علامه غلام محمد مهيسر
وڏي وِٿ هئام
ڊاڪٽر محمد يعقوب مغل
سنڌ جي سرزمين اوليا الله، بزرگانِ دين، اهلِ علم، آفاقي شاعرن ۽ قلندر
منش عظيم انسانن جي ڌرتي رهي آهي. هتي ايڏا ته عظيم انسان پيدا ٿيا آهن جو اهڙن عظيم
انسانن جي زندگي جو مطالعو ڪري ماڻهو دنگ رهجي وڃي ٿو. اهڙن عظيم شخصيتن ۾ علامه غلام
محمد مهيسر رحه جو به شمار ڪيو وڃي ٿو. خيرپور رياست جي گمبٽ تعلقي ۾، کهڙن جي ڳوٺ
جي ڀر ۾ واقع مهيسرن جي ڳوٺ ڪمال ديري ۾ 1248هه مطابق 1832 عيسوي ۾ مشهور علمي خاندان
آخوند ميان عبدالڪريم جي گهر ۾ سندس ولادت ٿي. پيدائش وقت سندس نالو غلام محمد رکيو
ويو. سندس والد ميان عبدالڪريم به هڪ عالم هو، کيس اها علميت سندس پيءُ مولوي ميان
فقير محمد مهيسر کان حاصل ٿي هئي. ميان فقير محمد هڪ جيد عالم، عربي ۽ فارسي جو ماهر،
اعليٰ پايه جو خطاط ۽ بهترين ڪاتب هو. سندس لکيل لکڻيون به خانداني ڪتب خانن ۾ محفوظ
آهن.