شبير هاليپوٽو
مجاهد حسين سولنگي
پڇيو ٿي رات چنڊ کان اهو
ته ڏس!
ٿئي ٿو آفتاب ڇا؟ شـــبير
ڇا؟
روهڙي ڪئنال ۽ هالاڻي شهر جي وچ ۾ هڪ ننڍڙي ڳوٺ عبدالمجيد هاليپوٽي ۾
۲۴ فيبروري
۱۹۷۴ع تي جنم وٺندڙ ٻالڪ غلام شبير هاليپوٽو جنهن ننڍي
هوندي روايتي انداز سان مال چارڻ ۽ ٻني ٻاري جي ڪم ڪار سان گڏ تعليمي سفر جاري رکي
شعور ۽ سجاڳي جون روشن ڏياٽيو کنيون، بهار جي مند ڄاول هن ٻالڪ پرائمري تعليم هالاڻي،
مئٽرڪ ووڪيشنل پوليٽيڪنيڪل اسڪول سکر ۽ انٽر سائنس ڪاليج ڪنڊيارو، ايم اي سنڌي فئڪلٽي
ٽاپ سنڌ يونيورسٽي مان پاس ڪري، اتي ريسرچ اسوسيئٽ طور درس وتدريس شروع ڪيائين، ان بعد هن سنڌ پبلڪ سروس
ڪميشن جو امتحان پاس ڪري سنڌي جو ليڪچرار استاد بخاري ڊگري دادو ۾ ڪم ڪرڻ لڳو.