; سنڌي شخصيتون: ڊاڪٽر، موتي، پرڪاش، خاڪ کي سون بڻائڻ وارو سنڌي، نصير، اعجاز،
Showing posts with label ڊاڪٽر، موتي، پرڪاش، خاڪ کي سون بڻائڻ وارو سنڌي، نصير، اعجاز،. Show all posts
Showing posts with label ڊاڪٽر، موتي، پرڪاش، خاڪ کي سون بڻائڻ وارو سنڌي، نصير، اعجاز،. Show all posts

15 June, 2014

ڊاڪٽر موتي پرڪاش - نصير اعجاز

ڊاڪٽر موتي پرڪاش
خاڪ کي سون بڻائڻ وارو سنڌي
نصير اعجاز
انٽرنيٽ جي جديد زماني ۾ ٽپال رستي خط پٽ موڪلڻ بند ٿي ويو آھي، پر اڳي ٽپال رستي آيل خط وڏي اھميت رکندا ھئا. مان پنھنجي ويجھن يارن دوستن، اديبن، سياسي ۽ قومي ڪارڪنن ۽ ليڊرن جا موڪليل خط پاڻ وٽ سنڀاليندو ويندو ھئس. ڊاڪٽر تنوير عباسي، گل محمد کتري، انعام شيخ، عبدالواحد آريسر، ڊاڪٽر قادر مگسي، قمر ڀٽي، حفيظ ڪنڀر، عزيز رانجھاڻي ۽ ٻين ڪيترن ئي دوستن جا خط اڃا به مون وٽ سنڀالي رکيل آھن. وڏو وقت گذرڻ جي ڪري انھن خطن جي حالت زبون آھي. ھڪ زماني ۾ برساتن دوران مسواڙي گھر جي ڇت ٽمڻ جي ڪري انھن خطن کي وڏو نقصان پھتو، پر مون وري به ڪجھه خط بچائي ورتا. منھنجي لاءِ اھي بچي ويل خط وڏي خزاني جي حيثيت رکن ٿا.