سر غيبي خان چانڊيو
ايشيا جو حاتم طائي نواب
غلام مصطفيٰ سولنگي
هن حويليءَ جي اڱڻ تي ويٺي ننڍڙي ٻار علي نواز خان پنهنجي امڙ کي چيو
ته “آئِي! منهنجي دل چاهي ٿي ته ماڻهو مون کان ڪجهه گهرندا رهن ۽ مان کين ڏيندو رهان.
مون کي بخشيش ڏيڻ ۾ جيڪو سُڪون ملي ٿو، تنهن جي رڳو مون کي ئي خبر آهي”.
هي ماڙيون هي محل ۽ هي غيبي ديرو شاهد آهي ته ننڍڙي علي نواز خان ننڍپڻ
۾ سخاوت جو جيڪو سلسو شروع ڪيو، سو سندس آخري ساهه تائين جاري رهيو، وٽانئس ڪو به سوالي
خالي نه موٽيو. اهڙي ئي سخاجي موٽ ۾ کيس “ايشيا جو حاتم طائي سڏيو ويو، علي نواز خان
جهڙي عظيم انسان کي دنيا نواب سر غيبي خان چانڊئي جي نالي سان سڃاڻي ٿي.
