اقبال سيف
يوسف سيف
اها ۷۱ واري جنگ هئي، جڏهن رات جي وقت بتي ٻارڻ جي
منع هوندي هئي، سڄي رات ڳوٺن توڻي شهرن جي گهٽين ۽ چوڪن تان سرڪاري ماڻهو هوڪا ڏيندا
هئا، “بتيون وسايو، بتيون وسايو” انهن ئي ڏينهن ۾ اقبال ڄائو هو، گهر مان روشني جي
ٻاهر نڪرڻ جي وٿين، درن درين جي چيرن ۾ ڪاغذ يا ڪپڙا وجهي ڇڏبا هئا، ان هوندي به
خوف رهندو هو ته ڪٿان روشني ٻاهر نه نڪري وڃي. مٽي واري گهر ۾بتي جي هلڪڙي وٽ تي
امان منهنجي ڀاءُ اقبال جي سار لهندي هئي. اهو بليڪ آئوٽ جو دور هو، اقبال جو اصل
نالو عبدالمجيد هو، پر بابا (سيف ٻنوي) پنهنجي پهرين پٽ جو نالو علامه اقبال کان
متاثر ٿي اقبال رکيوهو، جيڪو ٻن سالن جو ٿي گذاري ويو، جنهن جي ياد ۾ کيس گهر ڀاتي
اقبال ڪري سڏيندا رهيا۽ هن جو اصل نالو گم ٿي ويو.
ڏند ڪٿائي قصن جو
حقيقي حياتي تي ڪو اثر ٿئي ٿو يا نه، پر اقبال جنگ جي ڏينَهن ۾ جنميو هو جنهنڪري
هن جي زندگيءَ گهڻي سختي ۾ گذري، ننڍي هوندي هو هڪ ڀيرو راند ڪرائيندي منهنجي ڏاڏي
کان سياري جي مند ۾ باهه جي مچ ۾ به ڪري پيو هو پر قدرت کيس بچائي ورتو، هو ڀيري
منهنجو مامو مال جي ڪتري ڪري ڪتر واري ڪهاڙي اڏيءَ تي رکي ڇڏي، اقبال ان جو نقل ڪندي
ڪتر ڪرڻ لڳو ته سندس آڱوٺي جو مٿيون اڌ ڪات هيٺان اچي وڍجي ويو، جيڪو اڏامندو رهيو،
هو حيرت مان ان آڱوٺي جي ٽڪريءَ کي ٽپ ڏيندي ڏسندو رهيو، پر ٻيو ڪو به ردعمل نه ڏنو.
جنهن جي پوءِ مرهم پٽي ڪرائي وئي.
بليڪ آئوٽ جي ڪري، امان
کي ارمان اهو رهيو ته، هوءَ اقبال جو مٿو، ويهاري نه سگهي، سنڌي سماج ۾ عورتون
پنهنجي ٻارن جي مٿي کي هيٺان ۽ پاسي کان ڪاٺ جون پٺيون ڏئي يا ڀرائي سمهارينديون
آهن، مقصد مٿي جي (shaping) ڪرڻ هوندو آهي، سو اقبال جو مٿو امان جي
مرضي موجب جڙي نه سگهيو.
اهو هڪ باقاعدي ڄاڻ
وارو ڪم آهي جيڪو عورتن ۾ هڪ کان ٻئي نسل ڏانهن منتقل ٿئي ٿو.
منهنجي ڏاڏي (محمد
حلوائي) ٻنهي پٽن کي پڙهايو هو، جيڪي ڳوٺ ڇڏي هليا ويا هئا. اسان ٻيو ڀيرو ۱۹۸۱ ۾ فيملي سميت ڪراچي شفٽ ٿياسين، اقبال ٻني شهر
(لڳ ڳوٺ حاجي سومري) ۾ ڏاڏا ۽ ڏاڏيءَ سان رهڻ لاءِ اتي ڇڏي آياسين، جيڪو ٻيون ڪلاس
پڙهي رهيو هو.
بابا جو تعلق سياسي
۽ ادبي لڏي جي ماڻهن سان هوندو هو، ان نسبت سان منهنجي سياست ۾ حصي وٺڻ بعد اقبال
به ان سٿ ۾ شامل ٿيو، گهر ۾ نيم ادبي ۽ نيم سياسي ماحول هوندو هو، ڪراچي ۾ صدر ٿاڻي
سامهون هڪڙي فليٽ ۾ رهندا هئاسين.
ساٿي ٻارڙا سنگت ۾
اقبال سرگرم رهيو، هو هوشيار، سرگرم ۽متحرڪ هوندو هو، تنظيم جي سرگرمين ۾ حصو وٺندي
هن سنڌ جو گهڻو حصو گهميو هو. اهڙين سرگرمين سان هو طبيعت ۾ رولاڪ بڻجي ويو،
هڪ شاگرد ڪارڪن طور
بحث ڪرڻ، صورتحال جي ڇنڊڇاڻ ڪرڻ ان مان نتيجا ڪڍڻ سندس ڪم هوندو هو. ساٿي ٻارڙا
سنگت ڪراچي آرٽس ڪائونسل ۾ هڪ وڏو پروگرام ڪرايو هو، جنهن ۾هڪ وڏي وٿي بعد سنڌ جو مهان
شاعر شيخ اياز عوامي محفل ۾ شريڪ ٿيو هو.
وقت گذرندو رهيو
سياست ۾وري هڪ نئون موڙ آيو، ڪميونسٽ پارٽي ٻن ڌڙن ۾ ورهائجي وئي ته ڪارڪنن ۾ وڏي
مايوسي ٿي، ڪجهه وقت اقبال به گهڻو دل شڪستو ٿي ويو، پر هن جي اندر ۾ سياسي هلچل
هلندي رهندي هئي، پنهنجن دوستن جي حلقي سان هو رابطي ۾ هوندو هو، سياست جي سرگرمين
سان نوان تعلق جڙن ٿا، رشتا پيدا ٿين ٿا. هن جو ڪراچي ۾ ڪارڪنن سان رابطو رهندو هو.
اقبال جو حافظو سٺو
هو، جيڪو ڪجهه پڙهندو کيس ياد ٿي ويندو هو، گهڻو نه پڙهندو هو پر پڙهڻ جو تکو هو، مان
جيڪو ڪتاب ٻن ڏينهن ۾ پورو ڪري سگهندو هوس، اهو هو هڪ ڏينهن ۾ پورو ڪري وٺندو هو.
اسلم اظهر، عبدالرحمان
نقاش، ايوب خاصخيلي، صوڀل خان بلوچ ڄڻ اسان جي گهر جا ڀاتي هئا. حسن مجتبيٰ، مومن
خان مومن، خواجه اسلم، سينئر صحافي بچل لغاري، پورهيت اڳواڻ عبدالواحد نيازي به هن
جا دوست هئا. عبدالرحمان نقاش صاحب کان شطرنج راند به سکيو، اقبال ڪراچي پريس ڪلب ڪراچي
جو شطرنج جو چئمپين به ٿيو، يعني ته هن سمورن پلئرز کي هارايوهو.
اسان شيخ اياز، فيض
احمد فيض، حبيب جالب، احمد فراز، ابن انشاء ۽ ٻين روشن خيال شاعرن کي وڌيڪ پڙهيو
هو، جنهن سان اردو بهتر ٿي وئي. اقبال ۱۹۹۰ بعد صحافت ۾ آيو، اردو اخبار” انتخاب” ۾ سيکڙاٽ رپورٽر
طور ابتدا ڪئي. رپورٽنگ سکڻ ۾ به هن نقاش صاحب کان ڪافي مدد ورتي.
ان بعد هو مختلف
اخبارن ۾ رپورٽر طور ڪم ڪندو رهيو، هو سٺو رپورٽر هو. ان سلسلي ۾ بابا به اسان کي
گهڻو ڪجهه سمجها ئيندو رهندو هو. اقبال سيف “روزاني جاڳو” ۾ شايد ۱۹۹۴ يا ۱۹۹۶ ۾ به رپورٽر طورمقرر ٿيو. بابا ان ئي اخبار ۾ نيوز ايڊيٽر هو، بابا جي وقت
جي پابندي نه ڪرڻ واري شڪايت تي انتظاميه فيصلو ڪيو ته اقبال کي نيوز ايڊيٽر ڪجي ۽
سيف ٻنوي کي سب ايڊيٽر ڪري رکجي، پوءِ ائين به ٿيو. اتي موجود سنگت لاءِ اها نئين ڳالهه
هئي پر جيئن ته بابا به اسان جو دوست هو جنهنڪري آفيس جي ڪم تي ڪو فرق نه پيو. اقبال
وٽ ڊگهي ڳالهه مان خبر کي پڪڙي وٺڻ جو فن هو، هو پنهنجي ڪم ۾ ڦُڙت به هوندو هو، وٽس
اڪلاءُ به هو، سندس سياسي تربيت هن کي اتي گهڻو ڪم آئي.
۱۹۹۶ ۾ اقبال سيف، پسند جي شادي ڪرڻ بعد فيملي کان جدا رهڻ لڳو هو، پوءِ وري هڪڙو
وقت اهڙو آيو جو سموري فيملي واپس ڳوٺ هلي آئي.
اقبال ملير جي مختلف علائقن ۾ پنهنجي فيملي سان
رهندو هو. هو اتي ئي ۲۳ مارچ ۲۰۰۶ تي رات جو اڍائي وڳي دل جي دوري سبب گذاري ويو، هن جي عمر لڳ ڀڳ ۳۳، ۳۴ سال هئي، ان دوران هو اردو اخبار ۾ ڪم ڪري رهيو هو. کيس
پنج ٻار آهن، جن مان وڏي پٽ جاويد اقبال هاڻي تازو شادي به ڪئي آهي.
اقبال جي ڦوهه
جواني ۾جدا ٿيڻ جو ڏک پوءَ سالن تائين امان ۽بابا جو پيڇو ڪندو رهندو هو، امان
اقبال جي فوت ٿيڻ بعد آيل پهرين عيد تي فالج جي حملي ۾ اپاهج ٿي وئي، جيڪا وقت به
وقت کيس ساريندي رهندي هئي، هو امان کي وڌيڪ ويجهو هو. اسان جي هڪ ڀيڻ موجب، اقبال
کي هر معاملي ۾ تڪڙ هوندي هئي هو واچوڙي جيان آيو ۽ هليو به وري ايئن ويو. شاعره سحر
حسن جو هڪ شعر آهي؛
ذهن مين ڀگدڙ لئي، يون
هي نهين ڦرتي رهي.
آنک کولي جنگ ۾، اور
جنگ ڪي حالت ۾ هين.
(ڏھاڙي ڪاوش حيدرآباد ۾ ۲۹ مئي ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)
No comments:
راءِ ڏيندا