; سنڌي شخصيتون: جيوڻي ٻائي، ناصر قاضي، ابراھيم لاشاري، فقير محمد سنڌي، حميد ڀٽو، محمد عثمان ميمڻ، صالح ميمڻ،
Showing posts with label جيوڻي ٻائي، ناصر قاضي، ابراھيم لاشاري، فقير محمد سنڌي، حميد ڀٽو، محمد عثمان ميمڻ، صالح ميمڻ،. Show all posts
Showing posts with label جيوڻي ٻائي، ناصر قاضي، ابراھيم لاشاري، فقير محمد سنڌي، حميد ڀٽو، محمد عثمان ميمڻ، صالح ميمڻ،. Show all posts

08 June, 2014

جيوڻي ٻائي

جيوڻي ٻائي
ورسيءَ جي مناسبت سان سرن سان جيءُ جياريندڙ
ناصر قاضي
گرگلا قوم هندستان جي هڪ قديم قوم آهي، جيڪي هڪڙي خانه بدوشيءَ واري زندگي گذاريندا هئا، جن جپسي پڻ سڏيو وڃي ٿو. انهن خانه بدوشن ۾ ويهين صديءَ جي شروعات ۾ هڪ نينگري اهڙي به ڄائي، جنهن ڄمڻ سان فقيرن جي گودڙين ۾ ساهه ٻوساٽيل وجود سان پنهنجي زندگيءَ جو آغاز ڪيو، جنهن ڄمڻ سان ئي در در تي صدائن جا پڙلاءَ پنهنجي ڪنن ۾ ٻُرندي محسوس ڪيا ۽ اڳتي هلي سندس ٻالڪپڻ ڳائيندي، لوٽو کڙڪائيندي، در در صدائون هڻندي، رولاڪيون ڪندي، پنهنجي جيڏين ۽ سرتين سان گداگري ڪندي گذريو، پر شايد سندس صدائون عرش تي اهڙيون اگھاميون، جو اڳتي هلي هيءَ ننڍڙي پينانگ فقيرياڻي پوري برصغير ۾ سرن جي دنيا تي راڄ ڪندي نظر آئي، سندس آلاپيل سر هند کان سنڌ تائين هنڌين ماڳهين اهڙا ته گونجڻ لڳا، جو اهي جيوڻي ٻائيءَ جي نالي سان هميشه لاءِ سندس سڃاڻپ بڻجي ويا.