڌ ۽ مارواڙ جي هڪ وڏي حصي تي کين حڪومت حاصل هئي. مسڪين کوسي جي ٿر لاءِ محبت انهيءَ اعليٰ ۽ ارفع دائري ۾ داخل ٿي چڪي هئي؛ جنهن ۾ مارئيءَ جو بي چين ۽ ڀٽڪيل روح ورهين کان وٺي ٿر جي ڀيانڪ ڀٽن جو واس وٺندو رهيو آهي. انهيءَ عفت ماب ۽ اعليٰ ڪردار، غيرتمند مارئيءَ جي روح کي يقياً تسڪين ڏني هوندي؛ جنهن سندس حب الوطنيءَ جي جذبي کي زنده جاويد رکڻ لاءِ ”مسڪين“ جهڙو مرد مجاهد، سندس ئي ڏاڏهي ڏيهه ۾ پاڻ پتوڙيو هو. انهن ئي نيڪين عيوض کيس ”ٿر جو گانڌي“ به سڏيندا هئا. ٿر ۾ رهندڙ اقليتي فرقا ته کيس ”پير“ ڪري سمجهندا هئا.


مسڪين جهان خان کوسو
الله جڙيو شاد/جهڏو
روپلي ڪولهيءَ جي ننگر پارڪر جي ڌرتيءَ جي هڪ ڳوٺ ۾ پيدا ٿيندڙ جهان خان کوسو جو شمار عظيم سماجي ڪارڪنن ۾ ٿئي ٿو. سندس وڏڙا پوليس جي نوڪري ڪندا هئا ۽ پاڻ به ۱۸ سالن جي عمر ۾ پوليس کاتي ۾ ڀرتي ٿيو پر جلدي ئي ڳوٺ جي وڏيري سان وڙهي پيو ۽ نوڪريءَ کي خير باد چئي، اچي غريبن جي ڪمن کي لڳو. بعد ۾ پاڻ کي جهان خان مان مسڪين جهان خان کوسو سڏائڻ لڳو.
مسڪين جهان خان اڪيلو هو ۽ اڪيلي ئي ڪشالا ڪاٽيائين. ان ۾ سندس عظمت ان ڪري به آهي، ته مسڪين کي ڪوڙا ڏَٽا ڏيئي، غريب ٿرين کان ووٽ وٺي ويندڙن تي ڀروسو ڪونه هو. ساڳئي وقت مسڪين ووٽ وٺي خدمت ڪرڻ واري راهه کي غلط سمجهيو. ڇاڪاڻ ته هن جي اکين اهڙا تجربا ڏٺا هئا، ته اختيار اچي وڃڻ سان نيت بدلجيو وڃي. انڪري هن ٻي ڪا واٽ نه ڏسي ٿر واسين جي خدمت جو بار پنهنجي ڪلهن تي کنيو ۽ هن ۴۵ سال انسانذات جي خدمت ڪئي.
مسڪين جهان خان کي تَر جي وڏيرن غُنڊا ائڪٽ تحت جيل اُماڻي ڇڏيو ۽ بنا ڪنهن سبب جي هن کي ٻه سال سزا  آئي ۽ هن هڪ سال سزا ڪاٽي آزادي ماڻي. مسڪين جهان خان کوسو ٿري هو، سندس رَڳ رَڳ ۾ ٿر رچيل هو، سندس جيئڻ به ٿر لاءِ ۽ مرڻ به ٿر لاءِ هو.
مسڪين جهان خان کوسو ڄڻ ته ٿر پارڪر جي گشتي تاريخ هو. هن سڄي حياتي ٿري ماروئڙن جا مسئلا نبيرڻ لاءِ پاڻ پتوڙيو ۽ پوري زندگي ٿرين لاءِ وقف ڪري ڇڏيائين. مسڪين جي ٿر لاءِ محبت جي اها انتها هئي، جو هو پنهنجي ههڙي برپٽ بيابان کي به جنت سمجهندو هو. ٿر ۾ ڪابه مصيبت آئي، ڏُڪار آيو يا ڪا بيماري وغيره منهن ڪڍيو، ته مسڪين جو سُک ڦِٽي ويندو ۽ ٿرين جي مصيبت کان آگاهه ڪرڻ لاءِ اختيارين کي ننڊ مان اٿارڻ لاءِ پيو ڪوششون ڪندو هو.
مسڪين جهان خان کي آمريڪا جي هڪ اداري طرفان سماجي خدمتن جي حوالي سان عالمي مڃتا طور انعام پڻ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو، جيڪو سندس پٽ جي معاشي حالت ڪمزور هئڻ سبب ملي نه سگهيو.
مسڪين جهان خان جي زندگيءَ تي هڪ ڪتاب پڻ ڇپرايو ويو آهي. آخري ڏينهن ۾ لاڳيتو بيماريءَ سبب هو ذهني توازن وڃائي ويٺو هو ۽ ڪنهن کي به ڪونه سڃاڻندو هو ۽ بيماريءَ سبب تمام گهڻو ڪمزور ٿي ويو هو، پر هي ظالم زمانو مسڪين کي بچائي ڪو نه سگهيو ۽ تڙپي تڙپي هو ۲۳ جولاءِ ۱۹۸۰ع ۾ سول اسپتال ڄامشوري ۾ اسان سڀني کان هميشه لاءِ جدا ٿي ويو.



مسڪين جهان خان کوسو
ٿر جو امر ڪردار
مير نادر علي ابڙو
ٿر جو نالو وٺڻ سان ذهن جي آغوش تي پراڻي يادن جي ڊائري جا ورق ڪنهن ماضي وانگي اچي بيهي رهندا آهن ۽ مون کي اياز جون اهي سٽون ياد پونديون آهن ته:
جت لڪ لڳي جتي اڪ پچن،
سو ديس مسافر منهنجو ڙي!
اڄ ۲۳ جولاءِ انهي ٿر ڄائي ڪارونجهر جي رکوالي مسڪين جهان خان کوسي جي ورسي جو ڏينهن آهي پر اسان سڀ معاشرتي تنگ نظري سبب کيس وساري ويٺا آهيون، ڪنهن کي ياد ڪونهي، ته ڪو اڄ ۲۳ جولاءِ تي مسڪين جهان خان کوسي جي ورسي آهي ۽ نه وري منهنجي ناليج تائين اهڙو ڪو سنڌ ۾ ڪٿي پروگرام رکيو ويو آهي، اها اسان جي ڪيڏي بدنصيبي آهي، جو اسان پنهنجي محسن کي وساريندي پراڻيون روايتون ڇڏيندي رڳو مفادن جي جنگ پويان پيل آهيون.
 مون کي ياد پوي ٿو ته جڏهن منهنجو والد ڪامريد تاج محمد ابڙو ميرپورخاص ضلعي جو ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج هو، ته انهي وقت مٺي ۽ عمرڪوٽ ضلعا ميرپورخاص سان سلهاڙيل هئا. ميرپورخاص ۾ رهندي والد ڪامريڊ تاج محمد ابڙو واتان خبر پيم، ته هن علائقي جو هڪ وڏو سماج سڌارڪ آهي جيڪو پاڻ کي مسڪين ٿو سڏائي. منهنجي والد مسڪين جهان خان کوسي جي حوالي سان کوڙ ساريون ڳالهيون ٻڌايون جنهن کي ٻڌڻ بعد دل ۾ خيال آيو ته مسڪين جهان خان کوسي  سان ضرور ملبو.
انهي نيت هيٺ ميرپورخاص ريلوي اسٽيشن لڳ موجود عثمانيه مسافر خانو جتي ٻڌو هيم ته مسڪين جهان خان  کوسو رهندو آهي اتي وڃڻ ٿيو، بعد ۾ خبر پئي ته پاڻ ننگر پارڪر ڏي ويل آهن. هوٽل تي ويٺل هڪ پيرسن سان مسڪين جهان خان کوسي جي حوالي سان حال احوال اورياسين ته هن هڪ کٽ ڏانهن اشارو ڪندي چيو ته اها کٽ مسڪين جهان خان کوسي جي حوالي ٿيل آهي. پاڻ سڄو ڏينهن اتي آرام ڪندا آهن ۽ وٽن ٿر مان لا تعداد ٿريا ڪم لاءِ ايندا آهن. پاڻ بغير ڪنهن لوڀ لالچ جي آفيسن ۾ وڃي انهن جا ڪم ڪرائي ڏيندو آهي. هن پيرسن ٻڌايو ته سندس سماجي خدمتن جي سبب هوٽل مالڪ مسواڙ به ناهي وٺندو.
 تنهن بعد بابا سائين جي ميرپورخاص مان بدلي ٿيڻ ڪارڻ مسڪين جهان خان کوسي ساڻ ملاقات جو خواب اڌورو رهيو پر سندس شخصيت جي حوالي سان جيڪي ڪجهه ٻڌو، تنهن کي ٻڌڻ بعد ذهن چڪرائجي ويو، دل ۾ اهو خيال آيو ته ڪو ٿر جهڙي پٺتي پيل وارياسي علائقي مان سنڌ جي ايڏي سڄي تاريخ ساز شخصيت به جنم وٺي سگهي ٿي.
جيڪر ٿر مان مسڪين جهان خان کوسي جو نالو ۽ ڪارونجهر جو پرچار ڪٽجي ته ٿر  ۾ باقي ڇا وڃي رهندو. مسڪين جهان خان کوسو بنيادي طور فقير صفت انسان هو، هن ٿرين جي هر قسم جي سار لڌي انهيءَ وقت ۾ جڏهن ٿر جي اندر پٽيل راڄ جو داٻو هو، مسڪين جهان خان کوسي کان غريبن جي حالت ڏٺي نه ٿيندي هئي هو انهن جي اکين ۾ آيل ڳوڙهن کي برداشت نه ڪري سگهندو هو، اهو ئي سبب هو جو جڏهن ٿر ۾  ڀيانڪ ڏڪار آيو ۽ ٿريا ماني ڳڀي لاءِ پريشان هئا، ته انهي وقت ۾ مسڪين جهان خان کوسي پنهنجا سمورا غم وساري پنهنجي سموري ملڪيت کپائي سمورو پئسو غريب ٿرين ۾ تقسيم ڪري ڇڏيو. جڏهن ته ان وقت ۾ مسڪين جهان خان کوسي جو شمار ٿر جي امير ماڻهن ۾ ٿيندو هو، مسڪين جهان خان کوسي جي سماجي خدمتن ۽ انسان دوست رويي سبب کيس آمريڪا جي هڪ تنظيم آمريڪن بايو گرافيڪل انسٽيٽيوٽ پاران مڃتا ايوارڊ ڏيڻ جو اعلان ڪيو، اهڙو اطلاع مسڪين جهان خان کوسي جي پٽ مسڪين بجر خان کوسي کي تنظيم جي اختيارن هڪ ليٽر ذريعي ڏنو پر هو غربت سبب آمريڪا نه وڃي سگهيو نه ئي ايوارڊ وصول ڪري سگهيو پر ان وقت جي عمرڪوٽ جي ايس پي سيد احسان شاهه راشدي پوليس جي پگهارن ۾ ڪٽوتي ڪئي ۽ مسڪين بجر خان کوسي کي ڏوڪڙ ڏنا، ته هو آمريڪا وڃي پنهنجي والد جو مڃتا ايوارڊ وٺي اچي، پر اهي به ڏوڪڙ آمريڪا وڃڻ لاءِ ناڪافي هئا. جڏهن ته انهي آڙ ۾ عمرڪوٽ جي چند سفيد پوش ماڻهن چندا پڻ ڪيا، جيڪي ڏوڪڙ مسڪين جهان  خان کوسي جي پٽ بجر خان کي نه مليا. بعد ۾ پريس ڪلب عمرڪوٽ جي اندر پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي مسڪين بجر خان کوسي چيو ته هاڻ هو ايوارڊ وٺڻ لاءِ ڪنهن جي آڏو هٿ نه ڦهلائيندو، پوليس واري ڊيوٽي کان رٽائرمينٽ وٺڻ بعد انهن پئسن مان آمريڪا وڃي مسڪين جهان خان کوسي کي مليل مڃتا ايوارڊ وٺي ايندو پر سپنو هن جو ساڀيان نه ٿي سگهيو. هو پوليس واري ڊيوٽي تان ته رٽائرڊ به ٿيو ته وري به ڏوڪڙن جي کوٽ ان لاءِ مسئلو بڻيل هئي.
 اڄ انهي ٿرين جي هڏ ڏوکي انسان مسڪين جهان خان کوسي جي ورسي جو ڏينهن ۲۳ جولاءِ آهي، پر وري به ڏک ان ڳالهه جو آهي ته اسان هن مهان انسان لاءِ ڪجهه به ناهيون ڪري سگهيا، هن جا خواب اڌورا رهجي ويا اڄ ٿر ۾ ٿرين جي نالي تي کوڙ اين جي اوز ڪم ڪن پيون پر اهي اهڙو ڪوبه انقلاب نه آڻي سگهيون، نڪو وري انهن اهڙو ڪو ٿرين کي شعور ڏنو آهي، جيڪو مسڪين جهان خان کوسي ڏنو هو. منهنجي سنڌ حڪومت کي اها وينتي آهي، ته ٿرپارڪر ضلعي ۾ هر ۲۳ جولاءِ تي مسڪين جهان خان کوسي واري  ورسي واري ڏينهن عام موڪل جو اعلان ڪيو وڃي ۽ سرڪاري طرح سان ٿرپارڪر ضلعي جي هيڊ ڪوارٽر يا ننگر پارڪر ۾ ورسي ملهائي وڃي، مختلف شخصيتن جن پنهنجي فيلڊ ۾ نانءُ ڪمايو آهي، تن کي مسڪين جهان خان کوسو ايوارڊ ڏنا وڃن ۽ مسڪين جهان خان کوسي جي نالي تي ٿر ۾ ڪاليج، يونيورسٽي، اسٽيڊيم ۽ ميوزيم وغيره قائم ڪيا وڃن. ائين ڪرڻ سان اسان دنيا جي اڳيان اهو چورائڻ جي لائق ٿي وينداسين ته اسان پنهنجن محسنن جي تهه دل سان عزت ڪيون ٿا.

(خبرون، سنڌو ڊائجسٽ، هلچل، عوامي آواز، مقدمو، سوڀ، هلال پاڪستان، سنڌ، مهراڻ، سنڌو، سڪار، عبرت، فيصلو، تعمير سنڌ)



مسڪين جهان خان کوسو

سنڌ جو هڪ کاهوڙي ڪردار

فقير حاجن نظاماڻي

رب سائينءَ جي هن دنيا ۾ ڪيترائي انسان اهڙا پيدا ٿيا آهن، جن پنهنجي زندگيءَ کي انساني ڀلائيءَ جو مقصد بڻايو. اهڙن نيڪ دل انسانن مان مسڪين جهان خان کوسو به هڪ هو. هو ۱۹ جولاءِ ۱۹۰۹ع تي ڳوٺ سامي ويري ۾ ڄائو، ۱۹۸۰ع ۾ وفات ڪيائين. مسڪين جهان خان کوسي جي شخصيت تي محمد بخش مجنون ڪتاب لکي عملي ڪردار ادا ڪيو آهي، جنهن سببان سندس شخصيت جي ڪم کي ساراهيو ويو، نه ته ڪا به خبر نه پوي ها. هن دلير شخصيت جهڙا ڪيترائي سنڌ جي ڌرتيءَ جا اهڙا جُوڌا، جوان پيدا ٿيا آهن، جن جا نالا نشان ڪنهن به واضح ناهن ڪيا، جن بنا لالچ جي عوامي ڪم ڪيا آهن، جيڪي خدا جي مخلوق سان محبت ۽ شفقت ڪندا رهيا، جن پنهنجي زندگي رب سائينءَ جي مخلوق کي ارپي ڇڏي، انهن ۾ حاجي اشرف ٿيٻو بدين وارو به آهي، جنهن جي زندگي تي ڪيترائي ڪتاب لکي سگهجن ٿا. هُن هميشه غريبن جي مدد ڪندي پنهنجي زندگي گذاري هئي. جيڪو مسڪين جهان خان وانگر ته نه هو، ڇو ته امير ماڻهو هو، ڪيترائي سؤ ايڪڙن جو زميندار هو، پر زندگي غريب ماڻهن جي حوالي ڪري ڇڏي هئي. غريبن جي نياڻين جون شاديون ڪرائڻ، اناج جي خيرات ٻارهن ئي مهينا ڪندو رهندو هو. اهڙن مثالي ڪردارن ۾ پير محمد جڙيل عرف جڙيو ڀٽ شاهه، جنهن جي ٻارهن سؤ ايڪڙ زمين هئي پر گهر ۾ جيڪي ڪجهه هوندو هو، غريبن کي ڏئي ڇڏيندو هو. گهر ۾ ڪڏهن ڪڏهن ويلا پئجي ويندا هئا، ان کان علاه گهوڙا به بنا کاڌي جي بيٺا هوندا هئا، پر مجال آهي جو محمد جڙي پير جو گهوڙو بک تي دانهن ڪري. ماڻهو ڳالهيون ڪندا آهن ته پير محمد جڙيو گهوڙن سان مخاطب ٿي چوندو هو ته اسان جي ماني پوءِ پهرين اوهان جي ڪُتر يا گاهه جو بندوبست ڪيو ويندو، پر دانهون نه ڪجو ته گهوڙا خاموش ٿي ويندا هئا. سوين مريد، سوين ايڪڙ زمين سان گڏ ڀٽ شاهه جي اهم شخصيت هوندو هو پر توڪل صرف رب سائينءَ تي هوندو هو. غريبن جي لاءِ هر وقت مددگار هوندو هو. ڪپڙن ۾ کيسو به نه هوندو هئس، جيڪي ملي رب جي راهه ۾ ڏيئي ڇڏيندو هو. اهڙن مثالي ڪردارن تي ڪم گهٽ ٿيو آهي. رئيس حاجي حيدر خان نظاماڻي به هڪ اهڙي ئي انمول شخصيت هئي، جيڪو ملڪان ملڪ مشهور هو. سندس سخاوت جي هاڪ پوري سنڌ ۾ ته هئي پر جڏهن حاجي حيدر خان نظاماڻي سعودي عرب حج جي سعادت ادا ڪرڻ ويو ته اُتي جي بادشاهي مهمان خاني ۾ سندس سخاوت جي ڪري رهايو هو. ڏينهن هجي يا رات مسافر اٺن وارا هجن يا ڪي وري مسافري وارا، انهن جي رهائش جو مڪمل بندوبست ٿيل هوندو هو. اسڪول جي لحاظ کان سندس ڳوٺ ڪرم خان نظاماڻي مشهور هو، حاجي حيدر خان نظاماڻي مهمان خاني ۾ هڪ سو کان وڌيڪ مسافر ٻاهر رهندا هئا، جن جي سار سنڀار حاجي حيدر خان نظاماڻي صاحب پاڻ ڪندو هو. غريبن جي مدد ڪرڻ تي خوشي محسوس ڪندو هو. مسافر شاگردن کي کاڌي پيتي کان وٺي ڪپڙا خرچي سندس ذمي هوندي هئي. ان کان علاوه به خرچي ڏيندو هو. استادن جي مڪمل رهائش به سندس ئي ذمي هوندي هئي. سندس ئي خاندان جي حاجي شفيع محمد نظاماڻي مدرسي کي ۽ اسڪول کي ٽي سو ايڪڙ زمين ڏني، جيڪي هن وقت تعليمي نظام کي وقف ڪيل آهن. جيڪا منصورا جي مدرسي کي زمين مليل آهي پر هنن عظيم شخصيتن کي محمد بخش مجنون نه ملي سگهيو، جيڪي هنن جي ڪردار کي اُجاگر ڪري سگهي.

ڀلي ڳالهه آهي جو محمد بخش مجنون، مسڪين جهان خان کوسي کي مليو، جنهن مٿس ڪتاب لکي هُن جي ڪردار کي محفوظ ڪيو. الغرض اهڙن مثالي ڪردارن بابت لکڻ گهرجي، جنهن جو رجحان اسان وٽ گهٽ آهي. ليکڪن کي پنهنجي اردگرد جي ماحول ۾ رهندڙ سخي مردن، بيباڪ ماڻهن جي تاريخ تي لکڻ گهرجي.

ڪي ٽي ڏينهن اڳ ميرپورخاص اجرڪ ڪلب ۾ مسڪين جهان خان کوسي جي ڪردار تي ٿيل سيمينار ۾ ڪافي دوستن اهم ڳالهيون ڪيون،ان جو ظاهري مثال هڪ آئون ڏيان ته مسڪين جهان خان کوسي جي ڏوهٽي علي بخش کوسي جي شرڪت ٿي پر ان کي ڪنهن سيڪشن جي صدارت نه ڏني ويئي هئي، جنهن جو مونکي ذاتي ڏک ٿيو. آئون پڻ ان سيمينار ۾ شريڪ ٿيو هئس. ان ۾ انتظاميه جو ڪو معاملو به ٿي سگهي ٿو پر جيڪا حقيقت آهي، اُها اوهان جي سامهون آهي. اسان تي هڪ ٺپو به لڳل آهي ته اسان مرده پرست آهيون، مرڻ کان پوءِ ڳالهين جي پرچار ڪجي ته ڪهڙو فائدو. آئون وري جس ٿيو ڏيان جيڪي ڪجهه نه ڪجهه ڪم ڪن ٿا، ڪي تنظيمون ته رڳو ڪاغذن جو پيٽ ڀرڻ ۾ پوريون آهن. هن سيمنار ۾ ڪافي ڳالهيون سکڻ لاءِ به مليون، پر اسان جي شوق جو صرف مقام پنهنجي پاڻ تائين نه هئڻ گهرجي. اسان جي سوچ غريب عوام لاءِ هئڻ گهرجي، جيڪي صرف الله جي سهاري انسان آهن، انهن انسانن جو به خيال رکڻ گهرجي. جيئن مسڪين جهان خان کوسو خيال رکندو هو. چون ٿا ته ريلوي اسٽيشن تي وڃي ويهندو هو، اُتي ايندڙ ماڻهن کان، انگ اکر پڇندو هو ته ڪيترا ماڻهو ڏڪار جي ڪري گس ۾ اوهان کي مليا هئا، ڪيترو مال اوهان مئل ڏٺو؟ اُهي انگ اکر گڏ ڪري، وري انهن مٿان آرٽيڪل لکي، عبرت اخبار ۾ شايع به ڪرائيندو هو. ڇا ته هي انسان هئا، غريبن جي مدد بنا لالچ جي ڪندا هئا. ماڻهن وري سياست جي حوالي سان سمجهي هن فقير صفت انسان کي جيل جو منهن به ڏيکاري هو، پر اهڙين ڳالهين جي هن فقير صفت انسان کي ڪا به پرواهه ڪانه هوندي هئي. ڇو ته پوليس جي نوڪري به خلقِ خدمت جي ڪري اڳ وڃائي چڪو هو. ڪيترائي سندس دشمن هئا، پر پنهنجي ڪم ۾ اڳي کان اڳرو هوندو هو. هر قسم جي متڀيد کان عاري هي فقير سدائين ميگهواڙن، ڀيلن جي مدد ڪندو به ائين ئي ڪندو هو، جيئن مسلمانن جي ساهتا ڪندو هو. هن دولهه دلير انسان کي جس هجي، پنهنجي حياتي ٿر جي غريب بي سهارا ماڻهن جي لاءِ ارپي ڇڏي هئي. ٿر سنڌ جو پسمانده علائقو ضرور آهي پر هتي ڪي اهڙيون شخصيتون ٿي گذريون آهن جن جي ڪم کي بلڪل وساري نٿو سگهجي. مسڪين جهان خان کوسو جون ڳالهيون ٻڌي مولانا جلال الدين رومي جي شعر جو مفهوم ياد اچي ٿو ته خدا جي طرف ڪيترائي رستا وڃن ٿا پر مون خدمتِ خلق وارو رستو اپنايو آهي. الله جي مخلوق سان پيار ڪرڻ ئي رب سائينءَ سان پيار ڪرڻ جو اظهار آهي، جيڪي ماڻهو رب جي مخلوق جي خدمت ڪن ٿا، انهن کي جيڪو سڪون رب سائينءَ نصيب ڪري ٿو، اهو دنيا جي ڪنهن به ڪرت ۾ نٿو ملي، نه بنگلا نه ماڙيون، نه لگزري گاڏين مان، نه ئي وري ڪنهن لذت واري ڪم ۾ اها ڪيفيت موجود هوندي آهي.

هڪ ڳالهه جي صلاح ضرور ڪندس ته مسڪين جهان خان کوسو جيڪو ڪم ڪيو آهي، انهيءَ ڪم کي مدِنظر رکندي ان جي مشن کي اڳتي وڌائڻ لاءِ سرڪاري طور ادارو سندس ئي نالي تي قائم ڪيو وڃي، جيڪي ٿري ماڻهن کي مشڪلاتون پيش ان وقت اينديون هيون، اُهي اڄ به آهن، پر مسڪين جهان خان کوسو ڪو به ڪونهي ڪو، امداد لاءِ ٻني ٻاري لاءِ غريبن جي سهائتا لاءِ هڪ جامع ادارو ڪم ڪري، جيڪي مقامي انتظامي نظام جي هيٺان هلي، جنهن سان غريبن جي مدد ٿيندي ۽ مسڪين جهان خان کوسو جو روح پرسڪون ٿيندو.

 

(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۲۳ فيبروري ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)



مسڪين جهان خان کوسو

ٿر جو مسيحا

ناشاد سمون

ٿرپارڪر جي ننگرپارڪر تعلقي جي هندستاني سرحد جي ويجهو ڳوٺ سامي جي ويري جي روايتي ٻروچ بجر خان کوسي جي گهر ۾ جنم وٺندڙ ان ٻالڪ جي باري ۾ ڪنهن ٿي ڄاتو ته کوسا خاندان جو هوندي پاڻ کي مسڪين سڏائيندو ۽ مظلومن، محڪومن، مسڪينن جو سهارو بڻبو، جيڪو ڏتڙيل ڏيهه واسين جي حقن لاءِ ڏاڍن سان ٽڪرون کائي ڪارونجهر جيئن ثابت قدم ٿي بيٺل رهندو، مسڪين جهان خان کوسو جنهن کي ٿر جا ماڻهو مسڪين جي نالي سان ياد ڪندا آهن، اهو هڪ شخص نه هو هڪ سماجي خدمت ۽ انساني محبت جو اهڙو ادارو آهي جنهن جي ڪردار جي وجو د کي دائمي بقا آهي ۽ تاريخ جي ورقن ۾ محفوظ اها ڪٿا آهي جنهن جي پڙهڻ کانسواءِ سماجي خدمت جي دعويٰ ڪرڻ پاڻي تي ليڪي برابر آهي، رڳو پڙهن ئي نه پر اپنائڻ جي به ضرورت آهي.

مسڪين جنهن قبيلي ۾ جنم ورتو ۽ روايتن کي ٽوڙي پاڻ مسڪين بڻيو اها اڻ ٿيڻي هئي، ڇو ته بقول محمد بخش مجنون جي “کوسو ۽ مسڪين، کوڙو ئي ڪو نه لڳي”، محمد بخش مجنون مسڪين جهان خان کوسي جي زندگي ۽ ڪردار تي بهترين ڪتاب لکيو آهي، جنهن پنهنجي ڪتاب ۾ لکيو آهي ته کوسو معاشي طور تي غريب ڀلي هجي پر ظاهري روپ ۾ اهو ئي رعب ۽ دٻدٻو هوندس. مسڪين انهن سڀني روايتن کي ڇڏي فقيري طبيت اختيار ڪندڙ پهريون شخص هو، جنهن ٿر جي ڏکن ماريل ماروئڙن سان اها محبت ڪئي جيڪا صدين تائين نٿي ميسارجي سگهي، جن جي جيون ۾ هر اڀرندڙ سج جا پهريان ڪرڻا وڏيرن ۽ رئيسن جي اوطاقن ۾ ٻهاريون ڪڍندي ۽ ٿاڻن تي ڪاٺيون ۽ پاڻي پهچائيندي اکين تي پوندا ها، ۽ هر شام سڄي ڏينهن جي سخت ڪاڙهي ۾ ڪڙهي ٿاڻن ۽ وڏيرن جي بيگرون ڪرڻ کانپوءِ ڪچي ۽ ڪکائين جهوپڙي جي اداس اڱڻ ۾ جهڪيل ڪنڌ سان ڇنل کٽ تي سليماني چانهه جا گرم ڍڪ ڀريندي مس گذرندي هئي ته شام ٿيڻ سان پوليس وارا صوبيدار جي آيل خاص دوستن جي گهوڙن جي تيمارداري ڪرڻ لاءِ گهر جي گهٽي تي اچي سڏيندا هئا ۽ ائين انهن غريبن جون ڪيئي راتيون به ٿاڻن ۾ گهوڙن جي چاڪري ڪندي گذر ٿي ويندوين هيون، جڏهن ٿر سڀني سهوليتن کان محروم ۽ جدتن کان وانجهيل هو ۽ تعليم جو تناسب نه هئڻ برابر هو، شعور جو ڏڪار هو، غريب ٿر واسي وڏيرن رئيسن ۽ پوليس جي رحم ڪرم تي هئا، اظهار جي آزادي لاءِ چپن تي مهرون مڙهيل هيون، ڪڇڻ ڪافر ٿيڻ برابر هو ۽ محافظن هٿان مسڪين ماڻهن جو بي ڏوهه گرفتار ٿيڻ ۽ وڏيرن رئيسن جو چوڻ نه مڃيندڙ ٻي معني ۾ ونگارون نه وهندڙن جي بدن تي پوليس جي لٺين جو وسڻ عام هو ۽ ۽ ان ظلم ۽ ناانصافي جي روڪٿام لاءِ ڪنهن جو آواز جو اٿڻ به مشڪل هو ته ان وقت ڪنهن مسيحا جونه اچڻ به اڻٽر هو، اهو ئي وحشتن ۽ ظلمتن جي دور هو، جڏهن مسڪين پوليس جي نوڪري کي لت هڻي اچي غريبن مظلومن سان گڏ بيٺو ۽ سندن حقن جي آواز ۾ هم آواز ٿيو مسڪين جي ٿر ۽ ٿر واسين سان محبت ۽ سماجي خدمتن کي ڪنهن ماپ ۽ پيماني جي ضرورت ئي ناهي هن ته پنهنجو پاڻ انهن ڌڪاريل ماڻهن ۾ سمائي ڇڏيو هو ۽ انهن جي ڏکن دردن کي پنهنجو درد سمجهي ورتو هو، سندن سڀني انساني حقن جي لتاڙ ۽ پلئه پوندڙ بي واجبين جي کيس بخوبي خبر هئي، مسڪين جهان خان کوسو انهن مسڪينن لاءِ ڄڻ ته مسيحا هو، جنهن محبت ۽ آٿت جو ڇانورو آڙهر بڻيل زندگين لاءِ پناهه جيئن هو.

مسڪين جو هڪ هڪ ٿر جي تتل ريت تي پيرين پنڌ ڪيل ڊگهو سفر ڪنهن ٺلهي هام هڻدڙ نام نهاد اين جي اوز جي وڏي پراجيڪٽ کان مٿي آهي، هن ته انيڪ ٺار ٺريل ڏيل ڏڪائيندڙ سرد راتيون ميرپورخاص جي فوٽ پاٿن تي غريب ٿر واسين سان گڏ گذاريون مسڪين ٿر جي ماروئڙن جي مسئلن جي حل لاءِ ڪيئن ڏينهن رات ڪوششون ڪندو هو ۽ ڪهڙي رٿابندي تحت مختلف شعبن ۾ ورهائي رکندو هو، ان سڄي ڪٿا کي هڪ ته وڏڙا ٻڌائي سگهن ٿا، جن جي دلين ۾ اهي ڏينهن اڻ وسرندڙ ياد بڻجي سمايل آهن، ٻيو محمد بخش مجنون جي ڪتاب مسڪين جهان خان کوسو جي صفحن ۾ پڙهي سهگجي ٿو.

مسڪين وٽ مذهب، ذات ۽ رنگ نسل جي فرق کان بلڪل فراريت هئي ۽ ڪائنات جي ڪل رنگي ۽ انساني ڀائپي برابري واري سوچ هئي اهو ئي سبب هو جو ڏاڍن جي ستايل مظلوم ڪولهين جا ولر مسڪين جي پويان هوندا هئا ۽ هي ڪنهن ديومالائي ڪردار جهڙو شخص ميرن ڪپڙن ۾ (گيڏيو) ننڍڙي لٺ هٿ ۾ اخبارون، مسئلن بابت درخواستون ۽ ڪورن ڪاڳرن جون ڀريون ڪڇ م کنيو سرڪاري آفيسن جا چڪر پيو ڪاٽيندو هو ۽ ٿر کان هر ايندڙ ويندڙ کان پيو پڇندو هو ته ٿر ۾ ڏڪار جي صورتحال ڪيئن آهي امدادي ڪاراويون ڪيئن پيون هلن، ٿر واسين جو حال ڪيئن آهي؟ مسڪين ٿر جي سماجي ۽ شعوري تبديلي لاءِ جيڪو خواب ڏٺو هو ته يا جنهن مقصد لاءِ جدوجهدو ڪئي هئي اها هڪ تاريخ آهي ۽ تاريخ ڪڏهن به تاريڪ ناهي ٿيڻي مسڪين زندگي جو وڏو عرصو ننگرپارڪر شهر ۾ گذاريو، ننگرپارڪر شهر ۾ مسڪين ۽ سندس خاندا ن جو ڪو هڪ به پلاٽ ناهي.!

اڃا به ٿر جي ٻهراڙي انيڪ مسئلن ۾ جڪڙيل آحي ۽ وحشتن جي وات ۾ اڃا ڪات اچي نه سگهيو آهي، بااثر وڏيرن رئيسن سياسي ڌرين جي قبضا گيري قائم آهي، ۽ مسڪين جا مسڪين ماروئڙا موت جهڙي حالتن ۾ حياتي جا زهر ٿيل پل گذارن ٿا، اڄ به پوليس ۽ پٽيلن جو اهو ئي ڳٺ جوڙ آهي، ۽ مظلومن سان اها ئي ڪار ڪئي وڃي ٿي اڄ نه تپيدار پنهنجي مرضي سان سرڪاري حڪم نه هئڻ باوجود ٻيڻون ڍلون لاپا ۽ رشوتون وٺي وڃن ٿا، ڇا اڄ مسڪين هجي ها ته ماٺ رهي ها ڪڏهن به نه.

دنيا جي نامياري ناول نگار هيمنگوي لکيو آهي ته سج اڀريو۽ لهي ويو، مسڪين جهان خان کوسو به ايئن سامي جي ويري جي ڪنهن ڀٽ جي اوٽ مان سج جيان اڀريو ۽ لهي ويو، پويان ڪو به ڏيئو ناهي جيڪو ذري برابر به روشني جي جرئت ڪري ۽ ٻاٽ جي ٽڪساٽ کي ٽوڙڻ لاءِ وک وڏائي اڄ جڏهن ان عظيم انسان جي ابدي وڇوڙي جو ڏينهن آهي. هونئن تہ پوري سنڌ جي آدرشي ماڻهن جي مسڪين سان محبت ۽ عقيدت وڏو اعزاز آهي پر آمريڪا ۾ ڪنهن اداري طرفان مسڪين جهان خان کوسو کي سماجي خدمت جو ايوارڊ ڏنو ويو پر سندس فرزند ڪسمپرسي جي ڪري آمريڪا وڃي اهو ايوارڊ وصول نه ڪري سگهيو.!

 

(ناشاد سمون جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۲۳ جولاءِ ۲۰۲۲ع تي کنيل)


 

مسڪين جھان خان کوسو

ٿر جو گانڌي - ۲۳ جولاء ورسي جي ڏهاڙي تي کيس پيار ڀري ڀيٽا

پروفيسر ستار سومرو

ٿر، اسان جي ڀلاري ڀونءِ، وادي مهراڻ جي سون ورني ڌرتئ جو اهو خطو رهيو آهي جتي هميشه سڪ، محبت، پيار امن ۽ آشتتي پلبا آهن. جنهن خطي جون خاص نشانيون لک عزتون ڏيڻ، سادگي ۽ سچتيائيءَ ۾ پاڻ حوالي ڪري ڇڏڻ، آئي جو کلي دل سان آڌرڀاءُ ڪرڻ اڻ ڄاتل مهمان کي به دل ۽ روح جي سمورين سچاين سان جيءَ ۾ جايون ڏيئي رهيو آهي. جتان جا سادڙا، سٻاجھڙا، اٻوجھڙا، ڪوجھڙا، ماروڙا، اڪيلڙا، گھيلڙا، سانگئڙا، ماروئڙا، ڏوٿيئڙا، جھانگيئڙا، جن جا گھرڙا، پکڙا، جھوپڙا، اجھڙا، ته ڪبوترن جي کڏن جيا ننڍڙا هوندا آهن. پر انهن جون پيار ڪندڙ دليون ڌرتي ۽ آسمان جيان وسيح ۽ ڪشاديون هونديون آهن. جيڪي هزارين سالن کان وٺي پنهنجي تهذيب، ثقافت، علم، ۽ ادب، تاريخ ۽ ٿر جي ڀنل ڀٽن جا وارث ۽ محافظ آهن. جيڪي پنهنجن عزتن، غيرتن، لڄن ۽ ننگن جا رکوالا ۽ سنڀاليندڙ آهن.

اهو ئي سبب آهي جو لطيف جي شاعريءَ جا پورا ٽي سر، سرمارئي، سر ڏهر ۽ سر سارنگ ٿر تي ئي رچيل آهن جن ۾ ٿر ۽ ٿري ماڻهن جي اٿڻي ويهڻي، رهڻي ڪهڻي، ريتن رسمن جي خوبصورت انداز ۾ ترجماني ٿيل آهي.

ان ٿر جا خوبصورت منظر ۽ حسين نظارا ڏسڻ کان پوءِ خوابن ۾ به ايندا آهن خاص ڪري جڏهن ملهار وسندو آهي ته ٿر ڌرتيءَ جي جنت ڪشمير بڻجيو وڃي. ٿر جي مهڪندڙ مٽيءَ مان ساوا گاهه ڦٽي نڪرندا آهن پوءِ ته ٿر سڄو سرسبز ۽ شاداب ٿي ويندو آهي. چوڏس ساوڪ ئي ساوڪ پکڙي پئي هوندي آهي جيڪا دماغ، دل، ۽ روح کي تازگي بخشي ڇڏيندي آهي.

روهيڙي جا رنگ برنگي ساوا، پيلا ۽ سونهري گل ٻوٽا ۽ وليون به ڪنهن ٿر جي ناريءَ جي جوڀن جي موهيندڙ اٿل جيان ڦٽي پوندا آهن جن مٿا من موهن ٿي پوندو آهي. ٿر جا هاري ناري همرچو جھڙا گيت ڳائي خوشي منجھ جھمريون پائيندا آهن، تاڙو به تنواريون آهي، تتر تيز اڏارون ڪندي نظر ايندا آهن ته مور به پنهنجا سهڻا پر کولي مستن جيان رقص ڪندو آهي.

ان ٿر کي وڏو شرف اهو به حاصل آهي ته اتان جي مهڪندڙ ۽ تاريخي سر زمين مان ڪيترن ئي تاريخ ساز انسانن جنم ورتو آهي جن پنهنجي ڏات، ڏانءُ، فن فڪر، عقل ۽ فهم ذريعي پنهنجي پاڻ ملهايو آهي ۽ هن نڌڻڪي قوم جو ڦٽل نصيب سنوارڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي آهي ۽ اتان جي مظلوم ۽ محڪوم قوم جي بي غرض ۽ بي لوث خدمت پڻ ڪئي آهي.

ان ٿر جي خوشبو ۽ کستوري ڏيندڙ مٽيءَ مان سانگھڙ جھڙي قومي ۽ انقلابي ناول جي خالق اديب ۽ ڏاهي محمد عثمان ڏيپلائي جنم ورتو آهي ته مشهور ڊراما نويس ۽ اديب عبدالقادر جوڻيجي به جنم ورتو آهي. سنڌ ۽ سيد جي فڪر جي عاشق سياستدان ۽ دانشور عبدالواحد آريسر جنم ورتو آهي ته ڪميونسٽ پارٽي جي اڳواڻ ڄام ساقي به جنم ورتو آهي.

ٿر جي ڪوئل، لوڪ گيتن جي راڻي مائي ڀاڳي جنم ورتو آهي ته شاهه لطيف جون جھر جھنگ وستي واهڻ وايون جھونگاريندڙ (سرتيون اوهين ته وڃوڙي وڃو لا، منهنجو ته ليک لڪن سين) موهن ڀڳت به جنم ورتو آهي. سنڌ جي قومي سورمي جنهن انگريزي کي ٽوٽا چٻائي ڇڏيا ۽ رازن تان پردو نه هٽائڻ جي ڪري پنهنجن ڏندن سان ئي پنهنجي زبان کي چچرڇڏيو هو. اهڙي اڙٻنگ، بهادر ۽ قومي اڳواڻ روپلي ڪولهي به هن ئي ڀونءِ مان اکيون پٽيون، ان کان علاوه شاهه لطيف جي قومي سورمي مارئي پڻ ان ئي مٽيءَ جي پيداوار آهي جيڪا عزت، عصمت، غيرت، حب الوطني ۽ محبت جو اوچو مينار آهي جنهن جا نرالا مثال اڄ به دهرايا ٿا وڃن.

اهڙي ڪارونجھر جي ڪور ۽ مارئي واري ٿر مان هڪ انتهائي مسڪين ۽ غريب شخص پيدا ٿيو، جيڪو هنج ۽ مور جھڙو صپيارو، اٻوجھ ۽ پيڙهيل طبقي جي ماڻهن جھڙو سادو ۽ سٻاجھو، بيواهن، مجبورن، لاچارن، محتاجن، غريبن ڏکويلن، ستايلن، ڏتڙيل، مظلوم ۽ محڪومن جو محسن ۽ همدرد انهن جي ڏکن ۽ سورن جو ويڄ ۽ مسيحا، ساري ٿر جو خير خواه، جنهن ٿر کي خوشحال ڪرڻ لاءِ رات ڏينهن پئي سپنا ڏٺا.

کاهوڙڪي کيتوريءَ جھڙن عظيم ڪردارن جھڙو بيباڪ، اڏول مضبوط ۽ بهادر مسڪين جھان خان کوسو به هڪ آهي. مسڪين جھان خان لاءِ محمد بخش (مجنون ) پنهنجي ڪتاب مسڪين جھان خان کوسي لاءِ محمد بخش مجنون پنهنجي ڪتاب مسڪين جھان خان کوسو ۾ لکي ٿو ته (ڪرڙوڍ، قد درميانو، جسم جو جانٺو، موڪري ماٺيڻي منهن تي سفيد سهڻي چاپونئي سونهار اڇي جھڙي ٻوهه، مٿو اڪثر اگھاڙو، ڪڏهن ڪڏهن سياري ۾ ملڻ واري برقعي ٽائيپ ٽوپي يا اونهاري ۾ کجيءَ واري مولائا ڀاشاني ٽوپي، مليشا جا ڪپڙا، سي به ميل ۾ڪچ کٽي، هڪ دفعو پائڻ کان پوءِ سج کٽي يا ٻج کٽي پاڻيهي ڳري سڙي پنهنجي جان ڇڏائين ته واهه نه ته ٻيو ٿيو خير. ساڄي ڪلهي تي پٺارڪ ڪتابن ۽ اخبارن جي کاٻي ڪڇ ۾ ٻه ٽي سير اخبارن جو پلندو ۽ ان سان گڏ ٻاوريءَ جو گيڌيو هٿ ۾ مس ڪپڙي کڙيون ڀڄي ويل، سپاٽا ٿي ويل سليپرن سان کرت کرت ڪندو مٽيءَ جي اڻ مئي که اڏائيندو ٿرين جا ولرن جا ولي پويان لاَ يوَ ڪنهن نه ڪنهن آفيس ڏانهن واڪيندو ڪو ماڻهو ڏسو ته پڪ سمجھو ته اهو مسڪين جھان خان کوسو آهي. )

مسڪين لاءِ شيخ اياز به پنهنجي جيون ڪهاڻيءَ ؛ڪٿي ته ڀڃو ٿڪ مسافر؛ ۾ لکي ٿو ته؛ مسڪين جھان خان کوسو ست درجا سنڌي پڙهيل هو، هو خود مصنف نه هو ۽ هن جي سوانح حيات هڪ مختيارڪار محمد بخش مجنون؛ پنهنجي مخصوص انداز ۾ لکي آهي، پر مسڪين جي نسبت به فقط (خاڪ) سان نه هئي، پر عالم پاڪ سان به هئي، جي انسانذات جي بي لوث خدمت رنگ نسل، قوميت ۽ مذهب جو خيال رکي نه ڪئي وڃي ۽ ماڻهو سان دک درد ڪنهن مطلب بنا ورهايو وڃي ته ان کان بهتر عبادت ٻي ڪانه آهي ۽ انسانيت لاءِ احترام کان وڌيڪ ٻي ڪا وڏي عظمت جي نشاني نه آهي، بين الاقومي سطح تي الرٽ شوائييزر ۽ قومي سطح تي مسڪين جھان خان اهڙا ماڻهو آهن، جن جي زندگي جي لانگ مارچ مائوءَ کان بنهه مختلف آهي، انهن ڪنهن کي ڏک نه ڏنو آهي، فقط سٺو آهي،

مسڪين اعلي گھراڻي ۽ بهادر حاڪماڻي خاندان مان هڪ هو، جنهن خاندان سنڌ جي ماروڙ جي هڪ وڏي علائقي تي ميرن جي بادشاهي تخت سوين سالن تائين حڪومت ڪئي. پاڻ ڪلهوڙن صاحبن جي حڪومت کان وٺي سنڌ ۾ رهائش پذير هئا. سندن سنڌ ملڪ ۾ پنهنجون جاگيرون هيون، ڪلهوڙن جي پوئين حڪمرانن سان تڪرار ٿيو جنهن ڪري کين پنهنجو ملڪ ڇڏڻو پيو، وري جڏهن ميرن جي صاحبي ٿي ته انهن سان گڏ حڪومت ڪرڻ لڳا.

ننگر پار جي ڳوٺ سامي ويريءَ ۾ مسڪين جھان خان کوسو جو جنم ٿئي ٿو، جتان جا ٻه ڌنڌا مشهور هوندا هئا، هڪ پوليس جي نوڪري ۾ ٻيو چوري، اتان جا ماڻهو تقريبن پوليس ۾ ملازم يا چور هوندا هئا. مسڪين جو ڏاڏو مرحوم رئيس مير حسن خان به سنڌ پوليس ۾ انسپيڪٽر هو، جيڪو لاڙڪاڻي ۾شهيد ٿيو هو. مسڪين جو والد بزرگ رئيس بجار خان پڻ سنڌ پوليس ۾ جمعدار هو، جنهن نوڪري پوري ڪري رٽائرڊ ڪيو هو، اهو ئي خاص سبب هو جو مسڪين به پنهنجي اباڻي روايتن کي برقرار رکيو ۽ پوليس ۾ ئي ڀر تي ٿيو. سندس شروع کان ئي آزادانه ۽ فقيراڻه طبيعت هئي، جو ايڏانهن آمائده ٿي نه سگھيو، سندس حساس ۽ درد مندانه دل پوليس جا غريبن مٿان ڪيل ظلم، زور زبردستيون سمجھي نه سگھي. اهڙي ماحول مان جان ڇڏائڻ خاطر ڪافي بهانا پئي ڳولهيائين، نيٺ وڃي ڪنهن سان تڪرار ڪري نوڪري کان آزاد ٿي غريبن ۽ مسڪينن جي ڪمن ۾ ائين گم ٿي ويو جو پنهنجي وجود کان به بي خبر رهندو هو، نه لٽي ڪپڙي سان ڪو چاهه رهيس نه ئي کائڻ پيئڻ سان ڪا دلچسپي، مطلب ته پنهنجا سمورا مفاد وساري ذاتي خواهشون ۽ ذاتي گھرجون ڦٽيون ڪري خلق خدا جي خدمت ۾ ائين جنبي ويو جو ڄڻ ته ڄائو ئي انهن لاءِ هو، گھران نڪرڻ کان پوءِ گھر به تڏهن موٽندو هو جڏهن ڪو مرڻو پرڻو ٿئي نه ته مڙيئي خير. مسڪين پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪڏهن به آرام جي خواهش جو اظهار نه ڪيو. ڪڏهن به سک جوساهه نه کنيائين. بس تتي ٿڌي ڪاهه ڪانهين ويل ويهڻ جي واري فڪر جي ويٽ وٺي رهندو هو.

اهو کاهوڙي جو پيرين پنڌ ڪندي مسڪين ڪڏهن به ٿڪو نه هو، هڪ ڪم ختم ڪري ٻي ڪم جي شروعات ڪندو هو. مسڪين کي اندر ۾ هڪ درد هو، محبت هئي پيار هو، جيڪو هُو ٿر ۽ ٿري عوام سان ڪندو هو، دردر دانهين ٿيندو، ڪڏهن ڪتابن جا ڪتاب چورائي اختياري واري ميمبرن ۾ ورهائيندو هو ته ڪڏهن اخبارن ۾ وڏا وڏا بيان ڇپرائيندو هو ته ڪڏهن ڪورٽن ۽ ٿاڻن جا چڪر لڳائي انهن کي پنهنجون تجويزون ڏيندو هو ته من ڪو ٿر جو اوهي واهي نڪري پئي ته. جيئن ٿر مٿان ڏولائيءَ جا ڏينهن ڏور ٿين ۽ ساڻيهه سک جو ساهه کڻي. مسڪين جي وڏي ۾وڏي خوبي اها هئي ته مسڪين نه ته ڪو سياسي ماڻهو هو ۽ نه ئي ڪنهن سياسي جماعت سان واسطو رکندو هو، پر مسڪين انسان دوست هو، بلڪه ائين چوان ته مسڪين خود هڪ پارٽيءَ جو نانءَ آهي، هڪ فرض شناس اداري جو نانءَ آهي.

مسڪين الله پاڪ جو نيڪ ۽ پرهيزگار بندو ۽ بزرگ شخص هو، هن کي هميشه ٻه ڪتاب گڏ هوندا هئا، هڪ قران پاڪ ۽ ٻيو شاهه جو رسالو، اتان بخوبي اهو اندازو لڳائي سگھجي ٿو ته انهن ٻنهي عظيم ڪتابن جو مسڪين جي طبيعت تي ڪيڏو نه اثر رهيو هوندو، مسڪين علي الفجر، صبح صادق ٿيڻ سان ئي خلق خدا جي خدمت ۾ لڳي ويندو هو، مسڪين جي ڪم جي شروعات روزانو ريلوي اسٽيشن کان ٿيندو هئي، اتان جي ماڻهو جا مسئلا ٻڌي وس وارن تائين پهچائيندو هو، مسڪين ٿرين جون پاڻ درخواستون لکي سرڪار تائين کڻي ويندو هو، پنهنجا مطالبا منظور ڪرائڻ لاءِ مقامي ليڊرن سان حال اوريندو هو، باقي جيڪڏهن ڪو ٽائيم بچندو هو، مفت اسٽور تائين پهچندو هو، اتان مفت دوائون آڻي بيمارن کي ڏيندو هو.

شابس آ انهن اسٽور وارن کي جيڪي سوين روپين جون دوائون مسڪين کي مفت ۾ ڏيندو هئا، اهو سڀ ڪجھ مسڪين جي سچائي ۽ ايمانداريءَ جو نتيجو هو، انهن سڀني ڪمن کان فارغ ٿي جڏهن مسڪين گھر ايندو هو ته گھر وارا چوندا هئس ته پاڻي گھر ۾ گھڻو آهي، تون تڙ تڪڙ ڪري ڪپڙا لاهي ڏي ته ڌوئي وٺئون.

مسڪين جو کين اهو جواب هوندو هو ته آئون ڪپڙا ڌورايان ۽ گھر ۾ ويهي رهان ته منهنجا مسڪين ٿري ته رلي ويندا. انهن جو مون کان سواءِ ٻيو ڪير آهي. اهڙو خلق خدا جي خدمت جي انهيءَ جذبي تحت مسڪين ميرو رهڻ به قبول ڪندو هو. مسڪين جي اها سچائي، سادگي ۽ ٿرين سان بي انتها محبت جي ڪري سندس هڪ قدر شناس دوست کيس (ٿر جو گاندي) ڪري سڏيو آهي ڇو ته مسڪين جون حڪمت عمليون گانڌيءَ جھڙيون ئي هيون. بلڪه ان کان به ٻه چار وکون اڳتي سياست ۾ نه سهي پر غريبن ۽ مسڪينن جي بي لوث خدمت ۾ مسڪين گانڌيءَ کي ته ماري ويو آهي. گانڌي پنهنجي غريب نوازي ڏيکارڻ لاءِ وڌ ۾ وڌ دهلي جي هڪ ڀنگي ڪالونيءَ ۾ رهندو هو پر مسڪين ويچارو اٺئي پهر ڪولهين جي واهڻن ۾ گذريندو هو. ماني به پنهنجو پاڻ پچائي کائيندو هو. گانڌي پنهنجي پويان کوڙ ساري ملڪيت ڇڏي هوندي پر مسڪين هڪ ٽيڊي پائي به نه. مسڪين پنهنجي پنجاهه سال واري عمر ۾ سڀ ڪجھ ختم ڪري ڇڏيو. گانڌي جيڪڏهن جيلن جون سختيون سٺيون آهن ته مسڪين به جبلن ۾ گذاريو آهي.

 مسڪين جي ايڏين خدمتن جي ڪري ٿر ۾ايڏي وڏي کيس ئي اهميت ملي هئي. ماڻهو مسڪين کي ته پوڄيندا هئا.

 ڪولهي مسڪين کي ته (اوتار) ڪري تسليم ڪندو هئا. مينگھواڙن جو ته اهو عقيدو ته مسڪين پير پٿوري جو نئون جنم آهي. ڀيلن وٽ مسڪين جهان جي ٽانيءَ جودرجو رکندو هو. ڪي اڇوٽ اهڙا به آهن جيڪي مسڪين کي عقلمندي منجھان چوندا هئا ته ( مسڪين) تم هي همارا ڀگوان هو.

 اهي ته آهن انهن جا رايا، جن مسڪين جيئري ڏٺو ۽ سمجھيو. مان مسڪين جهان خان کوسي کي جڏهن پڙهيم حيران ٿي ويم ته ههڙو شخص به ٿر جي مٽيءَ مان پيدا ٿيو آهي! اتان مان اهو اندازو لڳايو آهي ته جنهن شخص پنهنجي ٿر جي اٻوجھ، مسڪين ۽ غريب عوام ۾ سماجي شعور سياسي سجاڳي ۽ بيماري جو انقلاب آندو جنهن پنهنجي سر تي ڪيتريون ئي تڪليفون ۽ سختيون سهي ڪري ڏک ڏاکڙي کڻي خلق خدا جي خدمت ۾ پنهنجي ساري ڄمار حوالي ٿو ڪري ڇڏي. اهي انسان صدين پڄاڻان پيدا ٿيندو آهي. جيڪو انسان جي درجي کان فرشتو بڻجيو وڃي.

 اهڙا خلق خدا جي خدمت ڪندڙ مسڪين جي واقعي ڪهڙي ڳالهڙي ڪجي جيڪو کير ٿر ۽ ڪارونجھر جيان وڏو ۽ اڏول ماڻهو هو، جنهن جي ڪور تي پهچڻ لاءِ اسان کي مسڪين جي فڪر جي واٽ اسان کي وٺڻي پوندي، جيڪا واٽ اسان جي انسانيت جو صحيح گس ۽ رستو ٿي ڏيکاري، جنهن تحت اسان ڪڏهن به اوجھڙ ڪين پونداسين. مسڪين جھڙا موتي مڻيادار ما ڻهو اسان کان جسماني طور ته ڌار ٿي سگھن ٿا، پر روحاني طور ڪڏهن به نه. اهي فرشتا صفت ۽ ناياب انسان هن جھان ۾ عارضي زندگي جو سفر گذاري پنهجو دائمي مقام ٺاهي پنهنجون نه وسرندڙ يادون اسان وٽ ڇڏي هليا ويندا آهن، جيئن شاهه لطيف چيو آهي ته؛

لاهي حاج هتان ويا مارو ٿر اڪري،

الله عبداللطيف چئي ٿي ته وڃي ٿر ٿيا،

رهجي ڳڻ ويا ڪي مارو جا ملير ۾!

 

(ستار سومرو جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۲۳ جولاءِ ۲۰۲۲ع تي رکيل/ کنيل)


 

مسڪينن جو مسڪين جهان خان

واگهومل ميگهواڙ

ٿر جي ڀرڀانگ ڀٽن کي پار ڪندي، پارڪر جي ڪنڌيءَ تي آباد ننڍڙي ڳوٺ سامي جي ويري جا اهي تڙ، اهي ويڙها ۽ وستيون ڪيڏيون نه خوش قسمت آهن، جن جو سمورو ماحول ئي فطرت جي سونهن سان سلهاڙيل آهي. اتر ڪنڌي واري جي ڀٽن جون اڻ کٽ قطارون، ڏکڻ طرف ڪڇ ۽ ڏکڻ اولهه طرف ڪارونجهر جون ڪورون، اهڙي ئي حسناڪ علائقي ۾ ۱۹۰۹ع ۾ جنم وٺندڙ جهان خان کوسو ڪنهن ڄاتو هو ته وڏو ٿي هو مسڪين بڻجي ويندو. سندس جيون ساگر جو سفر ٿر جي ڀڙڀانگ ڀٽن جي اڙانگن سفرن، ڏولاون ۽ پنڌ جي پيچرن ۾ پورو ڪندو، جيڪو مسڪين پاڻ مسڪينن سان آخري گهڙين تائين اڙانگي سفر ۾ ساڻ رهيو ٿر جتي لڪون لڳن، اڪ تپن، ڏوڪار جا ڏولاوا، اهڙين ڏکيائين جي ڏيهه جو هي ماڻڪ موتي نوجوان پوليس سپاهي ۱۹۳۷ع تان استيعفٰي ڏئي غريبن ۽ مسڪينن جي ڏک کي پنهنجي سمهي کڙيو (ڳوٿري جنهن ۾ کاڌي پيتي جو سامان کڻجي) ڪلهي تي کڻي ڏکن جي سفر جو ساٿي ٿيو، تڏهن ڪنهن به ڄاتو نه ته اها هستي ڏتڙيل سماج لاءِ هڪ رول ماڊل ڪردار طور سامهون ايندي. سامان جي ڳوٿري ڪلهي تي ۽ اخبارن جا بنڊل بغل ۾ کڻي، ڏڪار جي حالت ۾ روينيو جي آفيسن ۾ لهي پوندو هو. ڪٿي ڪو غريب اڃ ۽ بک وگهي مئو، ڪٿي ڪنهن مسڪين کي راشن نه مليو، پاڻ پيٽ بکئي وڃي سرڪاري ڪامورن ۽ عملدارن جي پٺيان پوندو هو. سندس سفر راتين جون راتيون ڏينهن جا ڏينهن اڻ کٽ ۽ سسئي جي ڪردار وانگي اڙنگو هوندو هو.

ڏکوئلن جي ڏيهه جو اهو شخص غريبن لاءِ ڇا! ڇپر ڇانوءُ هو. کيس ملندڙ ٻاجهري جي ماني هجي توڙي، ٻاجهري جي رٻ لسي هجي توڙي کي پر سڀ کان پهرئين هو غريبن ۽ مسڪينن کي ورهائي ڏيندو هو. ٿر ۾ چوپائي مال جي چوري چڪاري ۽ پٽيلن جي ڪردار کان چڱي طرح واقف هو، ڪٿي به شل ڪنهن غريب جي ڪا به ٻڪري چوري ٿئي وٽس پهچي ويندو هو ۽ چورن وٽ پهچڻ تائين دير نه لڳندي هئس سردين توڙي گرمين ۾ غريبن لاءِ سفر ڪندڙ اهو شخص سرڪار توڙي وقت جي حڪمرانن کان لاوارث ٻڻيل علائقي ٿر لاءِ ڄڻ ڪو والي هو. هن لاءِ ماروئڙن ۽ مڪينن جا اهنج پنهنجا هوندا هئا. هو بنا متڀيد ۽ بنا فرق جي پوري ٿر جي هر مسئلي کي پنهنجو سمجهي ڪامورن جي پٺيان لڳي ويندو هو. جيسئن وڃي مسئلو حل ٿئي تيستائين ساهه نه پٽيندو هو. وڏيرن جي ڪرتوتن ۽ پوليس جي ڪردار جو اصل مخالف هي پوڙهو جُهور شخص جنهن سندس مال متاع غريبن لاءِ وقف ڪري ڇڏيا، سماج سڌارڪ جي اهڙي ڪردار کي اسان نه صرف ٿر جو وهائو تارو چئي سگهون ٿا پر هن کي اسان سماج جو املهه هيرو به چئي سگهون ٿا. اهڙو هيرو ڄامشوري جي پٿريلي علائقي واري اسپتال ۾ هن سماج جي بي حسي جي ڪري ڪيتروئي وقت بيماري جي بستري رهيو پر ڪنهن به سندس سار نه لڌي ۽ آخرڪار ۲۳ جولاءِ ۱۹۸۰ع ۾ ڪارونجهر جي هنج واري شهر ننگرپارڪر ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.

سندس سماج لاءِ ڪيل خدمتون هميشه لاءِ امر رهنديون. اهڙي ئي ڪردار ۽ خدمتن جي مڃتا تي کيس مرڻ کانپوءِ يو ايس اي جي بايواگرفيڪل انسٽيٽيوٽ طرفان گولڊن ڪارڊ آف اچيومينٽ ايوارڊ سان نوازيو ويو. سندس نالي تي ننگرپارڪر ۾ هڪ لائبريري پڻ قائم آهي.


 

مسڪين جھان خان کوسو

ڪارونجھر جو اڏول ۽ ديومالائي ڪردار

دولترام کتري

چون ٿا ته دنيا جا ليجنڊ ڪردار گهڻو ڪري انھن علائقن مان جنم وٺندا رھيا آهن جتي دک درد بک ۽ افلاس جو اگھاڙو راڪاس راڄ ڪندو آهي. سنڌ جي صحرائي علائقي ٿر ۾ بجرخان کوسو جي گھر ۾ جنم وٺندڙ “سامي ويري” جي ڀٽن تي بابنبڙا پائيندڙھن ٻروچاڻي ٻار کي تاريخ ھڪ اھڙي موڙ تي بيھاريو جيڪو اڳتي ھلي ھو مسڪين ۽ غريب ماڻهن جو آواز بڻجي ويو. پارڪري ڪولھين جي ھن“ديومالائي ڪردار”کي سنڌ جي تاريخ “مسڪين جھان خان” جي نالي سان ياد ڪري ٿي. سنڌ جي ھن کاھوڙي ڪردار پنهنجي سموري ڄمار رضاڪارانا طور بي سهارا ۽ بي پهچ ماڻهن جي خدمت ڪندي گذاري.

۹ جولاءِ ۱۹۰۹ع ۾ سامي ويري ۾جنم وٺندڙ مسڪين جھان خان کوسي جو شجرو شھيد شادي خان کوسي سان ملي ٿو جيڪو ننڍي کنڊ جو ھڪ“ مزاحمتي ڪردار ”ھو شادي خان کوسو مسڪين جو تڙ ڏاڏو ھو جنھن جي نالي پويان ننگر پارڪر ۾ کوسن ھڪ وڏو پاڙو “شادياڻي پاڙو ” موجود آهي. مسڪين جھان خان جاوڏا پوليس کاتي ۾ نوڪري ڪندا رھيا آهن. مسڪين کي پڻ ۱۹۲۷ ع ۾ ۱۸ سالن جي عمر ۾ پوليس کاتي ۾ نوڪري ملي ھئي. ۱۹۷۰ کان پوءِ سامي ويري جا کوسا اتان لڏي ننگرپارڪر ۾ آبادي ٿيا ھئا. گول مھانڊو سانورو رنگ ھلڪي ڏاڙھي مٿي تي اڇي ٽوپي ھٿن ۾ ڪاغذن جا دستا کنيل سماجي خدمتن جو شوق رکندڙ ھي اڙٻنگ شخص جڏهن پارڪر جي ڳوٺن ۾ نڪرندو ھو تڏهن ھن جي سادگي ۾ غريب ماڻهن سان محبت پئي بکندي ھئي. ھوٿر جي راڄ ڀاڳ ۾غريبن (خاص طور تي پارڪر جي ڪولهين) جو ڀرجهلو هو تڏهن ته پارڪر جا ڪولهي چوندا هئا. ته “مسڪين مارو ديوتا سي. ” پارڪر جي، علائقي جا اھي ڪولهي اڄ به مسڪين کي ساريندا رھن ٿا. ٿر جي هن انسان دوست ڪردار، انهي دور ۾ بي سهارا ۽ بي پهچ ماڻهن جي خدمت ڪرڻ شروع ڪئي هئي. جڏهن ٿر ۾ روڊ رستا ڪو نه هئا، ڪچا رستا هئڻ ڪري، ٿر ۾ سواري جي سهولت تمام گهٽ هوندي هئي. ٿر جي ڳوٺن ۽ شهرن تائين اڪثر ماڻهو اٺن تي سفر ڪندا هئا. ڪجهه ڳوٺن ۽ شهرن تائين ڇڪڙن جي سواري هوندي هئي، انهي دور ۾ ميڊيا به ڪاترقي ڪونه ڪئي هئي. ماڻهن جي هڪ ٻئي تائين رسائي به ڪو نه هئي، اھڙي دور ۾ مسڪين جهان خان ٿري ماڻهن جي هڙان وڙان مدد ڪندو ھو، جيڪڏهن ڪومقامي پٽيل وڏيرو ڪنهن غريب ڪولھي يا مسڪين ٿريي سان ظلم ڪندو ھوته مسڪين انھي مظلوم سان گڏ بيھندو ھو.

پوليس ۾ نوڪري ھوندي به ھو بي پهچ ماڻهن جو ڀرجهلوٿيندو ھو ۽ ماڻهن کي درخواستون لکي ڏيڻ ۽ غريب ماڻهن جا مسئلا سرڪاري دفترن ۽ اخباري ادارن تائين پهچائڻ واري ڪم ۾ پنهنجو ڪرداراداڪندورھو. مسڪين جھان خان غريبن جي مدد ڪرڻ کي پنهنجو آدرش سمجهندوهو. جڏهن پارڪر جامقامي وڏيرا پٽيل ۽ پوليس جا عملدار مسڪين ڪولھين تي ظلم ڪندا هئا تڏھن ھو مظلوم ڪولھين سان گڏ بيھندو ھو ۽ ھو وڏيرن خلاف آواز اٿاريندو ھو اھا ڳالھه مقامي وڏيرن ۽ پٽيلن کي تمام گهڻي ڏکي لڳندي ھئي. مقامي وڏيرا ھن کي ھيسائڻ لاءِ مختلف حربا استعمال ڪندا ھئا. ھڪ دفعي جي ڳالهه آهي ته ننگرپارڪر کان بيراجي علائقي ڏانھن ويندڙ ڪولھين جي ھڪ قافلي کان مقامي پوليس رشوت گھري نه ڏيڻ جي صورت ۾ پوليس ٿاڻي تي انهن ڪولھين خلاف ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو. جڏهن اھا خبر مسڪين جھان خان کي پئي تڏهن ھو ڪولھين سان گڏ بيٺو ۽ پوليس جي اعليٰ عملدارن خلاف آواز اٿاريو. مسڪين جي ھن احتجاج کان پوءِ مقامي پوليس عملدارن ۽ وڏيرن ھن کي تمام گهڻو تنگ ڪيو، نيٺ ھن تنگ ٿي۱۹۳۷ ع ۾ پنهنجي نوڪري تان استعفيٰ ڏئي ڇڏي بعد ۾ ھن پنهنجي سماجي ڪم کي جاري رکيو. مٺي ۾ ھو چاچي رتن مالھي جي ھوٽل تي ترسندو ھو ۽ اتي وڃي ٿڪ ڀڃيندو هو، ٽي چار ڏينهن ڪشالا ڪڍي جڏهن هوميرپورخاص پهچندو هو، تڏهن هو ريلوي اسٽيشن لڳ قائم“عثمانيه مسافر خاني” ۾ رھي ضلعي جي سرڪاري دفترن ۾ وڃي اتي ماڻهن جا مسئلا حل ڪرائيندو هو. انھن ڏينهن ۾ اولڊ ٿرپارڪر جو ضلعي ھيڊڪوارٽر ميرپورخاص ھوندو ھو. ٿر ۾ جڏهن ڏڪار پوندا ھئا ته ھي کاھوڙي شخص بالا آفيسرن سان خط ڪتابت ڪندو ھو ۽ ڏڪارن جا احوال ميڊيا ۽ اخباري دفترن تائين پھچائيندو ھو. ۱۹۷۷ع ۾ جڏهن ڪامريڊ تاج محمد ابڙو اولڊ ٿرپارڪر ايٽ ميرپورخاص ضلعي ۾ سيشن جج ٿي آيوهو، تڏهن مسڪين جهان خان کوسو، ڪامريڊ تاج محمد ابڙي وٽ به ٿر جي مظلوم ماڻهن جامسئلا کڻي ويندو هو ۽ اتي ڪامريڊ مسڪين جهان خان کوسي کي ڀر ۾ ويهاري انهي جا مسئلا ٻڌندو هو ۽ ٿرين جي مسئلن کي حل ڪرائڻ ۾هو مسڪين جهان خان کوسي جو ساٿ به ڏيندو هو. انهن ڏينهن ۾ مسڪين جهان خان کوسو حيدرآباد وڃي ٿر جي ماڻهن جي مسئلن ۽ درد ڪهاڻين جون خبرون پڻ اخباري دفترن تائين پهچائيندو هو. حيدرآباد جي اخباري دفترن ۾ ھومحمد عثمان ڏيپلائي سان لھه وچڙ ۾ ايندو ھو. حيدرآباد ۾ ڪڏهن ڪڏهن ھو فوٽ پاٿن تي پڻ رھي پوندوھو. ھن وٽ ڪڏهن ڪڏهن ڀاڙي۽ ماني جا پئسا پڻ ڪونه ھوندا هئا. سماجي ڪمن ۾ ھن پنهنجو پاڻ کي ارپي ڇڏيو هو. مطلب ته مسڪين جهان خان ٿر جي وجود جو هڪ اهڙو واس هو، جنهن پنهنجي سماجي خدمتن عيوض “انساني دوستي” کي ترجيح ڏئي پنهنجو پاڻ ارپيو ۽ بنا ڪنهن لوڀ لالچ ۽ بنا ڪنهن مذهبي فرق جي ھوٿر جي مسڪين ماڻهن جي رضاڪاراڻا طور خدمت ڪندورهيو. مسڪين جي زندگي جا آخري ڏينهن ڪسمپرسي واري حالت ۾ بيماري جي بستري تي گذريا ھئا.

ٿر جو ھي مسيحائي ڪردار ۲۳ جولاءِ ۱۹۸۰ع ۾ وفات ڪري ويو. اڄ تاريخ جي ھن ديومالائي ڪردار جي ورسي جو ڏھاڙو پڻ آهي پر ڪنهن به سماجي اداري ھن جي ورسي ملھائڻ لاءِ ياد ناھي ڪيو. مسڪين جي وفات کان پوءِ مسڪين جھان خان جي سماجي خدمتن عيوض آمريڪا جي ھڪ اداري پاران “گولڊن ڪارڊ آف اچيومينٽ ايوارڊ ”پڻ ڏنو ويو ھو. جڏهن ته ۲۰۱۵ع ۾ تعليم کاتي سنڌ مسڪين جھان خان جي ڪردار کي سامهون رکندي ننگرپارڪر جي ھائير سيڪنڊري اسڪول کي مسڪين جھان خان کوسي جي نالي سان منسوب ڪيو ويو ۽ تازو ثقافت کاتي سنڌ پاران ننگرپارڪر ۾ ڪلچرل ڪامپليڪس جي ميوزيم کي پڻ مسڪين جھان خان جي نالي سان منسوب ڪيو ويو آهي. سنڌ ۾ هن وقت ۾ سماجي خدمتن جو هڪ وڏو فقدان نظر اچي رهيو آهي. جيڪو سماجي ڪم مسڪين جهان خان، رضاڪارانه طور ڪندو هو. اهو ڪم اڄ جا دوست لکين روپيا پگهارون کڻڻ جي باوجود به نٿاڪري سگهن. وقت جي دز ۾ اسان جا آدرشي ڪردار پڻ وڃائجي ويا آهن. مسڪين جهان خان ٿر جو انسان دوست ۽ آدرشي ڪردار هو، مسڪين جهان خان جهڙن ماڻهن جو وڏو ظرف بنا ڪنهن لالچ جي سچائي ۽ ايمانداري سان ڪم ڪرڻ هو. سندس زندگي جو مقصد انسانيت جي خدمت ڪرڻ شامل هو. هن وقت سنڌ کي مسڪين جهان خان کوسي جهڙن انسان دوست ڪردارن جي ضرورت آهي.

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۲۳ جولاءِ ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)

 




مسڪين جهان خان کوسو

ٿري مفلس پر مخلص شخص

ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ

“مسڪين جهان خان کوسو” عنوان وارو ڪتاب مجنون بلوچ لکيو آهي، جو پاڻ روينيو کاتي ۾ مختيارڪار هو پر کيس ادب سان دلچسپي رهي ۽ سندس لکڻ جو نوع نرالي هئڻ ڪري لکيل مضمون پڻ وڻندڙ آهن. هن ڪتاب کي پسند ڪرڻ ۽ اُن مٿي تنقيدي، تاثراتي ۽ تعريفي مضمون جن شخصيتن لکيا، انهن ۾ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، شيخ عبدالحليم جوش، ڊاڪٽر شيخ ابراهيم خليل، مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي، لطف الله بدوي، قاضي عبدالمجيد عابد، احمد خان آصف مصراڻي، ڪريم بخش خالد، نجم عباسي، حميد سنڌي، م.ع ڏيپلائي ۽ ٻيا شامل آهن. ڪيترين اخبارن ۾ هن ڪتاب جي تعريف ۾ ڪالم آيا، جنهن سان اهو مختصر ڪتاب ڪافي مقبول ٿيو ۽ يونيورسٽيءَ جي نصاب ۾ پڻ مقرر ٿيو، جو انهيءَ کان اڳ هن قسم جو سوانحي احوال موجود نه هو. ليکڪ جي حسن بيان ۽ حسن انتخاب هن ڪتاب کي نه فقط مشهور و معروف ڪيو پر رائيٽرس ڪلب جو انعام يافته ڪتاب پڻ قرار ڏنو ويو ۽ هڪدم ڪتاب جو ٻيو ڇاپو ڇپيو، جنهن ۾ اهي رايا ۽ مضمون پڻ شامل ڪيا ويا، جيڪي مٿين ليکڪن هن ڪتاب تي لکيا هئا.

”مسڪين جهان خان کوسو” ڪتاب هڪ ٿري مفلس پر مخلص شخص جي حياتيءَ جو زوردار ۽ اثرائتو عڪس آهي. هيءَ سوانح فقط ڄم ۽ موت جي رسمي تاريخ ۽ زندگيءَ جي سلسليوار بيان جي ڪٿا نه آهي، بلڪه ليکڪ هن ڪتاب ۾ مسڪين جهان خان جي دلي جذبن، پنهنجي ڏتڙيل ٿرين جي ڏکين حياتين تي آب هاريندڙ اکين کي فوٽو گرافر جيان چٽيو آهي. ننگرپارڪر تعلقي جي ڳوٺ سامي ويري ۾ ۹ جولاءِ ۱۹۰۹ع تي کوسن جي خاندان ۾ جنم وٺندڙ، جهان خان فطري طور مسڪين طبع پر اندران فولاد هو. سندس پيءُ رئيس بجار خان پوليس ۾ صوبيدار هو ته چاچو پڻ پوليس ۾ هو. کيس پڻ گهر وارن پوليس ۾ ڀرتي ڪرايو پر هو پوليس کاتي جي ظلمن ۾ غريبن کي تڙپندو ڏسي نه سگهيو ۽ نوڪري ڇڏي سڄي حياتي غريبن جي خدمت کي ارپي ڇڏيائين. هيءُ بلوچ بهادر ۽ نڊر هو. انهيءَ ڪري ڪنهن به بالا آفيسر سان ملڻ ۾ ڪڏهن به حجاب نه ڪندو هو. بلڪه کين ڳولهي وڃي لهندو هو ۽ پنهنجي هٿ ۾ ٻڌل فائيل جنهن ۾ ڳوٺاڻن جي سورن جا داستان هوندا هئا (يعني مختلف مسئلن جون درخواستون) سي آفيسرن جي اڳيان پيش ڪري سادن سودن ٿرين جا ڪم ڪرائيندو هو، بغير ڪنهن اُجوري ۽ محنت جي. ڏڪار جي ڏينهن ۾ ڊوڙ ڊڪ ڪري ٿرين لاءِ اناج ۽ ٻين سهولتن جو بندوبست ڪندو هو. حڪومت کي ٿر لاءِ تعميري تجويزون لکي درخواستون موڪليندو هو ته ڪتابچا ڇپرائي اختياريءَ وارن ڏي موڪليندو هو. هن نه ڪڏهن سردي جي پرواهه ڪئي ۽ نه ڪڏهن گرمي جي. فائيلن جا انبار کڻي آفيسن جي در در تي رلندو هو ۽ تيستائين سڪون سان ڪونه ويهندو هو، جيستائين اهو ڪم ٿي نه وڃي.

جمال ابڙو پنهنجي آتم ڪٿا ۾ ٿر ۱۹۳۳ع ۾ وڃڻ جو ذڪر ڪندي لکيو آهي ته، “مسڪين جهان خان بلڪل فقير منش، ننڍي سفيد ڏاڙهي، درخواستن جي پٺارڪ ڪلهي تي، کيس سڻس پئجي ويئي ته چار چڱا اچي بنگلي تي لٿا آهن، سو هليو آيو ملڻ، تمام ڳنڀيرتا سان ٿر ۽ ٿرپارڪر جا مسئلا بيان ڪرڻ شروع ٿي ويو. ڏک، بک، سال جون بيماريون، نانگ بلائن جي علاج لاءِ دوائن جي اڻ هوند، کڻي پڇوس ته پوءِ ڇا ڪم ڪجي؟ ته هڪدم پٺارڪ لاهي ان بابت درخواستون پيو ڪڍي ڏيکاري، جيڪي اڳيئي بالا اختياري وارن کي ڏنيون هئائين. اسان کي عرض رڳو اهو آهي ته ان جي پوئواري ڪجو. بالا عملدارن کي ڪن کڻائجو. هڪ عجيب آسماني انسان هو، جو ٿر جي واريءَ مان اڇي کنڀيءَ وانگر ڦٽي نڪتو هو. ٿر ۽ ٿر واسين لاءِ سندس هڏ ٿي ڪم ڪيو. اهڙو عجب انسان جو ڪو ديوتا هو يا اوتار يا ڪو ولي الله. مون حيدرآباد جي ڪمشنر عبدالله ميمڻ کي چيو ته تنهنجي ڊويزن ۾ ٻه وڏا ماڻهو رهن ٿا، انهن جو خيال رکجانءِ، هڪڙو استاد منظور علي خان ۽ ٻيو مسڪين جهان خان کوسو. لک احسان جناب محمد بخش مجنون صاحب جا جنهن مسڪين جهان خان جي شخصيت تي هڪ نهايت چڱو ڪتابڙو لکي ڇپائي ڇڏيو ۽ اهو ڪيئن به ڪري پڙهي ڇڏڻ گهرجي. ناياب هوندو.”

مون وٽ هن ڪتاب جو ٻيو ڇاپو موجود آهي، جو جميل پبليڪيشن ميرپورخاص وارن ۱۹۳۹ع ۾ شايع ڪيو. پهريون ڇاپو ۱۹۳۷ع ۾ ڇپيو هو. ۱۳۲ صفحن جي هن ڪتاب ۾ ۸۸ صفحن تائين پهرين ڇپيل ڇاپي جي باري ۾ تبصرا آهن ۽ ۸۹ کان ۱۳۲ تائين صفحن ۾ مسڪين جهان خان جو ذڪر آهي.

محمد بخش مجنون، مسڪين جي طبع جي باري ۾ لکي ٿو ته، “کوسو” ۽ “مسڪين”؟! کوڙو ئي ڪونه ٿو لڳي، کوسو پئسي پنجڙ ۾ کڻي مسڪين هجي پر طبيعت جو مسڪين ڪڏهن به ٿي نٿو سگهي. کوسو کٽل ته به خان آهي، جُتي نه آهي ته به جوان آهي. گهر ۾ ڀل، ٽي ڏينهن دانگي به نه چڙهي هجيس، پر ٻاهر کوسو، اهڙي مخرج سان ڳالهائيندو ۽ اها ڏيکاري ڏيندو جو اڳلو سمجهندو ته مڙس ڪو لک تي مٿو ڌوئي آيو آهي.“

اڳيان لکي ٿو ته، “مسڪين نه رڳو هڪ درويش صفت ۽ درويش سيرت بزرگ آهي مگر هڪ بلند اخلاق ۽ نڊر بلوچ پڻ آهي.” اهو به لکيو اٿس ته مسڪين جي ٿر لاءِ محبت پڻ، انهيءَ اعليٰ ۽ ارفع دائري ۾ داخل ٿي چڪي آهي، جنهن ۾ مارئيءَ جو بيچين روح، ورهين کان وٺي ٿر جي ڀيانڪ ڀٽن ۾ ڀٽڪندو رهيو آهي. انهيءَ عفت ماب ۽ اعليٰ ڪردار مارئيءَ جي روح کي اڄ يقينن تسڪين هوندي ته سندس حب الوطنيءَ جي مشن کي زنده جاويد رکڻ لاءِ مسڪين جهڙو مجاهد سندس ئي ڏاڏاڻي ڏيهه ۾ پاڻ پتوڙي رهيو آهي.“

”سرمائيدارن جي اکين ۾ مسڪين هميشه ڪنڊو ٿي چڀندو رهندو آهي. انهيءَ ڪَک جي ڪانيءَ ڪڍڻ لاءِ، وڏا ڪي وس ۽ حيلا هلائيندا آهن، آخر ۱۹۵۳ع ۾ اندريان ٻاهريان جانٺا هڻي، وارو ڪڍي مسڪين کي غنڊا ائڪٽ جي ڪارروائي ۾ اڙائي، کڻي دسي وڌائون مسڪين غريب کي، ٻه سال سخت پورهئي سان سزا ملي، ٻارنهن مهينا جيل ۾ رهيو.“

ليکڪ موجب مسڪين جهان خان جي انهيءَ گرفتاري سڄي سنڌ ۾ ٿرٿلو آڻي ڇڏيو. ڪيترن اخبارن ليک لکيا، قومي ۽ صوبائي اسيمبلين تائين سندس گرفتاريءَ جا احوال ويا. وڏن وڪيلن سندس وڪالت ڪئي. هاءِ ڪورٽ ۾ رٽ پٽيشن داخل ٿي ۽ هو ضمانت تي آزاد ٿيو، پوءِ به سندس ويهه شنوايون ٿيون، جيڪي هُن سامي ويري کان ڪراچيءَ تائين سُڃ جي ثمر تي ٿرن جي ڀٽن ۽ ريل جي سفرن سان ڪيون.

ٿر جي ڪولهين، مينگهواڙن مطلب ته هر ڪنهن سان رهائيندو هو. ڪولهي ته سندس محبوب قوم رهي، جو اهي سندس وانگر محنتي ۽ جفاڪش آهن. هو ٿرين جي ڪيترن مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ ڪوشان رهندو هو ۽ ان ۾ ڪامياب پڻ ٿيو. هر ننڍي وڏي مسئلي کي لکت ۾ آڻيندو هو پين ۽ مس ڪپڙي گڏ گڏ ئي هوندا هئس. پنهنجيءَ هڙ ۾ هر شيءَ رکندو هو. سندس پويان ٿرين جا ولرن جا ولر هوندا هئا. پنڌ هلڻ کي ترجيح ڏيندڙ رهيو. سندس کاڌو صفا سادو ۽ اڪثر بکئي پيٽ هوندو هو. ڪٿي به زمين تي ڪنڊ ۾ سمهي رهندو هو. کيس پنهنجي ذات لاءِ ڪوبه شوق نه هو. نه هو سياسي ماڻهو هو ۽ نه ئي علمي ۽ ادبي پر سندس سماجي خدمتن کيس سڀني جو محبوب بنايو. سندس شاندار سماجي خدمتن جو اعتراف آمريڪن بايو گرافيڪل انسٽيٽيوٽ ۱۹۹۳ع ۾ کيس عالمي ايوارڊ لاءِ نامزد ڪيو. پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ ٻنهي ملڪن جي بارڊرن تي پاسپورٽ ۽ ويزا سسٽم جا معاهدا اڃان ڪونه ٺهيا هئا ته چوري چڪاري وڌي ويئي. بارڊرن جي ٻنهي طرفن جا ڳوٺ خالي ٿيڻ لڳا. انهيءَ وقت مسڪين ميدان ۾ لٿو ۽ هڪ اهڙو ڪارنامو سرانجام ڏنائين، جنهن سان سندس واهه واهه ٿي ويئي ۽ هن “بين المملڪتي” حيثيت ماڻي. سندس ڳوٺ سامي ويري پاڪستان جو بارڊر ۽ ٻاکاسر هندوستان جي بارڊر جي آفيسرن جون ميٽنگون انهيءَ وقت جي مختيارڪار عبدالغفور آرائين ۽ صوبيدار عبدالله خان بروهيءَ جي حاميءَ سان ڪرايائين ته جيئن امن امان قائم ٿئي ۽ ان ريت چوري ٿيل مال پڻ ڀاڳين کي واپس وٺرايائين ۽ ائين ماهوار ميٽنگون منعقد ٿينديون هيون. ٻنهي ملڪن جي بارڊرن تي آباد ڳوٺن ۾ امن امان قائم ٿيو ۽ عوام جي چورن ۽ ڌاڙيلن جي آزار مان جند ڇٽي. هو پنهنجا ڪک ڇڏي لڏڻ کان بچي ويا. اهو سندس وڏو ڪارنامو آهي. مطلب ته هن سوانحي ڪتاب ۾ مسڪين جهان خان کوسي جي نيڪ نيتي، درياهه دلي، عاجزي، همٿ، محنت، خلوص، پنهنجي تر جي ماڻهن سان گڏ سڄي انسانيت جو ڀلو چاهڻ ڏسيل آهي. اهو ڪتاب هن نيڪ دل انسان جي حياتيءَ ۾ ڇپيو. کيس وڏي مڃتا ملي. نيڪي ڪڏهن به ضايع نه ٿيندي آهي.

مسڪين جهان خان جون خدمتون ٿر جي عوام کي هميشه ياد رهنديون. هن عظيم انسان ۲۳ جولاءِ ۱۹۸۰ع تي ڄامشوري ۾ وفات ڪئي. سندس جسد خاڪيءَ کي ڪارونجهر جي هنج ۾ دفن ڪيو ويو.

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۲۳ فتيبروري ۲۰۲۴ع تي ڇپيل)

2 comments: