عثمان مري
سخاوت جو ڪردار ورسي جي
مناسبت سان
ايم جمن ڪنڀر
زندگي جي تاريخ ۾ اڻ ڳڻيا ڪردار موجود هوندا آهن. انهن ڪردارن قومن
جي تاريخ ۾ قومن جي قسمت قومن جون آزاديون، انسانيت جي جيئڻ لاءِ جتن ڪرڻ جي
جدوجهد ڪرڻ ۾ اُنهن اڻ ڳڻيل اهڙن انسانن ۾ چند اهڙا عظيم انسان ٿي گذريا آهن، جن
انسانيت جي عظمت ڏکويلن ۽ اڙيلن جي واهر ڪرڻ ۽ ڀرجھلو ٿيڻ کي پنهنجي عبادت سمجھي
آهي. اُنهن عظيم انسانن پنهنجي ذهني فڪر تبليغ، علم ۽ عملي ميدانن ۾ هن ڌرتي تي
پلجندڙ ۽ جئيندڙ هر انسان ذات لا۽ پاڻ پتوڙيو آهي. تاريخ جي انهن ورقن کي جڏهن
اٿلائبو ۽ جڏهن سنڌ جي تاريخ تي نظر ڦيرائبي ته هن مهان ۽ عظيم ڌرتي تي دکي
انسانيت جي خدمت ڪندڙ هن نڌڻڪي ۽ بي يارو مددگار قوم لاءِ پڻ اهڙن عظيم مانجھين
پنهنجي سر جو سانگو لاهي موت جي ميدان ۾ ڪڏي ڪاهي هن لاوارث قوم جي جيڪا سماجي
خدمت ڪئي آهي انهن عظيم انسانن جي هڪ ڊگھي لسٽ مان قوم جي خدمت ڪندڙن ۾ ميرپورخاص
ڊويزن جي ٿر عمرڪوٽ، سانگھڙ ۽ اڇڙو ٿر جي علاقن سان واسطو رکندڙ غريب مسڪين ۽
ڏتڙيل ٿري ماروئڙن، جھائينگڙن کي پنهنجي اولاد کان وڌ پيارو سمجھندڙ اهميت ڏيئي
انهن کي علم جي زيور ۾ آرائسته ڪندڙ يتيم ۽ غريب شاگردن کي زوري تعليم ڏياريندڙ
هاسٽلون جوڙائي غريب شاگردن کي مفت ۾ رهائشون ڏيڻ ٿري شاگردن جي کاڌ خوراڪ جو
بندوبست ڪرڻ فيون، ڊريسون، ڪتاب، پين ۽ سليٽ جو خرچ ڀرڻ ايسيتائين جو انهن شاگردن
کي پنهنجن گهرن ۽ ڳوٺن ڏانهن وڃڻ لاٰءِ ٽرانسپورٽ جو بندوبست ڪري ڏيڻ، بيماري
دوران تيمارداري ڪرڻ جي جدوجهد جو نانُ جڏهن اچي ٿو ته سانگھڙ ضلعي جي سماجي ۽
علمي شخصيت مرحوم حاجي محمد عثمان مري جو هڪ ڪردار سامهون اچي ٿو. ڇاڪاڻ ته عثمان
نانُ ئي آهي؛ سخاوت جو.