; سنڌي شخصيتون: نثار، حسيني، هڪ، ادارو، زيب، نظاماڻي،
Showing posts with label نثار، حسيني، هڪ، ادارو، زيب، نظاماڻي،. Show all posts
Showing posts with label نثار، حسيني، هڪ، ادارو، زيب، نظاماڻي،. Show all posts

08 June, 2014

نثار حسيني - زيب نظاماڻي

نثار حسيني
هڪ ادارو
زيب نظاماڻي
ٻه جون جو سج نِٽهڻ اُس، ڌرتيءَ کي ارپڻ لاءِ اُڀريو آهي، ٻرندڙ موسم من اندر کي به ڀڙڪائي ڇڏيو آهي. يادون ٻرندڙ جبل جيان لفظن جو لائو کڻي پني تي پلٽجي رهيون آهن. پن ڇڻ رُت ۾ رابيل ٽڻڻ جا خواب ڏسندڙ اکيون اڄ نور شاهه کٽياڻ روڊ ٽنڊو ڄام جي شهر خموشان ۾مٺي ننڊ سُتل آهن. بُٺيءَ تي پوکيل تازا گلاب به کين جاڳائي نه سگهيا آهن، پر انهن ابدي ننڊ ستل اکين ۾ جاڳرتا ۽ جدوجهد جا خواب اڄ به جاڳيل آهن، اهي خواب نثار حسينيءَ جي نيڻن، ڏٺا هئا، پر کيس ماءُ جي لولي جا ٻول ۽ ڪوڏاڻا ڪنائڻ لاءِ جيجل جي جهولي رڳو پنجن سالن لاءِ نصيب ٿي. سائين نثار جا اهي لفظ اڄ به نماشام جي انهن اُداس پلن جيان اڃا به اسان جي ذهن تي آهن: پنجن سالن جي عمر ۾ هن پيڙاءَ ۽ درد کي تڏهن سمجهيم، جڏهن بابا حسين شاهه (هوت) جو وڇوڙو مليو. سيد حسين شاهه (هوت) جنهن جي چپن تي سدائين چَنگ چُرندا هئا، هو يڪتاري تي ڀٽائي جي وائين ۽ صوفي شاعرن جي ڪافين کي ائين آلاپيندي هو، جيئن ميران ٻائي جا ورلاپ اتهاس جي اڱڻ تان پڙاڏو ٿي اسان تائين پهچندا هجن، جيئن درازا جي اڱڻ تي صوفي فقيرن جا سنگ سچل جي وائين کي ورلائيندا هجن. هن کي پنهنجن استادن جا نه رڳو نالا بر زباني ياد هوندا هئا، پر سندن رويا به کيس ساريل هئا. هن کي پنهنجن جنم کان پنهنجي وفات جي ويجهڙن پلن تائين، هر ڳالهه ائين ساريل هئي، جيئن ميٽيل پٽيءَ تي لکيل سنڌيءَ جي آيوٽا. هن ٻڌايو ته، هو ٻه فيبروري ۱۹۴۵ع ۾ پيدا ٿيو. سيراڻي بدين جي ڪکائن گهرن ۾ ٻاتا ٻول ٻوليندڙ سيد نيڪ محمد شاهه کي سندس جيجل نيڪن ڪري ڪوٺيندي هئي، پر ماءُ جي وڇوڙي جي گهاءُ کيس ٻالڪ پڻ ۾ ايترو ته پختو ۽ سمجهو بڻائي ڇڏيو هو، جو هو نه رڳو قلم ڌڻي بڻيو، پر قلم ڌڻين ۽ آرٽس سان واڳيل ڌرتيءَ جو درد رکندڙن جو مسيحا بڻجي ويو. ڦليلي ڪنڌيءَ تي پرپات آرٽ سرڪل جي آفيس ڏيکاريندي مونکي ٻڌائيندو هو ته هن اڱڻ تي ادب جا ڪيترائي چنڊ اُڀريا آهن، سرت ۽ ساڃاهه جا سوين سج نکري نروار ٿيا. آرٽ ۽ فن سان واڳيل آرٽسٽن هن اڱڻ تي گلاب بڻجي ٽڙي خوشبوءَ پکيڙي ته ساري ڦليلي خوشبوءَ خوشبوءَ ٿي پوي ٿي. پنهنجي پوري زندگي اسٽيج ڊراما، ٽيبلوز  جن ۾ ”جلجل مشعل جل،“ ”اڳتي قدم،“ ”ميٽ دي وتايو“ ۽ ٻيا کوڙ سارا اهڙا تخليقي ڊراما ۽ پنهنجي نگرانيءَ ۾ هدايتڪاري ڪندي رنگ منچ تي اهڙا ته حسين رنگ وکيريا، جن جو عڪس اڄ به ڏسندڙن جي اکين ۾ ڏسي سگهجي ٿو. سائين نثار جي لکيل اسٽيج ڊرامن ۽ سندس هدايتڪاريءَ ۾ڪرايل تمثيلن جو مثال اڄ تائين بي مثال بڻيل آهي. هن پنهنجي نالي تخلص بابت مون کي هينئن ٻڌايو ته، نواز ۽ ناقص تخلص رکيم، پر جڏهن مولانا غلام محمد گرامي هڪ ڏينهن ٻانهن مان جهلي مون کان پڇيو ته، نواز ته ٺيڪ آهي ته ناقص ڇو؟ اسان جا تخلص احساس ڪمتري ۽ احساس محرومي وارا نه هجڻ گهرجن ۽ نه ڪي غرور وارا. اسان پنهنجي ڌرتيءَ، ٻولي ۽ علم ادب جا جانثار هجڻ گهرجون، ان ڪري اڄ کان تنهنجو تخلص ناقص حسيني نه پر نثار حسيني آهي ۽ اهڙي ريت غلام محمد گراميءَ جي بَڙ جي گهاٽي ڇانوَ ۾ پلجندڙ سيد نيڪ محمد شاهه عرف نثار حسيني پنهنجي جيون مسلسل تحريڪ جي صورت ۾ ڌارڻ شروع ڪيو، هن جي جاڳ ۽ هن جي ننڊ ۾ هڪ لمحو به نه ڪمي نه ٿي. هن جي اکين ۾ سدائين سنڌ جي سجاڳيءَ جا سپنا علم ۽ آرٽ ذريعي ساڀيان ماڻڻ جي جدوجهد ۾ رُڌل رهيا.