; سنڌي شخصيتون: شيخ اياز - ۴

17 June, 2022

شيخ اياز - ۴

شيخُ اَيازُ

ڏاتِ ڏَھوڻيءَ وارو شاعِرُ

معشوق ڌاريجو



شاعر پنھنجي ٻوليءَ جا محافظ ٿيندا آھن. محمد ابراھيم جويو، شيخ اياز جي شعري مجموعي “وڄون وسڻ آيون” جي مھاڳ ۾ لکي ٿو ته: ”قومون جڏھن پاڻ کي سڃاڻڻ ۽ سمجهڻ چاھينديون آھن، تڏھن پھريائين پنھنجي ٻوليءَ کي سڃاڻنديون ۽ سمجهنديون آھن. ڇو ته ٻولي ئي سندن سڃاڻپ جو اصل نشان ٿئي ٿي. “ بنا ڪنھن ڌڙڪ جي شيخ اياز کي سنڌي ٻوليءَ جو محافظ شاعر چئي سگهجي ٿو.


سنگت جي گولڊن جوبلي ڪانفرنس جي تياري پئي ھلي، صبح جو سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي گولڊن جوبلي ڪانفرنس ھئي. سياري/ ڊسمبر جي سرد رات ۾ اياز گلَ، سائين تاج جويي ۽ مون سَڄي رات جاڳي اسٽيج تيار ڪرايو، ۽ رات جو دير سان وڃي تاج جويي جي گهر بيٺڪ ۾ ستاسين. انعام شيخ به اسان سان گڏ ھو. صبح جو سوير اک کلي ته تاج کي ڪا موبائيل ڪال آئي ۽ ھو شديد ڏک ۽ افسوس جو اظھار ڪري رھيو ھو. مون ڀانئيو ته پڪ ڪو اھم ماڻهو گذاري ويو آھي. ڪال بند ڪري، چيائين ته شيخ اياز گذاري ويو آھي. پوءِ اسان گڏيل مشوري سان گولڊن جوبلي ڪانفرنس کي شيخ اياز جي تعزيتي ميڙاڪي ۾ تبديل ڪري ڇڏيو.

ان حساب سان ھي سنڌ جو اُھو شاعر ھو، جنھن جي اڃان تدفين ئي نه ٿي ھئي، جو سوين ماڻهو سندس ادبي خدمتن کي خراج پيش ڪري رھيا ھئا. اياز جي تدفين تي صلاح مشورو ھلي رھيو ھو. ٽي رايا ھئا. ھڪ اُھو ته کيس ڪلفٽن تي، سمنڊ ڪناري دفنايو وڃي، ٻيو اُھو ته کيس شڪارپور دفنايو وڃي ۽ ٽيون اُھو ته کيس ڀٽ شاھه تي دفنايو وڃي. نيٺ ڀٽ شاھه وارو ھنڌ طئي ٿيو ۽ ٻئي ڏينھن تي سندس جسم خاڪي ڀٽ شاھه آندو ويو. سندس مڙھه ڀِٽَ ڌَڻيءَ جي مزار جي ورانڊي ۾ رکي جنازي نماز ادا ڪئي وئي. سندس پھريون ۽ آخري ديدار ڪيم ۽ ڪانڌي ٿيس. سندس تدفين ڪراڙ جي ڪنڌيءَ تي ٿي. سڄي سنڌ جا اديب، شاعر ڀٽ شاھه پھتل ھئا. سندس وفات کان پورو سال اڳ ڊسمبر ۾ ئي ڪراچي ويو ھئس ته ساڻس ملڻ لاءِ مَنَ سَٽون کاڌيون ھيون، پر ملي نه سگهيس. آخري ديدار وقت وڏي پيھهَ ھئي پر اياز ساڳي حشمت ۽ ڏَيا سان ڄڻ ننڊ ستل ھو. مُني صديءَ جي ھن شاعر پنجھتر سالن جي عمر ۾ پنهنجيءَ ڄمار جيترا ڪتاب ڏنا ھئا. کيس خبر ھئي ته ”پل اڏامن ٿا“ سو تڏھن ئي ته ھن لکڻ ۾ تڪڙ ڪئي ھئي. ھن چيو ھو ته ”سِٽَ ھَڏي جي مِکُ آھي“ ۽ سِٽَ سِٽَ کي ھڏن جي مِکُ ۽ رَتُ سَتُ ڏئي لکيو ھيائين.

ھن پنھنجي رت مان قلم ٻوڙي لکيو ھو، تڏھن چيائين ته:

”ڇا ھيءَ منھجو قَطُ،

جنھن مان تيزيءَ سان وھيو،

آھي منھنجو رت!“

راتين جا اوجاڳا ۽ رت ڏيڻ کان پوءِ ئي شاعري روحُ گرمائي سگهي ٿي. سندس خيال آھي ته:

”شاعري جا روح گرمائي نه ٿي،

منزِل مقصود کي پائي نه ٿي. “

شاعري تڏھن ئي منزِل مقصود کي پائي سگهي ٿي، جڏھن سچ جي ساٿي بڻجي. ھن سَچ اَسچ کي ڄاتو ٿي. تڏھن ته بي ڌڙڪ ٿي چيائين ته:

”سچ وڏو ڏوھاري آھي. “ يا

”ڏات وڏي شيءَ ناھي پر سَچُ وڏي شيءَ آھي،

۽ جو سچ مچائي سو مَچُ وڏي شيءَ آھي. “

رڳو ايترو نه پر ايئن به چيائين ته:

”ڪا باک اڀرڻي آ،

ھِنَ سِجَ جيان سَچَ جي، ڪا ساکَ اڀرڻي آ. “ يا

”ھارَ سدائين ڪُوڙَ جي آھي،

سوڀ سدائين سچ جي آھي.

ڪوڙ جي منھن ۾ ڌوڙ وجهو اڄ،

سچ جو بالا بول ڪيو اڄ،

ھا اھڙو ماحول ڪيو اڄ. “

اياز پنھنجي ٻوليءَ جو عاشق ۽ وِينجَهرُ شاعر ھو. جنھن مادري ٻوليءَ سان محبت جي اظھار ۾ چيو ته:

”پنھنجي ٻوليءَ ۾ ميان! جڏھن چوندي ماءُ،

توکي اھڙو ساءُ، ڏيندي ٻي ٻولي ڪٿي. “

سندس خيال ھو ته

”شاعريءَ کي،

فقط مادري زبان ۾،

منطقي نتيجي تي پھچائي سگهبو آھي.

پنھنجيءُ ماءُ کانسوا،

ٻيون مائرون،

ماٽيليون ٿينديون آھن. “

بُلي شاھ سان مخاطب ٿي اياز چيو ته:

”سنڌ نه ڄاڻي ٿي نفرت مان،

سنڌ محبت ڪئي آ،

ڀئيا!

عشق نچايو ٿئيا ٿئيا!“

اياز شاعريءَ سان بي انتھا پيار ڪندو ھو. ھن خدا سان مخاطب ٿي چيو ته: ”يا خدا! مون کي ڏات ڏي، ته انسان کي ڪاٺَ ڪُٽي جا پَر، ڏئي سگهان. “، ”اي خدا! منھنجي شاعريءَ کي وسعت ڏي. “، ”اي خدا! مون کي شاعريءَ کانسوا، ڪجھه نه گهرجي. “ ھن شاعر کي شھنشاھه ٿي ڄاتو. ”شاعر! تون ڪنھن به شھنشاھه کان گهٽ نه آھين. “ ھو انسان جو ازلي عاشق ھو.

”ھڪ جھڙو انسان،

جھڙو پاسو تون ڏسين،

ٿر يا چولستان. “

اياز وٽ ڪبوترن جھڙيون خوبصورت تشبيھون ھيون.

ھو فطرت جو شاعر ھو. چنڊ، تارا، ڪتيون، مينھن، جھڙ، ڪڪر، چانڊوڪي، سانجهي، پکي، ڪتي، چيٽ، وڻ ان جو ثبوت آھن. لکيائين ته:

”تازو ٻور ھواءِ،

مون گهر ڀر سان جا ھئي،

نم ڪپيئي ڇا لاءِ. “

ڇا وڻن جي واڍيءَ تي، ان کان وڏو ڪو احتجاج ٿي سگهي ٿو!؟ اياز جي شاعريءَ ۾ ڪلاسيڪيت ۽ جديديت جو امتزاج آھي. سورٺ، نوري، سسئي، سھڻي، ليلا، مومل، مارئي، موکي، ڪاپائتي، گهاتو ھن جي ڪلاسيڪيت جو بھترين مثال آھن. شيخ اياز ئي اھو شاعر ھو، جنھن ”مندر جي گهنڊ تي، پوپٽ جي ننڊ“ کي محسوس ڪيو ھو. اياز چيو: ”منھنجو روح رباب جيئن، وڄندو ئي رھندو. “روح کي رباب ڪري خودداريءَ جو پيغام ڏيندي چيائين ته:

”ڳَڀو پاڻيءَ ڍڪ ۾، ٻوڙي جي کائين،

پنھنجي اوچي ڳاٽَ کي، مورُ نه جهڪائين،

تنھنجي پو سائين! ڏاتِ ڏَھوڻي ٿي پوي. “

اياز ڏھوڻي ڏات وارو شاعر ھو. جنھن وٽ روشني ۽ جاڳڻ جو سنيھو ھو. جيئن:

”ويھو آڌيءَ رات جو، ڪو ٻارَڻُ ٻاري،

متان اَنڌاري، ٻُڏي وَڃَن ڳوٺِڙا. “

اياز پنھنجي ڪتاب“ننڊ وليون” جي ارپنا ۾ لکي ٿو ته: ”اي موھن جي دڙي جي ڌرتي! جي مان ٻيھر ڄمندس ته وري تنھنجي واريءَ ڏانھن موٽي ايندس. مون کي ٻي ڌرتيءَ تي ننڊ نه ايندي. “

اياز پنھنجي ٻوليءَ سان، مٽيءَ سان، ماڻھن سان انتھا جو عشق ڪيو ھو. سندس جتيءَ ۾ پير وجهڻ جھڙي تھڙي جي وَسَ جي ڳالھه نه آھي. ھو اسان جھڙن جي تعريف ۽ تنقيد کان گهڻو مٿي بيٺل آھي.

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچي ۾ ۴ جنوري ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)


شيخ اياز

سندس شاعريءَ ۾ ٿرپارڪر جو پسمنظر - ۱

رام اوڏ

اياز ٿر آيو، هتي عوامي زندگي ۾ جهاتي پائي ڏٺائين ۽ انهي سڄي منظرنامي کي شاعري جي روپ ۾ اظهاري ويو. ٿر جي دلڪشي، نرملتا ۽ درد تي اياز جا شاعراڻا ويچار تجزياتي پرک جا طلبگار آَهن. منهنجي خيال ۾ شاھه لطيف کانپوءِ سنڌ جو ڪو به شاعر شيخ اياز جيان ٿر جو درد بيان نه ڪري سگهيو آهي:

نه هو چونري ۾ ڪٿي، راتڪو چوڻو!

نه اڄ ولوڻو، نه سي وايون وانڍ ۾.

اياز دنيا جو سير ڪري، جڏهن ٿر تي ٿاڪ ڪري ٿو، ته هو واريءَ تي موجود گهر کي باغ عدن سمجهي ٿو. نما شام ويلي ڪوي جي جيون جي گهڙي واريءَ تي امرتا ماڻي ٿي. اياز ٿر جي وڻن، ڏهرن، ڀٽن، کيتن ۽ برساتن جو ذڪر راڳ ۽ ويراڳ جي لهجي ۾ تخليقي جماليات جي تلفظ سان ڪري ٿو. لئه ۽ سَرلتا جو هي بي ساخته اظهار شام ويلي ڪنهن بانسري نواز جي صدا بڻجي پوي ٿو:

ساٿي مون دنيا گهمي، چونڊيو آهي ٿر،

ڄڻ ڪنهن سرڳ سمان، آ واريءَ تي هي گهر،

سانجهي وير امر، آهي رتيءَ ريت تي.

اياز جي شاعراڻي سُريلي مڌرتا ترتيب ۽ توازن ۾ فڪري وشالتا جا اهڃاڻ گڏ کڻي هلي ٿي. هو ٿر جي ڀٽن تي بيهي وڄ وراڪا ڏسي ٿو ته سندس ذهني ڪيفيت جي وسعت وشال ٿي وڃي ٿي. ٿر جي لوڪ ساهت ۾ هو ڪجليو، ساوڻ ٽيج، ۽ راسوڙي جي گيتن جهڙي نرملتا پنهنجي ڪويتا ۾ پيدا ڪري ٿو. اهڙي رڌم ۽ ترنم ۾ جواني محو رقص ٿئي ٿي، ۽ ڪجھه اهڙا ورلاپ آلاپي ٿي:

سانوڻ من ڀانوڻ ۾ سرتيون کلندي کيج وجهن،

منهنجا نيڻ نٿا بس ڪن!

اياز جي شاعري ۾ ٿر جو ذڪر رومانوي ۽ جمالياتي آهي ته المناڪ ۽ درديلو به. ڪجھه اهڙا سچ آهن، جن تي صرف سوچي سگهجي ٿو، پرماڻهو جيڪو سچ ڳالهائيندا آهن، اهو ئي انهن جي ضمير جو آواز هوندو آهي. جيڪڏهن شاعر جا خيال ۽ تصور موجوده دور جي حالتن جو ڀرپور عڪاس نه آهن، ۽ رڳو ڇسي تڪ بندي آهي ته اهڙي ڪوتا وقت جي دز ۾ دٻجي ويندي آهي. شاعر اهو آهي جيڪو پنهنجي دور جي درد کي سمجهي، ان جي سياسي، سماجي ۽ معاشي حالتن جو ڳوڙهو مطالعو ڪري ٿو. جنهن شاعر کي پورهيت جي پورهئي ۾ حسن نٿو نظر اچي، اهڙي شاعر جي بورجوا سوچ جو ڪو خاص سماجي ڪارج ٿي نٿو سگهي، سواءِ خيالي لذت پرستي جي. درٻارن ۾ قصيده گو شاعرن جي پورهيت پرتن جي عورتن تي لکيل شاعري ۾ جاگيرداراڻي نفسيات جو اثر آساني سان پسي سگهجي ٿو. ڏسجي ته اڄ جي هن دور ۾ اهو ڪلچر پنهجي وجود جي بقا کي برقرار رکي سگهي ٿو، جيڪو پنهنجي ڳر ۾ روشن خيال، ترقي پسند، انسان دوست، جمهوري، پُرامن ۽ سيڪيولر هجي. ۽ اهڙو ئي ڪلچر هڪ بهتر سماج جي اڏاوت لاءِ ٻرانگهون ڀري سگهي ٿو. اياز جي انفراديت اها آهي ته هن سونهن جو ذڪر حسين ثقافتي پسمنظر ۾ ڪيو آهي. هي ٿري عورت جي کوھه يا ترائي تي پاڻي ڀرڻ واري منظر جي تصوراتي فوٽوگرافي غير روايتي آهي. اُٺي جي هوا ۾ مور جي رقص تي ڊيل ڊُڪي ٿي:

تتيءَ ۾ گهڙو ڪا ڀري ٿي پئي،

ٿري سوُنهن چمڪا ڪري ٿي پئي.

اُٺي جي هوا ۾ کنيا مور پر،

ڊُڪي ڊيل هَر هَرٺري ٿي پئي. (ڪي جو ٻيجل ٻوليو)

ٿر سنڌ جي ثقافت ۾ سونهارو اضافو ڪري ٿو. ثقافت زندگي جي ارتقا جي تحرڪ جو نتيجو آهي. اها وجود جي بقا جي عوامي تاريخ به هجي ٿي، ان ڪري ثقافت جون پاڙون ڌرتي ۾ کُتل هجن ٿيون. ان سبب جي ڪري هڪ ترقي پسند ۽ روشن خيال ثقافت ۾ سامراجي غلبي جي خلاف مزاحمتي عنصر به هجي ٿو. ثقافت ذريعي مذهبي ۽ سماجي تضاد گهٽائي اتحاد ۽ امن جي آبياري ڪري سگهجي ٿي، ۽ مختلف طبقن کي گڏ ڪري هم آهنگ سوچ پيدا ڪري سگهجي ٿي. هڪ سگهاري شاعر جي وڏي خوبي اها هجي ٿي ته هو تصورن جي اُڇل ۾ پنهنجي ڌرتيءَ جي ثقافت ۽ اِتهاس جو اهڙو خوبصورت اظهار ڪري ٿو جو ان ۾ اُٺي جي خوشبوءَ محسوس ٿيڻ لڳي ٿي. اياز جي ڪوتا ساگر ۾ ثقافتي ويس، لوڪ ناچ، گيتن، پولڪن، چوڙين، راسوڙن ۽ تهوارن جو ذڪر ملي ٿو. ٽيج سانوڻي جو موسمي تهوار آهي، هن ڏڻ تي ڇوڪريون وڻن ۾ لوڏون ٻڌي جُهولا جهولينديون آهن. اياز اهڙو منظر ٿر جي هڪ ڀاڱي ڍٽ ۾ ڏسي ٿو. ڍٽ جو علائقو ڇاڇري جو ڏاکڻو الهندو، مٺي جو اتريون ۽ عمرڪوٽ جو ڏاکڻو ڀاڱو آهي. اهڙي جُهونگار ۾ سيڪيولر ثقافتي عڪس رقص ڪن ٿا. ڇو ته نم جي ٽارين ۾ لوڏن تي لڏڻ ۽ رسيلا گيت آلاپڻ سان زندگي جهومي اُٿي ٿي:

ڍٽ مٿي مينهڙا، ڇٽ ڪئي ڇاٽ ڙي!

توريءَ اُوساٽ ڙي!

آئي سانوڻ ٽيج ڙي.

سيڪيولر ثقافتي رجحان حقيقت ۾ روشن خيالي ۽ تخليقي صلاحيتن کي هٿي ڏين ٿا. سيڪيولر ثقافت تعصب، جنونيت، فرقيواريت ۽ مذهبي انتهاپسندي جي اثر کي گهٽائي انسان دوست سماج جي تعمير ڪري ٿي. اهڙي ريت جمهوري فڪر کي تقويت ملي ٿي. ثقافت جي باري ۾ عوام حساس به هجي ٿو، ڇو ته ان جو ثقافت سان جذباتي لڳاءُ هجي ٿو. ان ڪري ثقافت اقتدار لاءِ حڪمران طبقي جي مدد ڪري ٿي. اهو تسلط ۽ راڄ عوام ان ڪري قبول ڪري وٺي ٿو جو ان ۾ اوپرائپ جو عنصر گهٽ هجي ٿو، پوءِ ان ۾ معاشي استحصال جو عنصر وڌيڪ ڇو نه هجي. ان ڪري ثقافت، سياست ۽ معيشت جو پاڻ ۾ گهرو تعلق آهي. اياز ثقافتي رنگ چٽيندي ٿڌڙي جي رات جو ڪولهڻين جي تاڙين، لوهاڻين ۽ ٺڪراڻين جي گهاگهرن ۽ سومرين جي ڪنن جي پاپڙين ۾ پاتل جهومڪ جا بصري منظر چٽي ٿو. هي جمالياتي سنگتراشي ڪجھه ايئن به آهي:

وينگس ڦُلڙي نڪ ۾ پايو لڏي ٿي،

سانجهي ٻڏي ٿي، تارا اُڀريا اُڀ ۾.

شيخ اياز شاعري ۾ ٿري زندگي جا ڏکيا ۽ سُکيا ڏينهن بيان ڪري ٿو، يعني شاعر وٽ ڏڪار ۽ سُڪار جي وقت جنم وٺندڙ ڪيفيتون الڳ الڳ آهن. ڇو ته شاعر سماجي ۽ معاشي حالت جي لاهن ۽ چاڙهن تي مختلف ردِعمل ڏيکاري ٿو. لفظن ۾ بيان ڪيل احساس من کي جهير ڏين ٿا، ته اهي ولهار تي وسڪاري جي صورت ۾ جياپي، وجود جي بقا ۽ تازگي جو به احساس ڏيارين ٿا. هڪ طرف اياز جي شاعري پڙهي خوشي ۽ خوشحالي جو احساس جاڳي ٿو ته ٻئي طرف بک، غربت ۽ مظلوميت کي ڏسي ڏک ٿئي ٿو. اياز جي عمل، مطالعي، مشاهدي سان گڏ تصور ۽ تخيل جي اولڙي ۾ سرجيل درديلي دانهن ڪجھه اهڙي ئي آهي:

جت ڪيئي صدين سالن کان،

پولارن کان، پاتالن کان،

ٿا ڏُرت اچن، ڏهڪاوَ پون،

سو ديس مسافر، منهنجو ڙي!

ٿر ۾ رائج طبقاتي نظام جي ڪشمڪش ڪنهن به منظم سياسي تحريڪ کي جنم نه ڏئي سگهي آهي، پر ساڄي ڌر جي اقتدار پرست سياست ويتر مضبوط ٿي آهي. اهو ئي سبب آهي جو ٿر گهڻ رخن مسئلن جي منهن ۾ ڌڪجندو پيو وڃي. ٿر ۾ هڪ ته پٽيل گهڻا آهن، جن جا ڏڪار ۾ به جاوا ٿين ٿا. اهڙي سماجي طبقي تي ڏڪار خطرناڪ اثر مرتب نٿو ڪري. اهي پٽيل هاڻ نه صرف ملازمت تي چنبا کوڙيو ويٺا آهن، پر شهرن ۾ ڪاروبار ۽ قبضاگيري به انهن جي دلربا ڪِرت آهي. معاشي طور تي واپاري، ملازم ۽ ٻنيءَ ٻاري جي ذاتي ملڪيت رکندڙ طبقو موچارو ۽ مواڙ آهي، جڏهن ته ٻني ۽ مال مويشي کان محروم پورهيت طبقو غربت جي بدترين شڪل ۾ مبتلا آهي، ان جو نتيجو ٻارڙن جي موت ۽ عورتن جي خودڪشين جي صورت ۾ روز ظهور پذير ٿئي ٿو. اياز جي شاعري جي پسمنظر ۾ ٿري هاري ۽ مزدور آهي، جنهن وٽ بک ۽ ڏک مستقل مهمان ٿي رهن ٿا. انهن وٽ ٿر جي ڪا ٻني ناهي، ۽ انهن جي ٻاجهر ۽ گوار جي اُپت سيٺين جي ٽجوڙي ۾ هلي وڃي ٿي. اهي پورهيت ٻج قرض تي کڻي پوک ڪن ٿا. جتي عورتون خوشي ۽ مناسب خوراڪ کان محروم هجن، انهن جي جسامت ڪجهھ اهڙي ئي هجي ٿي:

مٿن رکي موٽيون، کاڄ بنان کارا،

ٿري ويچارا، ڪاٺين جهڙيون نينگريون.

ٿر جو لينڊ اسڪيپ وسيع آهي، جتي هاڻي سوچ ۾ رجعت پرستي پيرا پختا ڪري چڪي آهي، ان ڪري سائنسي منطق ۽ سبب تي گهٽ ويچار ڪيو وڃي ٿو. جتي وڻن جي واڍي ڏڪارن جو ڪارڻ بڻي آهي، اُتي سائنسي فڪر ۽ طبقاتي شعور جي اڻاٺ سبب “ماحولياتي آلودگي” به موجود آهي. ذهني ۽ موسمي ڏڪار جي جدليات جو به هي پسمنظر آهي. رڻ اجهاڳ جو پنڌ اڃان گهڻو پري پيو آهي:

ڀٽون ٽپي ڪيتريون، واريءَ وڳ ويو!

اڃا پنڌ پيو، آهي رڻ اجهاڳ جو.

ٿر تلور، تتر، سهو، هرڻ، روجھ، مور ۽ ٻين جانورن ۽ پکين جي جياپي جو اجهو آهي. هي جانور، پکي ۽ وڻ ٿر جي فطري ايڪو سسٽم جا محافظ به آهن. مور ۽ ڪارونجهر جو ناتو چولي دامن وارو آهي. ڪارونجهر، جيڪو ننگر کي جهولي ۾ جهلي بيٺو آهي، اتي مورن جا ٽهوڪا مينهن کي سارين ٿا. هي وارياسو ريگستان جتي زندگي گهارڻ به ته سولي ناهي. واري جڏهن تپي ٿي ته پير لِڦون ٿي وڃن ٿا. رڻ جي ڪنڌي تي روجھه ۽ بيابان ۾ هرڻ به بندوق جي نوڪ تي آهن. انهي صحرا جي تپش تي اُڃارا هرڻ زندگي جي تلاش ۾ ڀٽڪندي ميگها رُت جي ڪلپنا ڪن ٿا:

گهڙي نه گذري، ساڳا ڪِرڻا،

سج جون بڙڇيون،

رُڃ جو اولو،

اُڃ ۽ جهولو،

ساڳيو رولو؛

هر شيءَ آهي ساڳي ساڳي

بوند بوند لئه ڀٽڪي ڀٽڪي،

ڊوڙي ڊوڙي، ٿڪجي ٿڪجي،

هرڻ هٺيلا،

بيٺا سوچن! (ڀونرُ ڀِري آڪاس)

موسمون انسان جي مزاج تي گهرو اثر ڇڏين ٿيون، پر هن وقت مندون مٽجي ويون آهن، برسات به وقت تي ڪٿي ٿي وسي. ڪو وقت هو جو اتر کان جهڙ ٺهندو هو، ڪڪر ڪاراڻ ڪري ورندا هئا، مينهن موجون مچائي ڇڏيندو هو. اڄ پازيٽوِ فيڊ بيڪ طرف وڌندڙ گلوبل وارمنگ سبب برسات جا وارا آهن، ڪٿي وٺو، ڪٿي نه، ڪٿي ٻوڏ، ڪٿي سوڪهڙو! ڏڪار جا ڏنڀيل ٿري ڪڪرن جي ڪڙڪن سان اٿي پون ٿا. وسڪاري ۾ ٿر سکارو ٿئي ٿو. ڇنڊڪار ۽ شوخ هوا سان ويران ولهار ڇاڇري جي ڇڙواڳ صبح جيان دلڪش فطرت جو ڏيک ڏيئي ٿو. ورشا جي اوهيڙن سان ڪارونجهر جي ڪور لاجونتي، اٺ ڪنٺي ۽ ستاوڙي جي ساوڪ سان سٿجي وڃي ٿي. ڍورا دڙا، کيت کيتر، ڍاماسي، سونلي ۽ ڌنار کٿوري جي مهڪار ۾ سلا اُڀارين ٿا، ڪونڀٽ ڪنڊي، ٿوهر، روهيڙو هريالي ۽ هڳاءُ جي وناھ ۾ ويهي وِلاس وکيرين ٿا ته ڌنارن جي دلربا دنيا ۾ رسيلي رم جهم سان بانسريون چنگ پاوا سنگيت جي سرمستي ۾ سر ڇيڙي وِلا جا وهلور جاڳائين ٿا. ڇو ته ريت تي وسڪارو ئي سُريلو ساز بڻجي پوي ٿو. وسندڙ برسات جو رڌم صرف اهو محسوس ڪري سگهي ٿو، جنهن جا ٻار بکايل ۽ کيت اُڃايل هجن:

ٿر ۾ ٿانئيڪو نه ٿيو،

ڪوئي ڪوئي ڪارايل.

هي واريءَ تي وڏ ڦڙو،

هي سانوڻ جو سُر منڊل. (ڪُلهي پاتم ڪِينرو)

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۳۱ ڊسمبر ۲۰۲۱ع تي ڇپيل)


شيخ اياز

ٿر جي سونهن ۽ مظلوميت کي ڏسندڙ اياز جي اک - ۲

رام اوڏ

اُستاد رائيچند اهو واحد ماڻهو آهي، جنهن اُٺن تي سفر ڪري ٿر جي تاريخ تي زبردست ڪم ڪيو ۽ وڏي ڪميٽمينٽ سان ٿر جي تاريخ ۽ ارتقا جي بنيادي ضروري تشريح ڪئي. رائيچند هريجن ٿر سان لاڳاپيل هر اهم موضوع کي “تاريخ ريگستان” ۾ شامل ڪري ڄاڻ فراهم ڪئي، پر هن شخص ٿر جي لوڪ ادب کان ريتن رسمن وغيره جو تنقيدي جائزو پيش نه ڪيو. هيل تائين ٿر کي يا ته رومانوي انداز ۾ پيش ڪيو ويو، يا ته ان غير عقلي طريقي سان ان جو ذڪر ڪيو ويو آهي. جيڪڏهن اسان ٿر جي تاريخ ۽ ارتقا جو ذڪر عقلي طريقي سان ڪريون ته ان عمل سان اسان جي ٿر سان محبت گهٽ نٿي ٿئي پر اهو محبت جو حقيقي انداز آهي. ڪنهن به فرد، سماج يا قوم جي ترقي جو راز خود احتسابي ۽ تعميري تنقيدي عمل ۾ آهي.

اياز اڪيلو شاعر آهي، جنهن ٿر سان محبت جو اظهار پنهنجي نثر توڙي نظم ۾ گهڻي مقدار ۾ ڪيو آهي. جيڪڏهن اياز جي ٿر تي شاعري جو ڇيد ڪجي ته اهو هڪ الڳ ڪتاب جو اهم موضوع آهي. ۽ هن وقت ٿر جي نئين انداز ۾ تشريح ٿيڻ گهرجي. اياز پنهنجي آتم ڪٿا ڪٿي ته ڀڃبو ٿڪ مسافر_۱ ۾ لکي ٿو: “ساري دنيا جا سارا آرٽسٽ ساريون زندگيون پوريون ڪري ڇڏيندا، ته هو ٿر ۾ جيترا وڻ آهن، انهن ۾ جيتريون ٽاريون، پن ۽ ڏار آهن يا جيترا ٻوٽا آهن، وليون آهن، گل آهن ۽ گلن جهڙيون ناريون آهن، انهن سڀني جون تصويرون نه ڪڍي سگهندا. ” هتي جا ماڻهو، ثقافت، وڻ، جانور، پکي، ڀٽون، ترايون، گيت، رسمون وغيره دلچسپي کان خالي نه آهن. جهنگلي جيوت ۾ مور، هرڻ، گدڙ، تتر وغيره هن ريگستان جي سونهن آهن، هتي وڻ ڪنڊي، ٿوهر، گگر، روهيڙو، ڪونڀٽ، وغيره ڪارائتا آهن، ان ڪري انهن وڻن جي ڊيفاريسٽريشن يعني واڍي وڌيڪ ٿئي ٿي. ٿر ٺوٺ سُڃو صحرا نه آهي، پر هتي پاڻي جو مسئلو آهي، ٻي صورت ۾ مختلف فصل پوکي سگهجن ٿا. هڪ ڪئنال ذريعي ٿر کي مٺو پاڻي مهيا ڪري سگهجي ٿو ته ٻنيون به پوکي آباد ڪري سگهجن ٿيون. ٿر کي رڳو برسات جي آسري تي ڇڏڻ سان معاشي ۽ سماجي مسئلا وڌيا آهن. اياز ڪرڙ، سانورڙي، چانهڪ، ۽ ٻين گاهن ۽ وڻن جو ذڪر ڪري ٿو، جن جي وجودي بقا مينهن سان منسوب آهي:

اڪ، ٿوهر، ۽ ڳاڱيون، ارڻي ۽ گگراڻ،

سڀئي مينهن ڪاڻ، ڏسن پيا اُڀ ڏي. ( ڪونجون ڪرڪن روھه تي)

اياز پنهنجي آتم ڪٿا ۾ وڌيڪ لکي ٿو ته: “پوءِ دل ۾ سوچيو ته هت مغل باغات وارا گل ته نه هيا، جن جي باري ۾ اردو ۽ فارسي شاعرن غزل لکيا ها ۽ انهن کي تشبيهن لاءِ استعمال ڪيو هو. اهي ته هيا گلِ لالا، گل نرگس، گلِ شبو، بيدِ مجنون، گلِ بنفشه، گلِ انار، گلِ سوسن، گل نسرين، گل سمن وغيره. ٿر ۾ ته وڻ، ٻوٽا، وليون ۽ گاھه هوندا آهن، جن ۾ قدرتي گل مونا ليزا جي مُرڪ وانگر ڦٽي پوندا آهن. ” اياز ٿر گهمي عام ماروئڙن جي زندگي تي گهرو سوچي سمجهي لکيو. هن ٿري غريب عوام جي درد کي ويجهڙ کان ڏٺو. شاعري رڳو لفظن جي جادوگري ناهي هوندي. اياز شاعري جي مختلف صنفن جي فارميٽ ۾ تبديلي ۽ نواڻ آندي، پر هو نوان موضوع کڻي آيو، جيڪي ڌرتيءَ جي خوشبوءَ سان جڙيل آهن. هن گلِ نسرين جي سُرهاڻ سنگهڻ بجاءِ ڪنڊي تي ويچارڻ جو اوکو ڏس ڏنو آهي:

ڳاڙهي گُل جي خوشبو سنگھُه،

۽ پوءِ ڪنڊي تي ويچار! (ڪي جو ٻيجل ٻوليو)

چڙهندڙ جواني ۽ وهندڙ وهي ۾ ڪيفيت ۽ احساس جو فرق هجي ٿو، ۽ رڳو ڪافيو ۽ رديف جو پورائو ڇسائپ جو سبب ٿئي ٿو. هن ڪوي جي ڪوتا جا بند ڇسائپ کان آجا آهن. اياز برکا رُت جي انوکي منظر نگاري ڪئي آهي. هن جي رات جي رومانس جي موسم جُهڙالي آهي. جڏهن ڪاري گهٽا وارن کي ڇنڊڪو ڏئي وسي ٿي ۽ رات وقت ڏهر ۾ ڏيئو کڻي وڃڻ جو تجسس به ڪيئن هجي ٿو؟:

رات وارن کي وري ڇَنڊڪو ڏئي،

اوچتو ڪاري گهٽا برسي پئي.

ڇو ڏهر ۾ ٿي وڃين ڏيئو کڻي؟

رات ڪارونڀار جي آهي، هَئي! ( ڪي جو ٻيجل ٻوليو)

صحرهِ ٿر جو هڪ ڀاڱو پارڪر آهي. ڪارونجهر جو جابلو پهاڙي سلسلو ننگرپارڪر شهر جي ويجهو خوبصورتي جو عاليشان مظهر آهي. رڻ ڪڇ کان اتر الهندي پاسي انهن ماٿرين ۾ گاھه، ٻوٽا ۽ وڻ گهڻي تعداد ۾ ٿين ٿا. هي ٽڪريون پکين ۽ جانورن جو به پُرسڪون آستانو آهن. برسات جي موسم ۾ هن جبل مٿان هريالي جو منظر پري کان به پُرڪشش لڳندو آهي. ڀٽياڻي، گوڙڌرو ۽ ٻيون نيئون جبل تان وهندي هيٺ لهن ٿيون. ڪارونجهر تان ڪڪريون گذرن ٿيون ۽ اَڪ جي نيري ڦُلي تي ورشا ٿئي ٿي:

اڪن نيرا ڦليا، مٿان مينهن وسن،

سارو ڏينهن گسن، ڪارونجهر تي ڪڪريون.

ڪارونجهر تي ايندڙ سير ۽ تفريح جا شوقين سياح جبل جي اوچائي ۽ منظرنگاري مان مستفيض ٿي ورن ٿا، پر اُتي عام لوڪ جي سماجي ۽ معاشي حالت بدتر آهي. پورهيت پرتن ۾ غربت ۽ بک واڪا پئي ڪري. ڪارونجهر جبل معدني دولت سان مالا مال آهي، ۽ هتي ڀليون پوک لائق ٻنيون به آهن، پوءِ به هتي اڪثر ماڻهو معاشي بدحالي سبب تعليم ۽ صحت کان محروم آهن. کين بدحال ڪرڻ ۾ ڪنهن جو هٿ آهي؟ هن خطي جا قصا، ڪهاڻيون، رومانوي ۽ جنگي داستان پنهنجي جاءِ تي، پر هن وقت هتي ڪنهن جو راڄ ۽ رواج آهي؟

ڪارونجهر جي پٻ، جهور نه تن جون جهوپڙيون،

تن ۾ ڪائي رٻ، هو جي ڏويون ڪاٺ جون.

اياز جي شاعرانڻي تخيل جي وسيع ڪينواس ۾ ٿر جي مختلف شهرن ۽ ڳوٺن جو ذڪر ملي ٿو. ويراه واھ ننگر جي ويجهو پراڻو ڳوٺ آهي. جڏهن ته ڀوڏو سوڍي جو ڳوٺ ڀوڏيسر جي نالي سان ننگر شهر کان ڪجھه ڪلو ميٽرن جي مفاصلي تي آهي. اياز کي پنهنجي دور ۾ ڀوڏيسر ۽ ويراه واھ اجاڙ لڳي ٿو، هو پُراميد آهي ته هن ڀومي جو وري عروج اچڻو آهي:

ويرا واھ وري وسڻو آ، اي ڀوڏيسر_ ڀُون،

ٿوري دير ته پوندي ليڪن، هانءُ نه هارج تون! (سانجهي سمنڊ سپون)

ڇاڇرو ڪنٺي، ڍاٽ ۽ کائڙ جي سنگم جو شهر آهي، ڇاڇري جي ڏکڻ وارو ڀاڱو ڪنٺو سڏجي ٿو، ڏکڻ اولھه وارو پاسو ڍاٽ، جڏهن ته اتر اوڀر طرف خطو کائڙ سڏجي ٿو. هن شهر جو صبح مشهور آهي، پر اياز شام جي پهر ڪنڊي وڻ، هوا جي جهونڪن، ۽ ڍورن جي ورڻ جو ذڪر ڪري ٿو:

شام، ڇاڇرو، ٿورو پرتي، ڪيڏا ڪنڊيءَ وڻ!

واهيري جي وير ورن ٿا، گهر گهر ڍورن ڌڻ. ( سانجهي سمنڊ سپون)

وسڪاري ۾ سياحن جي ٿر گهمڻ واري رجحان بعد ٿر جي شهرن، خاص ڪري عمرڪوٽ، مٺي، ڇاڇرو ۽ سلام ڪوٽ ۾ هوٽلس ۽ گيسٽ هائوسز جي ڪاروبار ۾ اضافو ٿيو آهي. ٿر ۾ هاڻي روڊس جو چڱو نيٽ ورڪ وڇائجي چڪو آهي. موبائل ٽاورز هر وڏي چوراهي ۽ ڳوٺ ۾ به نظر اچن ٿا. روڊ رستن جو ٺهڻ يا موبائيل ٽاورس جو لڳڻ جو اهو مطلب ناهي ته ٿر تمام وڏي ترقي ڪئي آهي. بنيادي طور تي انفراسٽرڪچر يا سرمائيداراڻي ترقي سان عام هاري پورهيت جي سماجي ۽ معاشي زندگي بهتر نٿي ٿئي. البته، ڪميونيڪيشن ۽ ٽرانسپورٽ دور دراز مقيم عوام کي شهرن ۽ ماڻهن سان ڳنڍي ڇڏيو آهي. ٿر جي روڊن چوراهن تي کنڀيون، مريڙو، هٿ جي هنر جون شيون وڪڻندڙ ڪافي ٻارڙا نظر ايندا آهن، جيڪي غربت سبب اسڪول ۾ پڙهڻ لکڻ جي بجاءِ ٻاراڻي وهي ۾ مزدوري ڪندا آهن.

جيڪي چون ٿا ته ٿر جي خوشحالي جو سڄو دارومدار برسات پوڻ تي آهي، اهي حڪمران ٽولي تي هٿ رکي کيس ذميوارين کان آجو قرار ڏيڻ جي ذهني اٻوجهائپ جو اظهار ڪن ٿا. ۽ مسئلن کي رڳو فطرت تي ڇڏڻ، دراصل مسندنشينن جي ڪردار کان لنوائڻ جي وضاحت آهي. ڇا برسات جي وسڪاري سان ٿر جا بنيادي سڀ مسئلا حل ٿي ويا؟ ان پسمنظر ۾ شيخ اياز جي شاعري سوچ جون نيون سرحدون دريافت ڪري ٿي. شاعري جي سُرن ۾ فڪري پانڌ ڪر موڙي نسرن، ۽ اظهار ۾ حالتن جي بي حد غير روايتي ۽ حسين تشريح هجي، ته اها ڪوتا عوام اُڀاري سگهي ٿي، جيئن اياز جي شاعري ڀڙڪو کارائي ٿي ۽ اها شاعري جٽاءَ ڪري سگهي ٿي. شاعري جو هڪ وڏو ڪارج انسپائريشن آهي. اياز ٿر جي عام زندگي ۽ فطري لقائن مان زندگي جي ويلاسٽي ۾ پُراميد جاڳ جي واٽ ڏسي ٿو. اُٺ هيڏو طويل سفر ڪندي وارياسو رڻ جهاڳين ٿا ۽ اوٺاري هن ريگستاني سفر ۾ ڪٿي ٿڪجن به ڇو؟ جيئڻ جي جسارت ۾ خودڪشي خوف کائي ٿي، ڇو ته جستجو ۽ جدوجهد جو هي دڳ ئي عوامي آهي. اياز جي ٻولي ذهني شعور جي نشونما ايئن ڪري ٿي:

پيروُن پچن ٿا کاري کٻڙ ۾،

ڌرتيءَ منجهان ٿا اَمرت نِچوڙن.

هر هر ڪجاوا اُڀري اچن ٿا،

ڪَرها ڀٽن مان ٿا واٽَ ووڙن. (ڪي جو ٻيجل ٻوليو)

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۷ جنوري ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)


اياز جي اندر جي اڃ ترائي جي تلاش ۾

رام اوڏ

امرڪوٽ کي ٿر جو گيٽ وي چيو وڃي ٿو، ڇو ته هي شهر ٿر ۽ ناري پٽ جي سنگم تي اڏيل آهي، هتان مٺي، ننگر پارڪر، ڇاڇرو، رتنور، ميگهار ۽ کوکڙاپار وڃي سگهجي ٿو. هي امرڪوٽ آهي عمرڪوٽ؟ هن بحث ۾ نٿا پئون، ايئن جيئن هن موضوع: “مارئي پئي ملڪن ۾ ڳائجي عمر ڇو نه؟ ” تي بحث نٿا ڪريون. همايون ۽ حميده بانو ۱۵۴۲ع ۾ امرڪوٽ آيا هئا، جتي ۱۵ آڪٽومبر ۱۹۴۲ع تي اڪبر ڄائو هو. تاريخ جي ترقي پسند ليکارين وٽ اڪبر اڄ به روادري، روشن خيالي ۽ سيڪيولرازم جي علامت آهي. هي شاعر اچرج مان ماضي تي ويچار ڪري ٿو:

اَڪبر! تنهنجو سنگ ولادت، عمرڪوٽ ڀرسان،

آنءُ پيو تاريخ تي سوچان، ڪيڏي حيرت مان! (سانجهي سمنڊ سپون)

مارئي حب الوطني جو مثالي ڪردار آهي، جنهن کي وقت جو بادشاھه اغوا ڪري امرڪوٽ ۾ قيد و بند ڪري ڌن ۽ اقتدار جي ڏڍ تي خريد ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، پر جنهن ذهن ۽ ضمير ۾ مٽي ۽ ماروئڙن جي اُڪير هجي، ان کي خريد ڪري سگهجي ٿو ڇا؟ عمر سومرو جو مارئي کي اغوا ڪرڻ وارو واقعو هڪ حڪمران جي ظالماڻي نفسيات جي عڪاسي ڪري ٿو. وقت جو هر آمريت پسند مسندنشين پنهنجي اقتدار جي ٻلوان تي غربت کي ڪمزوري سمجهي هيڻي تي هلان ڪري خريد ڪرڻ آس رکي آهي، پر ڪي ڪردار صدين جي صدا هوندا آهن ۽ انهن جي مزاحمت زمانن جي ضمير کي پئي جاڳائيندي آهي. مارئي جي ڪردار جي وطن دوستي کي شاھ لطيف اُتساھه جي علامت ڪري پيش ڪيو، ۽ اياز به هڪ عام عورت جي ارڏائپ تي چوي ٿو ته انسان جي تقدير غلامي ۾ جڪڙيل نٿي هجي. ڪوٽ ۽ ڪڙا ٽُڪرن ۾ ٽٽي سگهن ٿا. تقدير ۽ پرارٿنا جا لفظ انهن جي وشواس ۾ نٿا هجن، جيڪي ڪوٽ ڪيرائڻ جو دڳ مزاحمت ۽ جدوجهد کي سمجهن ٿا:

اکين اوٽ سوال، اُڀريو ڪوئي اُڀ ۾_

ڪڏهن ايندو اوچتو ڀِٽُن ۾ ڀُونچال؟

هيئن اسان جو حال، ڪيسين رهندو ڪوٽ ۾؟ (ڪَپر ٿو ڪُن ڪري)

غلامي ڪنهن به شڪل ۾ فڪري ارتقا کي روڪي ٿي. آزادي جا صبح ڪرڻا ذهني اوسر جي وسعت وڌائن ٿا. غلام ماڻهو بي جان روبوٽ هوندا آهن. انهن جي اندر جي دنيا تي حڪمراني جو غلبو هجي ٿو، ان ڪري اڄوڪي غلامي پسند سماج ۾ مارئي هڪ عورت جي روپ ۾ زنجيرون ٽوڙي هن دنيا ۾ حقيقي مُڪتي حاصل ڪرڻ جو منطق ورجائي ٿي:

ماروئڙا اَڻموٽ، ڪيري آيا ڪوٽ

لٿا لوھَه لِڱن تان.

وُٺا مينهَن مَلِير تي، ڇانگُون ڇَنَنِ اوٽَ

لٿا لوھَه لِڱن تان. (ڪَپر ٿو ڪُن ڪري)

ڪنهن تصوراتي جنت کان ڌرتي جو حقيقي وجود وڏي وٿ هجي ٿو. اصل ۾ اوپرو ۽ اجنبي ماڻهو اهو هجي ٿو، جيڪو پنهنجي ڌرتيءَ سان محبت ڪرڻ بجاءِ ڪنهن تصوراتي سرڳ جون حسرتون سانڍي مٽي جي مرياڌا تان هٿ کڻي وڃي ٿو:

تون ڇا ڄاڻين، اوپرا، ٿر جي وَلين ٿڌ،

تُنهنجي سوچيل سُرڳ کان، منهنجي وَستِي وڌ،

منهنجي ڪُنيءَ رڌ، جي تون سائُون چَکئين. (ڪَپر ٿو ڪُن ڪري)

ساهتڪ رچنا ۾ اِتهاس جي نازبوءِ سان ماضي جي ياد تازي ٿئي ٿي. تاريخ پنهنجي ڳڀ ۾ ڪي لمحا سانڍي رکي ٿي، جيڪي هر دور جي نسل جي ذهن تي ڪي اسڪيچ اُڀارين ٿا. تصور ۽ سوچ ۾ گذري ويل وقت موٽ کائي ٿو. شيخ اياز جي شاعري ۾ تاريخ جا اڻ مٽ آثار موجود آهن. ڪوتا جي اهڙي ڪٿا کي تاريخي پسمنظر سان سمجهي سگهجي ٿو. ۱۷۸۱ع ۾ ڇاڇرو شهر کي مدد خان پٺاڻ لٽيو ڦريو هو. اياز اهڙي وارتا کي سندي وجود تي وار سمجهي ٿو:

مُون کي ئي هِن ڏيھ ۾، مدد خان ڪُٺو،

لهُوءَ مينهن اُٺو، سارو مُنهنجي ساھه تي. (ڪَپر ٿو ڪُن ڪري)

هي ٻهڳڻو ڪوي برسات جي زوردار سٽڪي جي آس رکي ٿو، ته جيئن رهزن لڙهي وڃن، ڇو ته رهزنن جي ڪري ڏيھه ڏکارو ٿي پيو آهي. تاسارين جي تِرس تڏهن ئي لهي سگهي ٿي، جڏهن گرجدار ورشا سان گڏ ڇاڇري جي سوچ به بدلجي:

رهزن لوڙهي ڇڏ ريلن ۾،

ڏس! ڪيڏي آ وِھُه ويلن ۾،

گرج گرج ڙي، برس برس ڙي!

تاسارين تي ڪو ته ترس ڙي!

ڇوها! ٿِي نه مٿاڇرو!

ڇا ٿو سوچي ڇاڇرو؟؟ ( چنڊُ چنبيليءَ وَلِ)

اياز جي شاعري جو هڪ ڪمال فطرت جي دلڪش منظرنگاري آهي. کوھه تان پاڻي ڀرڻ، رڃ ۽ رائو، اوٺاري، مور جي ناچ، لهندڙ سج وغيره جهڙا منظر سندس تخيل جي سندرتا جا مثال آهن. هي ڪوي جنهن تيز رفتاري سان منزل جهاڳڻ جي منظرڪشي ڪري ٿو، اُتي درد ۽ عذاب جي وار تي وجود جي ٿڪاوٽ جو داستان به اوري ٿو. اياز اظهار جي بيوسي ۾ ٿريو لڳي ٿو. هن جي اندر جي اُڃ ڪنهن ترائي جي تلاش ۾ آهي، جتي ڪنهن وڻ هيٺ ويهي ٿڪ سارا لاهجن. پر اهڙي ويلا ۾ ڪير ڪنهن کان پڇي؟

روجَهھ رَمتا ٿيا ڪيرُ ڪَنهن کان پڇي،

اُڀ ڇا کان ڦِٽو، وِڄ ڪنهن تي کِلي؟

ڪا ترائي هُجي، ڇانوَ ڇانئي هُجي،

اُڃ مُنهنجي ٻُجهي، مان پوان آهلِي! (ڪي جو ٻيجل ٻوليو)

تاريخي پيرا ليڪڻ سان پتو پوي ٿو ته گوڙيچو، جين ڌرم جي پارس ناٿ کي چوندا هئا، انهي لفظ تي اڳتي هلي گوڙي نالي ڳوٺ ۽ مندر تي نالو پيو، جيڪو ۱۳۷۶ع ۾ تعمير ٿيو. جنهن ڳوٺ کي ويري رٻاڙيءَ وسايو، اهو ويراواھه سڏجي ٿو. چيلي چارڻ جو آباد ڪيل ڳوٺڙو چيلار مان هاڻ چيلهار بڻيو آهي. هڪ عورت مٺي بجيرياڻيءَ جو ڳوٺ سياسي ۽ معاشي شاطر واپارين جو شهر مٺي بڻجي پيو آهي. ان پسمنظر ۾ شيخ اياز پنهنجي جيون ڪٿا “ڪٿي ته ڀڃبو ٿڪ مسافر_۱” ۾ جي ايئن لکي ٿو ته صحيح لکي ٿو: “نه رڳو ٿر ۾ کوھه جي هر ڀاڱي کي پر هر ڳوٺ، ڀٽ، ڏهر، ٻنيءَ، گس کي نالو هو. هر گاھه کي ايئن نالي سان سڃاتو ٿي ويو، جيئن قومن ۽ ذاتين کي نالي سان سڃاتو ٿي ويو.

هر باسڻ برتن کي ايئن نالو هو جيئن گوءِتر ۽ نُک کي نالو هو. هر ترائي ۽ تلاءَ کي نالو هو. هر کوھ، ويريءَ، ۽ انهن مان پاڻي ڀرڻ جي قسم ۽ خاصيت جو نالو هو. هر جانور، جيت جڻئي، پکي پکڻ کي نالو هو. ڪهڙا تفصيل ڏئي ڪهڙا تفصيل ڏئي ڪهڙا تفصيل ڏيان! جي مان ٿر مان رهان ها ته ڏهن مهينن ۾ ڏھه هزار صفحا اُن جي لغت لکان ها. ” شاھ لطيف چيو آهي ته: موڙي مڃر ٽاريون چانگا ٿا چرو. ڪنڊي جي وڻ ۾ پيلي رنگ جا گلڙا نسرندا آهن، انهن کي مڃر چئبو آهي. ٿر جا ماڻهو ۽ جانور سڱريون شوق سان کائن ٿا. اياز ڇورين جي سڱريون ڇنڻ سان چوڙين جي رڌم جو منظر هڪ هائيڪو ۾ ايئن پيش ڪري ٿو:

ڇوريون جيئن ڇِنن،

ٽپا ڏيئي سڱريون،

چوڙيون ڇَم ڇَم ڪن! (پَن ڇَڻ پُڄاڻان)

ڪنهن اپسراءِ طرفان ڪاڪل کي واسينگ ڪرڻ واري منظر کي به اڪثر شاعر رومانٽڪ انداز ۾ بيان ڪن ٿا. نار هيٺ وينگس جي وهنجي وار کولڻ سان ٻاٻيهو ٻولي پوي ٿو.

نيسرِ هيٺان نينگرِ وهنجِي،

وار ڇڏيا کولي_

ٻاٻيهو ٻولي! (ڀونرُ ڀِري آڪاس)

ٿر ۾ منظم طريقي سان انتها پسندي جا بنياد جنرل ضياءَ جي دور ۾ پيا. انتهاپسند سوچ سان ٿوري مُدت لاءِ سماج ۾ انتشار ته پکيڙي سگهجي ٿو، پر طويل وقت تائين راڄ نٿو ڪري سگهجي!سج اُڀري لهي ويندا آهن، پر ڌرتي ابدي ۽ امر آهي. اياز سج لٿي وقت ڦوڳ جو رتو روپ محسوس ڪري پنهنجي وجود کي ان پهر، منظر ۽ مٽي سان منسوب ڪري ٿو. اهي ڳاهيرا ناسي ٿڙ اصل ۾ ڌرتي جي دائمي ۽ مضبوط وجود جا گواھه آهن:

وارِي اَبناسي،

سانجهيءَ سج لهي پيو.

اڳ کان وَڌ ٿُڙ ڦوڳ جا، ڳاڙهيرا ناسِي. . . (سورج مُکي سانجهھ)

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۱۰ جنوري ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)


 

ٿر جي دلڪشي، نرملتا ۽ درد تي اياز جا ويچار

رام اوڏ

ويراھه واھه ويجهو پاري ننگر سامونڊي بندرگاھه ۽ واپاري مرڪز هو. اياز هن قديم ماڳ پاري ننگر تي جمال ابڙو، محمد ابراهيم جويو ۽ رشيد ڀٽيءَ سان گڏ ويو هو. هتي جا باشندا جين مت جا پيروڪار هئا. هن شهر سان سڏونت ۽ سارنگا جي پيار ڪهاڻي يادگار آهي. هن ڪهاڻي جي روايت ڀٽن ۽ چارڻن جي زباني منتقل ٿيندي رهي آهي. سڏونت اوسواڙ قبيلي جي هڪ واپاري پرم شاھه جي ڌي هئي، جڏهن ته سڏونت ساليواهن نالي راجا جو پٽ هو. هي پريمي هڪ پاٺشالا ۾ پڙهندي عشق جي اڙانگي سفر جا رڻ جهاڳڻ لڳا. رسمن جي اوڙاھه ۾ سارنگا جي شادي اُجين پرڳڻي جي سيٺ سان ٿي، پر سڏونت جوڳي جي روپ ۾ سارنگا سان ملي پساھه پورا ڪيا. اياز ٿو چوي ته ڪارونجهر جي ڏونگر ۾ هن پريم ڪٿا جي گونجار اَپار آهي:

ڪارونجهر ۾ ڪوڪِرا، آڌي اُڀ اَنَنت،

سارنگا سَڏوَنت، رمتي روُيا روھه ۾. (جل جل مشعل جل)

هن وائي ۾ ڀٽياڻي ندي جي تار وهڻ جي آشا آهي. ڪارونجهر تان لهندڙ برساتي نديءَ ڀٽياڻي مان پاڻي گجگوڙ ڪري لهندڙ پاڻي جو پار ئي ڪونهي. هي ندي پيٿاپڙ جي رڻ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي: پريت پراڻي جو اشارو سڏونت سارنگا جي پريم ڪٿا ڏانهن آهي:

گَرجُ گَرجُ اي گونگي ڌرتي! ڀَرجُ ڀَرجُ ڀَٽياڻي!

ڀَرجُ ڀَرجُ ڀَٽياڻي!

ڪارونجهر ۾ پَئي پُڪاري، پَل پَل پريت پُراڻي!

ڀَرجُ ڀَرجُ ڀَٽياڻي! (رُت آئي ڳاڙهن ٻيرن جي)

اسپين جي جنرل فرانسسڪو فرانڪو جي فاشسٽ ڊڪٽيٽرشپ ۱۹۵۳ع تائين لورڪا جي ڪتابن تي ايئن پابندي هنئي جيئن اياز جا ڪتاب “ڀونر ڀري آڪاس” ۱۹۶۴ع ۾، “ڪلهي پاتم ڪينرو” ۱۹۶۸ع ۾، “ جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي” ۱۹۸۶ع ۾ ضبط ٿيا. جپسي شاعر گارشيا لورڪا اندلس جي وادين ۾ رهندڙ خانه بدوشن جي زندگي تي لکيو آهي. لورڪا جا گيت خانه بدوش زندگي جي درد جو اهڙو پُرسوز اظهار آهن، جهڙو اياز وٽ آدي واسين جي پيڙاءُ جو ذڪر آهي. شيخ اياز پنهنجي ڪتاب “ڪَتين ڪَرَ موڙيا جڏهن_۳” ۾ لکي ٿو ته: “جيئن ٿر جي ڀيلن، ڪولهين ۽ مينگهواڙن جي رقص جا منهجي شاعري ۾ پڙاڏا آهن، ايئن اسپين جي جپسين جي زندگي لورڪا جي شاعريءَ تي اثر انداز آهي. ” گيت جي اِتهاس پڙهڻ سان پتو پوي ٿو ته ٻڌ مت جا پنٿي سُر ۽ ساز جا هيراڪ هئا، جيڪي پوربي ٻولي ۾ مڌر گيت آلاپيندا هُئا، گيت ۽ سنگيت جو هي سڀاءُ امير خسروءَ کان ودياپتيءَ تائين سُريلي جهنڪار ۾ ملي ٿو. اياز اهڙي ئي ليگيسي جو گيتڪار آهي، جيڪو لورڪا جيان جپسي دراوڙ لوڪ جي ثقافتي رقص راسوڙا جو دلربا منظر چٽي ٿو:

هي ٿڌڙيءَ جي رات، ٿر ۾ڪيئي ڪولهڻيون،

تاڙيون وڳيون اوچتو، چيري چُپ چُپات،

آئي تنهنجي بات، راسُوڙا رڪجي ويا. ( اَڪن نيرا ڦُليا)

هڪ ڪتاب “اُٺا مينهن ملير” جي نومبر ۱۹۷۵ع ۾ ميرپورخاص ۾ منعقد ڪيل افتتاحي تقريب ۾ تقرير ڪندي اياز چيو هو ته: “ سال ۱۹۶۴ع ۾ مون ميرپورخاص کان وٺي ننگر پارڪر تائين سفر ڪيو. اسلام ڪوٽ ۾ پوري رات ٿر جا لوڪ ناچ ڏٺا ۽ لوڪ گيت ٻڌا. رستي تي گيتن ۾ ٿر جي هارين کي همرچو ڳائيندي ٻڌو، جنهن منهنجي من ۾ اهڙا جذبا اڀاريا، جيئن ڪنهن جي ڇاتيءَ ۾ ڇرو کپي وڃي ۽ گرم خون اُٻڙڪا ڏيئي ٻاهر نڪري اچي. هيءَ سر زمين جنهن جا صديون پراڻا لوڪ گيت ۽ لوڪ ناچ اڄ اتائين امر آهن، جنهن جي لوڪ ادب جو ذخيرو اکٽ ۽ املھه آهي، جنهن جا زيور، لباس، گيت ۽ ناچ وغيره انسان ذات جي مجموعي تهذيب جو هڪ امر حصو آهن ۽ جنهن جا بکايل ۽ ڏکايل مارو صدين کان رتين جي ريت نڀائيندا ٿا اچن. ” ( خط، انٽرويو ۽ تقريرون_۱) اياز جي لوڪ گيتن جي انفراديت هي آهي ته انهن ۾ ثقافتي دلڪشي، ٻاجهاري ٻولي، احساسن جي نفاست ۽ سُر سنگيت ۽ مروي جي هٻڪار محسوس ٿئي ٿي. اياز فڪري سُندرتا جو جوهر برقرار به رکي ٿو. اِها شاعراڻي اُٿل سگهاري فڪري سوچ سان همڪنار ٿي، سنڌ جي جواني ۾ روشن ذهن ۽ ضمير جا لاڙا پيدا ڪري ٿي:

هُڙڪ هَلو هو، ڌيمان هَلو هو!

سانوَلِڙي جو،

ڳيچُ چئو ڪو:

سانتِ بُري آ،

سانت ڪيو ڇو؟

گونج اُڀاري ڪا ته گلو هو!

ماحول ۾ ماٺار موت طرف ڌڪي ٿي. متحرڪ ماڻهو ڏمر ۽ جبر خلاف رَٿ روڪي ويڙھه ۽ سانت بجاءِ گونج ڪندا آهن. ان ڪري لازمي آهي ته جدوجهد جي چڻنگ ٻرندي رهي. ڇو ته هي سماج اڻبرابري تي بيٺل آهي. ان سماجي اسٽڪچر ۾ سرمايو ئي هر قدر ۽ اخلاق جي وصف طئه ڪري ٿو. اهڙي نظام جي بدولت اڌ کان وڌ آبادي بک، غربت ۽ بيمارين ۾ تِڳي مري وڃي ٿي. هي مهان ڪوي تصوراتي شاعراڻي اُڇل ۾ عقلي جماليات جي آشنا سان شعوري ردِ عمل لاءِ اُتساهي ٿو. ۱۹۴۶ع ۾ اياز ٿر ۾ اليڪشن مهم جي پسمنظر ۾ هي گيت لکيو هو:

ڌوڏ هن سماج کي،

لوڏ سامراج کي،

ٺاھ سو نئون نظام،

جو چڱو چئي عوام_

هي نظام آ خراب_انقلاب!

هن ريگستاني خطي ۾ مارچ کان جولاءِ تائين اونهاري جي موسم ۾ ڪانوءَ جي اک ڪڍندڙ ٽاڪ ڪاڙها ٿين ٿا، انهن ئي ڏينهن ۾ اُساٽ جو تصور اڃان وڌيڪ تاسارو ٿي پوندو آهي. اپريل کان جولاءِ تائين ٿر ۾ رهڻ ڏاڍو ڏکيو آهي، اُڃ ۽ لُوءَ جو احساس وجود تي واسو ڪندو آهي ۽ اها ويلا وڇوڙي جي ڪنهن پل کان وڌ تڙپائيندي آهي. لُڪ جُهولو ۽ تپندڙ واري جو احساس مئي جي مهيني ۾ وڌيڪ ٿيندو آهي. هن ئي مند ۾ سڱريون ۽ پيرون پچن ٿا. برسات گهڻو ڪري جولاءِ آگسٽ ۾ وسندي آهي. اونهاري ۾ تيز گرم هوائون ۽ جُهولا لڳن ٿا ته سياري ۾ واري جي ٿڌڪار محسوس ٿئي ٿي. ٿر جي تصور سان رُڃ ۽ اُڃ جو تصور به اُڀري ٿو. لوءِ جي وهڪري سان ڪيئي پکي جهپڪي هيٺ ڪري مري وڃن ٿا. ٿر ۾ وڻن جي واڍي سبب پکين جا آکيرا اُجڙي ويا آهن. فطري ايڪو سسٽم جي اُجاڙ سبب پکين جا مختلف نسل ناپيد ٿيندا پيا وڃن. ڪوسي لوءِ ۾ جياپو جنجال ٿي پوي ٿو. گرم هوا سان واچوڙا اُٿن ٿا، واري تپي ٿي، واچوڙا اُٿن ٿا:

آرهڙ جو آڪاس ٻري ٿو،

ڪانوءَ لنوي ٿو ڪنڊيءَ تي.

نيٺ ته ڌرتي

ويس وسڻ جا پائيندي

لوسڻ جيئن لهرائيندي

لوءِ لڳي ٿي

آئون لکان ٿو

لکندي لکندي سج لهي ٿو

جڳ چڙهي ٿو جنڊيءَ تي

رات اچي ٿي.

گهر گهر ڏيئا ٽمڪن ٿا

جن ۾ سپنا جهمڪن ٿا

ننڊ اچي ٿي

آئون لکان ٿو.

اياز پنهنجي جيون ڪٿا “ ڪٿي ته ڀڃبو ٿڪ مسافر حصو_ پهريون” ۾ لکي ٿو:

ٿر کي ياد ڪري مون کي فريڊريگو (Fredrigo) جو نقش ياد آيو، جو مصور فرانچيا Francia ٺاهيو آهي، جنهن کي مخملي لباس پيل آهي ۽ جنهن جي مُٺ ۾ تلوار جو هٿيو آهي. پسمنظر بهار جا نوان گئونچ ۽ اطالوي پهاڙين جو پسمنظر هُن سان زياده ٺهڪي اچي ٿو. مصور اشارن ۾ ظاهر ڪيو آهي ته اُن ڇوڪري کي آسودگي انسانن جي صحبت کان وڌيڪ رڍن چارڻ ۾ ملي ٿي. (ص. ۷۸)

اياز ٿر آيو، هتي عوامي زندگي ۾ جهاتي پائي ڏٺائين ۽ انهي سڄي منظرنامي کي شاعري جي روپ ۾ اظهاري ويو. ٿر جي دلڪشي، نرملتا ۽ درد تي اياز جا شاعراڻي ويچار تجزياتي پرک جا طلبگار آَهن. منهنجي خيال ۾ شاھه لطيف کانپوءِ سنڌ جو ڪو به شاعر شيخ اياز جيان ٿر جو درد بيان نه ڪري سگهيو آهي:

نه هو چونري ۾ ڪٿي، راتڪو چوڻو!

نه اڄ ولوڻو، نه سي وايون وانڍ ۾.

(جاري آهي)

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۱۴ جنوري ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)


اياز جي شاعري ۾ ٿري زندگي جا ڏکيا سکيا ڏينهن

رام اوڏ

سنڌ جو ريگستاني خطو ٿرپارڪر وڏي ايراضي تي پکڙيل آهي، لنڪ روڊ کانپوءِ ڪيئي ڪلوميٽر اڙانگا پيچرا آهن، ماڻهو اهڙين جاين تي رهن پيا جتي صفا سُڃ لڳي پئي آهي. ڪيترا ئي ڳوٺ روڊ رستن کان ڪٽيل آهن، نه اسڪول آهن ۽ نه اسپتال آهن. اِها حالت رڳو ٿرپارڪر جي ناهي پر اڇڙي ٿر سميت سنڌ جي ٻين ريگستاني علائقن ۾ به ماڻهو مصيبتن کي منهن ڏئي رهيا آهن. چوپايو مال مري رهيو آهي. کوھ سڪي ويا آهن. خوراڪ جي کوٽ آهي. ناري ۽ لاڙ جي بئراجي علائقن ۽ ٿر ريگستان جو محنت ڪش طبقو سڀ کان مشڪل زندگي گذاري ٿو. ٿر جي عام کيت پورهيت ۽ هاري جو معاشي گذر برساتي کيتي باڙي ۽ چوپائي مال تي آهي. ٿري هاري ۽ پورهيت جي گهريلو معيشيت جو ڪاروهنوار “ آڻيون ۽ چاڙهيون” وارو آهي. اياز جي شاعري جي پسمنظر ۾ ٿري هاري ۽ مزدور آهي، جنهن وٽ بک ۽ ڏک مستقل مهمان ٿي رهن ٿا. انهن وٽ ٿر جي ڪا ٻني ناهي، ۽ انهن جي ٻاجهر ۽ گوار جي اُپت سيٺين جي ٽجوڙي ۾ هلي وڃي ٿي. اهي پورهيت ٻج قرض تي کڻي پوک ڪن ٿا. جتي عورتون خوشي ۽ مناسب خوراڪ کان محروم هجن، انهن جي جسامت ڪجھه اهڙي ئي هجي ٿي:

مٿن رکي موٽيون، کاڄ بنان کارا،

ٿري ويچارا، ڪاٺين جهڙيون نينگريون.

طبقاتي طور ورهايل هن سماج ۾ اوچ نيچ جو تصور موجود آهي، هڪڙا طبقا بنھ ويڳاڻا ۽ ڌڪاريل آهن. سندن ڪا به سياسي ۽ سماجي حيثيت تسليم نه ٿي ڪئي وڃي. ٿر ۾ رائج طبقاتي نظام جي ڪشمڪش ڪنهن به منظم سياسي تحريڪ کي جنم نه ڏئي سگهي آهي، پر هن خطي ساڄي ڌر جي رجعتي ۽ اقتدارپرست سياست ويتر مضبوط ٿي آهي. اهو ئي سبب آهي جو ٿر گهڻ رخن مسئلن جي منهن ۾ ڌڪجندو پيو وڃي. ٿر ۾ هڪ ته پٽيل گهڻا آهن، جن جا ڏڪار ۾ به جاوا ٿين ٿا. اهڙي سماجي طبقي تي ڏڪار خطرناڪ اثر مرتب نٿو ڪري. اهي پٽيل هاڻ نه صرف ملازمت تي چنبا کوڙيو ويٺا آهن، پر شهرن ۾ ڪاروبار ۽ قبضاگيري به انهن جي دلربا ڪِرت آهي. معاشي طور تي واپاري، ملازم ۽ ٻنيءَ ٻاري جي ذاتي ملڪيت رکندڙ طبقو موچارو ۽ مواڙ آهي، جڏهن ته ٻني ۽ مال مويشي کان محروم پورهيت طبقو غربت جي بدترين شڪل ۾ مبتلا آهي، ان جو نتيجو ٻارڙن جي موت ۽ عورتن جي خودڪشين جي صورت ۾ روز ظهور پذير ٿئي ٿو. ٿر جي اهڙي پسمنظر ۾ اياز پونجي واد نظام تي تنقيدي ڪري ٿو:

هيءُ نه آدمزاد، پڳ پڳ جهڙيون پيئڻيون،

جن جي لوٽ کسوٽ سان، ٿر بر سڀ برباد،

پيڙي پونجي واد، پاليا ڏيھ ڏڪاريا.

موسمون انسان جي مزاج تي گهرو اثر ڇڏين ٿيون، پر هن وقت مندون مٽجي ويون آهن، برسات به وقت تي ڪٿي ٿي وسي. ڪو وقت هو جو اتر کان جهڙ ٺهندو هو، ڪڪر ڪاراڻ ڪري ورندا هئا، مينهن موجون مچائي ڇڏيندو هو. اڄ پازيٽوِ فيڊ بيڪ طرف وڌندڙ گلوبل وارمنگ سبب برسات جا وارا آهن، ڪٿي وٺو، ڪٿي نه، ڪٿي ٻوڏ، ڪٿي سوڪهڙو!

سانوڻ من ڀانوڻ ۾ سرتيون کلندي کيج وجهن،

منهنجا نيڻ نٿا بس ڪن!

ڏڪار جا ستايل ٿري ڪڪرن جي ڪڙڪن سان اُٿي پون ٿا. وسڪاري ۾ ٿر سکارو ٿئي ٿو. ڇنڊڪار ۽ شوخ هوا سان ويران ولهار ڇاڇري جي ڇڙواڳ صبح جيان دلڪش فطرت جو ڏيک ڏيئي ٿو. ورشا جي اوهيڙن سان ڪارونجهر جي ڪور لاجونتي، اٺ ڪنٺي ۽ ستاوڙي جي ساوڪ سان سٿجي وڃي ٿي. ڍورا دڙا، کيت کيتر، ڍاماسي، سونلي ۽ ڌنار کٿوري جي مهڪار ۾ سلا اُڀارين ٿا. ڪونڀٽ ڪنڊي، ٿوهر، روهيڙو هريالي ۽ هڳاءُ جي وناھ ۾ ويهي وِلاس وکيرين ٿا ته ڌنارن جي دلربا دنيا ۾ رسيلي رم جهم سان بانسريون چنگ پاوا سنگيت جي سرمستي ۾ سر ڇيڙي وِلا جا وهلور جاڳائين ٿا. ڇو ته ريت تي وسڪارو ئي سُريلو ساز بڻجي پوي ٿو. وسندڙ برسات جو رڌم صرف اهو محسوس ڪري سگهي ٿو، جنهن جا ٻار بکايل ۽ کيت اُڃايل هجن:

اڄ نه کوهيءَ نار، نه هو گهڙا چيلهھ تي،

ائٽ اُڃارا وينگسون، ڇا تي ڇوڙن وار،

ڪوڙي سج نهار، ورت وسوڙا اُس ۾.

ڏڪار ٿيڻ سبب مارو مال ڪاهي ناري ۽ لاڙ پٽ ڏانهن لڏ پلاڻ ڪن ٿا. ٿر ۾ لڏپلاڻ جوعمل مجبوري جي صورت ۾ ٿئي ٿو. اهو به خاص ڪري ان وقت جڏهن لاڙ ۾ سارين ۽ ناري ۾ ڪپھ يا ڪڻڪ لهي ٿي ۽ چونڊ يا لاباري جو آسرو هُجي ٿو. ايئن مال متاع وٺي وڃڻ ۽ اُتي رهڻ انتهائي ڏکيو آهي. جتي ماڻهو جو گهر ٺڪاڻو نه هجي اُتي رهڻ ڪيڏو مشڪل هجي ٿو. پورهئي ڪارڻ هي مارو لوڪ جتي رهن ٿا، اتي ريپ جا ڪيس ظاهر ٿين ٿا ته انهن سان مقامي ماڻهو ڪٿي ڪٿي جهيڙا به ڪن ٿا. لاباري لاءِ لڏيندڙ لوڪ وٽ زندگي جي وصف جياپي جي بقا آهي. سماجي ۽ معاشي حالت جي هڪ تصوير شيخ اياز جي ان شعر ۾ عيان آهي:

ٿر ۾ مٽيءَ ڪونڊيون، اَٽو اَٽو ڪن،

مارو روز مَرن، چئونري چئونري بُک ۾ ( شيخ اياز )

شيخ اياز شاعري ۾ ٿري زندگي جا ڏکيا ۽ سُکيا ڏينهن بيان ڪري ٿو، يعني شاعر وٽ ڏڪار ۽ سُڪار جي وقت جنم وٺندڙ ڪيفيتون الڳ الڳ آهن. ڇو ته شاعر سماجي ۽ معاشي حالت جي لاهن ۽ چاڙهن تي مختلف ردِعمل ڏيکاري ٿو. لفظن ۾ بيان ڪيل احساس من کي جهير ڏين ٿا، ته اهي ولهار تي وسڪاري جي صورت ۾ جياپي، وجود جي بقا ۽ تازگي جو به احساس ڏيارين ٿا. هڪ طرف اياز جي شاعري پڙهي خوشي ۽ خوشحالي جو احساس جاڳي ٿو ته ٻئي طرف بک، غربت ۽ مظلوميت کي ڏسي ڏک ٿئي ٿو. اياز جي عمل، مطالعي، مشاهدي سان گڏ تصور ۽ تخيل جي اولڙي ۾ سرجيل درديلي دانهن ڪجھه اهڙي ئي آهي:

جت ڪيئي صدين سالن کان،

پولارن کان، پاتالن کان،

ٿا ڏُرت اچن، ڏهڪاوَ پون،

سو ديس مسافر، منهنجو ڙي!

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۲۷ جنوري ۲۰۲۲ع ۾ ڇپيل)


اياز جي شاعري ۾ فطرت جي منظر نگاري

رام اوڏ

اياز جي شاعري جو هڪ ڪمال فطرت جي دلڪش منظرنگاري آهي. کوھه تان پاڻي ڀرڻ، رڃ ۽ رائو، اوٺاري، مور جي ناچ، لهندڙ سج وغيره جهڙا منظر سندس تخيل جي سندرتا جا مثال آهن. هي ڪوي جنهن تيز رفتاري سان منزل جهاڳڻ جي منظرڪشي ڪري ٿو، اُتي درد ۽ عذاب جي وار تي وجود جي ٿڪاوٽ جو داستان به اوري ٿو. اياز اظهار جي بيوسي ۾ ٿريو لڳي ٿو. هن جي اندر جي اُڃ ڪنهن ترائي جي تلاش ۾ آهي، جتي ڪنهن وڻ هيٺ ويهي ٿڪ سارا لاهجن. پر اهڙي ويلا ۾ ڪير ڪنهن کان پڇي؟

روجَھه رَمتا ٿيا ڪيرُ ڪَنهن کان پڇي،

اُڀ ڇا کان ڦِٽو، وِڄ ڪنهن تي کِلي؟

ڪا ترائي هُجي، ڇانوَ ڇانئي هُجي،

اُڃ مُنهنجي ٻُجهي، مان پوان آهلِي! (ڪي جو ٻيجل ٻوليو)

اياز پنهنجي ڪتاب “ڪراچي جا ڏينهن ۽ راتيون” ۾ “اَڪن نيرا ڦَليا” جو پسمنظر لکي ٿو: “شاعري سمنڊ جي وير وانگر ڪڏهن ڪڏهن چڙهندي آهي ۽ جڏهن لهي ويندي آهي ته مون کي منهوڙي جي ٺوٺ پهاڙين وانگر ڇڏي ويندي آهي. مون نه رڳو ڪيترا ئي نظم لکيا، پر ٿر جي پسمنظر سان پنج ڇھه سئو بيت لکيا، جن ۾ مون انسان جي گوناگون جذبات کي سمايو. انهن بيتن ۾ ڀٽائيءَ جي لوڪ ڪهاڻين جو ڪوئي پسمنظر نه آهي ۽ انهن ۾ ورلي ڪوئي اهڙو اهم لفظ ڪم آندل آهي، جو ڀٽائيءَ يا ٻئي ڪنهن شاعر اڳ ڪم آندو آهي. مون سوچيو آهي ته ايئن سنڌ جي سمنڊ، ڪوهستان، لاڙ وچولي، اُتر جي پسمنظر سان ٻيا بيت لکان، جن ۾ هن ڌرتيءَ سان “من تو شُڌم تو من شُڌي” واري ڪيفيت پيدا ڪريان. مون ان ڪتاب جو نالو “اَڪن نيرا ڦُليا” رکيو. . ڪنهن ٿوهر هيٺ واريءَ تي ننڊ ڪرڻ سولي ۽ پُرسڪون ته ڪونهي، پرزندگي جي اهڙي ڪرب مان گذري به جيئڻو پوي ٿو. اياز اهڙي حالت کي روجھه سان تشبيھه ڏيئي ٿو، جيڪا رڃ ۽ اُڃ ۾ شڪارين کان ڊوڙندي ۽ لڪندي وجود جي بقا برقرار رکي ٿي:

ڪنهن ٿوهر هيٺان واريءَ تي

وسرامي آهيان روجھه جيان،

ڄڻ سارا درد زماني جا

مون دُور هٽايا ٻوجھه جيان. ( اَڪن نيرا ڦُليا)

اياز ٿر جي عام زندگي ۽ فطري لقائن مان زندگي جي ويلاسٽي ۾ پُراميد جاڳ جي واٽ ڏسي ٿو. اُٺ هيڏو طويل سفر ڪندي وارياسو رڻ جهاڳين ٿا ۽ اوٺاري هن ريگستاني سفر ۾ ڪٿي ٿڪجن به ڇو؟ اياز جي ٻولي ذهني شعور جي نشونما ايئن ڪري ٿي:

پيروُن پچن ٿا کاري کٻڙ ۾،

ڌرتيءَ منجهان ٿا اَمرت نِچوڙن.

هر هر ڪجاوا اُڀري اچن ٿا،

ڪَرها ڀٽن مان ٿا واٽَ ووڙن. (ڪي جو ٻيجل ٻوليو)

اياز دنيا جو سير ڪري، جڏهن ٿر تي ٿاڪ ڪري ٿو، ته هو واري تي موجود گهر کي باغ عدن سمجهي ٿو. نما شام ويلي ڪوي جي جيون جي گهڙي واري تي امرتا ماڻي ٿي:

ٿر ۾ ٿانئيڪو نه ٿيو،

ڪوئي ڪوئي ڪارايل.

هي واريءَ تي وڏ_ڦڙو،

هي سانوڻ جو سُر منڊل. (ڪُلهي پاتم ڪِينرو)

جيئڻ جي جسارت ۾ خودڪشي خوف کائي ٿي، ڇو ته جستجو ۽ جدوجهد جو هي دڳ ئي عوامي آهي. کائڙ ۾ اهو واس وکرڻ جي ڪلپنا ڪجھه اهڙي ئي آهي:

هيءَ روپهري روءِ، جنهن تي جرڪيون جهومڪيون،

رُڻ جهُڻ جنهن جيءَ جهانءِ سان، جهونجهڪڙي ۾ جُوءِ،

کائڙ جي خوشبوءِ، جهڙي ڦوڳ ڦُلار ۾.

اياز ٿر جي وڻن، ڏهرن، ڀٽن، کيتن ۽ برساتن جو ذڪر راڳ ۽ ويراڳ جي لهجي ۾ تخليقي جماليات جي تلفظ سان ڪري ٿو. لئه ۽ سَرلتا جو هي بي ساخته اظهار شام ويلي ڪنهن بانسري نواز جي صدا بڻجي پوي ٿو:

مون ئي ڪئي ڀُل

لوهيڙن ڳاڙها ڪيا،

ڏاڙهياري تي گُل

اياز “ ڪٿي ته ڀڃبو ٿڪ مسافر حصو_ پهريون” ۾ لکيو ته:

“ٿر ۾ ڄار ۽ کبڙ ۾ مڪ ٿيندي آهي، جا اُٺ کائيندا آهن ۽ ڳاڙها پيلا پيرون به ٿيندا آهن. ٻٻر جا پيلا گل ته ڄڻ وڻ شفق مان ڇني وٺندا آهن. اهي وڻ هڪ ڏينهن پوءِ اسان ننگرپارڪر ۾ جام ڏٺا هئا. ڄڻ فطرت هڪ ڪُنوار وانگر نڪ ۾ ڦلڙيون پاتيون هيون. اهي اُتر ۾ به ٿيندا آهن. مان جڏهن سکر کان گهوٽڪيءَ يا ميرپور ماٿيلي ڪيس هلائڻ ويندو هئس ته رستي ۾ اُنهن جا پن، پلڙا، چيچڪا مونکي ڏاڍا وڻندا ها. انهي ئي احساس مون کان هيٺين سِٽ لکائي هئي:

ڪنڊيءَ نه سڱري، ٻٻر نه پلڙو

ڇانگُون نه ڇيلڙا،

مارو اڪيلڙا

مارو اڪيلڙا.

هو وڌيڪ لکي ٿو ته

“مون مٺيءَ ڏيپلي ۾ به روهيڙا ڏٺا هئا. ۽ مهراڻي ۽ ڇاڇري ۾ به ڏٺا هئا. ڇا نه ڳاڙها، پيلا، پيلا ۽ سونهري گل هئا انهن وڻن ۾. جي اسلام مصوريءَ تي بندش نه وجهي ها ته هتي ڪيترا رينمبرانٽ، ڪيترا رونوا Renior، ڪيترا پال گوگين Paul Gaugin، ڪيترا بوتي چلي (Botticilli) وغيره پيدا ٿين ها! (ٽهٽي ٻيٽ تي جي ٿُلهن چپن واريون عورتون پال گوگين ۽ وان گوگ پنهنجي مصوريءَ ۾ آنديون هيون، انهن کان ته ٿريچاڻيون هزار ڀيرا وڌيڪ خوبصورت هيون!) ”

اياز ٿر جي فطري حُسن تي لکندي سومرين جي جهومڪ جهومڪ سينگار ۽ جهرمر جهرمر سونهن جي سار سان ناسٽلجيا ۾ مبتلا ٿئي ٿو:

سر تي نوڙيون سومريون، جهٻا ڏين نه جهل،

جهومڪ جهومڪ پاپڙيون، جهرمر جهرمر ڳل،

جهرڪي پيا جهانجھه ۾، کائي انگ اُٿل،

ڇا ڇا پيارا پل، وارياسي جي واٽ ۾!

ڪجھه اهڙا سچ آهن، جن تي صرف سوچي سگهجي ٿو، پر ماڻهو جيڪو سچ ڳالهائيندا آهن، اهو ئي انهن جي ضمير جو آواز هوندو آهي. جيڪڏهن شاعر جا خيال ۽ تصور موجوده دور جي حالتن جو ڀرپور عڪاس نه آهن، ۽ رڳو ڇسي تڪ بندي آهي ته اهڙي ڪوتا وقت جي دز ۾ دٻجي ويندي آهي. شاعر اهو آهي جيڪو پنهنجي دور جي درد کي سمجهي، ان جي سياسي، سماجي ۽ معاشي حالتن جو ڳوڙهو مطالعو ڪري ٿو. جنهن شاعر کي پورهيت جي پورهئي ۾ حسن نٿو نظر اچي، اهڙي شاعر جي بورجوا سوچ جو ڪو خاص سماجي ڪارج ٿي نٿو سگهي، سواءِ خيالي لذت پرستي جي. درٻارن ۾ قصيده گو شاعرن جي پورهيت پرتن جي عورتن تي لکيل شاعري ۾ جاگيرداراڻي نفسيات جو اثر آساني سان پسي سگهجي ٿو. اياز جي سونهن پسندڙ اک مختلف آهي، هُو ٺڪراڻين جي قد ۽ ڳچين جي ڳالھه ڪندي ماضي کي ياد ڪري ٿو:

مون کي سوراچند جون ٺڪراڻيون

انهن جا ڊگها قد ۽ سنهيون ڳچيون،

اُها ڪونجن جي قطار جا ماضيءَ جي

طوفان ۾ ويڙهجي چڪي آهي،

۽ لُوھ ۾ لاڻين کي انهن جون سون ورن ٻانهون ياد نه آهن،

۽ هُڙيا پنهنجي هونگار ۾

انهن جا گيت وساري چُڪا آهن،

پر مون لاءِ ڪنهن پن جي چُرپر

ڪوئي هوا جو جهوٽو

اُنهن کي پُڇڙ تاري جي لاٽ وانگر

سمئه جي گهور انڌيري مان

ٻاهر ڇڪي آڻڻ لاءِ ڪافي آهي

ڪاش مان راسوڙي جون راتيون ٻيهر ڏسي سگهان

جي اڃان تائين

منهنجي من ۾ ٻُري رهيون آهن.

اياز سوراچنڊ جي ٺڪراڻين جي قد جي قدامت تي لکي ٿو، هو انهن جي جيسلمير وڃڻ پُڄاڻان ويڳاڻو به لڳي ٿو:

هو جي ٺڪراڻيون، جن جا نيرا گهاگهرا،

هو جي جيسلمير ۾، مون ڪالھه اُماڻيون،

واٽون ويڳاڻيون، تِن بِن سانوڻ مينهن ۾.

ڪنهن اپسراءِ طرفان ڪاڪل کي واسينگ ڪرڻ واري منظر کي به اڪثر شاعر رومانٽڪ انداز ۾ بيان ڪن ٿا. اياز جي ڪوتا ۾ نار هيٺ وينگس جي وهنجي وار کولڻ سان ٻاٻيهو ٻولي پوي ٿو.

نيسرِ هيٺان نينگرِ وهنجِي،

وار ڇڏيا کولي_

ٻاٻيهو ٻولي! (ڀونرُ ڀِري آڪاس)

چڙهندڙ جواني ۽ وهندڙ وهي ۾ ڪيفيت ۽ احساس جو فرق هجي ٿو، ۽ رڳو ڪافيو ۽ رديف جو پورائو ڇسائپ جو سبب ٿئي ٿو. هن ڪوي جي ڪوتا جا بند ڇسائپ کان آجا آهن. اياز برکا رُت جي انوکي منظر نگاري ڪئي آهي. هن جي رات جي رومانس جي موسم جُهڙالي آهي. جڏهن ڪاري گهٽا وارن کي ڇنڊڪو ڏئي وسي ٿي ۽ رات وقت ڏهر ۾ ڏيئو کڻي وڃڻ جو تجسس به ڪيئن هجي ٿو؟:

رات وارن کي وري ڇَنڊڪو ڏئي،

اوچتو ڪاري گهٽا برسي پئي.

ڇو ڏهر ۾ ٿي وڃين ڏيئو کڻي؟

رات ڪارونڀار جي آهي، هَئي! ( ڪي جو ٻيجل ٻوليو)

شيخ اياز جي شاعري سوچ جون نيون سرحدون دريافت ڪري ٿي. شاعري جي سُرن ۾ فڪري پانڌ ڪر موڙي نسرن، ۽ اظهار ۾ حالتن جي بي حد غير روايتي ۽ حسين تشريح هجي، ته اها ڪوتا عوام اُڀاري سگهي ٿي، جيئن اياز جي شاعري ڀڙڪو کارائي ٿي ۽ اها شاعري جٽا ڪري سگهي ٿي. شاعري جو هڪ وڏو ڪارج انسپائريشن آهي:

جڏهن ڳايو مون، وڻ ٽڻ موريا ماڪ ۾،

ڦُٽي پيون اوچتو، پٽن مٿي پپون،

ٿر ۾ ٿاڪ ٻُرڻ لڳا، ريجهيون روجهڙيون،

ڀنيءَ منجھه ڀٽون، نچيون ناچن وانگيان.

 

(ڏھاري پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۱ فيبروري ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)


شيخ اياز

سنڌ جو قومي شاعر

سيد مکڻ شاھ لڪياري

امير تيمور جي دور ۾ ڪجھ هندو خاندان افغانستان کان لڏي شڪار پور ۾ آباد ٿيا، هندوڌرم سان لڳاپيل هيءُ خاندان شڪار پور جي روحاني بزرگ فقير الله علوي جي اثر هيٺ اسلام قبول ڪري پاڻ کي شِيخ سڏائڻ لڳا، اسان جي شيخ اياز جي وڏن جو تعلق انهن خاندانن سان هو.

جيئن ته شيخ اياز جو مورث اعلي جو نالو درگاهي هو، ان نسبت سان پاڻ درگاهي شيخ سڏبا هئا. اهڙي طرح شڪارپور ۾ ناڙي کان َآيل شيخ خاندان پاڻ کي ناڙيءِ وارا شيخ سڏائيندا آهن، غالبن اسان جي سنڌ جو صوبائي وزير امتياز شيخ ناڙيءِ وال شيخ خاندان سان تعلق رکي ٿو شيخ اياز جو والد جي نالو شيخ غلام حسين هو، جيڪو پاڻ وقت جو وڏو شاعر هو، سندس سنڌي، اردو ۽ فارسي ڪلام ان وقت جا راڳي ۽ صوفي فقير ڳائيندا هئا، شيخ غلام حسين پاڻ ٽِي شاديون ڪيون، ٻه شاديون مسلمانن مان هڪ شادي هندو عورت سان ڪيائين، کيس مسلمان گهرواريِن مان ته اولاد ڪو نه ٿي البته سيد ابو صالح شاھ راڻيپور واري جي دعا سان هندو عورت دادن مان کيس هڪ فرزند ۽ هڪ نياڻي ٿي، سيد ابو صالح شاھ پنهنجي مريد شيخ غلام حسين تي تمام گهڻو مهربان هوندو هو، پاڻ شڪار پور قيام دوران شيخ غلام حسين جو ضرور مهمان ٿيندو، هڪ دفعي پير صاحب شيخ غلام حسين کي سندس التجاتي آٿٿ ڏيندي، ٻڌايو ته رب تو کي پٽ ڏيندو، جنهن جي جسم تي ڪٿي ڪارو نشان هوندو، نينگر جو نالو شِيخ مبارڪ علي رکيو وڃي شيخ اياز ۰۲ مارچ ۱۹۲۳ تي جڏهن جنم ورتو ته نينگر جي پٺي تي ڪارو نشان هو، نينگر جي پيدائش تي شيخ غلام حسين وڏيون خوشيون ملهايون، گهڻيون خيراتون ڪيون لاڏ ڪوڏ سان نينگر جي ڇٺي ڪري سندس نالو مبارڪ علي رکيو، شِيخ غلام حسين کي پنهنجي سڪي لڌي پٽ سان گهڻي انسييت هوندي هئي. هوُ هميشه پاڻ سان گڏ رکندو هو.

نينگر جڏهن ۰۵ سالن جي عمر کي پهتو ته کيس پاڙي جي هندو سنڌي اسڪول ۾ داخل ڪيو ويو، جتان کيس ورنيڪيولر اسڪول ۾ داخل ڪيو ويو، جتان هن پرائمري تعليم پوري ڪئي، ته کيس انگريزي تعليم لاءِ نيو ايرا اسڪول ۾ داخل ڪيو ويو، جئين ته ان وقت نيو ايرا اسڪول جي بمبئي يونيورسٽِي سان ايفليشن ڪونه هئي، ان ڪري هن ان اسڪول کي ڇڏي هاءِ اسڪول ۾ داخلا ورتي جتان امتحان پاس ڪري چيلا سنگ سيتل داس ڪاليج شڪارپور ۾ داخل ٿيو، هن ڪاليج جي پڙهائي جي ڌاڪ پوري هنڌ، سنڌ ۾ مشهور هئي، جتان ۱۹۴۳۾ انٽر پاس ڪري پاڻ شڪارپور کي الوداع چئي ڏيارام ڄيٺمل (ڊي جي) ڪاليج ڪراچي ۾ داخل ٿيو، جتان ۱۹۴۵ ۾ بي اي پاس ڪيائين، گريجوئيشن ڪرڻ بعد سال ۱۹۴۷ ۾ ايل ايل بي ڪري عبدالحي قريشي، خالد اسحاق ۽ عبدالقادر شيخ سان سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ وڪالت جي پرئيڪٽس ڪيائين، ان عرصي دوران ڪڏهن ڪراچي ته ڪڏهن شڪار پور رهڻ لڳو، سال ڏيڊ کان پوءِ ۱۹۵۰-۱۹۵۱ ۾ سکرمستقل رهائش اختيار ڪري وڪالت ڪيائين، جتي ٿوري ئي وقت ۾ سنڌ جي نامياري وڪيل طور سڃاتو ويندو هو. شيخ ايازجي بائيو گرافي تي نظر وجهڻ سان معلوم ٿيندو ته هن شاعري جي تربيت نيو ايرا اسڪول ۾ پڙهڻ دوران پنهنجي اسڪول جي استاد کيئلداس فاني کان ورتي جيڪو پنهنجي دور جو ناليوارو شاعر ٿي گذريو آهي، پاڻ ورهاڱي کان پوءِ ڀارت جي شهر ڀوپال ۾ سڪونت اختيار ڪيائين، جتي ۱۹۹۵ ۾ ديهانت ڪري ويو، فاني صاحب کان علاوه سندس اسڪول جو ٻيو استاد هاسانند پرسواڻي جنهن کي پڻ موسيقي ۽ شاعري سان چاھ هو، پاڻ شيخ مبارڪ علي کي ادبي رسالا ۽ مئگزين وقت به وقت فراهم ڪندو هو، هنن ٻنهي استادن جي ڪاوشن جو شيخ صاحب جي ذهني ارتقا تي وڏو اثر ٿيو، سندس فن ۾ اهڙي پختگي پيدا ٿي جو سندس نظم اسڪول جي زماني کان ئي وڏن وڏن ادبي رسالن ۾ شايع ٿيڻ لڳا اسڪول کان پوءِ مبارڪ علي ڪاليجن جي مشاعرن ۾ ڀرپور حصو وٺندوهو، ڪاليج جي زماني ۾ ئي ديوان غالب حافظ شرازي ۽ عمر خيام جون ربائيون. اقبال جو بال جبرائيل ۽ ڀاگ درا مڪمل ياد ڪيائين، ۱۹۴۷ ۾ سندس ڪهاڻين جو پهريون مجموعو سفيد وحشي گوبند پنجابي فريئرروڊ ڪراچي مان پڌرو ڪيو ساڳي اداري ساڳي ئي سال ۾ شيخ اياز جي ترتيب ڏنل ڪتاب اسان جي سنڌ شايع ڪيو، هن ڪتاب جو مقصد فقط اهو هيو ته هندن کي لڏپلاڻ کان ڪئين روڪجي هن عمل ۾ رام پنجواڻي جي کيس معاونت حاصل هئي، ان کان علاوه ان دور ۾ شيخ صاحب اڳتي قدم نالي رسالو جاري ڪيو جنهن جو مقصد پڻ ساڳيو هي ته ڪهڙِي طرح به سنڌ ۾ امن ۽ ڀائيچارو قائم رهي جئين سنڌي هندو سنڌ نه ڇڏن هن صورت حال ۾ جڏهن سڄي هندستان ۾ ڦساد ۽ خونريزيون ٿيون پر سنڌ ان سان لاڳاپيل علائقن ۾ امن رهيو پر پوءِ به مذهبي منافرت سبب ڪافي هندن سنڌ مان لڏپلاڻ ڪئي، جن ۾ سنڌ جا ناليوارا اديب رام پنجواڻي، گوبند پنجابي، ڪيرت ٻاٻاڻي حشو ڪيولرماڻي نارائڻ شيام شامل هئا. سواءِ سوڀي گيان چنداڻي جي ٻيا سڀ هليا ويا، ان وقت شيخ اياز پاڻ اڪيلو ٿي ويو، ادبي سرگرميون بند ٿي ويون اشاعتي ادارا به بند ٿي ويا. سنڌ ۾ هڪ خوفناڪ صورت حال پيدا ٿي پر وقت گذرڻ سان شيخ اياز هندستان آيل اديبن سان راھ رسم پيدا ڪئي ساڻن دوستاڻه تعلقات بحال ڪيا جن ۾ جميل الدين عالي، حسن حميدي آفاق صديق ۽ محسن ڀوپالي قابل ذڪر آهن، جن جي قربت سبب پاڻ انجمن ترقي پسند ۽ حلقه احباب زوق جي نشستن ۾ باقائدگي سان اردو سخن ٻڌائيندو هو، اهڙي طرح هن ۱۹۴۸ کان باقاعدي اردو نظم تخليق ڪيا جي ادبي دنيا ۾ گهڻو پسند ڪيا ويا، هن ۱۹۵۷ ۾ شاھ لطيف جي رسالي جو منظوم اردو ترجمو ڪيو جنهن کي اڄ به مستند ترجمو چيو وڃي ته ۶۰ واري ڏاهاڪي ۾ اياز نئين آب تاب سان سنڌي شاعريءَ ڏانهن موٽ کاڌي هيءُ اهو دور هو، جڏهن ايوبي آمريت ملڪ ۾ ون يونٽ لاڳو ڪيو، بنيادي انساني حق معطل ڪيا ويا، لاهور کي هيڊ ڪوارٽر ٺاهي سڀ آفيسون اوڏانهن شفٽ ڪيون ويون، سياسي ڪارڪنن سان جيل ڀريا ويا، سنڌي ٻولي تي بندش هنئي وئي. ان وقت شِيخ اياز ڌرتي جو حلالي فرزند ٿي سنڌ سان ٿيندڙ ظلم جو داستان پنهنجي مزاحمتي شاعري ذريعي عوام کي ٻڌايو، سنڌ جي ثقافت ۽ سنڌي ٻولي خلاف ٿيندڙ سازشن کان عوام کي آگاھ ڪيو هن دور ۾ سندس ٽن ڪتابن ڀئنور ڀري آڪاس، ڪلهي پاتم ڪينرو، جي ڪاڪ ڪوريا ڪاپڙي تي حڪومت طرفان بندش وڌي وئي حالانڪه سندس ڪتاب ڀئنور ڀري آڪاس تي پاڪستان رائيٽرز گلڊ ادبي انعام به ڏنو هو، هيءُ اهو دور هو، جڏهن اهو نعرو لڳندو هو، سنڌ جو آواز شيخ جي تو وڙهندي ماريو ويندن هن وستيءَ تان واريو ويندن

دودا تنهنجو ساھ ته ويندوءِ ماڻهن جو ويساھ نه ويندوءِ

جاڳ ڀٽائي گهوٽ سنڌڙي ٿي تون کي سڏي

مرن ٿيون مارئيون قابو آهن ڪوٽ

اچ ته تنهنجي اوٽ ڏاڍن کي ڏاري وجهون

اڄ لال لهوءِ جي سرگم تي ٿي ڌرتي منهنجي رقص ڪري

منهن هيڊ ٿيا غدارن جا بيشرم وڏيرن پيرن جا

هيءُ پنهنجي ڪرڻي ڀرڻي آ پر سنڌ اياز نه مرڻي آ

۽ اهڙا ڪيترا ئي نظم چئي اياز ماڻهن ۾ سنڌ لاءِ جوش ۽ ولولو پيدا ڪيو جنهن ڪري کيس جيل جون سختيون ۽ ٻيون تڪليفون ڏنيون وينديون هيون پر هيءُ يار پنهنجي موقوف کان هڪ قدم به پوئتي نه هٽيو سندس هڪ نظم جو هن ۱۹۶۵ جي پاڪ ڀارت جنگ جي پس منظر ۾ چيو جنهن ۾ هن پنهنجي شاعر پوري دوست نارائڻ شيام کي سامهون رکيو جو ان وقت هندستان ۾ رهندو هئو، نظم جو عنوان هو.

هيءُ سنگرام!

سامهون آ نارائڻ شيام

هن جا منهنجا قول به ساڳيا

هن جا منهنجا ٻول به ساڳيا

هوُ ڪوتا جو ڪاڪ ڌڻي

پر منهنجا رنگ رتول به ساڳيا

هن تي ڪئين بندوق کڻان مان

هن کي گولي ڪئين هڻان مان

سندس هيءُ نظم جڏهن ماهوار رسالي روح رهاڻ ۾ ڇپيو ته ملڪ ۾ هڪ طوفان برپا ٿيو کيس ملحد، ڪافر ۽ هندستان جو ايجنٽ قرار ڏنو ويو، هن ڏکائيندڙ صورت حال ۾ اياز سان اردو اديبن، سنڌي اديبن کان وڌيڪ ساٿ ڏنو، جلوس ڪڍيائون سڄي ملڪ ۾ اياز جي حق ۾ پوسٽر هنيائون جنهن سبب هن تان نزلو ٽري ويو پر کيس ڀارت جي نالي واري سنڌي ادبي جوڙِي اتم ۽ سندري کي پاڻ وٽ رهائڻ ڪري جيل وڌو ويو نه صرف ايترو پر ۱۹۶۸ ۾ جڏهن ايوب سرڪار، ذوالفقار علي ڀٽي ۽ ممتاز علي ڀٽي کي ساهيوال جيل ۾ وڌو ان وقت مارشل لا سرڪار شِيخ اياز کي به ساهيوال ۾ مهمان بڻايو جڏهن ته شيخ اياز نظرياتي طور ڪڏهن به ڀٽي صاحب جي ويجهو نه رهيو ۽ سياسي طور جواني ۾ هندستان جي ريڊيڪل ليڊر ايم اين راءِ کان متاثر هيو جيڪو بين الااقومي ڪميونسٽ پارٽِي جو ميمبر هيو جو پارٽي ميٽنگن ۾ لينن کي به کريون کريون ٻڌائيندو هو کيس اسٽالن ميسيڪو ۾ قتل ڪرائي سک جو ساھ کنيو، اياز گهڻو پوءِ شيخ مجيب جي عوامي ليگ ۾ شامل ٿيو ۽ ڪافي عرصو سائين جي ايم سيد سان گڏ رهيو پر ۱۹۷۶ ۾ جڏهن ڀٽي صاحب کيس سنڌ يونيورسٽي جو وائيس چانسلر ڪيو تڏهن سيد کائنس ناراض ٿيو.

اياز کي سندس دوستن محترم محمد ابراهيم جويي، غلام رباني آڱري ۽ سوڀي گيان چنداڻي گهڻو ئي سمجهايو پر يا ته هوءُ ڀٽي صاحب جي ڳالهين ۾ اچي چڪو هو يا کيس ٽئگور وانگر سنڌ يونيورسٽي کي شانتينڪيتن ٺائڻ جو خيال هو پر اياز ۽ ٽئگور جي شخصين ۾ ڪافي فرق هو ۽ نه وري شانتينڪيتن سنڌ يونيورسٽي جيان حڪومتي امداد جي محتاج هئي، پاڻ جڏهن ابوبڪر زرداري ۽ ٻين شاگردن کي رسٽڪيٽ ڪيائين ۽ ٻين شاگردن رحمت هيسباڻي، نواز چنڊ، لکومل ۽ عزيز پنهور کي ڪراچي جيل موڪيائين ۽ يونيورسٽي جي ڇهن سينيئر پروفيسرن کي يونيورسٽِي مان زبردستي بيدخل ڪيائين اهِڙا ٻيا انتظامي فيصلا ڪيائين، جنهن ڪري پاڻ متضاد ٿيو.

جڏهن يونيورسٽي جي سنيٽ حال ۾ استادن سندس خلاف الزام هنيا برگيئڊر مسعود جو ان وقت ايس ايم ايل او هيو کيس جواب ڏيڻ لاءِ چيو پر اياز خاموش رهيو، جنهن مٿي رپورٽ موڪلي ڇڏي ٿوري ئي عرصي ۾ کيس وائس چائنسلر جي عهدي تان هٽايو ويو، اياز جو هيءِ سڄو دور سيد، ڀٽي جنرل ضياءُ جي سياست ڪري الجهن ۾ رهيو ان دور ۾ جيڪي شعر لکيائين ۽ شعرن ۾ فارسي، هندي ۽ ٻين ٻولين جا لفظ استعمال ڪيائين، جيڪي پڙهڻ ۽ سمجهڻ ۾ ڏکيا هيا، جنهن ڪري ناقدن اهو چوڻ شروع ڪيو ته اياز کان ڏات رُسي وئي آهي، پير حسام الدين راشدي هڪ محفل ۾ چيو ته شيخ اياز صاحب شاعري ۾ هاڻي جيڪي ٻين ٻولين جا لفظ استعمال ڪري ٿو، جنهن سان ٻولي ۾ بگاڙ ٿيندو، جڏهن ته سندس پوئين دور جي شاعري جا فقط نثر نظمن تي مشتمل آهي، جيڪا نظم ۾ نه آهي،

جنهن ۾ رب العالمين کان فقط دعا گهري ٿو، دعا انسان جي ماضي لاءِ مغفرت آهي، جڏهن ته حال ۽ مستقبل جي خيريت لاءِ التجا آهي، اياز جون دعائون سندس ڪتاب تون ڇپر تون ڇانون ۾ محفوظ آهن، جيڪي پڙهڻ سان معلوم ٿيندو ته اياز به اقبال وانگر وقت ۽ حالتن ڪري شاعريءَ ۾ پنهنجو نظريو بدلايو آهي،

شِيخ اياز کي بينظير صاحبه پنهنجي پوئين دور حڪومت ۱۹۹۴۾ پاڪستان جو اعلي سول ايوارڊ هلال امتيازڏنو پاڻ ۲۷ ڊسمبر ۱۹۹۷ تي مڊ ايسٽ اسپتال ڪراچي ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيائين.

اسين اياز جي فيصلن سان اختلاف ڪري سگهون ٿا پري سنڌ سان محبت تي ڪوبه اختلاف نه ٿو ڪري سگهي پاڻ هڪ نظم ۾ چيو اٿس

ڪي ماڻهون تاريخ ٿين ٿا

گهايل ڌرتي جي سيني تي

اهڙي گهري چيخ ٿين ٿا

جا هر ڪنهن کي جاڳائي ٿي جا دنيا کي بدلائي ٿي

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۲ مارچ ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)


شيخ اياز

(سالگرھ تي ڀيٽا - اسين ننڊ جا نيڻ آهيون پرين)

ننگر چنا

“ادب جو دليل منطقي نه آهي، پوءِ به منطق کان وڌيڪ پاڻ مَڃائيندڙ آهي. ادب انساني روح کي پنهنجي گرفت ۾ آڻي، ان تي هڪڙو گَهرو تاثر ڇڏي ٿو ۽ انهيءَ تاثر جو عملي زندگيءَ جي تشڪيل ۾ تمام وڏو هٿ آهي. ”

“ڪوڙهئٖي ۽ جُذام ورتل معاشري ۾ روح به ڪوڙهيو ۽ جُذامي ٿيندو آهي، جيڪو اديب ۽ دانشور زندگيءَ جي ڏکيايُنِ ۽ تڪيلفن کان مُنهُن موڙي ٿو، اهو بزدل ۽ ڪريل انسان آهي. اهو ڀاڄِ جي باوجود ادب تخليق ڪري ٿو پر اهو رڳو هڪڙي ڪُوڙي ڪيمياگر وانگر ڪُوڙِي چَمڪ ته پيدا ڪري سگهي ٿو پر انهيءَ وٽ هوندو اهو کوٽو ٽامو ئي آهي. ”

مٿيان ويچارَ انهيءَ شخص جا آهن، جيڪو پوري ڄمارَ زندگيءَ جي ترجماني ڪندو رهيو. زندگي، جيڪا سڀني وَٿن کان وڌيڪ محترم ۽ متبرڪ آهي. مبارڪ علي/شيخ اياز سنڌ جي سرزمين تان اُٿندڙَ جدوجهد، انسان دوستي ۽ لازوال اُميد جو اهڙو آواز هو/ آهي، جنهن جا پير پنهنجي ڌرتيءَ تي کُتَل هيا، پر سندس نظر زمين جي سمورن انسانن تي هئي. اهڙو آواز جيڪو اعليٰ آدرشن جي ترجماني ڪندو هو ۽ اڄ تائين ڪراچي کان ڪشمور، ڪينجهر کان ڪارونهجر تائين انهن مظلوم ماڻهن جي ترجماني ڪري ٿو، جن ماڻهن کي سنڌي قوم چئجي ٿو. اهو آواز اُنَ مهل تائين سفر ڪندو رهندو، جيسين پنهنجو حقيقي مقصد، جيڪو پهرئين مرحلي ۾ قوم ۽ وطن جي آزادي ۽ ٻئي مرحلي ۾ روءِ زمين جي انسانن جي آزادي ۽ خوشحالي آهي، کي حاصل ٿيندي ڏسي نه ٿو وٺي. اياز ڪُوڙو ڪيمياگر نه هو. هُو عوام جو شاعر هو، عوامي امنگن جو شاعر هو، زندگيءَ جو شاعر هو. اياز سنڌ جي عظيم ڪلاسيڪي ورثي ۽ شاھ لطيف جو تسلسل هو ۽ انهيءَ وانگر زندگيءَ جي سمورين رنگينين، سمورين حُسناڪين، احساسن ۽ سَچائين جو شاعر هو. بقول سائين محمد ابراهيم جوئي جي شاه لطيف، سچل سرمست ۽ ڀائي چين راءِ بچو مل سامي، اهي ٽَئي ڪَوي ملي، هڪ ٽِمورتي ٺاهين ٿا. مان سمجهان ٿو ته سنڌي شاعري جي مُنهَن تي هڪڙو نَڪُ آهي ته ٻه ان جون اکيون آهن. سنڌي ڪلاسيڪي شاعريءَ جي اهڙي ٽِمورتي جيڪا هڪ پاسي قرآن کي سنڌي روپ ڏئي ٿي، ان کي سنڌي رنگ ۾ رنگي ٿي ته ٻئي پاسي ويدن کي پنهنجي تهذيبي روحَ مطابق قبول ڪري ٿي. ان سَڄي عمل جي موٽ ۾ سنڌي قوم جو اهڙو رَويو جنم وٺي ٿو جيڪو ٻُڌمت، جين مت، هندومت سان گڏ اسلام کي به پنهنجي وڏن جي ميراث ۽ سڀني انسانن جي گڏيل ملڪيت طور قبول ڪري ٿو. ان عمل مان هڪ نئون سنڌي جنم وٺي ٿو، جنهن لاءِ لازمي هوندو هو ته هُو صبح سويري اُٿَڻ کان پوءِ اهو چوي ته، “هندو مسلمان جو خير. ” يا وري اهو ته، “سَڄي جهانَ جو خير، تنهن جي صدقي اسان جي ٻچڙن جو خير. ” انهيءَ سيڪيولر، انسان دوست، جمهوري ۽ PLURALISTIC رَوين کي شاھ لطيف “عالم سڀ آباد ڪرين” جي شڪل ۾ پيش ڪيو.

جڏهن جديد سنڌي سماج ۾ جماعت اسلامي، جمعيت علماءِ اسلام ۽ ٻين مذهبي گروهن فرقي پرست ٻڄ ڇَٽڻ شروع ڪيو ۽ ٻئي پاسي قراردادِ مقاصد کان ٿيندي ملڪ جي مالڪن ايوبي آمريت لاءِ واٽون ٻُهارڻ شروع ڪيون، تڏهن شيخ اياز، نارائڻ شيام ۽ استاد بخاري جي صورت ۾ ساڳي ٽِمورتي جنم ورتو. جهڙيءَ ريت پهرين ٽِمورتيءَ ۾ شاھ لطيف فني ۽ فڪري حوالي سان مٿانهون آهي، اهڙيءَ ريت نئين ٽِمورتيءَ ۾ اياز به اڳيان اڳيان آهي. شاھ لطيف کي پنهنجي ڦوھ جواني ۾ ان بي مثال کاهوڙيءَ جي شهادت ڏسڻي پئي، جنهن مارڪس کان به اڳ “جيڪو کيڙي سو کائي” جو پروگرام ڏنو ۽ ان لاءِ جدوجهد ڪئي. هارين لاءِ وڙهندي اهو عظيم انسان شاھ عنايت لانگاھ جڏهن شهيد ٿيو تڏهن شاھ لطيف جي ڄمار ۲۵ ورهيه هئي ۽ ان کان پوءِ ايراني ظالم هڪ اوچتي آفت جيئن ڪڙڪي پون ٿا، کيت اُجاڙي ڇڏين ٿا، اَنَ جا کَرا ساڙين ٿا، وستيون ويران ۽ ڀڙڀانگ ڪري ڇڏين ٿا ۽ ماڻهن جو ڪوس ٿئي ٿو. انهيءَ دور ۾ شاھ لطيف عشق جا لڪ به لنگهي ٿو ۽ پوءِ شاھ لطيف شاعر جو جنم ٿئي ٿو. شاعريءَ جي اُڀَ جو سڀ کان وڌيڪ جَرڪندڙ تارو. ۱۹۴۷ع جي ورهاڱي جا ڦَٽَ تازا آهن، اڃا چِڪي رهيا آهن. سنڌ، بلوچستان، پختونخوا ۽ بنگال جو نالو وٺڻ به ڏوھ قرار ڏنو ويو آهي. “سنڌڙي تنهنجو نانءُ وتو، ڄڻ ڪاريهر تي پير پيو”. ايوبي آمريت جي هاهاڪار مَتل آهي، جيل آهن، سزائون آهن. مذهبي ٺيڪيدار، جماعت اسلامي جا ڌُڪڙائي ۽ فتوا باز اياز تي ڪفر جي فتوا ڏين ٿا. اياز کي جيل ڀوڳڻو پوي ٿو، تڏهن وڃي شيخ اياز جو جنم ٿئي ٿو. ويهين صديءَ جو سنڌي ٻوليءَ جو بهترين شاعر ۽ سنڌي شاعريءَ جو هڪ ٻيو جَرڪندڙ وِهائُو تارو.

اسان اياز جي شاعريءَ کي ٽن دورن ۾ ورهائي سگهون ٿا. پهريون دور ورهاڱي کان وٺي ون يونٽ ٽٽڻ تائين آهي، اهو اياز عوام دوست ۽ دوست آهي، پورهيتن جو ساٿي آهي، آمريت دشمن آهي ۽ مزاحمتي آهي. انهيءَ دور ۾ اياز جي ڪتابن تي پابندي هنئي وڃي ٿي ۽ ائين ايوبي آمريت پنهنجي ڇتڪتائيءَ ۽ چريائپ جو مظاهرو ڪندي، سنڌ جي آواز کي گھٽڻ لاءِ سمورو وَسُ هلائي ٿي.

ڪتابن تي پابندي!! ڄڻ ته ڪو سوجهري، واءَ، سڳنڌ ۽ پيار تي پابندي هڻِي، ان کي روڪي سگهيو آهي. هڪ پاسي اياز کي وات بند رکڻ جو چيو وڃي ٿو ۽ ٻئي پاسي عوام کيس پڙهڻ ۽ ٻڌڻ گهري ٿو. پئبلو نيرودا پنهنجي ڪتاب “يادگيريون” ۾ هڪ هنڌ لکيو آهي ته مان جڏهن آلندي سان گڏ چُونڊ مُهم ۾ حصو وٺي رهيو هيم، تڏهن عوام هر هنڌ مون کان تقرير ڪرڻ بدران شاعري ٻڌائڻ جو مطالبو ڪندو هو ۽ مان ڪلاڪن جا ڪلاڪ کين شاعري ٻڌائيندو هيم. ائين ئي اياز سان به ٿيو. ڪاري ڏائڻ ايوبي آمريت جا سائي ورتل ڏينهن، سياسي جلسن جلوسن تي پابندي، سنڌي دانشورن، شاعرن، اديبن ۽ سياستدانن “سنڌي شام” ۽ “جشنِ لطيف” جي نالي تي پروگرام ڪرڻ شروع ڪيا. ادبي ۽ ثقافتي پروگرامن جي نالي ۾ وطن دوست سياست ٿيندي هئي. سائين جي ايم سيد بزمِ صوفياءِ سنڌ ٺاهي ۽ پيرن جي ميلن تي ادبي ڪانفرنسون ڪري قوم تائين پيغام پهچائڻ لڳو هو. حيدرآباد ۾ انهن ڏينهن ۾ هڪ پروگرام ۾ شيخ اياز مهمان هو، کانئس رڳو هڪ مطالبو ٿيو، “اسان کي پنهنجي شاعري ٻڌاءِ. ” انهن ئي ڏينهن ۾ اياز کي ڪراچيءَ کان سکر بدر ڪيو ويو ۽ کيس پَهري هيٺ نيو پئي ويو جو ماڻهن کي حيدرآباد ۾ سُڌَ پئي، ماڻهو ريل جي پَٽڙين تي سمهي پيا، ريل بيٺي، اياز بوگيءَ جي در تي اچي بيٺو. مطالبو ٿيو، “اسان کي شاعري ٻڌاءِ. ”

اهو دَور اياز جي شاعريءَ جو اهو دَور هو جنهن ۾ هُنَ پنهنجن گيتن کي شعلن جيئن ڀڙڪندي ڏسڻ ٿي گهريو. هڪ نئين تخليق، هڪ نئون انسان ٺاهڻ جي ڪوشش:

هي ڏوھ نه آهي ماڻهوءَ جي

مون مِٽي ٻيهر ڳوهي آ،

مان ڏوهي هان، مان ڏوهي هان

اهو ئي دَور اياز جي بهترين شاعريءَ جو دَور آهي. هُونءَ به ٻوسٽَ ۽ اوندھ ۾ هر ماڻهو سوجهري، هوا ۽ تازگيءَ کي

ڳوليندو آهي. اها ڳولا جڏهن شاعريءَ جو روپ وٺندي آهي ته پوءِ محمود درويش، فيض، غني خان غني، ناظم حڪمت، پابلو نيرودا، گل خان نصير ۽ اياز جهڙا شاعر پيدا ٿيندا آهن.

اياز جو ٻيو دور اُهو آهي، جنهن ۾ هُو ڀُٽي جي دِلبي ۾ اچي، سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر ٿيڻ قبول ڪري ٿو ۽ سندس اهو دَور فڪري لحاظ کان ۱۹۸۸ع تائين هليو اچي ٿو. اياز اهو سمجهيو هو ته مان ٽيگور جيئن هڪ ٻيو شانتي نڪيتن جوڙيندس ۽ سوڀي جهڙا شاگرد پيدا ڪندس، پر . . . . .

بسا آرزو ڪِ خاڪ شده.

اياز ڪجھ به نه ڪري سگهيو ۽ شاعريءَ جي ديوي کانئس رُسي وئي. سالن پُڄاڻان، ۱۹۸۸ع ۾ سندس ڪتاب “لڙيو سج لڪن ۾ ”شايع ٿيو. Pessimist اياز، رومانويت پسند اياز، سندس ڪتاب جو عنوان ئي اياز جي خيالن جي ترجماني ڪري ٿو. سج لڪن ۾ لَڙي چڪو آهي، پوياڙي آهي، اونداهي آهي، مايوسي ۽ موٽَ آهي.

لَڙيو سِجُ لڪن ۾، راسيون رَتائين،

مون کي ماريائين، اديون اونداهي ڪري. (شاھ)

هتي اياز اسان کي موضوعي سوچن ۽ خيالن سان چاڳ ڪندي نظر اچي ٿو. اياز جو ٽيون دور سندس مرڻ گھڙيءَ تائين جو آهي. هن دور جي شاعري تصوف جي بيمار، مدي خارج، سماج دشمن رنگ ۾ رنگيل آهي. هڪ دور جو اياز اهو هو جيڪو، “مِٽي اول، مِٽي آخر، مِٽي زنده باد” چوندو، پاڻ سان گڏ هڪ جهانَ کي مست ڪري ڇڏيندو هو ۽ هاڻ وري اهو عالم آهي جو دعائون آهن، ڀَوَ آهن، ڊپ آهن، آزيون ۽ نيزاريون آهن، سَڏَ آهن. تصوف جو اهو سجايو، انقلابي، انسان دوست پاسو به ناهي، بس آهي ته رڳو، “اُٿي اور الله سينُ”

خانقاهي تصوف، جنهن جا لطيف ۽ سچل مخالف هيا. هڪ گَٺلَ پيٺلَ، بي معنيٰ، خشڪ ۽ غلاماڻي روايت، اياز انهيءَ جو پوئلڳ بڻجي ويو. پر انهيءَ ٽئين دَور جي هڪ خاصيت هيءَ به آهي ته ان مان اياز پنهنجي اصليت ڏانهن وَر وَر ڪري موٽي ٿو. هُو پهرئين دَور جي جهلڪ ڏيکاري وَري ٻئي دَور ۾ ظاهر ٿئي ٿو ۽ وري اُهوئي تصوف آهي، جهانَ جي بي ثباتيءَ جو پِٽڪو آهي. اصل ۾ حقيقي اياز جيڪو عوام دوست آهي، انقلابي ۽ وطن دوست آهي، انسان دوست ۽ باغي آهي، اهو اياز ڪڏهن به گم نه ٿو ٿئي.

اياز مُشاهدي سان گڏ وسيع مطالعو رکندڙ شاعر آهي. قلم ۽ ڪتاب سندس دوستي مرڻ گھڙيءَ تائين قائم رهي. اسان کي سندس شاعريءَ ۾ ويدن، اپنشدن، پراڻن، مهاڀارت، گيتا، رامائڻ، ڌم پد، زند اوستا ۽ قرآن جا حوالا ملن ٿا ۽ انهيءَ سان گڏوگڏ لطيف، ميران ٻائي، قاضي قادن، ڪبير، سُورداس، اَمارو، تلسي داس، غالب، حالي، مير، سودا، اصغر گونڊوي، ٽيگور، نذرل اسلام، غلام فريد، رحمان بابا، بابا بلي شاھ، وارث شاھ ۽ ٻين دنيا جهان جي شاعرن، دانشورن ۽ اديبن سان منسوب نظم ملن ٿا. ڀڳت سنگھ ۽ سندس ساٿين تي خاص ڪتاب “ڀڳت سنگھ کي ڦاسي” لکيائين. سندس نثر ۾ هند ۽ سنڌ سان گڏ سڄي جهان جي شاعرن، اديبن، فلسفين، مصورن، انقلابين ۽ سماج سُڌارڪن جو ذڪر ملي ٿو. انهن جون ڳالهيون، انهن سان اياز جون ڳالهيون ملن ٿيون. ائين اياز سڄي سنڌ کي جهان سان ڳنڍي ڇڏي ٿو. هڪ اياز اهڙو به آهي جنهن کي پڙهڻ وارا شاعري به پڙهن ٿا ۽ دنياجهان جي سُٺن انسانن سان ڏيٺ ويٺ به ڪن ٿا، ٻئي پاسي اياز جڏهن سنڌي شاعري يعني بيت، وائي ۽ وري غزل جي ڪلاسيڪل روايت کي جديد رنگ ۾ رنگڻ شروع ڪري ٿو ته هُو ان ۾ اسحاق آهنگر، قاضي قادن، شاھ عنايت، شاھ عيسي، لطف الله شاھ قادري، شاھ لطيف، سچل، سامي، خواجا محمد زمان لنواري واري، بيدل، بيڪس، دلپت، روحل، حمل کان ٿيندو مير عبدالحسين سانگي، حافظ گل، ڪشن چند بيوس ۽ هري دلگير تائين سڀ رنگ گڏ ڪري، رلهيءَ جي رنگين ٻارين جيئن سنواري، دنيا آڏو پيش ڪري ٿو. هُنَ جي شاعريءَ ۾ اُڀري اچي ٿي هڪ نئين نويلي، تازي، سدا حيات سنڌ جي تصوير.

اياز جي شاعري جو دامن ايترو ته ويڪرو آهي، وڏو آهي جو هڪ پاسي سنڌ ۽ هند جي ڪردارن کي نئين معني بخشي ٿو ته ٻئي پاسي لينن، فينن، لوممبا، ليوپولڊ سنگهور ۽ بنجامن مولائيز کي ڀاڪر پائي هڪ نئون جهان تخليق ڪري ٿو. سندس شاعريءَ ۾ ڪائنات جي بي انت وشالتا جيئن بي انت رنگ آهن، موضوع آهن، خيال آهن ۽ خواب آهن.

ڪنهن ٿوهر هيٺان واريءَ تي

وسرامي آهن روجھ جيان

ڄڻ سارا درد زماني جا

هِن دور هٽايا ٻوجھ جيان

هن ڌرتيءَ تي دک تاتيندي

ڪجھ پنهنجا ۽ ڪجھ هن دنيا جا

ڪيئن عمر اُڏامي ويئي آ

انسان ڪڏهن ٿيندا آجا!؟

يا وري هيئن چوي ٿو ته :

ماڻهو جي مَنَ ورتيءَ وانگر

دنيا نيٺ بدلجي ويندي

ڌرتي نيٺ ڪبيرا تنهنجي

چرخي وانگر پيار ڪَتيندي

اهو اعلا انساني آدرش جڏهن انسان پاڻ سان گڏ سموري مخلوق جو خيال رکندو، سڀئي قومون آزاد هونديون، اهڙو سماج جتي ڪير ڪنهن جو ڏڄڻ نه هوندو، سڄڻ ئي هوندو.

اياز پنهنجي انقلابي شاعريءَ ۾ ماضيءَ ڏي موٽ کائيندي ناڪاري ناسٽلجيائي ڪيفيت ۾ نه ٿو وٺجي وڃي. بس هُنَ وٽ هڪڙو فڪر ۽ فهم آهي، هڪ مقصد ۽ ان لاءِ چاهت آهي ۽ اهو آهي، “جدوجهد ۽ جيون سان پريم”. سندس سنگيت ناٽڪ “رني ڪوٽ جا ڌاڙيل” ۽ “دودي سومري جو موت” اهڙيون تخليقون آهن، جن ۾ هُو ماضي، حال ۽ مستقبل کي هاڪاري بنيادن تي ڳنڍي ٿو ته ٻئي پاسي اياز جڏهن جمالياتي احساسن ۽ منظرن کي چِٽي ٿو ته خُشڪ ۽ رُکي طبيعت وارو ماڻهو به ڄَرڪي پوي ٿو. سندس اهڙن شعرن جي اکر اکر مان جمالياتي ڀاوَ ڇُلڪندي نظر ايندا، ان جو مقابلو سنڌي ٻوليءَ جو ڪوبه جديد شاعر نه ٿو ڪري سگهي.

ٺٽي جي هوا ۾ گلابي بدن

ڍڪي ڪيئن اجرڪ سڄو سڄو واسُ وَنُ.

ڏاکڻي هوا ۽ ڪا اپسرا گلابي بدن جسم کي ڍڪڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. نه سندس سڄو رنگ ٿو لڪي، پر جي لڪي به وڃي ٿو ته هَوا هن جي سُڳنڌَ کڻي وڃي ٿي ۽ هن جو ڏس پتو هر ڪنهن کي ڏئي ڇڏي ٿي.

صبح سويري جيٺان نيسر هيٺان وهنجي ويٺي نارِ

اُجري تن تان مهٽي ويٺي گدلا گدلا پيارَ

صبح جي ويلَ ۽ نار جي هيٺان هڪڙي مُنڌَ پنهنجي اجري تَنَ تان محبوب جا ڇڏيل راتوڪا نشان مهٽي مَهٽي لاهي رهي آهي. پڇاڙيءَ ۾ اياز جا ٻه نظم جن مان هڪ ۾ تخليق ڪار جي ڪِرت ۽ اَرٿ کي چِٽو ڪندي چوي ٿو:

اسين ننڊ جا نيڻ آهيون پرين!

سُتي ساھ جاڳي وڃي دور دور

ستارا لتاڙي اسان جو شعور

سوين چنڊ ساٿي

ڪتين جا سوين قافلا رهگذر ۾

سفر ۾ سوين ڪائناتون

نه آغاز جن جڳ نه انجانم جن جو

زمان ۽ مڪان کان مسلسل نجاتون

جڏهن موٽ کائون

سين راز آڻيون

سوين ساز جي لئه آواز آڻيون

سوين چنڊ چايون

ستارا تڳايون

انهن سان اچي پو

سڄو جڳ جڳمڳايون

اسان جاڳ جا ڀاڳ آهيون پرين!

اياز شاعر جي انهيءَ پل جو ذڪر ڪري ٿو جڏهن هُو سُتل هجي ٿو، تڏهن به هُنَ جو شعور ڪم ڪندو رهي ٿو. انهيءَ ڪري ئي ڄاڻوءَ جي ننڊ عبادت آهي. “سي ستا ئي سونهَنِ، ننڊ عبادت تن جي. ” شاعر انهيءَ حال ۾ به ستارا لتاڙي، پري پري تائين وڃي ٿو. ڪيتريون ئي ڪائناتون گهمي، چنڊ ۽ ستارا کڻي اچي ٿو، چمڪندڙ روشن روشن خيال کڻي اچي ٿو. نيون ڳالهيون، نوان راز ۽ راز جي لاءِ نوان نڪور سُرَ ۽ آواز کڻي اچي ٿو. هُو جو ڪجھ به آڻي ٿو، چوريءَ يا زوريءَ، سو رڳو انهيءَ ڪري ته اونداهيءَ رات ۾ سوجهرو ٿي سگهي. خوشيون هجن. جاڳ جو ڀاڳ سچ ته اهي سڀاڳا آهن جيڪي ننڊ جا نيڻ بڻجي سگهن ٿا. ٻئي نظم ۾ اياز چوي ٿو:

مون مشعل مشعل گيت چيا

جيئن تنهنجو چارو روشن ٿئي

جو ڪارونجهر تي دور ويو

سو رستو سارو روشن ٿئي

جنهن وقت انڌيري راتين ۾

گهنگهور گهٽائون ڇائينديون

تنهن وقت سموري ٿر بر کي

هي روشنيون دڳ لائينديون

ڪنهن وقت ننگر تي نينگرڙا!

سڀ چارا چنڊ پَسائيندو

تون پنهنجو گهر ڳولي لهندين

هُو تنهنجي گهر تائين ايندو

تنهن وقت گهٽا جي گهيري ۾

ڪنهن مشعل تنهنجي لاءِ اُڀي

ڪئي آڌيءَ رات انڌيري ۾. . .

بس، اياز جي سُڃاڻپ اهي ئي شعلا شعلا گيت آهن، جيڪي تَئي جي پُٺيءَ جهڙي ڪاري رات کي اُجاري ڏينهن ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. اهو جُهد مبارڪ آهي، چڱو آهي ۽ ڀاڳن ڀريو آهي. اهوئي هڪ سچي شاعر جو ڪم آهي. هُو اسان کي پڪ ڏياري ٿو ته اهڙو وقت ضرور ايندو جڏهن سڀئي راهون روشن ٿينديون ۽ سمورا انسان پنهنجي منزل ماڻيندا. تڏهن هُو وينتي ڪري ٿو ته رڳو ايترو ياد رکجو ته آڌيءَ رات جي اونداهيءَ ۾ رهبري ڪرڻ جي لاءِ ڏياٽي ڪنهن اُڀي ڪري جهلي هئي ۽ اسان اَوس ياد رکنداسين!!

 

(چنا لائبرري درٻيلو جي فيسبڪ پيج تان ۲ مارچ ۲۰۲۲ع تي کنيل)


شيخ اياز

باڪمال شاعر

منظور کوسو

ننڍي کنڊ جي مهان ڪوي شيخ اياز جي جنم ڀومي شڪارپور ۾ ھن ڀيري بهار رُت ۾ اياز جو جنم ڏينهن مختلف هنڌن تي وڏي جوش و خروش پيار ۽ پاٻوھ سان ملهايو ويو. ان ڏس ۾ انتظام ڪندڙن جون محنتون ۽ محبتون ته آھن ئي واکاڻ لائق پر شيخ اياز جي محبتن جي مئه ئي اهڙي آھي جيڪا ماڻھوءَ کي مست ڪيو ڇڏي. پرلطف ۽ پرڪيف شاعري جنهن زمانا خمار آلود ڪري ڇڏيا، جيئن ڪوي پاڻ چوي پيو؛

ڪري ويو ڪير بارش مئه،

خمار آلود ٿيا زمانا.

واقعي اياز پنهنجي گيتن، نظمن، واين، غزلن ۽ بيتن ذريعي اهڙي ته سنڌ تي محبتن جي پالوٽ ڪئي آھي جو ان مئه جي مدهوشيءَ مان صدين تائين سنڌ ٻاهر نڪري نه سگهندي. اڄ به شڪارپور ۾ اياز جا مئه خوار خمار آلود ڏٺم. نئين نسل کي شيخ اياز سان متعارف ڪرائڻ لاءِ شھر جي وڏن وڏن اسڪولن ڪاليجن ۽ شيخ اياز يونيورسٽيءَ ۾ شاندار تقريبون منقعد ڪري ڪيڪ ڪاٽيا ويا ۽ ماحول کي روح جي تارن کي ڇيڙيندڙ ۽ گرمائيندڙ شيخ اياز جي شاعريءَ سان خوب مهڪايو ويو. عدم برداشت، گهُٽ ٻوسٽ ۽ نفرتن جي هن ماحول ۾ ان قسم جا پروگرام روح کي راحت ڏيڻ لاءِ غنيمت کان گهٽ ڪين آھن، جتي سڀ ڪجھ ڀلائي گڏجي ويهي گوڏو گڏي محبتن جي شاعر جو محبتن ڀريو تذڪرو ٻڌو ويندو آھي. ڇو ته اهي شاعر ئي ته آھن جيڪي ماحول کي محبتون آڇين ٿا، جيئن اياز چيو آھي؛

نه ٿيندي نه ٿيندي محبت فنا،

هلي آ، ڀلي ويھ گوڏو گڏي.

هنن محفلن برپا ڪرڻ ۾ شھر جي جاکوڙي ليکڪ س ا س جي متحرڪ ڪردار ۽ سوشل فورم جي اڳواڻ نسيم بخاريءَ واھ جو پاڻ ملهايو، ڄڻڪ ڍنڍورو ڏئي شھرين کي جاڳايائين ته اٿو! ۲ مارچ اياز جو جنم ڏينهن آھي. پنجن مختلف جاين تي شاندار نموني جنم ڏينهن ملهايو ويو. شھرين ۽ شاگردن کي ياد ڏياريو ويو ته جيتوڻيڪ اياز ڀٽ شاھ ڪراڙ ڪنڌيءَ تي مدفون آھي پر هو شڪارپوري آھي، اهو اسان لاءِ فخر جو باعث آھي. تقريب جي شروعات گورنمينٽ اسلاميه هاءِ اسڪول کان ڪئي وئي، گورنمينٽ پرائمري اسڪول جماڻي هال جتي شيخ اياز پرائمري پنج درجا پاس ڪيا، ساڳئي ڏينهن تي قاضي حبيب الله هائر سيڪنڊري اسڪول ۾ اياز جي بيتن جي گونج ۾ شاندار محفل مچائي ويئي. هتان اياز ۳۱ مارچ ۱۹۴۱ع ۾ ميٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو، تنهن کان پوءِ C&S ڊگري ڪاليج شڪارپور ۾ تقريب منقعد ٿي. هتان مهان ڪوي انٽرميڊيئيٽ جو امتحان پاس ڪيو. راءِ بهادر اڌوداس تاراچند اسپتال شڪارپور ۾ اياز جو جنم ڏينهن ملهايو ويو، جتي سندس نياڻي ڊاڪٽر وينگس اياز خصوصي شرڪت ڪئي. اهي سڀئي محفلون هڪ ٻئي پٺيان هڪ ئي ڏينهن تي ٿي گذريون. جڏهن ته ٻئي ڏينهن تي شيخ اياز يونيورسٽي شڪارپور ۾ شاندار پروگرام ٿي گذريو، جنهن ۾ شھر جي اديبن، صحافين، استادن، شاگردن ۽ زندگيءَ جي ٻين شعبن سان لاڳاپيل ساڃاھ وندن ڀرپور شرڪت ڪري شيخ اياز کي ڀيٽا پيش ڪئي. مون ڏٺو ته شڪارپور ۾ پهريون ڀيرو ايترو وڏي پئماني تي اياز سان محبتن جو اظھار ڪيو ويو. اولائيووشرينر (ڏکڻ آفريڪا) هڪ تمام زبردست ڳالھ ڪئي آھي، هو چئي ٿو ته ”دنيا ۾ ٻه شيون ئي آھن جن کي سچ پچ ڪا اهميت آھي، هڪ پيار ۽ ٻيو ڄاڻ. “ ۽ اياز وٽ اهي ٻئي شيون جهجهي مقدار ۾ موجود آھن، جيڪي هن پنهنجي شاعريءَ جي روپ ۾ قوم کي ارپيون آھن ۽ ان مامري ۾ هو ڪو وڏو سخي مڙس هو. بخيلي کان ڪم صفا نه ورتو اٿائين. هن جي ڏات اسان تي بادل جيان برسي آھي ۽ موٽ ۾ هن تي به هيل شھر واسين محبتن جا مينهن وسائي ڇڏيا. محبتن جي انهن بادلن کي اياز ڇا ته خوبصورت پيرائي ۾ اظهار ڪيو آھي؛

هو بادل بادل آيا ها،

جن جل ٿل ڀال ڀلايا ها،

اي کيت کڙو! او شال ٽڙو،

هو پنهنجا مينهن وسائي ويا.

۽ اهڙو ته مينهن وسائي ويو جو سنڌي ادب ۾ اڄڪلھ جيڪي گل ٻوٽا پيا ماحول کي مهڪائين، تن جي ريج ۾ ان مينهن جو حصو ضرور شامل آھي. پاڻ ھڪ جاءِ تي چئي ٿو ته ”ادب فقط هڪ زلزلي ماپ جي اوزار وانگر نه آھي، جو فقط قومي زندگيءَ جا سارا ڌوڏا ڏيکاري ٿو پر هڪ قطب نما وانگر به آھي جا منزل جو طرف ڏيکاريندي آھي. “ اياز جي شاعري منزلن جو ڏس ڏيندڙ آھي. ماڻھوءَ کي ان جي قدر و قيمت ۽ حيثيت کان واقف ڪرائيندڙ آھي. ٻڌائي ٿو ته هڪ انسان ڇا ٿو ڪري سگهي ۽ ڪيئن همت حوصلي جو درس پيو ڏي؛

ڪير چوي ٿو بانورا، صبر وڏو سک،

آءٌ چوان ٿو ميٽبو، هن ڌرتيءَ جو دک،

هي جو ماڻھو مک، ڏونگر ڏاري ٿو سگهي.

شيخ اياز اهو شاعر آھي جنهن قوم جي دل ۾ سامونڊي لهرن جيان بيقرار جذبن کي زبان بخشي. اسان کي پنهنجن اڻڇهيل ۽ اڻچيل لفظن جو اظھار عطا ڪيائين. شيخ اياز سنڌ جو آواز آھي. ٿر، لاڙ، ڪاڇو، ڪوهستان، اتر هن سنڌ جي چپي چپي سان عشق ڪيو آھي ۽ ذري ذري کي پنهنجي شاعريءَ ۾ چٽي امر ڪري ڇڏيو اٿس. جديد سنڌي ادب ۾ نثر توڙي نظم ۾ اسان کي شيخ اياز جي فن ۽ فڪر جي ڇاپ واضح نظر ايندي، جيئن مٿي چئي آيو آھيان ته ڪو به ان جي سحر کان بچيو ڪونهي، جيئن هو پاڻ پنهنجي هن نظم ۾ چوي پيو،

تون ياد ڪجانءِ

سنڌ ۾

منهنجي مرڻ کان پوءِ

جيڪڏهن

ٻئي ڪنهن جو شعر

زنده رهندو

ته اهو ايئن اسريو هوندو

جيئن ڪمند جي هڪ فصل ڪپڻ کانپوءِ

ٻيو فصل ان جي جڙن مان

خود بخود اسري ايندو آھي.

عام کان وٺي خاص تائين سڀئي اياز جي شاعري جا ديوانا هيا. هندستان جي وزيراعظم گجرال جڏهن اياز جي شاعري کي ٻڌو، چيائين ته هي شاعريءَ ۾ چندر شيکر آزاد (مشھور انقلابي ڀڳت سنگھ جو ساٿي) جهڙو آھي. سو اهڙي عظيم شاعر جي فن و فڪر تي آءٌ ته لب ڪشائي ڪري ڪونه ٿو سگهان، البته پنهنجن ڪچن پڪن لفظن ۾ محبت جو اظھار ڪريان پيو. شيخ اياز ڌرتيءَ جو شاعر آھي، حسن و جمال سان گڏوگڏ انقلاب، مزاحمت ۽ وطن دوستي به هن جي رڳ رڳ ۾ رچيل آھي. هو گهڻو عرصو سياست سان ڪميٽيڊ رهيو آھي ته هن جي تخليقن ۾ لامحاله اهي شيون به آھن. ۱۹۵۴ ۾ جڏهن مغربي پاڪستان جي چئني صوبن کي ون يونٽ قرار ڏنو ويو ته قومي تحريڪ ۾ اياز جي گيت ”سنڌڙي تي سر ڪير نه ڏيندو“ جان وجهي ڇڏي. چون ٿا ته شھيد ذوالفقار علي ڀٽو به هن گيت تي ايترو مست هيو جو هن هڪ ڀيري هيليڪاپٽر موڪلي هن گيت جي راڳي عبدالغفور ۽ سارنگي نواز استاد عبدالمجيد کي گهرائي ورتو ۽ چار ڀيرا هن گيت کي ٻڌو. اياز جيل جون سختيون به برداشت ڪيون، ڪتابن تي به پابندي لڳس، تنقيد جي تکن تيرن سان به منهن ڏنائين ۽ زماني جي بيقدري به ڏٺائين. هر مصيبت سان منهن ڏيڻ کانپوءِ به باڪمال رهيو ۽ باڪمال آھي، جئن پنهنجين هنن سٽن ۾ گويا آھي؛

نه ڇڏيو آھي ماڻھپو ۽ مرڪ،

گرچه ھڙا تباھ حال آھيون،

هر زماني جي ناشناسيءَ جي،

چوٽ کائي به باڪمال آھيون.

 

(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۴ مارچ ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)


شيخ اياز

عِشق، اِنقلاب ۽ اِنسانِيت جو شاعر

ڪامران رند

سنڌ سونھاريءَ ھونئن ته انيڪ مانجهي مرد مجاھد پيدا ڪيا آھن جن ھِنَ ڌرتيءَ جي سونهن ۽ ورونھن لاءِ جاني توڙي مالي، ذھني توڙي وقت جي قرباني ڏئي پنهنجو نانءُ تاريخ جي سونهري ورقن ۾ اَمر بڻائي ڇڏيو آھي. اھڙن ئي ارڏن ۽ اَڏول، اُڙٻنگ ۽ عظمت ڀرين ڪردارن ۾ شيخ اياز جو نالو پڻ سرِفھرست آھي جنهن پنهنجي عِلم ۽ قَلم وسيلي ھنَ ڌرتيءَ کي ڀيٽا ڏيندي امُنِ عالم، ترقيءِ بني آدم ۽ انسانيت جي چڱ ڀلائيءَ جو پيغام عام ڪيو.

ڪَراڙ ڍنڍ جي ڪُکَ ۾ ابدي ننڊ سُتل شيخ اياز؛ ڇٺيءَ جو نانءُ، شيخ مبارڪ علي ۲ مارچ، ۱۰۲۳ع ۾ ھِنَ عظيم ڌرتيءَ جي سيني تي کولي. اياز بمبئيءَ مان قانون جي سَند وٺڻ بعد ڪراچي ۽ بعد ۾ شڪارپور ۾ وڪالت ڪرڻ شروع ڪئي. ھن جي فِڪري اُڏام ته ننڍي ھوندي ئي وڏيون منزلون طئي ڪرڻ شروع ڪيون ويتر جو سنڌ جي ڀلوڙ اديبن گوبند مالھي، ڪيرت ٻاٻاڻي، گوبند پنجابي، شيخ عبدالرزاق راز، جو ساٿ مِليس ته ويتر نِکٽن جيئان نِکري نِروار ٿيو. شاعريءَ ۽ افسانه نِگاريءَ جي سمجهه ڄڻ ته سُتي ۾ ئي سَمايل ھُئس. تنهن ڪري ئي جڏھن شاعريءَ جي کيتر پير پاتُائين ته سمُوري سنڌ ۾ ھاڪ مچي ويس ۽ وقت گذرندي ويو نانءُ ڪڍندو ويو تان جو شاھ ڀٽائي بعد شاعري ۾ ھنَ جو ئي نانءُ وٺجڻ ۽ ڳائجڻ لڳو. سنڌ سان گھري لڳاءُ ۽ شاعريءَ ۾ عشق ۽ انقلاب جي مڌم ميلاپ جي ڪري کيس جديد سنڌي شاعريءَ جو موجد ڪري لِيکيو ويو.

اياز جي سموري شاعري عشق، اِنقلاب ۽ اِنسانيت جو سنگم ئي آھي. ويتر جي مٿان تنهن ۾ سنڌ، سنڌيت ۽ سنڌ شُناسيءَ جي چاشني مليس ته ويتر عام لوڪ کي مُعتقد بڻايائين. شيخ اياز انقلاب جو پيڪر هئڻ سان گڏوگڏ عالمِ اِنسانيت لاءِ اھڙو آواز ھئو جنهن جو پڙاڏو به مظلومن ۽ محڪومن جي مجبورين ۽ آھُن ۽ دانهن جو اِظھار بڻيو. سندس چواڻي؛

”جنهن وقت به جنهن جو طوق لٿو، مون ايئن سمجهيو، ڄڻ منهنجي گردن ھلڪي ٿي.”

عالمِ اِنسانيت لاءِ ھن جي اندر جي اُڻ تُڻ پڻ سندس شاعريءَ ۾ خوب پسي سگهجي ٿي،

”ايني منهنجي ڀينڙي، اورانھين اٻلا،

اڄ جو منهنجي گھاوَ ۾، رت ڪيا ريلا،

تنهن ۾ تنهنجا، سھسين سُڏڪا ٿو سُڻان.”

ظلم ۽ جبر جنهن تي به ٿيو ۽ جنهن سان به ٿيو، اياز اُن کي پنهنجو گھاوَ ۽ پنهنجو درد محسوس ڪيو. تنهن قيس ۽ ڪلُور تي آواز اُٿارڻ ھن پنهنجو اولين فرض سمجهيو. آمريڪا پاران ڪيرايل ائٽم بم جو صورت ۾ جاپان مٿان ڪيل ظلم ۽ بربريت جي واقعي کي ڪجھ ھن طرح بيان ڪيو اٿس،

”ناگاساڪي ناھ، آھي تنهنجي آرسي،

سانڍي جا تو ساھ ۾، سا ڀنڀٽ بڻي باھ،

سياڻو ٿي ساڃاھ، اڃان ويل وئي ناھ“.

شيخ اياز وٽ قومي درد ته ضرور آھي مگر ھو عالم اِنسانيت لاءِ ئي لُڇي، پُڇي ۽ پتوڙي ٿو. ھو ھڪَ اشتراڪي ۽ گڏيل سماج جي جوڙجڪ لاءِ آواز اُٿاري ٿو. ھن جي محبت جو محور سنڌ ته ضرور آھي پر ھي ھن ڌرتيءَ جي سيني تي آزادي، برابري، امن ۽ انسانيت جا پکي اُڏامندي ڏسڻ گُھري ٿو. ھن وٽ ذات، رنگ ۽ نسل ثانوي حيثيت رکن ٿا. ھو انسانيت کي ئي سڀ کان مٿانهون سمجهي ۽ ڀانئي ٿو.

”او اِنسان،

او اِنسان،

ڪنهن کي ٿو مارين،

او نادان،

او نادان،

ڪنهن کي ٿو مارين“.

يا ظلم ۽ ڏاڍ جا وڍ ۽ ڏڍ سھندي سھندي جڏھن سي ئي انسان آزاديءَ جو پروانو ھٿ ۾ کڻي، ھر جابر ۽ ظالم قوت کي للڪارين ٿا ته ھي بي ساخته چئي ڏئي ٿو،

”ھي ماڻهو آزاديءَ جو وھ ٿِيا،

جيئن لڪ لڳي، تيئن رُڪ ٿِيا“.

باغي ۽ سرڪش شاعر شيخ اياز آزاديءَ جو متوالو به آھي ته اِنقلاب جو گھوارو به. اياز جڏھن شاعريءَ جي ميدان تي رنديءَ ۽ بيباڪيءَ جو مظاهرو ڪري ٿو ته چؤطرف مذهبي مُعتقدن ۽ فرسوده خيالن جي پوڄارين پاران کيس ملحد ۽ ڪافر جون فتوائون ڏياريون وڃنس ٿيون. تنھن دؤر ۾ ئي سنڌ جي برک ڏاھي ۽ نقاد رسول بخش پليجي”انڌا اونڌا ويڃ” لکي ڪري اياز جي حق ۾ سدا بُلند ڪئي ۽ ھن جي خيالن ۽ نظريي کي عام لوڪ ۾ جاءِ ڏياري. تنهن وقت شيخ اياز به جُرئت جو مظاهرو ڪندي خوب لکيو ۽ پنهنجي خيالن جو پرچار ڪيو.

”مان ڏوهي ھان،

مان ڏوھي ھان،

مون ڪيئي ڏوھ ڪيا آھن.“

اياز بي ڊپو ۽ بي خوف ٿي لکيو ۽ پنهنجي اِنقلابي جذبن جو کليل نموني اظھار به ڪندو رھيو. ھن جي سچ چوڻ جي عادت کي بنھ پسند نه ڪيو ويو ۽ ھن جي ڪيترن ئي ڪتابن ۽ شعري مجموعن تي بندش لڳائي وئي. جن ۾”ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي”۽”ڀؤنر ڀري آڪاس”اھم ليکيا وڃن ٿا. جڏھن سچ تي پھرا ۽ تخيل تي تالا لڳڻ شروع ٿيا، تنهن وقت ڏاڍي جرئت سان چيائين؛

سچ وڏو ڏوھاري آھي،

سچ وڏو ڏوهاري آھي،

روز ازل کان پڪڙيو ويو آ،

زنجيرن ۾ جڪڙيو آ،

ڳولهي ڳولهي ماريو ويو آ،

تيل ڪڙھائيءَ ڪاڙھيو ويو آ،

گھاڻي ۾ پيڙايو ويو آ،

چوٽيءَ تان اڇلايو ويو آ،

جنهن جي من ۾ کاٽ ھڻي ٿو،

تنهن جو سارو چين کڻي ٿو،

اڄ تو وٽ مهمان ٿيو آھي،

پر تو ڪڏھن ھي ڄاتو آھي،

ڪنهن سان تنهنجي ياري آھي،

سچ وڏو ڏوھاري آھي،

سچ وڏو ڏوھاري آھي“.

شيخ اياز پوري دنيا کي پنهنجو گهر ۽ پوري انسانذات کي پنهنجي قوم سڏيو آھي،

”منهنجو ڪوئي ديس ناھي،

منهنجو ديس جهان،

منهنجو ڪوئي نانءُ نه آھي،

مان آهيان اِنسان“.

پر جڏھن انسان کي انسان هٿان ئي مرندي ڏسي ٿو ته دلگير ۽ دل شڪسته ٿي خدا سان شڪايت ٿو ڪري ته؛

اي الله،

ھي انسان جي ظالم ۽ جاھل،

مونکي آئي کِل،

تنهن کي اشرف المخلوقات چئي“.

شيخ اياز پوري دنيا ۾ ٿيندڙ حق ۽ سچ جي جنگ کي پنهنجي جنگ سمجھي ٿو. ھو دنيا ۾ ٿيندڙ ھر قيس ۽ ڪلُور تي آواز به اُٿاري ٿو ته مظلومن ۽ محڪومن لاءِ آواز به بلند ڪري ٿو؛

”ھنوئي ھر جاءِ، آزاديءَ جو مورچو،

لکين نينگر نينگريون، مرڻ جيئڻ لاءِ.“

عظيم ڪَوي شيخ اياز پنهنجي سموري ڪلام ۾ انسانيت سان پيار ۽ پاٻوھ جا بند ٻَڌا آھن ۽ تن لاءِ ذھني ۽ قَلمي پورھيو ڪيو آھي. شيخ اياز پنهنجي سموري زندگي ڄڻ ته عشق، انقلاب ۽ انسانيت لاءِ ارپن ڪري ڇڏي پر جڏھن روس جي اشتراڪي بنيادن تي ٻڌل رياست کي پنهنجي اکين آڏو ڀرندي ۽ ڊھندي ڏٺُائين ته ھي پڻ دلشڪسته ٿيو ۽ ويتر جو سنڌ جي سياسي ۽ سماجي ماحول کي چؤطرف مايوسي، نااميدي ۽ ناڪامي ۾ وڪوڙيل ڏِٺُائين ته پاڻ به مايوسيءَ مان لکيو؛

”رتُ اياز ڏنو، ڪنهن نه ڄاتو ڇو ڏنو،

رت اڏيءَ تان اڏيو، ۽ سنڌ ڏسندي رھي“.

عمر جي آخري حصي ۾ شيخ اياز مذھب جي طرف موڙ کاڌو ۽ پنهنجي سموري ڏات ۽ فِڪرَ خدا جي ساراھ ۽ ثناگوئي ۾ قطب آندائين. تنهن دؤر ۾ سندس شعري مجموعو”شاعريءَ جو سجدو”منظرعام تي آيو، جنهن ۾ خدا کي ٻاڏائيندي چئي ٿو ته؛

”اي خدا،

مونکي ايتري مھلت ڏي،

جو منهنجي شاعري تو کي ھڪَ سجدو ڪري وٺي“.

جيتوڻيڪ سنڌ جي ھن عظيم ڪَوي ۽ مھان شاعر شيخ اياز جو روح ۱۹۹۷ع ۾ پرواز ڪري ويو پر هو پويان شاعريءَ جو ايترو ته شاندار ۽ جاندار ذخيرو ڇڏي ويو آهي جو اڄ به نوجوان سندس عِلمي ۽ قَلمي پورھئي مان ذھني آبياري ڪندي سونهن، سچ، امُن ۽ اِنسانِيت جو سبق پرائين ٿا.

 

(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۱۶ جون ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)


شيخ اياز

سنڌ جي شاعري جو سج

فاروق احمد سرگاڻي

شيخ اياز سنڌ جو جديد شاعر آھي، شاھ لطيف کان پوءِ سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ مڃتا ماڻيندڙ شاعر آھي، ھو پنهنجي دور جي ھم اثر شاعرن کان وڌيڪ سگهارو آھي،۲۰هين صدي جو وڏو شاعر آھي.

ھن جي شاعري سنڌي غزل کي نئون روپ ڏنو، ھن فارسي روايتن مان غزل جي جند آجي ڪرائي ۽ سنڌي غزل کي نئون آسمان ڏنو جنهن ستارن سان جڳمڳ ٿي چمڪڻ شروع ڪيو.

شيخ اياز پنهنجي شاعري جو آغاز اردو شاعري کان ڪيو، ھن اردو شاعري تي ڪتاب لکيا ھتي مان ھڪڙي ڪتاب جو نالو لکان ٿو“ دنيا ساري خواب” پر اھا مڃتا ڪونه ملي اياز کي جيڪا ملڻ کپي ھا ان ڪري ھن سنڌي شاعري ڪئي ۽ ان کي موٽ ملي. ان ڪري اسان کي سمجهڻ گهرجي ته ھميشه پنهنجي مادري ٻولي کي ترجيح ڏيون.

شيخ اياز جي شاعري سنڌ ۾ نئين دور جي آمد ھئي جيڪو مزاحمت ۽ انقلاب جي سرن سان ڀريل آھي.

شيخ اياز جي شاعري سنڌ لاءِ روشني جيان آھي. اسان کي اياز جي شاعري ۾ مزاحمت، ڏک، سک، محبت، انسان دوستي ملي ٿي.

او انسان!

او انسان!

ڪنهن کي ٿو مارين!

ھي ماڻهو جو ٻچڙو آھي،

ڪونپل کان ڀي ڪچڙو آھي!

جتي شيخ اياز جي شاعري انسان دوستي جو ثبوت ڏئي ٿي اتي انقلاب لاءِ واٽ به ڏسي ٿي،مان چوندو آھيان ته لطيف سائين مزاحمت، جماليات، فڪر فن جو سونهن جو سمنڊ آھي ته اتي شيخ اياز درياھه جي مثال آھي. ايئن ئي اياز پنهنجي شاعري ۾ ھن سماج کي خراب ڪوٺي ٿو ۽ انقلاب جي ڳالهه ڪري ٿو.

انقلاب! انقلاب! ڳاءِ انقلاب ڳاءِ

ڌوڏ هن سماج کي

لوڏ سامراج کي،

ٺاھه سو نئون نظام

جو چڱو چئي عوام

هي نظام آ خراب، انقلاب!

انقلاب! انقلاب! ڳاءِ انقلاب ڳاءِ

ڳاءِ ڳاءِ نوجوان

جيئن زمين آسمان

جي کلي پئي زبان

زندگي اُٿي چئي، انقلاب! انقلاب!

انقلاب! انقلاب! ڳاءِ انقلاب ڳاءِ

هن جي شاعري ۾ انقلابيت، مزاحمت سان گڏوگڏ محبت جو ساگر سمائل آھي، شيخ اياز لکي ٿو ؛

مکڙي مکڙي جي مک تان، بس چميون وتيون سي چار

پرين اسان جو آھي سڀ سان پوپٽ وارو پيار.

اڏري اڏري ٿڪجي پوندين، ڪنهن سان تنهنجو پيار!

چنڊ نه ڪنهن جو يار پکيئڙا، چنڊ نه ڪنهن جو يار!

ڪونجو! ترسو ترسو، اڏران مان به اوھان جي سنگ

پنهنجو پنهنجو ديس بڻايون، دنيا مان ٿي تنگ.

اياز شناسي جي حوالي سان اسان کي اهو سمجھڻو پوندو ته شيخ اياز ڪهڙي دور پس منظر مان اڀري ٿو.

خاص ڪري ون يونٽ جي وقت شيخ اياز مقبولت ماڻي ۽ باغياڻي شاعري ڪئي، شاعري کي وقت ۽ حالتون پيدا ڪنديون آھن ان وقت ۾ اهڙيون حالتون هيون جو ماڻھن جي زندگي جنجال هئي ۽ پاڪستان جون سڀئي سياسي تحريڪون ميدان تي هيون ۽ ان وقت شيخ اياز جي باغياڻي شاعري هڪ روشني جي مثال هئي ۽ هن نوجوان نسل تي تمام گهڻو اثر ڇڏيو.

سھندو ڪير ميار او يار

سنڌڙي تي سر ڪير نه ڏيندو

ڪٿي ته ٻجھندي، ڪٿي ته ٻجھندي، لڇي لڇي ھي لاٽ

ڪٿي ته کٽندي، ڪٿي ته کٽندي، وڃي وڃي ھي واٽ

سائين جامي چانڊيو لکي ٿو، جيترو ان دور ۾ سنڌ ۾ شيخ اياز جي شاعري جو اثر رهيو، اهو ئي سبب هو جو رياست هڪ شاعر کان ايترو خائف رهيءَ هو ساهيوال ۽ سکر ۾ ڪاٺ ۾ به رهيو.

پوءِ ستر جي ڏهاڪي ۾ هن جي شاعري ۾ وجوديت يا فرد جي ويڳاڻپ جي فڪر جو لاڙو وڌيڪ حاوي نظر اچي ٿو ان جي نظمن مان اها خبر پئي ٿئي هو ان وقت ۾ ڪوهين ڏور هليو ويو آھي.

سائين جامي چانڊيو ٻئي هنڌ لکي ٿو؛ ايئن اسي جي ڏهاڪي ۾ جمهوريت پسندي ۽ پوءِ آخري دور ۾ روحانيت پسنديءَ ۽ تصوف جو لاڙو شيخ اياز جي شاعريءَ ۾ اُڀري آيو جيڪو سنڌ جي روشن خيال ۽ ترقي پسند حلقن وٽ بيحد تڪراري پڻ بڻيو. رسول بخش پليجي، تاجل بيوس ۽ مون سميت ڪيترن اديبن ۽ ادبي نقادن مٿس تنقيدي مضمون لکيا.

اياز شناسي کي هڪڙي مضمون ۾ سمائي نٿو سگهجي، هاڻي ڳالھه ڪجي ته شيخ اياز جي شاعري تي سڀ کان گهڻو اثر لطيف سائين جو هو.

ڊاڪٽر فياض لطيف لکي ٿو ؛ شاھه لطيف جهڙي عظيم شاعر ۽ دانشمند جي موجودگيءَ ۾ سنڌي شاعريءَ ۾ جاءِ ٺاھڻ ۽ هڪ الڳ مقام حاصل ڪرڻ، شيخ اياز جو نه فقط وڏو ڪارنامو آھي پر سندس مهان ڏاتار هجڻ جي گواهي به آھي، ڀٽائي سنڌي شاعري ۾ فڪري ۽ فني جماليات جو سوجهيو آھي ۽ اياز انهي جي جر ۾ جاٽون هڻي ڪجھه ھيرا ۽ جواهر کڻي آيو آھي.

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۲۴ نومبر ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)


شيخ اياز

نرگسيت يا خود شناسي

(جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي جي آخري باب جي نئين پڙهڻي کان پوءِ جا ويچار)

لطيف نوناري

اياز جي ”مان“ گهڻن ٻين جيان مونکي به ڪونه وڻندي هئي. نرگسيت جي بد تعبير اها آهي ته انجي نحوست جو شڪار پنهنجي تخليقن کي صرف پنهنجو ذاتي ڪارنامو سمجهڻ جي احمقاڻي خوشفهمي ۾ مبتلا هوندو آهي. پوئين پهر جي اياز جو هي اظهار پڙهي مون پنهنجي اياز جي پراڻي پڙهڻي دماغ مان ڌڪا ڏيئي ٻاهر اڇلائي ڇڏي. اهو اظهار هو:

سا به تنهنجي سنڌڙي، هي جا منهنجي مون!

مان اياز کي وري پڙهڻ شروع ڪيو ۽ پنهنجي ان نئين سفر ۾ حيرت۽ راحت ۾ اضافو ٿيندو رهيو. پنهنجي مُلهه کي ديس سان ڳنڍڻ/ارپڻ بلوغت جو اعلا پد آهي. ان خيال بعد منهنجو دلبر اياز ديس جهڙو پيارو ٿي پيو.

نوٽ بڪ جي هڪ ورق ۾ هڪ خيالي شاعر جي ڪردار واتان اياز چيو: ”سچل کي شاه لطيف چيو هو ته ”جيڪا ڪُني مون چاڙهي آهي ان جو ڍڪڻ تون لاهيندين“؛ ڪاش مان اها ڪني ڍڪڻ سوڌي ڀڃي سگهان!“ هي اعتماد ۽ مڃيل روايتن، معيارن ۽ اوچاين سان کونس ڪرڻ ان تخليقي سگهه ۽ انجي ئي پيدا ڪيل جذبي ۽ جوش جو ڪارنامو آهي جيڪا شاعر کي بي چين رکي ٿي. هو پنهنجي دڳ جي جمال جو اسير لڳي ٿو. هو مڃيل چوٽين جي عظمت جو انڪاري ناهي، پر هو نئين زاويئي جي وڪالت وڌيڪ ڪري ٿو. اثاثي ورثي کي پنهنجو ڪرڻ سان گڏ هو انهن ئي ورقن ۾ پنهنجي عالمي ادبي تاريخ کي سامهون رکندي پڙهندڙ کي آگاه ڪري ٿو ته ٻين شين سان گڏ ادب جي دنيا ۾ به تبديلي جو هڪ زمانو ايندو آهي. ۽ پوءِ پنهنجي وقت کي تبديلي جو وقت چئي ٿو. ادب جي موضوعن سان گڏ ادبي تنقيد جي حال تي به پنهنجي مضبوط اختلافي راءِ رکي ٿو. هو چوي ٿو: ”سنڌي تنقيد ان جانور جو نالو آهي، جنهن کي جهرڪيءَ جو مٿو، ڪاريهر جي ڄڀ، چمڙي جون اکيون ۽ اُٺ جي اوجهري آهي“ نقادن جي اهڙي عزت افزائي اياز وٽ بار بار ملي ٿي. سبب اياز جو وسيع مطالعو ۽ ادب جي گهري سمجهه، جيڪي شيون سندس دور ۾ ٽانوان ٽانوان هيون. اڄوڪي ابلاغي دور ۾ تحقيق، تخليق، تنقيد، رايا، تعصب، پراپيگنڊا سڀ ڪيبورڊ جي پهچ اندر آهن.

ڇا به هجي اياز جي ان خوبي کان ڪو اکيون ٻوٽي نه ٿو سگهي ته اياز ڪڏهن به پنهنجي اندر جي آواز ۽ سچائي تي ڪو سمجهوتو نه ڪيو آهي. هن ئي نوٽ بڪ جي ورقن تي هو اهو گمان به ڏيکاري ٿو ته جنهن تبديلي جي دور کي هو پنهنجي دور ۾ ڏسي ٿو سو دور ٻيهر مستقبل ۾ به اچي سگهي ٿو ۽ ممڪن آهي ته ان دور ۾ سندس تحريرن تي به قينچي ڦيري وڃي.

اياز پنهنجي نوٽ بڪ ۾ شاعري لاءِ پنهنجا مونجهارا به ٻڌائي ٿو ته ان سان گڏ ڪيئي دلچسپ سوال به پڇي ٿو. سونهن يا حُسن شاعري جو ازل کان دلپسند موضوع رهيو آهي. اياز لکي ٿو ته هو ان مونجهاري ۾ آهي ته شاعري سونهن جو انڪشاف آهي يا تخليق. هن ئي نوٽ بڪ ۾ هو پاڻ کي دهريو صوفي ۽ ناستڪ جوڳي سڏي ٿو. اسان کي ڀلي اهڙيون ڳالهيون لاف زني لڳن، پر اهي شاعر اياز لاءِ هن جي اندر جون سچايون آهن. ۽ هو انهن کي جئين جو تئين بنا ڪنهن ڪاٽ ڪوٽ جي، يا جئين چوندا آهن ته سياسي درستگي کي چخي نه ڪندي پيش ڪري ٿو. هن جي ڪردار جو هي ارڏو لاڙو آخر تائين سندس اڻٽٽ حصو رهيو. گهڻن نالي چڙهيل ترقي پسندن سندس عمر جي آخري پهر ۾ دعائون قلمبند ڪرڻ تي کيس موت جي خوف جو شڪار سڏي سندس ذهني تبديلي کي غداري سان تعبير ڪيو. مان اڄ تائين سنڌي اديبن جي نظرياتي پختگي تي زور کي زباني چشڪي کان وڌ ڪجهه ناهي سمجهيو. ڪهڙا نظريا؟ ڪنهن جا نظريا؟ ترقي پسند تحريڪ جا باني ۽ سگهارا مبلغ به ٻيا هئا. سنڌي سماج ۾ ادب جي عوامي اثرن جو حقيقي دور ته اڪيهين صديءَ کان شروع ٿيو آهي. شيخ اياز جي ته اڍائي چوپڙيون پڙهيل اديبن تي اک ئي ڪونه ٻڏندي هئي. سنڌ اندر مضبوطي فقط مذهبي نظرين جي رهي آهي. اڄ به تعليم جي تباهي سنڌي ماڻهن جي اڪثريت کي توهم پرستي ۽ مذهبي شدتن ڏانهن ڌڪي رهي آهي. شيخ اياز جي بنيادي ذهني اڏام جو خاڪو هن ڪتاب کي پڙهڻ سان ملي وڃي ٿو.

”ڪير زياده حسين آهي، شهڪار يا ان جو فنڪار؟“

هن سوال جي موجودگي ئي هڪ ذهني لاڙي جي شاهدي آهي. خالق ۽ تخليق جي اهميت جا سوال پتڪڙا نعرا ناهن. اهي فلسفياڻا مونجهارا آهن جن جا جواب صدين کان سوچيندڙ ذهن ڳوليندا رهندا آهن.

”فنڪار جي شڪست، فن جي فتح آهي.“

خوبصورتي ۽ ان جي پسنديدگي ٻئي خدائي خوبيون چيون ويون آهن. هنن خيالن جو اڪلاءُ ”دهريي صوفيءَ“ کي ڪو نه ملڻو هو، ڇاڪاڻ ته صوفي مت قطعن دهريت ناهي. پاڻ کي دهريو صوفي سڏڻ پٺيان اياز جي ذهني يڪسوئي نه هجڻ جو اشارو آهي. سرخ باکن جا ادبي اثر مرشد لطيف جي نيو من لائين واري خيال سان گڏ اياز جي بي يقيني وڌائن ٿا.

اياز جي هنن تحريرن کي مان پاڻ سڃاڻ ۽ پنهنجي دنيا سڃاڻڻ واريون تحريرون سمجهان ٿو. وسيع مطالعو هڪ سوچيندڙ دماغ لاءِ سمجهه جي گهراين جا بي انت سوال جنميندو آهي ۽ ٽڪاءَ جو به دشمن آهي. جوان اياز جي ڪلهن تي هڪ پوڙهي وارا سوال پڇڻ وارو اوچو دماغ آهي. انهن سوالن ۽ بيانن کي نهايت غور ڀري سنجيدگي سان پڙهڻ گهرجي. نوجوانن لاءِ خاص طور شعله بيان شيخ اياز کي پڙهڻ ضروري آهي. مونکي وطن پرست بڻائڻ ۾ شيخ اياز جي شاعري ۽ نثر جو هڪ ڪليدي ڪردار آهي. مان کيس پنهنجو پيار ڀريو فخر ۽ ورثو سمجهان ٿو.

 

(لطيف نوناري جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۲۳ ڊسمبر ۲۰۲۲ع تي رکيل/ کنيل)


شيخ اياز

ٻيو جنم ٿر ۾ وٺڻ جو خواهشمند ڪوي

ڀارومل امراڻي

لطيف سائين کان پوءِ جنهن شاعر ٿر کي پنهنجي شاعري ۾ پلٽائي ڇڏيو، اهو شيخ اياز آهي. شيخ اياز کي ٿر سان بي حد عشق هو، هن ٿر جي ڪڻي ڪڻي منجهه ڪهاڻيون ڳولهي کين ڪوتا جو روپ ڍڪائي امرتا بخشي. بظاهر ٿر جي واري ريت جو ذرو آهي پر شيخ اياز ان جو ڪو مٽ نٿو ڄاڻي ۽ چوي ٿو ته ؛ ڪڻ ڪڻ منجهه ڪهاڻيون ڍولا مارو ڍٽ، مور نه تني جو مٽ، ڌرتي ڪو داسڙو شيخ اياز کان ڪنهن خابرو همراهه پڇيو ته ؛جيڪڏهن توهان کي ٻيو جنم ملي ته ڪٿي وٺندا ؟ هن ٺهه پهه وراڻيو ته ٿر ۾. ٿر اها مٽي آهي جنهن مارئي کي جنم ڏنو.مارئي حب الوطني جي عظيم علامت آهي، دنيا جي تاريخ ۾ مارئي جهڙو ڪردار ورلي ملي ٿو. اياز چوي ٿو ته؛ ٿر کان سواءِ ٿاڪ، ڪهڙا تنهنجا مارئي. شيخ اياز جديد سنڌي شاعري جو اهو اڳواڻ آهي، جنهن پنهنجي قلم جي نڀ تلوارن سان وڙهائي هئي. هن جي مزاحمتي ڪوتا جو هر لفظ هٿيار کان وڌيڪ طاقتور آهي . هن وٽ شاعراڻي سگهه اها هئي جو هو جڏهن شعر چوندو هو ته ؛ ڇا چنڊ، ڇا ستارا،ڇا ڪتيون، ڇا هي اکٽ سنسار، ڇا ان جا ون واس وارا ڦول، وليون ۽ هرڻي جي اکين واريون ناريون سڀئي پنهنجو پاڻ آڇي چوندا هئا ته اسان کي منظور ڪر اسان جي حسن کي پابندگي عطا ڪر، زندگي ۾ موت کي مسترد ڪري اسان کي ان ازل ابد سان همڪنار ڪري ڇڏ جو تنهنجي شاعري ۾ ڇوليون هڻي رهيو آهي. شيخ اياز شڪارپور جي ميان ڳوٺ ۾ غلام حسين شيخ جي گهر ۾ ۲ مارچ ۱۹۲۳ع جنم ورتو ۽ ۲۸ ڊسمبر ۱۹۹۷ع ۾ ڪراچي جي مڊ ايسٽ اسپتال ۾ پراڻ تياڳي ويو. اي سنڌ تو کي الوداع، اي هند تو کي الوداع تو ۾ هيو سارو جڳت،اي جند تو کي الوداع شيخ اياز شاعر،ڪهاڻيڪار، ترجمي نگار ۽ دانشور هو. هن لکڻ جي شروعات ننڍپڻ ۾ ڪئي. انگريزي پڙهائي دوران شعر لکي ان وقت جي نامور استاد کئلداس فاني کان اصلاح ڪرائيندو هو. سندس پهرين لکڻي ۱۹۳۸ع ڌاري شايع ٿي. شيخ اياز ديس ڌرتي، سونهن سرتي، پيار، امن، مذهب، وحدت ڪثرت، اشتراڪيت، جماليت، نفرت، ڌڪار،غلامي، آزادي،جنگ سميت زندگي جي سمورن پهلون تي لکي خيالن ۽ نظرين جي اهڙي ڇنڊڇاڻ ڪئي آهي جو دنيا جو ڪو به ڏاهو مڪمل رد نٿو ڏيئي سگهي. شيخ اياز غير معمولي صلاحتن وارو عظيم انسان هو. جديد سنڌي ادب جا سمورا صفحا اٿلائي پٿلائي ڏسو ڪنهن به اديب، شاعر ۽ دانشور شيخ اياز جيترو نه لکيو آهي. هن جي ڏات جي برسات ٻارهوئي وسندي رهي. هن جنم لکڻ جي لاءِ ورتو هو. ڇا ڇا منهنجي ڏات مان چانڊاڻا چمڪن شيخ اياز جي ڪتابن ڀونئر ڀري آڪاش، ڪلهي پاتم، جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي، تي پابندي لڳي. شاعري جي انهن سٽن تي شاعر شيخ اياز ترم ياترا به ڪئي. شيخ اياز ۱۹۶۵ جي پاڪ ڀارت بلوي ۾ سنڌ جي اوچ ڪوٽي شاعر نارائڻ شيام کي علامت بڻائي لکيو هو ته ؛ هي سنگرام، سامهون آ نارائڻ شيام سورٺ جي سونهن ۽ ڏياچ جو هي رومانس ڪنهن اڳ ۾ ائين بيان نه ڪيو آهي. گهاڙوءَ گهڙيو ڪونه، ڳهڻو تنهنجي ڳل جيئن سورٺ توتان ڇو نه، ور ور مان واريو وڃان شيخ اياز جڏهن سنڌ يونيورسٽي جو وائيس چانسلر ٿيو تڏهن هن کان ڪوتا رسي ويئي. هن ترجمي ۽ نثر کي وقت ڏنو. شيخ اياز سنڌ يونيورسٽي وي سي هئڻ دوران عبدالقادر جوڻيجي، عزيز مهراڻوي، علڻ فقير سميت ڪيترن ئي علم ادب، راڳ وارن کي سنڌ يونيورسٽي ۾ ملازمت ماڻڻ ۾ مدد ڪئي. سنڌ جي سياسي جلسن جو شيخ اياز روح روان رهيو، شيخ اياز جي شعرن کان سواءِ جلسو اڌورو هوندو هو. آجپي جي جدوجهد ۾ شيخ اياز اتساهه هوندو هو. شيخ اياز سنڌي کان سواءِ اردو ۾ به شاعري ڪئي. هن شاهه لطيف جي شاعري جو اردو ترجمو ڪيو. شيخ اياز جي شاعري جو مختلف ٻولين ۾ ترجمو ٿيو آهي. شيخ اياز جيڏو شاعر هو، ايڏو کيس نقاد نه مليو. هن کي پنهنجن توڙي پراون ڪتاب سفيد وحشي جي ڇپجڻ کان وٺي ڪونجون ڪرڪن روهه تي تائين هر وک تي ساڙ جا ڏنگ هنيا، پر هو مرڪي چوندو هو ته ؛ پيو چڙهي ڀٽ تي ڀريان آئون گهڙا توڙي ڀٽونئڙا، ڏنگن منهنجي ڏات کي _ هيرا ته ڏسو ڪنڪر نه هڻو، وري نه ايندو هي وڻجارو ڪجهه ڏات ڏسو، پو بات ڪيو، هي شور اجايو آ پيارا

۽ آخر ۾ جڏهن شيخ اياز دعائون لکيون ته اهڙا الزام هنيا ويا ته هن ڪمپرومائيز ڪري ورتي آهي. شيخ اياز ڪا به وضاحت نه ڪئي. بس رڳو دعائن ۾ چيو ته منهنجا مالڪ چنڊ کي چئو ڇولين سان پيار نه ڪري ڇو ته ڇوليون وينديون رهنديون آهن اياز ٿر سان عشق ڪندو هو ته ٿرين به اياز سان عشق ڪيو آهي، شيخ اياز جي ورسي تي ٿر مان نوجوان روهيڙي جا گل روڙي ڀيٽا ڏيڻ جي لاءِ کڻي ويندا آهن. شيخ اياز جي هڪڙي ڪتاب اڪن نيرا ڦليا ۾ سموري شاعري ٿر جي پسمنظر ۾ آهي. هن ٿر جي شادابي، مفلسي، مسڪيني، ريت رسم، پيار پريت سميت هر پهلو تي لکيو آهي. ٿر هن جي شاعري ۾ سونهن، عشق، وڇوڙي، پيڙا جو استعارو آهي. جذبن جي جهولي ۾ ٿر کي لوڏي ٿو. پاريهر جا ملوڪ پير، ڳيري جي دل، عقاب جي اک، هرڻ جو ڇال، روجهه جي ڊوڙ، مور جو ٽهوڪو، اٺن جو قافلو، سنجيل گهوڙا، پاڻياري جو پنڌ ۽ ٻيلڙن جو منظر، تاڙي جي تنوار، ٻاٻيهن جون ٻوليون، ڪڪرن ڪارونڀار، وڄن جا وراڪا، هرمچ جو ڀرت، ........شيخ اياز جي ٿر تي سرجيل شاعري پڙهي محسوس ٿئي ٿو شيخ اياز ٿريو آهي. ٿر هن جي اندر ۾ وسيل هو. ٿري لهجي جا لفظ، محاورا، تشبيهون ۽ استعارا وغيره هن مهارت سان ڪتب آندا آهن.

باک ڦٽي تي مٺي تي،

ڀٽ ڀٽ آهه ڳاڙهي گلاب جيان

هن ديس جي خواب جيان

ڇا ته سٽون آهن! ٿر جون ڀٽون ڳاڙهي گلاب جهڙيون ائين اياز لکي سگهي ٿو. رسول حمزاتوف به پنهنجي ديس جي لاءِ اهڙي تشبيهه نه آندي آهي. شيخ اياز ٿر کي پنهنجي ڪوتا سان امر ڪري ڇڏيو آهي . شال ٻيو جنم پنهنجي واعدي مطابق ٿر ۾ وٺي . موران ٻائي ٿر جو مشهور لوڪ گيت آهي. جنهن ۾ ٿر اڪڙن(اڪن) جو ديس آهي. شيخ اياز اهڙي پسمنظر ۾ ٿر کي ڳائي ٿو ؛

جت لڪ لڳي اڪ تپن

سو ديس مسافر منهنجو ڙي

جت سج ڦلا ٿي نڪري ٿو،

۽ آڳ الا ٿي نڪري تو

جت ڏينهن ڪڙهائي جيئن ڪڙهن

سو ديس مسافر منهنجو ڙي

جت ڪيئي صدين سالن کان،

پولارن کان پاتالن کان

ٿا ڏرت اچن ڏهڪاءَ پون

سو ديس مسافر منهنجو ڙي سورنهين صدي ۾ گجرات جي حاڪم سلطان محمدود بيگڙي ٿر تي ڪاهيو هو، اياز ٿر اچي ڏٺو پارڪر موجود آهي پر بيگڙو نه آهي پوءِ هن لکيو ته ؛

آهه ساڳي پارڪر_

 اڄ ڪٿي آ بيگڙو

ايتري آڪڙ ڪري تون

پير ڌرتي تي نه ڌر

 اڄ ڪٿي آ بيگڙو

ٿر جي طبعي ڀاڱي مُهراڻي جو ذڪر ڪندي شيخ اياز پنهنجي پيار کي ساري ٿو ؛

وهوندا وڻ ڦوٽ، اجهو ڦريا ڏينهڙا

ڪڏهن ڪندين سانوري مُهراڻي ۾ موٽ

ڪٿي ڪونڀٽ اوٽ، ڀُري پوندين ڀاڪرين!

مهراڻي وانگر طبعي سامروٽي ۾ به سڪ جي ديوي اياز جي اندر ۾ اڻ تڻ پيدا ڪري ٿي ۽ چوي ٿو ته ؛

اوچتو ويندين ملي،

سامروٽي ۾ ڪڏهن.

ڀاڪرين پوندين اچي،

کير وانگر تون کِلي،

 سامروٽي ۾ ڪڏهن.

چنڊ هيٺيان پائبي،

رات ڀر ساڳي رلي

 سامروٽي ۾ ڪڏهن.

 

(ڀارو مل امراڻي جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۲۳ ڊسمبر ۲۰۲۲ع تي رکيل/ کنيل)


شيخ اياز

شخصيت ۽ فن

نسيم بخاري

شيخ اياز لکيو هو ته ’پاڻ کان وڌيڪ پنهنجو ماحول پيارو اٿم، اصل حقيقت پاڙو اوڙو آهي. جو ماڻهوءَ جي نفسيات ۾ آهي، جيسين ليکڪ سچائيءَ کان ڪم نه وٺندو تيسين انجي زندگيءَ جي ڪتاب تي ڪيترا پردا چڙهيل هوندا، اها ان تحرير سان ناانصافي آهي جو سٺيون ۽ نيڪ ڳالهيون ته لوڪ آڏو سُرخرو ٿيڻ ۽ واهه واهه ڪرائڻ لاءِ لکيون وڃن پر شخصي ڪمزوريون لڪايون وڃن يا انهن تي پوش پارايا وڃن، اها سچائي سان ڪچائي آهي.‘ اهو ئي احساس ۽ سبب آهي ته شيخ اياز نثر توڙي نظم۾ ڪيترائي تلخ اعتراف ڪيا آهن، جيئن پاڻ هڪ هائيڪي ۾ اظهاريو اٿائين ته:

اي جناب!

زندگي ساري گناهه

شاعري ساري ثواب.

شيخ اياز چاهيندو هو ته سماج ۾ ماڻهو پيار جا پرچارڪ ٿين، ويڇا وساري محبت جي واٽ تي هلن، اها محبت جيڪا پنهنجي گهرائي ۽ وجود ۾ سراپا قرباني هوندي آهي، جنهن ۾ پنهنجي خوشيءَ کان وڌيڪ ٻئي جي ڳڻتي ۽ خيال وارو فڪر هوندو آهي ۽ جيڪا انسان کي صبر، سهپ، سنجيدگي ۽ ثابت قدميءَ سان سرشار ڪندي آهي، اهو ئي احساس ۽ اها ئي اُمنگ اياز هڪ خواهش جي صورت ۾ اسان کي ڪجهه هينئن سمجهائي ويو آهي ته:

او شل منهنجي ديس جا مارو پريت ونڊين،

هڪٻئي ويجهو ٿين، ويڇا رهن ڪينڪي.

شيخ اياز پنهنجي ڀُونءِ کي بدامنيءَ جي باهه ۾ ڀڙڪندي ڏٺو هو، هن کي خبر هئي ته اهي ڀڀڙ هن ڌرتي ۽ ديس کي ڪيترو هاڃو رسائيندا، پر اُن جي باوجود هن جي دل ۾ اهو ويساهه هو جيڪو کيس پل پل ويساهه ڏياري رهيو هو ته:

’امن ايندو وري،

شهر ٻَهه ٻَهه ڪندا،

چهڪندي زندگي!‘

اياز جي شاعريءَ ۾ امن جو احساس رڳو اظهار تائين محدود نه آهي پر امن جي آرزوءَ سان گڏ هُو ان جي حاصلات ۾ پنهنجي اجتماعي جدوجهد جو عزم به سانڍي ٿو، هُو ٻڌائي ٿو ته هڪ باشعور قلمڪار رڳو خواب نه ڏسندو آهي پر انهن جي تعبيرن لاءِ تحرڪ به وٺندو آهي، جيئن پاڻ لکيو اٿائين ته:

’ڪو سورج ٻاري اينداسين،

ڪو ڏينهن اُڀاري اينداسين،

ڪا باهه لڳائي ٻيلن کي،

هن ڌرتيءَ جي ڌاڙيلن کي،

اڄ ماري ڏاري اينداسين.‘

سنڌ ۾ امن و امان جي حوالي سان آپريشن جي آڙ ۾ اربين روپيا چٽ ڪندڙ جيڪڏهن اياز جي شاعريءَ کي ئي اُن حوالي سان اُجاگر ڪن ته ان جي نتيجي ۾ عوامي اُڀار ۽ دٻاءَ سان گهڻو ڪجهه ٺيڪ ڪري سگهجي ٿو پر هو اُهو ان ڪري نه ٿا ڪن، ڇو ته کين خبر آهي ته ائين ڪرڻ سان هو جهڙيءَ ريت بدعنوانيون ڪري پنهنجو پيٽ ڀرين پيا، جيئن عيش عشرتون ڪن پيا ۽ جهڙي ريت محل ماڙيون ٺاهيو ويٺا آهن، ائين اُها سندن استحصالي فرعونيت برقرار رهي نه سگهندي. شيخ اياز سچ چوندو ۽ لکندو هو، ان ڪري ان جو وجود ۽ اظهار ته پنهنجي جاءِ تي پر ذڪر به گهڻن کي نه وڻندو هو ۽ ٿي سگهي ٿو ته اسان جو اياز کي ڀيٽا ڏيڻ به ڪنهن کي تڪليف ڏيندو هجي، ڇو ته اياز جو ذڪر ۽ اياز جو فڪر پنهنجي پس منظر ۾ سماج کي بدلائڻ وارين ڳالهين لاءِ اُتساهه جو جواز بڻجي ٿو، تڏهن ته اياز لکيو هو ته:

’مون لاءِ منهنجي ڏات، ڪيئن دوست دهيون ڪيا،

نڪتي منهنجي بات، ڪيئن مُنهن ڪارا ٿيا.‘

ماڻهن جي منفي ڪردار رڳو اياز کي سوچ نه ڏني هئي پر هو سوچ جو سوجهرو ڪري اسان کي به ڪجهه سوچڻ جو چئي ويو آهي ۽ حالتن جي عڪاسي ڪندي جيڪا تصوير چٽي ويو آهي سان پاڻ کي هٿ هٿ تي رکي ويهڻ کان روڪي ٿي ۽ ڪجهه نه ڪجهه پنهنجي وت ۽ وس آهر ڪرڻ لاءِ اُتساهي ٿي. اياز جيڪو لکيو آهي سو اڄ به جيئن جو تيئن برقرار آهي، مثال طور:

’آهن ماڻهوءَ مامرا، سارا آپي کيل،

ماڻهوءَ ڪيڏا ويل، هڪٻئي ساڻ وهائيا.‘

ڪارا اندر ڪينئرا، ٻاهر آدرشي،

اُڏامون عرشي، ڌرتيءَ هيٺان ليٿڙيون.

اياز ماڻهو مارڻ ۽ ان جي دل آزاري ڪرڻ ته ڇا پر پکي يا ڪِوِل مارڻ ته پنهنجي جاءِ تي پر پکين جي ويهڻ واري ٽاريءَ جي لامَ ڀڃڻ کان به روڪي ٿو ۽ سوچي ٿو ته وڻ وڍجي ويو ته پوءِ هو ڪٿي اچي ويهي لاتيون لنوندا. جيئن چيو اٿائين ته:

’ٽاري ته ٽڙڪاءِ، ايندا پکي پار جا،

تو لئه ڪندا ٻولڙيون، ويهي ڪهڙي جاءِ،

تڙپي ٿي تن لاءِ، هاڻي هيرَ بسنت جي.‘

شيخ اياز جيڏو وڏو شاعر، اديب هو، اوترو ئي هِن سان سندس زندگيءَ ۾ اُچايو ويو، من جو روح رنجايو ويو، ٻيو ته ٺهيو پر دوستيءَ جي آڙ ۾ دغائون ۽ دوکا توڙي دشمنيون نڀايون ويون، اُن سڄي پس منظر ۾ هو لکي ويو آهي ته:

’ڪيڏو اڳتي ٿو وڃان، پُٺ تي پير ڇڏي،

مون سان ڪنهن به لڏي اڄ تائين نه نڀاهيو‘

’تون دوست ڪٿي، وِڇُون!

حيوان چڱا آهن، انسان نه آهين تون.‘

غلام سڪينا حميده قاضي پنهنجي ايم فل ٿيسز شيخ اياز، شخصيت ۽ فن ۾ لکي ٿي ته، ڪڏهن ڪڏهن پين مان مَسُ ختم ٿيڻ ڪري شيخ اياز ڪَتُ جي رهڙن سان بي ترتيب سٽون لکي ڇڏيندو هو، هو چاڪ کي مَسُ مان ٻوڙي نيرو ڪري صفحي مٿان گهمائيندو هو ته کرچيل لقما اُڀري پوندا هئا، جتان فيئر ڪاپي تيار ڪئي ويندي هئي. محترمه شيخ اياز جي سنڌ يونيورسٽي واري وائيس چانسلري بابت لکيو آهي ته ۲۳ جنوري ۱۹۷۶ع تي ڀُٽي جي آڇ تي اياز اها چارج سنڀالي جو هن جو خيال هو ته اسين جديد دور جي قوم جي حيثيت ۽ وقار فقط وڌندڙ جديد علم سان حاصل ڪري زنده رهڻ واري راهه تي گامزن ٿي سگهون ٿا.

شيخ اياز وائيس چانسلري واري دور ۾ چاهڻ جي باوجود شاعري نه ڪري سگهيو هو، سندس چڱائين ۽ اوڻائين جي پرک ڪرڻ سان جلوس ڪڍيا ويا، چاڪنگ ڪرائي وئي ۽ شاگردن کي سياستدانن استعمال ڪيو، جيڪي سندن ورڪر هئا. ۲۰۱۲ع ۾ ثقافت کاتي پاران شايع ٿيل ڪتاب شيخ اياز شخصيت ۽ فن ۾ لکيل آهي ته شخصي ڪمزوري ۽ انتظامي لحاظ کان مجبوري ۽ بيوسي شخص ’اياز‘ منجهه ٿي سگهي ٿي ’شاعر اياز‘ ۾ نه، ميڊم فهميده قاضي ٻڌائي ٿي ته شيخ اياز کي مختصر ملاقات لاءِ حيدرآباد ايئرپورٽ تي ڀُٽي گهرايو هو، جتي هن پاڻ ئي تحريري طور تي ڪجهه شاگردن جي ريسٽيڪيٽ ڪرڻ ۽ ڪجهه استادن کي معطل ڪرڻ جا احڪام جاري ڪيا هئا، سنڌ يونيورسٽيءَ کي اديبن جو ڳڙهه بڻائڻ ۾ شيخ اياز جو وڏو هٿ هو، هن يونيورسٽيءَ ۾ وڌ ۾ وڌ مراعتون ۽ رعايتون هيٺئين اسٽاف کي ڏياريون. اديبن کي نوڪريون ڏنيون ۽ پنهنجو مدو چار سال پورو ڪيو.

سنڌ جو ڏاهو محمد ابراهيم جويو لکي ٿو ته: اياز جي دور ۾ سندس سڀني ڪم تي ڪنهن شاهڪار لکڻ جي حوالي سان اسان جي سڀاڳي ۽ سياڻي ڀيڻ سيڪنه حميده قاضي جي لکيل ايم فل ٿيسز وڏو ڪم ڏئي سگهي ٿي. جنهن ۾ پهرئين باب کان يارهين باب تائين مڪمل طرح پاڻ ڪويءَ جي ذاتي زندگيءَ جو تفصيل سان بيان ۽ ان جي ڇنڊ ڇاڻ پيش ڪئي اٿن. ميڊم حميده، شيخ اياز جي وڏڙن جي حوالي سان لکي ٿي ته اُهي اصل ۾ هندو هئا جن کي تيمور شاهه آباد ڪيو هو ۽ جن مان اڪثر حاجي فقير الله شاهه علويءَ جي ديني تبليغ ۽ تعليم جي نتيجي ۾ مسلمان ٿيا، شيخ اياز جو گهراڻو ’بگواڻي‘ پاڙي مان آهي، شيخ اياز جو ڏاڏو بنگل شهر جو بيٺل ماڻهو ۽ مشهور حڪيم هو، مطالعي جو شوق، خوش پوشاڪي ۽ عاشقي مزاج اياز کي پنهنجي پيءُ غلام حسين شيخ کان ورثي ۾ مليا، جنهن ٽي شاديون ڪيون ۽ شيخ اياز جي امڙ هندو وڌوا هئي، جنهن سان غلام حسين پيار جو پرڻو ڪيو هو، حميده قاضي شيخ اياز جي وني زرينا جي حوالي سان لکي ٿي ته، هن کيس ٻڌايو هو ته غلام حسين کي شيخ اياز کان اڳ به هڪ پٽ هو، جيڪو ننڍي هوندي وفات ڪري ويو هو، شيخ اياز جو والد شاعر هو، قانوندان هو ۽ شهر جو مشهور ۽ معزز انسان هو. ميڊم حميده شيخ اياز جي ذهانت ۽ غير معمولي صلاحيت جي حوالي سان لکي ٿي ته، بمبئي يونيورسٽيءَ جي ۱۹ هزار شاگردن مان انٽر جي امتحان ۾ هن فرسٽ ڪلاس فرسٽ پوزيشن ماڻي. شيخ اياز کي خاندان ۾ علمي ادبي ماحول مليو، اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ بهترين استاد مليا، ويتر جو ان جون اکيون روشن آرا مغل سان سي اينڊ ايس ۾ اڙيون ته هو ڏينهون ڏينهن بلندين جون منزلون طئي ڪندو ويو. ٻاراڻي وهيءَ ۾ شاعري ڪرڻ، رسالا ڪڍڻ کان ڪراچي ۾ سنڌي ادبي سنگت جي قيام تائين هن پاڻ ملهايو، سنگت جو پهريون سيڪريٽري جنرل گوبند مالهي ۽ جوائنٽ سيڪريٽري شيخ اياز هو، اها ڳالهه بلڪل درست آهي ته اياز پهريون شاعر آهي جنهن لطيف کانپوءِ سنڌ جي ثقافت کي روشناس ڪرايو ۽ ٻوليءَ کي زندگي بخشي، ٻولي ۽ ادب جي خدمت جي نتيجي ۾ کيس جيڪي پيڙائون پلئه پيون انهن کي آڏو رکندي هن لکيو هو ته: ’مان ستن پيڙهين لاءِ شاعري ڪري ٿو وڃان ۽ وصيت ڪري ٿو وڃان ته مون کانپوءِ منهنجي خاندان ۾ ڪوئي شاعر نه ٿئي ۽ مون وانگر زندگيءَ جي صليب نه گِهلي، ٻنيءَ ۾ هَرُ ڏئي ان کي ڦولاري ته اهو قلم جي تخليق کان بهتر آهي.‘

غلام سڪينه حميده قاضيءَ جي ايم فل ٿيسز ۾ شيخ اياز جي سڄي خاندان جا وچور آهي، سندس شهر، جواني، ننڍپڻ، عاشقي، وڇوڙي تائين اهو سڀ ڪجهه جيڪو پڙهندڙ جي گهرج آهي، وڪالت کان صحافت تائين، الهڙ جوانيءَ جي الهڙ عاشقي ۽ شاعريءَ تائين، توڙي پيريءَ ۾ تصوف جي رنگ ۾ لکيل دعائن تائين، اڄ جڏهن اسان اياز جي ورسي ٿا ملهايون ته اياز شناسيءَ جي حوالي سان آئون پڙهندڙن کي ’شيخ اياز شخصيت ۽ فن‘ جي مطالعي جي دعوت ڏيندس، ڇو ته مون ان مان گهڻو ڪجهه پرايو آهي ۽ چاهيان ٿو ته ٻيا به ڄاڻ جي ان خزاني مان ڪجهه پرائين. حقيقت اها آهي ته ان ڪتاب جي مطالعي کانپوءِ ليکڪا لاءِ منهنجي دل ۾ عزت ۽ احترام ڪيترائي ڀيرا وڌي ويو آهي، ڇو ته اهو ڪتاب سنڌي ادب ۽ تاريخ توڙي اهم شخصيت جي حوالي سان پڻ معلومات ۾ اضافو ڪري ٿو، جنهن ۾ شيخ اياز جي همعصرن بابت پڻ شاندار ڄاڻ ڏني وئي آهي. منهنجو ذاتي خيال آهي ته اياز شناسيءَ جي حوالي سان ذڪر هيٺ آيل ڪتاب پهرين نمبر تي کڻي نه به اچي پر ان کي ان ڏس ۾ پهرين صف ۾ ضرور ڳڻي سگهجي ٿو. هن ڪتاب تي جيتري محنت ڪئي وئي آهي، اهو سالن جو پورهيو ڪو ڪو ئي ڪري سگهندو آهي، هن ڪتاب جي اها به انفراديت آهي ته اهو سڄي جو سڄو شيخ اياز جي زندگيءَ ۾ نه رڳو تحرير ٿيو پر ان جي تحرير ٿيڻ ۾ سندس مرضيءَ جو عمل دخل به هو ۽ هڪ هڪ باب اياز جي نظرن مان پڻ گذريو هو، هن مسودي جي لکڻ واسطي غلام سڪينه حميده قاضي نه رڳو شيخ صاحب کان اجازت گهري هئي پر ان حوالي سان هوءَ ساڻس بار بار ملاقاتون پڻ ڪندي رهي، ان ڪري هن ڪتاب ۾ اياز تي جيڪا ان جي اعترافن سميت هڪ خاندان کي نظر انداز ڪرڻ واري تنقيد شامل آهي، سا تاريخ جي درستگي آهي ۽ پڪ سان اها شيخ صاحب کي به مناسب لڳي هوندي ۽ اها ٻين شاعرن لاءِ هڪ نصيحت ۽ سبق به ثابت ٿي سگهي ٿي.

 

(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۲۸ ڊسمبر ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)


شيخ اياز جي ياد ۾

رام اوڏ

شيخ اياز هڪ ترقي پسند شاعر آهي ۽ وقت جي ارتقا سان خيالن جو اظهار ڪري ٿو. هن ساڻ تصورن ۽ ويچارن جو وهڪرو وقت ۽ حالتن مطابق رهي ٿو. اها ئي منزل جي جستجو آهي، جو هو جامد ٿي نٿو رهي. هن جي آرٽ ۾ شد ڪلا يعني فن براءِ فن جهڙا اصطلاح گهٽ اهميت رکن ٿا، سندس شاعري سماجي ڪارج جي بهترين پروپئگنڊا آهي. هي قومي ۽ جمهوري جدوجهد لاءِ ڪويتا لکي، عوام ۾ اُتساهه پيدا ڪري ٿو. ديش ڀڳتي، انسانيت ۽ محبت جهڙن موضوعن ۾ مڌرتا سان سچائي جي وسعت تخليق ڪري ٿو. شاعرِ محبت شيخ اياز هڪ باغي بڻجي جمودي سماج جو ڍانچو تبديل ڪرڻ لاءِ اُتساهي ٿو:

روح هڻي تون روڻ، ٻوڙان ٻوڙ ڪري وئينءَ،

ڪيا پيار پروڻ، سارا بند سماج جا (سورج مُکيءَ سانجهه)

سياسي، سماجي ۽ ادبي تحريڪون ۽ رجحان هڪ شاعر تي اثرانداز ٿين ٿا. اهڙو ئي ڪو ڪرب هجي ٿو، جو هو رد عمل ۾ لکي ٿو. جنرل ايوب خان، جنرل يحييٰ خان ۽ جنرل ضياءَ جي آمريتي دؤرن شيخ اياز جي سوچ ۽ شعور کي سگھه بخشي. ۱۹۵۵ع کان نومبر ۱۹۶۹ع تائين ون يونٽ جي دؤر آهي، ان دؤر ۾ اياز گهڻوسَٺو ۽ برداشت ڪيو، اياز جا ڪتاب ‘ڀونرڀريآڪاس’ ۱۹۶۴ع ۾، ‘ڪلهي پاتم ڪينرو’ ۱۹۶۸ع۾، ‘جي ڪاڪ ڪڪورياڪاپڙي’ ۱۹۸۶ع۾ضبط ٿيا. ايازکي سيپٽمبر ۱۹۶۵ع کان ڊسمبر ۱۹۶۵ع تائين پهريون دفعوجيل ياتراڪرائي وئي. ايوب شاهي ٻيودفعونومبر ۱۹۶۸ع کان فيبروري ۱۹۶۹ع تائين ساهيوال جيل ڀيڙو ڪيو. اياز ٽيون دفعو مئي ۱۹۷۱ع کان جنوري ۱۹۷۲ع تائين جيل ۾ رهيو. اياز سياسي طور تي بزم صوفياءِ سنڌ، متحدا محاذ ۽ عوامي ليگ ۾ رهيو.

هن سماجي ناانصافي، معاشي استحصال ۽ قومي سوال تي جڏهن شاعري جي روپ ۾ ڳالهايو ته ڪاريهر تي پير پيو جو مصداق ٿي پيو:

مون ته چيو هو تو کي، بابا!

۽ پو ٻوڙا لُڙڪ لڙن ٿا_

اهڙا گيت لکين ڇو ٿو تون،

جو توتي زنجير وجهن ٿا!

توکي ديس_ دُروهي ڪوٺي،

ڪُوڙا ڪانئر بَڪ بڪ ڪن ٿا_

۽ هُو در تي

ٺَڪ ٺَڪ ڪَن ٿا. (هي گيت اڃايل مورن جا)

شيخ اياز آرٽ کي اظهار جو موثر ذريعو سمجهي ٿو، ۽ سماجي، معاشي ۽ سياسي حالتن جي اُپٽار نثر ۽ نظم جي صورت ۾ ڪري ٿو. هو ڄاڻي ٿو ته فن جي ذريعي فڪري تحري برپا ڪري سگهجي ٿي. هو عوام جي سماجي ۽ سياسي سجاڳي لاءِ فني پختگي سان پُر اثر فن سان ڳالهائي ٿو جو صديون صدائون ٿي وڃن ٿيون. هو نوآبادياتي نظام ۽ ورهاڱي جي ورهاست ۽ ورثو ڏسي چڪو هو. مذهب جي بنياد تي تقسيم ۽ خونريزي ڏسي اياز جي ڪوتا ڪر موڙي جاڳي پئي:

ناهي پنهنجي ساهتيه جو ڪو ورهاڱو،

ڀانيو مون ڀاڱو، ڪڏھن ناهي پاڻ کي. (جهڙ نيڻان نه لهي)

هن هڪ ئي وقت دنيا جي جديد رياستن جي قومي جمهوري ۽ سوشلسٽ نظام کي پئي ڏٺو، ته ٻئي پاسي پنهنجي دڳ ۽ ماڳ تي جاگيردارن ۽ سرمائيدارن جي سياسي ڪردار کي پئي پرکيو. اياز عالمي سامراجي ڪردار کان واقف هو ته جديد نظرين، لاڙن ۽ تحريڪن جهڙوڪ سماجوادي فڪر، قومپرستي، جمهوريت پسندي، انسان دوستي، عقليت پسندي، سيڪيولرزم ۽ ٻين سياسي، سماجي ۽ ثقافتي تحريڪن کان به با خبر هو. اياز دنيا جي جديد ذهنن کي پڙهي سنڌ ۾ نئين فڪري لهر اُڀارڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو؟ ۽ هو انقلاب جو نقيب ٿي پيو هو؟ عوام کي اُڀارڻ هن جي شاعري جو مينيفيسٽو هو؟

وَڃو، ڪنويليو، وَڃو!

وڃي پرينءَ کي چئو،

اڃا ته جاڳ ٿي جَلي،

اڃا ته ويڙهه ٿِي هَلي.. ( رُت آئي ڳاڙهن ٻيرن جي)

اياز جي احساساتي اُڏار ۾ سنڌ جو عڪس آهي، جيڪو پنن تي پنهنجا پانڌ پکيڙي ذهنن ۾ اوتجي وڃي ٿو. هو ڪوتا جي ترنم ۾ استحصال پسند طبقي خلاف بغاوت پيدا ڪرڻ جي ترڪيب ٻڌائي ٿو. هو نه صرف پنهنجي دور جي ادبي لڏي کي متحرڪ ڪري ٿو، پر سياسي تحريڪن ۾ به اُتساهه پيدا ڪندو رهي ٿو. اسيرن جي ذهنن جا بند کولي چوي ٿو:

تون هونءَ به مرندين ڪاڇي ۾،

 اڄ ناهر وانگر ڇال ڏئي،

تون آءُ پهاڙي پاڇيءَ ۾. ( وِڄُون وَسڻ آئِيُون)

اياز فڪري وسعت کي شعر جي ترنم سان جوڙي جاگيردار ۽ سرمائيدار طبقن جي ڦرلٽ ۽ استحصال پسندي کي وائکو ڪري، سنڌ ۾ مُدي خارج فيوڊل نظام کان بيزاري جا سبب ٻڌائي ٿو. هو جاگيردار جي ظلم تي خاموش نٿو رهي، بلڪه ان جي خلاف هن جا گيت ٽڪر کائي چون ٿا ته:

هوُنئن ته وڏيرو هِل ڙي!

ڏاڍي جو ڏَهڪارُ، ته هن جي جهرڪيءَ جهڙي دِل ڙي!

بگڙي جو سَرڪار، ته هُن جو ساپي وارو سانگُ ڙي! (رُت آئي ڳاڙهن ٻيرن جي)

.. .. ..

ڏوهي هُوندي ڏور وڏيرو

مُرڪي ويٺو ماڙيءَ تي .. ..

چَنڊُ گَهٽا ۾ ٻيرو ٻيرو،

ريٽو رَت ڪُهاڙيءَ تي. ( ڪي جو ٻيجل ٻوليو)

اياز پنهنجي سياسي ۽ سماجي موقف سبب زندگي ۾ ڀوڳيو به گهڻو آهي. اياز سان به اها روش رهي، جيڪا سرمد ۽ دارا سان رکي وئي. اياز تهمتن ۽ الزامن جي عتاب هيٺ رهيو. سبب اهو هو جو اياز جي گيتن جي گَونجار محلن ۽ حويلين ۾ ڏار وجهي ڇڏيا هئا. نرت، گيت سُر، ۽ سنگيت جا ازلي ويري اياز جي فن ۽ فڪر کان خفا ٿي ويا، سندن رجعتي روايتن تي مُترڪا محسوس ٿيڻ لڳا. اياز تعصبي سوچ ۽ سماجي اوچ نيچ جهڙي ذهنيت کي رد ڪري ڇڏيو هو، جنهن ۾ توهم پرستي ۽ غلامي جا ڪيئي روپ ۽ ٻهروپ هئا. اهڙا فِتنا اياز جي شاعرانه جوهر کي جَهڪو نه ڪري سگهيا. هو جيلن، شهر نيڪالين ۽ نظربندين جي باوجود پنهنجي اٽلتا تي اڏول رهيو:

پريت ۾ جيترا جيءَ جوکا کَنيا،

اوترو مَڌُ مَتو، راڳ مُنهنجا رتا! (ڪي جو ٻيجل ٻوليو)

اياز قومپرست، سوشلسٽ، انسان دوست ۽ سيڪيولر لاڙن ۽ رجحانن کي اُڀاري مضبوط ڪيو، هن جو شعر ڌرتي ۽ مظلوم ماڻهو جي پُڪار جو پڙاڏو ٿي گونجندو رهيو. ‘ڳڀا ڳڀا روٽلا، کسي ويو ديس جا’ جي ردِ عمل ۾ گيت، غزل، وايون ۽ رزميه داستان ضميرن جا زنگ لاهڻ لڳا. هيڻي کي ڏاڍي سان وڙهڻ جي سگھه ۾ اياز جي انوکي ڏات اڏول بيٺي رهي. پنهنجي دور ۾ اياز ذهني سجاڳي جو دليل ٿي پيو هو. جنهن دور جا جاگيردار ۽ سرمائيدار عوام جون هڏيون ماس ڪُرٽي ڇڏين ۽ انهن لاءِ جياپو به جنجال ٿي پوي، ته ان دور جو شاعر سماجوادي نه ٿئي ته پوءِ ڇا ٿئي؟ جنهن دور جا رجعت پسند ڪٽرپڻو ڦهلائي، انسانيت تي ويساهه وڃائي ڇڏين، ان دور جو شاعر سيڪيولر ۽ انسان دوست نه ٿئي ته پوءِ ڀلا ڇا ٿئي؟ اياز الزام تراشيون، عقوبتون ۽ سزائون سهي ٿو، ڀوڳي ٿو، پر شاعري ۾ باغي خيال سموئي هن سماج کي بدلائڻ جي بات ڪري ٿو:

تِکا ڪِئن نه ماري ويا، تاڙ ۾!

لٿو هنج ڪو ڍنڍ تي لاڙ ۾.

اُڀاري وِيو آگ ڪيڏي ‘اياز’

بغاوت ڪري گيت جي آڙ ۾! (ڪي جو ٻيجل ٻوليو)

اياز جي شاعري جو هڪ نازڪ و نفيس مزاج آهي، جيڪو لفاظي ۽ اجائي جذباتيت جو اظهار نه بلڪه خوبصورت خيالن ۽ سُندر تصورن ۾ آدرشي اظهار آهي. اياز انقلاب ۾ به رومانوي آهي ۽ سندس شعور سياسي آهي ۽ سياست ۾ هو نجات ۽ آجپي جو گس ڳولي ٿو. ٻي پاسي رِڌم ۽ مڌرتا جي سنسار ۾ فطرت جي سونهن جي حقيقت ايئن ٻڌائي ٿو ته:

مون، سهڻا! تنهنجي ساک کنئي ۽ لوئيءَ تنهنجي لاک هنئي،

سي ڪانئر ڪنهن ٻي ڪڙم منجهان، جي پريت ڪري پڇتائين ٿا. (ڪي جو ٻيجل ٻوليو)

اياز سنڌ کي هر دور ۾ ۽ هر نظريي ۾ ڳائي ٿو، هو جڏهن ولھه ۾ وينا ڇيڙي ٿو، ته شعوري لاٽ جا راڳ ڀنڀٽ بڻجن ٿا:

اننت آ هيءَ روپ- مايا، اڃا ته ڪينر ٻه گيت ڳايا،

اُٿي سُتي لوڪ ڳاءِ چارڻ! صدا اڃا تو ڪٿي ڪئي آ! (ڪي جو ٻيجل ٻوليو)

دنيا جي شاعرن لاءِ سونهن اُتساهه پئي رهي آهي، اها سونهن جي سُرت ڌرتي لاءِ رهي آهي ته سماج بدلاءُ لاءِ به رهي آهي. محبوبي مُرڪ ۾ محسوس ڪئي وئي آهي ته منزل جهاڳڻ ۾ به رهي آهي. اياز جي شاعري ۾ چنبيليءَ ول جي مهڪ آهي. اها سُندرتا جنهن لاءِ ڪا به حد بندي نه آهي. اها خوبصورتي ڪنهن هارياڻي جي معصوم ٻارڙي جي مُرڪ ۾ به آهي، ته فطرت ۾ به آهي، جيئن:

ڪونجون ڪرڪن روهه تي، ڪٿي آهين تون؟

توکي ڳولي مون، ڪيڏا پنڌ پُڇائيا! (اڀر چنڊ پس پرين)

اياز پنهنجي تصورن ۽ ويچارن جي وسعت ۾ منفرد آهي، ته ڪٿي ڪٿي متضاد، منجهيل ۽ غيرمنطقي به آهي. هو شاعري جي ولهار ۾ نظرياتي موقف تبديل ڪندو رهي ٿو، سياسي نظرين ۽ آدرشن تي ڳنڍ ٻَڌي بيهي نٿو رهي. هو قومپرستي جي رنگ ۾ رنگيل آهي، ته سوشلزم جي به ڳالهه ڪري ٿو ته ان کان خفا به ٿئي ٿو. هو صوفي ازم جي چادر هيٺ گيڙو رتا گيت لکي ٿو، ته دعا به گھُري ٿو، اياز جي فڪري وشالتا وقت ۽ حالتن مطابق مختلف روپ رکي ٿي. اسي جي ڏهاڪي کانپوءِ اياز جي جذبن جو جوهر جَھڪو ٿيڻ لڳو. ۱۹۷۵ع کانپوءِ واري اياز کي پڙهجي ته سوال اٿن ٿا ته ڇا واقعي اهو ساڳيو شاعر آهي، جنهن بيت ۾ رُڪ ڀرڻ جي ڳالهه ڪئي هئي:

انڌير-نگر جي بُرجن تي،

مون ان سان ڪيئي وار ڪيا. ( ڪي جو ٻيجل ٻوليو)

.. .. ..

ڪُوڪرا ڪن پيا

سامراجي ڪُتا

شير جمهور جا گرجندا ٿا وڌن. (هي گيت اڃايل مورن جا)

اياز فن ۽ فڪر جي سطحي حدبندين کي ٽوڙي، مروج شاعري جي روايتن ۾ جدت آڻي نئون اسلوب ۽ نوان موضوع متعارف ڪيا، آرٽ جي تقاضا مطابق موضوع ۽ هيئت ۾ اِها نواڻ فارسي۽اردوجي ڇاپ کي ٽوڙي هڪ نئين خوشبوءِ ارپي وئي. سنڌي ٻولي کي به سگهه ملي. اياز وٽ نه رڳوخيالن جي نواڻ هئي، پر شاعري جي گهاڙيٽي ۽ سٽاءَ ۾ به تبديليون آنديون، جيڪي هن جي پنهنجي دور ۽ ان کان پوءِ سنڌي شاعرن جي نسل لاءِ موزون ۽ مقبول رهيون آهن. اهو عمل نه صرف لئي، ترنم ۽ خيال ۾ هو، پر اياز رواني سان جيڪا ٻولي استعمال ڪئي، اها تشبيهه، تمثيل، استعاري ۽ علامت ۾ ڏاڍي پُر اثر ۽ دلربا آهي:

هَيءِ هَيءِ ڏاڙهون جهڙا ڳل،

هَيءَ هَيءِ جوڀن جاڙ ڪئي!

نچڻي ٻيهر اچڻي ناهي،

هيءِ هيءِ پايل جهڙا پل! (وِڄون وَسڻ آئيون)

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۲۸ ڊسمبر ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)


 

شيخ اياز ۽ اسان جو پنو عاقل

سرور سيف

شيخ اياز ڪتاب ٽڪرا ٽٽل صليب جا ۾ ھڪ ھنڌ لکيو آھي تہ عشق ئي اھو ميوو آھي جنھن جو ٻج پوکي نہ سگھبو آھي

عشق سو بہ اياز سان سنڌ جي ھر ماڻھو ڪيو آھي سواء انھن بد نصيبن جي جن جي اکين تي عصبيت ۽ تفرقي جي عينڪ چڙھيل ھئي ۽ آھي ۽ جن اياز خلاف ڪاغذ ڪارا ڪيا جنھن ڪري اڃا بہ اياز جو عوام سان ۽ عوام جو اياز سان عشق اڳرو ٿيو،اياز کي اسان کان وئي جيترو عرصو ٿيو آھي ۽ جيترو عرصو گذري ٿو تيئن تيئن لطيف سائين جيان عشق جو پيچ وڌيڪ پڪو ۽ پختو ٿئي ٿو،اياز کي جيئن جيئن پڙھجي ٿو ٻڌجي ٿو تيئن تيئن لطيف سائين جيان نئين معنا ۽ نئون سرور ملي ٿو ان لاء اياز جو ئي استعارو خوب ٺھڪي ٿو ته عشق گل ڳائي ۽ بلبل مان خوشبوء اچي

اياز جي خوشبوء اياز جي مھڪ چنبيلي ول جيان اياز جي ڪوتائن ۽ نثر جي لفظ لفظ وک وک پل پل ۾ اھي ھر ساعت ھر ويلا ۾ آھي اياز ڪوي پيامبر جنھن ٽيگور جيان ھڪ شانتي نڪيتن نہ پر پنھنجي ڀونء جي ھر وستي ھر واھڻ کي شانتي نڪيتن بڻائڻ پئي چاھيو ۽ ڳوٺ ڳوٺ ڳلي ڳلي سان پيار ڪيو ان پيار جون ڪٿائون اياز جي نظم خواه نثر جي ڪتابن ۾ رقم آھن جيڪي اياز تي تحقيق ڪرڻ وارن مستقبل جي مؤرخن جون منتظر آھن

سنڌ جي ٻين شھرن ڳوٺن جيان اسان جي پاسي اسان جي شھر پني عاقل سان شيخ اياز جو سٻند رھيو جنھن جون ساروڻيون اياز جي ڪتابن جي ڪيترن ئي ورقن تي ڦھليل آھن

شيخ اياز جو پني عاقل سان نہ صرف واسطو رھيو پر ھو پني عاقل جي ڪيترن اٻل ۽ اٻوجھ ماڻھن جو سھارو رھيو ۽ ھن نماڻن ھاري. نارين جي ڀنل نيڻن مان نير اگھيا.

مون کي ياد آھي اھو دور جڏھن شيخ اياز وڪالت سانگي گھوٽڪي ميرپور ماٿيلو کان موٽندو ھو تہ ان مخصوص ڏينھن ( خاص طور اربع جو ڏينھن) تي لطيف چوڪ تي اسان SNSF ۽ سنڌ ھاري ڪاميٽي جا ساٿي پنھنجي آفيس جي اڳيان سندس انتظار ڪندا ھئاسين انھن ۾ مان, ڪامريڊ عبدالقادر انڍر، نوراللہ ملڪ عاشق سومرو گل عباسي امرلال رحمت بلوچ شامل ھوندا ھئا شيخ اياز جو معمول ھو تہ گھوٽڪي ميرپور کان موٽندي سانول چوڪ تي سانول مل فروٽ واري کان فروٽ ۽ سبزي ھفتي کن لاء وٺندو ھو ۽ سانول بہ کيس تازو ڀلو ۽ رعايتي اگھ تي فروٽ ڏيندو ھو انھي وچ ۾ بيٺي بيٺي سندس ڪارائتي گفتگو ٻڌندا ھئاسين سندس ويجھو رھڻ جي ڪوشش ڪندا ھئاسين ڪڏھن ڪڏھن اسان جي آفيس ۾ گھڙي کن ويھندو ھو ڪامريڊ عبدالقادر کي ڏاڍو ڀائيندو ھو ان آفيس ۾ اسان جي حسن ناصر لائبرري بہ ھئي ۽ ھفتيوار اسٽيڊي سرڪل بہ ھلندو ھو جنھن ۾ ممتاز مھر نبي بخش کوسو محمود صديقي شرف دين ادا ۽ ٻيا ايندا ھئا،اياز جي ان بيقرار انتظار ج ڪيفيت جي ڪابہ معنا معلوم نٿي ٿئي ڇو تہ عشق جنون جو نالو آھي ۽ ان جي ڪابہ معنا ناھي

شيخ اياز پني عاقل ۾ SNSF جي ٻن عاليشان پروگرامن ۾ شرڪت ڪئي ھڪ دفعو پھرين جولاء۱۹۷۰ع جشن سنڌ جي موقعي تي جتي اياز پنھنجي مخصوص ۽ ڳنڀير آواز ۾ ”جت لڪ لڳي ۽ اڪ تپن سو ديس مسافر منھنجو ڙي،۽ ٻہ واڪا، ڪٿي تہ ڀڃبو ٿڪ مسافر، آڌي رات اتر ۾ ڪانڀو اڳتي چوھڙ لڪ ۽ ماڻھو آ ڏونگر کان ڏاڍو جي ڪو توکي شڪ مسافر ڪٿي تہ ڀڃبو ٿڪ مسافر“ ٻڌايا ھئا تہ سوين موجود ماڻھن تي سڪتو طاري ٿي ويو ھو ٻئي دفعي ۱۹۷۱ع ۾جشن لطيف جنھن جي ڪرائڻ ۾ ڊاڪٽر قيوم طراز ان وقت جو ايم ايس رورل ھيلٿ سينٽر پنوعاقل جو وڏو ھٿ ھو ۽ ان ۽ سائين فتاح ملڪ جي ڪري آيو ھو جنھن ۾ شيخ اياز جي ھانو نہ ھارين ڪوھيارل، ۽ جيجل منھنجو جيئڙو ھئہ ھئہ جيئڙو ۽ آئي مند گلاب جي ٻڌايا ھئا.

شيخ اياز پني عاقل اتان جي ڳوٺن ۽ ماڻھن جو ذڪر ڪيئي ڪتابن ۾ ڪيو آھي جن مان ھڪ سيد شمس الدين شاہ ھنڱوري وارو سنڌ جو معروف وڪيل جيڪو خاڪسار احرار نعپ ۽ پ پ پ ۾ رھڻ کان پوء ضياالحق جي مجلس شورا جو ميمبر بڻيو ھو جيڪو تاريخ ۽ فلسفي جو وڏو ڄاڻو ھو ول ڊيورانٽ ءراڌا ڪرشن جو وڏو مداح ھوجنھن سان گڏ شيخ اياز اخبار روشني ڪڍي ھئي ۽ جنھن ۾ شيخ اياز جي پھرين ڪھاڻي فيروزا. ڇپي ھئي

فتاح ملڪ جو جنھن جا ٻہ شاعري جا مجموعا ڪنول پاڙون پاتال ۾ ۽ اسين آڻي آونگ چاڙھيا ۽ ھڪ نثري ڪتاب ڀينر ھن ڀنڀور ۾ ڇپيل آھي جنھن جي آفيس ۽ گھر شيخ اياز جي آفيس جي بلڪل ڀرسان ھو

سيد شاھ بخش شاہ جيڪو اياز جو جونيئر ھوجنھن جي دعوت تي شيخ اياز پنھنجي دلبر دوستن سان پنھواري پتڻ تي سنڌو ڪناري چوڏس ۽ واري تي پڪل سجي مڌ ۽ لوڪ موسيقي جو مزو ورتو ھو ۽ سجي رات سگھڙن جا ٻول ٻڌا ھئا ان ئي محفل ۾ ھڪ جھوني سگھڙ واتان ٻڌل ھڪ سٽ ”ڏونگر ٻريون ڏياٽيون، ٻريون، لڳي لڪن کي لالاڻ“ تي شاھڪار نظم ٿوري ڦير گھير سان ”ڏونگر ڏياٽيون ٻريون لڳي لڪن کي لالاڻ“ جھڙو شاھڪار نظم سرجيو ھو

عبدالقادر انڍر ھاري اڳواڻ،ڪامريڊ رشيد احمد جي ڪڏھن بہ ڪنھن بہ قوت اڳيان نہ جھڪيا سان گھرو ناتو ھو

شيخ اياز کي اھو بہ اعزاز حاصل آھي تہ ھن پني عاقل جي غريب ھارين جا زمينن جا ڪيس مفت وڙھيا جن جون زمينون صالحاڻي ۽ ھنڱورو فارم ٻيلن ۾ ھيون جن تي رٽائرڊ فوجين جي لاء آرمي فارم ٺاھيو ويو ھو

شيخ اياز پنھنجي ڪتاب ڪڏھن تہ ڀڃبو ٿڪ مسافر جا ارڙھن صفحا پني عاقل جي ان غريب ھاري الھوڌايو انڍڙ جي نانء ڪيا آھن جنھن کي شيخ اياز ٽالسٽاء يا رجنيش جو ھمشڪل ڪوٺيو آھي جو اتر سنڌ جي ھاري جيان سادو مٿي تي سنڌي ٽوپي ۽ پيرن ۾ ڇڳل چپل سان اياز وٽ ايندو ھو تہ اياز سندس لوڪ ڏاھپ ۽ شڪار بابت معلومات ۽ ٺيٺ سنڌي لفظ غور سان ٻڌندو ۽ انھن جا نوٽس وٺندو ھو

ڄام ساقي ڪيس جو مشھور ملزم ڪامريڊ امر لال سان سندس وڏي ويجھڙائي ھئي جو سکر کان ڪراچي تائين وٽس ايندو ويندو ھو ۽ ھن اياز جي شاعري کي اردو ھندي روسي پنجابي ۾ ترجمو ڪرائڻ ۾ وڏو حصو ورتو ھو ۽ اسلم اظھر کي وٽس وٺي ويندو ھو جنھن جو ذڪر شيخ اياز ڪراچي جا ڏينھن ۽ راتيون ۾ ڪيو آھي

شيخ اياز پني عاقل ۽ اتان جي مختلف شخصيتن جو پنھنجي نثري ڪتابن توڙي شاعري ۾ ايلن نوٽ بڪ جا ٽڪرا ۾ ڪيو آھي

 

(شيخ اياز نيشنل ڪانفرنس شاھ لطيف يونوسٽي ۲۰۱۰ع ۾ پڙھيل منھنجو پيپر جنھن جي پڙھي لھي اچڻ تي سائين محمد ابراھيم جويو صاحب جو ڀاڪر نصيب ٿيو ۽ جنھن چيو تہ؛ شيخ اياز جي مختلف شھرن سان وابستگي تي ايئن لکيو وڃي تہ وڏي تاريخ جڙي پوندي... مھرباني ادل سومرو جي جنھن ’ڳالھيون: شيخ اياز‘ ۾ ھي پيپر ڇپيو.)

 

(سرور سيف جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۲۸ ڊسمبر ۲۰۲۲ع تي کنيل)


شيخ اياز

سنڌ جي ماضي، حال ۽ مستقبل جو شاعر

ايڊيٽوريل عوامي آواز

اڄ سنڌ جي مهان ڪوي شيخ اياز جي اڄ ۲۵ هين ورسي ملهائي پئي وڃي، ان سلسلي ۾ کيس ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ مُلڪ جي مختلف شهرن ۾ به تقريبون رٿيل آهن.

ويهين صديءَ ۾ سنڌي شاعريءَ جي ميدان ۾ جيڪي وڏا شاعر پيدا ڪيا، تن ۾ شيخ اياز جو نالو سڀني کان مٿانهون آهي.

اياز، سنڌي شاعريءَ جي ماضيءَ جو تسلسل، حال جو ترجمان ۽ مستقبل جو رهبر شاعر آهي، هن سنڌي شاعريءَ جي بيٺل تلاءَ ۾ تحرڪ پيدا ڪري ڪيئي نوان لاڙا متعارف ڪرايا.

مها ڪوي شيخ اياز جو اصل نالو شيخ مبارڪ علي هو، پر شعر ۽ ادب جي دنيا ۾ هو ’اياز‘ جي نالي سان مشهور ۽ مقبول ٿيو.

شيخ اياز ۲ مارچ ۱۹۲۳ع تي سنڌ جي تاريخي شهر شڪارپور ۾ شيخ غلام حسين جي گهر ۾ جنم ورتو.

شيخ اياز شروعاتي تعليم تائين شڪارپور ۾ حاصل ڪئي جڏهن ته انٽرميڊئيٽ پڻ شڪارپور جي سي ائنڊ ايس ڪاليج مان ۱۹۴۲ع ۾ ڪيائين.

اياز ۱۹۴۴ع ۾ ڊي جي سنڌ ڪاليج ڪراچيءَ ۾ بي اي جو امتحان پاس ڪري ۱۹۴۵ع ۾ ايل ايل بي ۾ داخلا ورتي، ڪاليج جي تعليم دوران هو ڪاليج مئگزين جو ايڊيٽر به رهيو.

هن ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻيءَ جي رهبريءَ ۾ پي ايڇ ڊي ڪرڻ چاهي، پر ڊاڪٽر صاحب جي ديهانت سبب مڪمل نه ڪري سگهيو. ۱۹۵۰ع ۾ ايل ايل بي کان پوءِ وڪالت شروع ڪيائين ۽ سنڌ جي نامور وڪيلن ۾ شمار ٿيو.

شيخ اياز سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي بانيڪارن مان هو ان کان سواءِ ’انجمن ترقي پسند مصنفين‘ سان به سلهاڙيل رهيو.

ورهاڱي کان پوءِ ’پاڪستان رائٽرز گلڊ‘ ۽ سائين جي ايم سيد جي قائم ڪيل ’بزم صوفياءِ سنڌ‘ سان به گهري لاڳاپي ۾ رهيو.

شيخ اياز ٻاراڻي وهيءَ ۾ شاعريءَ جي شروعات ڪئي ۽ سندس پهريون نظم يارهن سالن جي عمر ۾ ڇپيو هو.

شيخ اياز شاعريءَ سان گڏ ڪهاڻيون به لکيون، سندس ڪهاڻين جو پهريون ڪتاب ’سفيد وحشي‘ ۱۹۴۶ع ۾ ڇپيو.

ورهاڱي جي تاريخي سانحي ۾ سنڌي اديبن جو وڏو حصو ڀارت هليو وڃڻ سبب شيخ اياز اردو اديبن جي صحبت ۽ محفلن ۾ وڃڻ شروع ڪيو. سندس اردو شاعريءَ جو اڳيئي وسيع مطالعو هو، ان ڪري هن اردوءَ ۾ شاعري شروع ڪئي، جنهن اردو شاعرن وٽ وڏو مقام حاصل ڪيو. سندس اردو شاعريءَ جو پهريون مجموعو ”بوءِ گل نالئه دل“، ۱۹۵۴ع ڇپجي پڌرو ٿيو.

’مهراڻ‘ جي ۱۹۵۵ع جي پهرئين پرچي ۾ جويي صاحب ’اسان جي شاعر جا خط‘ عنوان هيٺ شيخ اياز جا ڏانهس لکيل خط ۽ اياز جي بيتن واري شاعري شايع ڪئي، ۽ ائين اياز، اداسيءَ ۽ مايوسيءَ جي ماحول مان ٻاهر نڪري آيو. ان بعد اياز جي ڏات جي ڪرشمي نه رڳو سنڌ، پر دنيا کي حيران ڪري ڇڏيو ۽ هو وقت جو وڏي ۾ وڏو شاعر ٿي اڀريو.

ساميءَ جا نوان سلوڪ رني ڪوٽ جا ڌاڙيل، دودي سومري جو موت ۽ ڀڳت سنگهه کي ڦاسي، شيخ اياز جا اهڙا اوپيرا/ منظوم ڊراما، تاريخ جي نه رڳو تمثيل آهن پر تاريخ جو دستاويز به آهن. جنهن ۾ ٻولي، فڪر، فن، حب الوطني، مزاحمت، بغاوت، سورهيائي، قرباني ۽ عمل کي جنهن فني پيرائي ۾ بيان ڪيو ويو آهي اهو سنڌي ادب جو وڏو شاهڪار ڪارنامو ۽ ڪلاسڪ آهي. شيخ اياز جو نثر ۽ نظم نهايت ئي سگهارو، جمالياتي، بيهڪ ۽ جڙاءَ سان سونهندڙ سٽاءَ سان سنڌي ادب، ٻولي ۽ سنڌي شاعري جي چنريءَ ۾ ڪيئي چٽ چٽيندڙ آهي. جن کي رڳو ڏسي سگهجي ٿو اياز جي شاعراڻي اڏار نهايت ئي تيز ۽ مٿانهين رهي آهي. جنهن تي وقت جا ڪي به پنجوڙ پئجي ناهن سگهيا.

هن جي شاعري ته باڪمال آهي، پر سندس نثر جو اسلوب ۽ ٻولي به اعليٰ درجي جي آهي. اياز جا زندگيءَ جي آخري پساهن تائين لڳاتار شاعريءَ ۽ نثر جا ڪيترائي ڪتاب ڇپجندا رهيا جن جو انگ پنجاهه کان مٿي آهي.

شيخ اياز جي پهرين ٻن شعري مجموعن ’ڀَؤنر آڪاس‘، ’ڪلهي پاتم ڪينرو‘ ۽ هڪ نثري ڪتاب ’جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي‘ تي ايوبي آمريت بندش وڌي هئي، ۽ اها پابندي شيخ اياز جي آخري عمر ۾ ختم ٿي جڏهن ته سنڌ سان محبت جي ڏوهه هڪ کان وڌيڪ ڀيرا جيل پڻ ڪاٽيا.

جهڙيءَ طرح شيخ اياز شروعاتي دور ۾ پاڻ ڪجهه عرصو ادبي رسالي ”اڳتي قدم“ جو ايڊيٽر رهيو، تهڙيءَ طرح پوئين دور ۾ ڪجهه وقت سنڌي اخبار ’برسات‘ جو پڻ ايڊيٽر رهيو. ان ريت صحافت جي شعبي ۾ به حصيدار بڻيو.

شيخ اياز بابت نصير مرزا، جامي چانڊيي، ملڪ نديم، آغا سليم، انور فگار هَڪڙي، هدايت پريم، گُرڏني گانگاڻي، تاج جويي پڻ ڪتاب تحرير ڪيا آهن

شيخ اياز ٻه شاديون ڪيون، جن مان کيس چار پٽ ۽ چار نياڻيون ٿيون. هن عظيم شاعر ۲۸ ڊسمبر ۱۹۹۷ع تي وفات ڪئي. سندس آخري آرامگاهه ڀٽ شاهه ۾، ڪراڙ جي ڪپ تي واقع آهي.

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۲۷ ڊسمبر ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)


شيخ اياز

گونجار ڪندي جا مون کانپوءِ تنهن مٽيءَ جو مان جهرڻو هان!

امتياز دانش

ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي پنهنجي ڪتاب ”سنڌي ادب جي مختصر تاريخ“ ۾ لکيو آهي ته ”جديد شاعريءَ جو جنم ڪڏهن ٿيو؟ ان لاءِ ۱۹۳۵ع کان وٺي ۱۹۴۳ع وارو دور ذهن ۾ رکي سگهجي ٿو.“ پر منهنجي نظر ۾ سنڌي ادب ۾ جديد شاعريءَ تڏهن جنم ورتو، جڏهن انگريز دور ۾ سنڌي لپي ٺهي. ان جي ٺهڻ سان سنڌي ادب لاءِ نوان رستا کليا. مرزا قليچ بيگ ۽ سنڌ جي ٻين اديبن دنيا جي مشهور مفڪرن ۽ ليکارين جهڙوڪ، شيڪسپيئر، دانٽي، والٽر اسڪاٽ، هومر، ليو ٽالسٽاءِ، بيڪن، ميڪاولي، جان ڪيٽس، وليم ورڊس ورٿ، مولانا رومي، حافظ شيرازي، عمر خيام، رودڪي ۽ ٻين کي سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪيو، جنهن کي سنڌ جي نوجوانن پڙهيو ۽ ان سان سندن شعور ۾ وسعت آئي. پوءِ جڏهن، هنن لکيو ته سندن لکڻي روايتي نه پر غيرروايتي ۽ اثرائتي ثابت ٿي، جنهن سنڌي سماج ۾ ٿرٿلو مچائي ڇڏيو. منهنجي خيال ۾ هونئن ته سڀ کان پهرين جنهن شاعر، جديد شعر کي جنم ڏنو، اهو ڪاڪو ڀيرومل هو پر جنهن حقيقي معنيٰ ۾ جديديت کي سنڌي شاعريءَ جي پيرايي ۾ آندو، اهو شيخ اياز هو. هن شاعريءَ جي ڪايا ئي پلٽي ڇڏي، جنهن سان سويرن جي ساک ٿي وئي.

جديديت ڇا آهي ۽ ان جون خصوصيتون ڪهڙيون آهن؟ ان لاءِ ڊاڪٽر تنوير عباسي پنهنجي مقالي ”جديد سنڌي شاعري“ ۾ جديد سنڌي شاعريءَ جون جيڪي خصوصيتون بيان ڪيون آهن، اهي سڀ اسان کي شيخ اياز جي شاعريءَ ۾ نظر اچن ٿيون. هونئن ته ورهاڱي بعد هوند راج دکايل، نارائڻ شيام، تنوير عباسي، شمشيرالحيدري، حيدر بخش جتوئي ۽ ٻين شاعرن ڪشنچند بيوس کان متاثر ٿي فارسي لهجي کان هٽي ٺيٺ ۽ سولي سنڌيءَ ۾ شاعري سرجي، جنهن سنڌي سماج جي اڏاوت ۾ پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪيو پر ان ۾ جيڪو شيخ اياز پنهنجو ڪردار ادا ڪيو، ان جي ڳالهه ئي ٻئي آهي. جيئن ڪلاسيڪل شاعريءَ جي اڀ تي شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعري هڪ روشن سج جيان آهي بلڪل ائين جديد شاعريءَ جي آسمان تي شيخ اياز جي شاعري هڪ روشن سج وانگي آهي. شيخ اياز ۽ جديد شاعريءَ جو پاڻ ۾ هڪ گهرو سٻنڌ آهي. انهن جو پاڻ ۾ ائين ڳانڍاپو آهي جيئن هڪ عاشق جو محبوب سان. جديد شاعريءَ مان شيخ اياز جي شاعري ڪڍي ڇڏجي ته اها ڪجهه به نه رهندي. شيخ اياز سنڌ جي جديد شاعريءَ جي سڃاڻپ آهي ۽ جديد شاعري شيخ اياز جو تعارف آهي. هن نظم، آزاد نظم، سانيٽ، ترائيل، هائيڪو، بيت، دوهو، وائي ۽ گيت لکي سنڌ جي شاعريءَ کي عالمي شاعريءَ جي صف ۾ اچي بيهاريو پر بدقسمتيءَ سان اها ترجمو نه ٿي سگهي. شيخ اياز جديد شاعريءَ ۾ نوان خيال، نوان موضوع، نوان فڪر، نوان نظريا ۽ نوان لاڙا آندا.

شاهه لطيف وانگر شيخ اياز به هڪ آفاقي شاعر هو. هو انسانيت جو شاعر هو. هن جڏهن ۽ جتي به ڪنهن مجبور انسان مٿان ظلم ٿيندي ڏٺو اهو پاڻ مٿان ٿيندي محسوس ڪيو.

ڏٺو وڃي ته شاهه لطيف ۽ شيخ اياز جي دور ۾ ڪو گهڻو فرق نه هو. ٻنهي جو اونداهون دور هو ۽ اهڙي اونداهين دور ۾ شيخ اياز جي شاعريءَ ڏيئو ٿي ٻرندي رهي. هن شاهڪار شعر لکي سنڌ جي شاعريءَ جو ڳاٽ اوچو ڪري ڇڏيو. ڇاڪاڻ ته ان شاعريءَ ۾ رڳو سنڌ جو درد نه آهي پر سڄي سنسار جو درد آهي. هو رڳو انفراديت جي ڳالهه نه ٿو ڪري پر اجتماعيت جي ڳالهه ڪري ٿو. سڄي دنيا ۽ انسانيت شيخ اياز جي شاعريءَ جو محور آهي. تڏهن ته آجپي ۽ خوشحاليءَ جي لاءِ ماڻهن کي اتساهيندي چوي ٿو ته

انقلاب انقلاب

ڳاءِ انقلاب ڳاءِ

جيئن زمين آسمان

ڏي اٿي جواب

ڌوڏ هن سماج کي

لوڏ سامراج کي

ٺاهه سو نئون نظام

جو چڱو چئي عوام

هي نظام آ خراب

انقلاب انقلاب

ڳاءِ انقلاب ڳاءِ

توڙي جو جديد شاعريءَ جي راهه ۾ رنڊڪون وڌيون ويون پر اها هڪ تيز وهڪري وانگر وهندي ماڻهن جي روح جي گهرائيءَ تائين لهي وئي ۽ هڪ اهڙو سگهارو آواز بڻجي وئي، جنهن انسان دشمن قوتن جي ڪوٽن ۾ ڏار وڌا.

جديد شاعريءَ جي قافلي ۾ تنوير عباسي، شمشيرالحيدري، استاد بخاري، حيدر بخش جتوئي ۽ ٻيا انيڪ شاعر هئا پر انهن جي مهڙ ۾ شيخ اياز هو. جي کڻي ائين چئجي ته ان قافلي جو مهاڙ شيخ اياز هو ته ان ۾ ڪو به وڌاءُ نه ٿيندو. جديد شاعريءَ جي قافلي جو مهاڙ هجڻ ڪري اڪيلي سر اياز تمام گهڻيون تڪليفون سَٺيون. هن جديد شاعري ڇا ڪئي، ڄڻڪ وڏو گناهه ڪيو. ڊاڪٽر ابراهيم خليل، رشيد احمد لاشاري، سردار علي شاهه جهڙن اديبن مٿس اسلام ۽ ملڪ دشمنيءَ جا الزام مڙهيا. ان حوالي سان ابراهيم جويي شيخ اياز جي شعري مجموعي ” ڪي جو ٻيجل ٻوليو“ جي مهاڳ ۾ لکيو آهي ته ” اياز تي ۽ سنڌ کي ذهني سجاڳي ۽ سياسي خودداري ڏيندڙ فڪر تي پهريان وار جن ڪيا ۽ جتان ٿيا، اهي ڪنهن کان ڳُجها ڪونهن. پنج، ڏهه، ويهه نه، پر ستر ستر، اسي اسي بلڪه سوين ۽ هزارين ليک، الڳ الڳ ۽ سلسليوار لکبا رهيا، ڇپبا رهيا ۽ ترجما ٿي، غدارن جي آقائن وٽ رسندا رهيا. سنڌي ليکن ۽ انهن جي ترجمن کان اڳتي وڌي، اردو ءَ ۾ ليک ۽ ڪتاب لکيا ويا ۽ پنهنجن اَن _داتائن کي پهچايا ويا. بي نام، گمنام ۽ بدنام نالن سان عريضون ۽ اظهار ناما هُنن جي حضور ۾ الڳ پيش ٿيندا رهيا. هڪ ئي مخصوص ۽ نام ڪٺيءَ اخبار ۾ هڪ نه، ڏهه نه، ويهه نه، پر سوين ايڊيٽوريل آيا. هر آرٽيڪل، ايڊيٽوريل، عريضيءَ اظهار نامي جي تانَ ڪفر ۽ اسلام، الحاد ۽ ايمان جي هڪ ئي تار ٽٽندي رهي. ظاهر آهي ته غدار ۽ غاصب جو واسطو ڪفر ۽ اسلام، الحاد ۽ ايمان سان رڳو نالي جو هوندو آهي. پهريون ۽ آخري واسطو سندن پنهنجي غرض سان ٿئي ٿو. اياز ۽ سنڌ جي نئين فڪر کان سندن پنهنجو وجود نامسعود خطري ۾ هو ۽ آهي. جيڪي هزارن ۽ لکن پاڻ جهڙن انسانن کي جانورن وانگر پنهنجي پٺيان چُچڪاري هلائڻ يا پنهنجي اڳيان هڪلي هلائڻ تي هريل هجن ۽ جن جي پيٽ پروريءَ ۽ خرمستيءَ جو دارومدار انهن ئي ماڻهن جي رت ست تي هجي ۽ ڏهڪاءُ ۽ ڏيک ئي فقط جن وٽ پنهنجي بچاءَ جا هٿيار هجن، تن جو سڄو سارو اسلام ۽ ايمان سواءِ ان جي ٻيو ڪهڙو ٿي سگهي ٿو ته ڪو به سندن فرعوني طاقت ۽ قاروني دولت جي قلعي تي هلان ته ڇا، پر ان ڏانهن اک کڻي به نه ڏسي ۽ جي ڪو ائين ڪندو ته ظاهر آهي ته اهو سندن انهيءَ اسلام ۽ انهيءَ ايمان جي دائري کان وٽن نڪتل ئي شمار ٿيندو. اهو ئي سبب آهي جو هِنن هيءُ سڄو عرصو پنهنجيءَ سڄي ڪاوڙ ۽ ڪدورت جو نشان اياز کي ۽ سنڌ لاءِ نئين پيغام رکندڙ سنڌ جي نئين شعر ۽ نئين ادب کي بڻايو.“

رجعت پسند قوتن کان شيخ اياز جو شعر ڪنهن به ريت برداشت نه ٿيو. آخرڪار سندس ٽن ڪتابن ٻن شعري مجموعن “ ڀونر ڀري آڪاس“ ۽ ”ڪُلهي پاتم ڪينرو“ ۽ ٽئين نثر جي ڪتاب ” جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙِي“ تي ان وقت جي سرڪار پابندي مڙهي ڇڏي پر سنڌ جو نئون فڪر تيز ڌارا وانگر پنهنجا رستا پاڻ ٺاهيندو ويو. بقول اياز جي ته

هي ڪارو ڪارونڀار ته ڏس

هي ڏورانهون ڏهڪار ته ڏس

مون ڪيڏيءَ جر جي جهاڳ مٿان

هي ديپ جلايو آ پيارا

جيتوڻيڪ اياز جي شاعريءَ جي بچاءَ ۾ غلام محمد گرامي ”مشرقي شاعريءَ جا قدر ۽ رجحانات” ۽ رسول بخش پليجي ”انڌا اونڌا ويڄ” ڪتاب لکيا پر پوءِ به رجعت پسند قوتن کي ٻنجو نه آيو ۽ اهي اياز کي ۽ سندس شاعريءَ کي پنهنجو نشانو بڻائينديون رهيون. اونداهين ۾ جيڪو جديد فڪر جو اياز ڏيئو جلايو، ڪيتريون ئي آنڌيون ۽ طوفان آيا پر ان ڏيئي کي وسائي نه سگهيا. ان ڏيئي جي روشنيءَ تي وقت جا پتنگا ايندا رهيا ۽ پنهنجي حصي جو ڪم ڪري پنهنجو سر گهوريندا رهيا. طارق اشرف پنهنجي مضمون ” جيئن ڏٺو اٿم“ ۾ لکيو آهي ته ” اياز، جيڪو جوش، جذبو، ولولو، همٿ ۽ بهادري پنهنجي شعرن وسيلي پيدا ڪئي، اها اڄ تائين، اياز کانپوءِ پيدا ٿيندڙ ٽهيءَ ۾ موجود آهي. ايندڙ ٽهيءَ جا شاعر اياز جي بلنديءَ تي ته نه پهتا پر انهن ۾ جوش ۽ جذبو، اياز کان به وڌيڪ هو ۽ آهي.“

مون مُرڪي پنهنجو پانڌ ڏٺو

رُتِ آئي ڳاڙهن ٻيرن جي

شيخ اياز جي شاعريءَ جي ڇاپ نه رڳو پنهنجي دور جي شاعرن جي شاعريءَ ۾ نظر اچي ٿي پر اياز کانپوءِ ايندڙ هر دور جي شاعريءَ تي سندس ڇاپ آهي. هو جديد سنڌي شاعر جو تعارف آهي. هڪ سگهارو حوالو آهي. جيئن چيو ويندو آهي ته ”شاعري سڀني عِلمن جي ماءُ آهي.“ تيئن منهنجي نظر ۾ شيخ اياز جي شاعري جديد سنڌي شاعريءَ جي ماءُ آهي، جنهن جي ڪک مان اياز کانپوءِ ايندڙ هر دور جي شاعري جنم وٺي رهي آهي.

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۲۸ ڊسمبر ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)


شيخ اياز جي شاعري

صدين جي صدا

نور احمد جنجهي

رومي سائين شاعريءَ کي سنيهي پهچائڻ جو جُز سمجهي ٿو ڇو ته ان وسيلي انساني ذهن جي ڪُل جو اظهارڻ جيترو ڀاڱو بيان ٿي وڃي ٿو ۽ ڪنهن نه سنيهي کي ٻُڌندڙن ۽ پڙهندڙن تائين پهچائي ٿو. هونئن به شاعري انساني تخليق جي اظهار جي اهم ذريعن مان هڪڙو اهم وسيلو آهي، جنهن سان هن پنهنجي هر انهي ذهني سوچ ولوڙ کي ڪا نه ڪا صورت ڏيئي ٻين تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ هو ڪنهن حد تائين انهي ڪوشش ۾ سوڀارو به ٿيو آهي. شاعري جتي انساني خيال جو واهڻ آهي، اُتي ڄاڻ ۽ ٻوليءَ جي حسين دستاويز بندي پُڻ آهي. شاعريءَ جا انساني فڪر جي منتقليءَ تي انيڪ احسان آهن. شاعري وسيلي نه رڳو انساني فڪر منتقل ٿئي ٿو پر ان سان انسان جي جاڳرتا کي اُتساهه ملي ٿو ۽ انساني شعور انهي مان مهميز ماڻي اجاڳر ٿئي ٿو. اهي ڳالهيون آهن جيڪي شاعريءَ کي زمانن جو ضمير ۽ صدين جي صدا بڻائين ٿيون. سنڌ جي پئرس سڏجندڙ دلربا شهر شڪارپور ۾ 2 مارچ 1923ع تي شيخ غلام حسين جي گهر ۾ اک کوليندڙ شيخ اياز به دنيا جي انهن اهم شاعرن مان آهي، جن انساني جاڳرتا جي جوت کي جياريو آهي ۽ وري اڳتي وڌايو آهي. سندس شاعري ڀلي اکين جي آرزو مان نڪتي هجي پر اها پنهنجي سرلتا ماڻيندي، سمائجي صدين جي صدا ٿي چُڪي آهي؛

اکيون آرزوئون، اکيون التجائون

اکيون يار تنهنجون صدين جون صدائون

صدين جي صدائن جو اهو ساهس کيس پنهنجي اڳئين فڪري ورثي مان پڻ مليو. شيخ اياز جنهن سماج ۾ اک کولي اُتي ڪتاب هئا، مطالعو هو، شاعري هئي، عشق هو، سونهن هئي، انقلاب جي ورونهن هئي. مطلب ته انيڪ تصور هئا جن اهڙي خيال جي باغ کي پاڻي ڏيئي وڏو ڪرڻ چاهيو ٿي جيڪو اڳتي هلي، ماضيءَ جي شاندار شاعراڻي ۽ لسانياتي ورثي جو وارث ٿئي جيڪا واٽ شاهه عبداللطيف ڀٽائي پنهنجي دور ۽ ان کان اڳ واري ورثي جي مهندارن شاهه ڪريم، قاضي قادن، شاهه لطف الله قادري، ميين شاهه عنات، خواجه محمد زمان لنواريءَ واري ۽ ٻي لوڪ ورثي کي اڀياسي، مثنوي توڙي ٻئي رائج علمي ورثي کي ڀيٽي، سنڌ جي فڪري نديءَ تي پنهنجي واٽ پُل جيان ٺاهي هئي، جيئن نه رڳو اها واٽ همعصر ماڻهن کي فڪري طور اُڪاري پار ڪرڻ جو ڪم ڏئي پر ايندڙ پيڙهيون به نيل نديءَ تي ٺهيل پُل جيان ان سنڌي شاعريءَ جي پُل وسيلي فڪر جي نديءَ تان اُڪري پار ٿين.

شيخ اياز وٽ ڏياوان ڏات هئي. سندس شروعاتي مطالعو به وسيع هو. هن فارسي ۽ انگريزي شاعريءَ جو ڳوڙهو اڀياس ڪيو هو جنهن سندس خيال کي اُجاريو پر جڏهن هن ڀٽائي کي پڙهيو، ڀٽائي جي شاعريءَ جو اردو منظوم ترجمو ڪيو ته مٿس جيڪو راز کُليو، ان راز سندس شاعريءَ کي امر بڻائي ايندڙ زمانن لاءِ امرت جي شڪل ڏيئي ڇڏي. اهڙو اظهار هن پاڻ به ڪيو آهي. شيخ اياز جي شاعري سنڌي فڪري ورثي جو اهم مثال ۽ ڀٽائي جي تخليقي اُپاج جو تسلسل آهي، ڇاڪاڻ ته سندس شاعري انهي فڪري ميدان ۾ پنڌ ڪري ٿي جيڪو ميدان ڀٽائي موکيو هو جنهن ميدان ۾ سنڌ جي سُڪار جي جتي دعا آهي، اُتي عالم جي آباديءَ جي گهڻگهرائي پڻ آهي.

عالم پسنديءَ جي انهي فڪر شيخ اياز کي به متاثر ڪيو هو ۽ هن به پنهنجي شاعريءَ وسيلي سنڌ کي نه رڳو پنهنجي وڃاڻل ورثي يعني ننڍي کنڊ سان ڳنڍڻ جي ڪوشش ڪئي هئي پر ان سان گڏوگڏ ڌرتيءَ جي گولي جي سڀني حصن کي جوڙڻ جي ڪوشش پڻ ڪئي هئي. سندس خيال ۾ اها ڳالهه يقيني هئي ته عالم جو امن گڏيل بقا ۾ آهي. جهيڙا جنگيون انساني ذهن جي خرمغزي ۽ خناس آهن، جيڪو کيس ڪوري ڪڍڻ گهرجي ۽ دنيا کي امن جو هندورو بنائڻ انسان جي ئي هٿ ۾ آهي. شيخ اياز جي شاعريءَ جو اساس عشق تي آهي جيئن لطيف جي شاعريءَ جو آهي. هو پنهنجي شاعريءَ کي دلبر دوستيءَ کان شروع ڪندي ديس دوستيءَ تائين وٺي اچي ٿو، جتان اڳتي هو انسان دوستيءَ جي ڳالهه ڳائي ٿو. امن جي نيئنڊ ڏي ٿو. دنيا کي جنگين جي پاڳلپڻي کان پاسو ڪرڻ جو ڏس ڏئي ٿو. شيخ اياز جي شاعريءَ جي پس منظر ۾ سندس ڏات سان گڏ جتي سنڌي ڪلاسيڪي ورثو آهي، تتي سنڌي لوڪ ادب جي شاهوڪاريءَ جا جرڪندڙ موتي پڻ نظر اچن ٿا. هن لوڪ شاعري کان متاثر ٿي نوان لوڪ گيت پڻ سرجيا جيئن همرچو، ڪرهليو وغيره. انهن ٽنهي ڌارائن کان سواءِ سندس شاعري ۾ اهو وسيع مطالعو نظر اچي ٿو جنهن ۾ ڪتابن، دستاويزي فلمن ۽ ڪچهرين سان گڏوگڏ اهو ڳوڙهو مشاهدو نظر اچي ٿو، جيڪو هن مختلف علائقا يا ملڪ گهمي ماڻيو يا وري “فوجداري مقدمن” جي وڪيل جي حيثيت ۾ ماڻهن جي نفسيات جي اڀياس مان حاصل ڪيو. سير سفر دوران هو جتي به وڃي ٿو، اُتي جي ڪلاونت ماڻهن سان ملڻ سان گڏوگڏ عام زندگيءَ جو مشاهدو به ڪري ٿو. جيئن ٿر جي سفر دوران کيس ٿر جي غريب ماڻهن جي حالت جو ادراڪ ٿيو هو ته ڪيئن بلا جي ڪکيل مريض، تپيل مريض، ويم وارين عورتن کي ڏورانهن هنڌن کڻي وڃڻ لاءِ ڪهڙين مشڪلاتن مان پار پوڻو پوي ٿو. ڦوڪڻيون يا پيئڻيون ڪيئن ٿري ماڻهن جي زندگي کسي وٺن ٿيون. ٿر کيس ايراني قالين جهڙو لڳي ٿو. تڏهن ته هو ٻيو جنم به انهي دلبر ديس ۾ وٺڻ چاهي ٿو.

هن شروع کان وٺي هڪڙو جنگين انقلابن ۽ سياسي اُٿل پٿل جو زمانو اڀياسيو هو ۽ انهن سڀني مطالعن جو مٿس اثر هو، خاص طور روس ۾ ۽ اوڀر يورپ ۾ آيل ڪميونسٽ انقلابن جو. هو انهن انقلابن کي پسند ڪندو هو پر انهن نظرين جي انڌي تقليد ڪرڻ جو انڪاري هو. سندس پاران ڪراچيءَ جا ڏينهن ۽ راتيون ۾ روس ۾ ٿيل پيريسٽرائيڪا ۽ گلاسنوسٽ بابت بحث سندس سياسي تدبر ۽ شعور جي نشاندهي ڪري ٿو، جيڪو کيس سياست سان جوانيءَ کان لاڳاپي هئڻ ڪري مليو هو. هن دنيا جي سياسي نظرين جو ڳوڙهو اڀياس ڪيو هو. ننڍي کنڊ ۾ انگريزن جي قبضي، ڪانگريس جي ٺهڻ، مسلم ليگ جي نروار ٿيڻ، ايم اين راءِ جي ريڊيڪل پارٽيءَ جي حشو ڪيولراماڻيءَ جي سياسي فڪر، سباس چندر بوس جي هٿيار بند جدوجهد جهڙن سڀني لاڙن جو اونهو اڀياس هو ۽ سڀ کان وڌيڪ ته هو شيخ مجيب الرحمان جي عوامي ليگ جو سرگرم حصو به رهيو. انهن سڀني ڳالهين منجهس سياسي تجزيي جي اُتم سگهه پيدا ڪئي ۽ هن جيڪي سياسي ڇيد ڪيا آهن، سي گهڻا سنڌي ڏاها نه ڪري سگهيا. سندس شاعري توڙي ادبي قد ڪاٺ بابت مختلف راءِ ان وقت جُڙڻ شروع ٿي. جڏهن شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي کيس سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر بڻايو. اها ڀُٽي جي ڏات شناسي هئي يا سياسي چال پر ان سان شيخ اياز جو هڪڙو نئون تعارف هڪڙي منتظم طور ٿيو جنهن بابت بحث جاري آهي. شاعر سُٺو منتظم هجي اهو ضروري ناهي پر زنده قومون پنهنجي شاعرن جو قدر ڪنديون آهن ۽ سدائين مان مٿانهون رکنديون آهن.

شيخ اياز جي هر پهلوءَ تي اڀياس ٿيڻ گهرجي پر سندس سُڃاڻپ هڪ شاعر ۽ ليکڪ جي آهي جنهن لاءِ سڀ کان وڌيڪ ڌيان جي گهرج آهي. سندس شاعري توڙي نثر کي سطحي ڳالهين کي سامهون رکندي ايئن رد ڪرڻ کان پاسو ڪيو وڃي جيئن سندس انقلابي شاعريءَ کي پڙهي مذهبي بنياد پرست مٿس الزام هڻندا هئا، جنهن جي نتيجي ۾ سندس شاهڪار ڪتاب پڻ پابندين هيٺ آيا. اها ساڳي روش سندس دعائن بابت وري انهن ساڳين ماڻهن جي آئي جيڪي شيخ اياز جي اوائلي شاعريءَ جي بچاءُ ۾ سندس وڪيل ٿي بيٺل هئا. شيخ اياز انهن ٻنهي انتهائن کان اڳتي قدم وڌائي بيٺل اهڙو ڏات ڌڻي آهي جنهن سموري تنقيد کي نظرانداز ڪندي پنهنجي ذهني توڙي فڪري آزاديءَ جو ڀرپور استعمال ڪندي املهه شاعري تخليق ڪئي، جنهن ۾ دنيا جا اهم ترين موضوع بحث هيٺ آيل آهن. هو پنهنجي ٽي او آر ۾ ڏاڍو چٽو نظر اچي ٿو. تصوف جو سندس شاعري ۽ لکتن تي اثر آهي پر هو تصوف جي سڀني سلسلن جي ڇنڊڇاڻ ڪري انهن جي منجهيل پاسن بابت ڳوڙها سوال ڪري ٿو. هن تصوف جي وحدت الوجود کي پنهنجي شاعريءَ ۾ تاريخي داستانن بابت سنڌ جي وحدت الوجود سان ڳنڍيو، سندس ذهن ۾ هڪڙا نيارا سوال هئا جن جا جواب ڳولڻ لاءِ هن دنيا جي شعر، ادب ۽ سياست جي ڦلهور ڪئي ۽ جيڪي جواب کيس نه مليا، تن بابت هن پاڻ جواب جوڙڻ جي ڪوشش ڪئي آهي جنهن مان وري نوان سوال اُڀرن ٿا، جيڪي ايندڙ پيڙهي کي اڳتي وٺي هلن ٿا.

هو اردو جو ڀڙ شاعر هو. سندس پهريان مجموعا به اردوءَ ۾ آهن پر جڏهن کيس اهو مناسب لڳي ته هو سنڌي ماڻهوءَ لاءِ لکي ٿو ته هن سنڌيءَ ۾ لکڻ شروع ڪيو. هن پنهنجي نج ۽ نيڪ نيتي واري طبيعت سان سنڌ سان پيار ڪيو، عالم سان الفت جو پيچ پاتو ۽ انسان جي آجپي، سرهائيءَ ۽ امن جا ڳيت ڳايا. سنڌ جي سڀني جاگرافيائي ڀاڱن کي پنهنجي شاعريءَ ۾ شعوري ڌارا سان ڳايو ۽ آجپي جي واٽ ڏيکاري. امن آشتي ۽ آجپي جي شاعري سرجيندڙ شيخ اياز پنهنجي شاعريءَ ۾ لسانياتي جماليات جي به اعلى چوٽين کي ڇُهيو آهي. سندس شاعري معنى جا بي بها موتي آڇي ٿي، جن کي ڳڻ ڳوت بين الاقومي سطح جي آهي.


(ڏهاڙي سنڌ ايڪسپريس حيدرآباد ۾ ۳۰ ڊسمبر ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)


شيخ اياز

يادگيرين جي ڳڙکي مان

محمد سليمان ڏاھري

لڳ ڀڳ ۲۸ سال اڳ آگسٽ ۹۶-۱۹۹۵ع جي ڳالھه آھي، هوٽل جبيس صدر ڪراچي ۾هڪ نوجوان شاعر جي شاعري جي ڪتاب جي مهورت ھئي. آءُ ۽ ايڊووڪيٽ محمد قاسم ميرجت، حسين بخش ناريجو تقريب ۾ وياسين. تمام گهڻي رش ۽ پيهه ھئي. سامهون ويٺلن جي وچ ۾ مهان شخصيت شيخ اياز صدارت ڪري رهيو هو. سڀن جون نظرون مٿس کتل هيون. سنڌ جو هيڏو وڏو تاريخ جو سرمايو، سنڌ جي سڃاڻپ ۽ ڏس! جسماني طرح ڪمزور ۽ ضعيف نظر آيو. پر هي عمر جو جيترو وڏو اوترو وڌيڪ املھه،  سندس جسماني ڪمزوري ۾ استقامت ۽ علم جي طاقت سمايل آھي ڏٻرو ۽ ضعيف حالت هيس. ڇڙھي/ لٺ ساڻ ھيس.

سندس تقرير مفڪرانه ۽ مدبرانه هئي. مون سڄو وقت اهو پئي سوچيو ته ساڻس ڪيئن ملجي ۽ ڳالهائجي. رش تمام گهڻي هئي، سندس چاهيندڙ،  ملڻ وارا ۽ آٽوگرف وٺڻ وارا وارو ئي نه ڏين. نيٺ گهتون ستون هڻي ساڻن هٿ ملايم، ٻيو ته ڪو ڪاغذ ڪونه مليو،  پوءِ سگريٽ جي پاڪيٽ واري پاٺي جي ٽڪري تي پنهنجو نالو ۽ فون نمبر سميت لکيم ته “اوهان سان ملڻ جي سڪ ۽ چاهه”. پاڻ مونکان ٽڪرو وٺي ڪوٽي جي کيسي ۾ وڌائين. دل ۾ سوچيم اهو به ڪم ڪونه ٿيو،  حسرت رهجي وئي. هڪٻئي کي ڌڪيندا لتاڙيندا هيٺ لٿاسون. اسان به هڪٻئي کان موڪلايو. رات جو ڊفينس گارڊن وڏي ڀاءُ نورمحمد وٽ رهڻ کانپوءِ ڳوٺ واپس روانگي جي تياري ۾ ھئس. ايتري ۾ ۱۱ بجي ڌاري PTCL فون تي ring آئي، مون وڌي فون کنيو. سامهون آواز آيو “هيلو! سليمان ڏاهري آھي”، مون چيو؛ ”ڳالهايان پيو، “ چيائين: “مان شيخ اياز آھيان، توهان مان کي چٽ لکي ملڻ لاءِ.” آءُ خوشي ۾ نه پئي ماپيس، چيائين ته؛ ”منهنجو گهر پرنس اپارٽمينٽ ۾ ڪلفٽن bridge وٽ آھي، “ مون چيو؛ ”سائين گهر منهنجو ڏٺل آهي،  اڳ ۾ توهان جي فليٽ تي ڊاڪٽر بخت جمال شيخ سان دعوت ڏيڻ لاءِ آيل آھيان.“ چيائين؛ ”توهان ۲ بجي اچي سگهو ته ڀلي اچو.“ مون ته پئي اهڙا ڏينهن ڳوليا. دل ئي دل ۾ گد گد پئي ٿيس.

پنهنجي ننڍڙي ڌيءَ سسئي ۽ ڀاڻيجي حميدالله کي ساڻ گڏ وٺي ڪئميرا سميت مقرر وقت تي پهتاسين، دروازو کليو، ڀرسان ڪمري ۾ عظيم هستي شيخ اياز صوفي تي ويٺل هو. ڏاڍي ادب ۽ چاھه سان ساڻس ملڻ کانپوءِ ويٺاسين. مون کيس ٻڌايو ته توهان جي VC هجڻ واري دوُر ۾ آءُ يونيورسٽي ۾ آيس،  ۷۸-۱۹۷۷ع ۾ سنڌ يونيورسٽي شاگرد يونين عهديدارن جي قسم جي رسم دوُران فنڪشن ۾ توهان جي تقرير اڄ به ذهن تي نقش آھي، ان کانپوءِ حيدرآباد ۾ سنڌياڻي تحريڪ جو شاندار فنڪشن ۸۹-۱۹۸۸ع ۾ ٿيو، پليجي صاحب جي صدارت ۽ توهان مهمان خاص هئا، سنڌياڻين توھان جو ڊرامون “دودي سومري جو موت”پيش ڪيو هو. ايئن ساڻس ۽ سندس شاعري سان لڳاءُ ۽ انس جو ٻڌايم، سڀ ڌيان سان ٻڌائون ۽ پوءِ منهنجي پڇيل ڳالهين سان پاڻ بي حجاب بنان رک رکاءُ ۽ تڪلف جي ڳالهائيندا ويا.

ڀٽائي سنڌ کي لوڙھو ڏنو آھي ۽ اسان جو ڪم سنڌ کي لوڙھو ڏيڻ آھي. سائينم سدائين ڪري مٿي سنڌ سڪار بيت کانسواءِ ڪٿي به لطيف سنڌ لفظ استعمال نه ڪيو آھي. لطيف جي رسالي ۾ آيتون ٽنبيون ويون آھن. لطيف جي بيت ۽ واين جو مٽ ثاني ناهي.

چيائين اياز جا ۵۵ ڪتاب ۽ ۱۰ واليوم ٿي سگهن ٿا. اڻ ڇپيل ۴۰ جي لڳ ڀڳ آھن. ڇھه دفعا دل جو دوُرو ٿيو آھي،  بيماري جي حالت ۾ ۴۰ صفحا وري به لکجي ويندا هئا. سندس ڳالهين ۾ هنن متعلق سڀئي touch هئا .

لطيف جو keywords سان رسالو ڇپجي چڪو آھي.

ان طرح منهنجا واليوم هجڻ گهرجن.

منهنجي شاعري جا سليڪٽيڊ ورڪس ڇپجڻ گهرجن.

منهنجي دعائن جهڙيون دعائون اسلامي تاريخ ۾ ڪنهن نه لکيون آھن.

موسيٰ ڀٽي جي لکڻي ۽ استعمال ٿيڻ سان مان جو واسطو ناهي، مان ترديد نه ڪئي آھي.

دنيا اندر ڪنهن به مان جيتري پابند شاعري نه ڪئي آھي.

وڪالت ۾ لک ڏيڍ ملي ويندو هو،  هاڻ ته اڃان به فيون وڏيون آھن.

هاڻ به ٻاهر دعوت آھي. آمريڪا جو ۱۲، ۱۲ڪلاڪ سفر نٿو ٿئي.

سنڌ مسلم ايمپلائيز هائوسنگ سوسائٽي ۾ IG سنڌ پوليس بشير صديقي ۱۰۰۰ والن جو پلاٽ ڏنو، فليٽ کان وڌيڪ ڪجھه ناهي، اها ئي دنيا آھي. ٻه ميل وٺي سنڌ ڏيان،

شاعري ۾ پئسو ناهي، پئسي ۾ شاعري ناهي.

شيخ اياز فائونڊيشن ٺھڻ گهرجي، خيرپور مان اٺن ڏھن شيخ اياز تي PHD ڪئي آھي.

(سندس آخري گهڙين تائين جون حسرتون پوريون ٿي چڪيون آھن. ثقافت کاتي جي سابق وزير ادي سسئي پليجو همت ڪئي ۽ اياز سمورو ڇپجي ميدان تي اچي ويو، اٺن سالن کان خانه بدوش ۾ هرسال پنجن ڏينهن تائين مٿس لڳندڙ ميلو ان جي زنده گواهي آھي.)

شيخ مجيب. جي ايم سيد کي چيو مون کي شاعر ڏي ۽ اياز کي بنگالي سڃاڻن ٿا. اسان کي سکر ۾ ميٽنگ ۾ وڃڻو هو،  جي ايم سيد پابند ڪيو ته هيئن ڳالهائڻو آھي. اسان کي پنهنجو پاڪيٽ سمجهندو هو،  هن جي ذھنيت مالڪاڻي هئي.

شيخ مجيب گورنري لاءِ چيو هو. باقي بچيل ملڪ ۾ جمهوريت جا حامي رهياسين.

ڀٽو وڏو قابل هو ۽ يونيورسل هو. هو سياست، حڪمت عملي، بين الاقوميت، سفارتي تعلقاتن ۽ ڊپلوميسي جو ماهر هو. ڀٽي کي شاعري نه ايندي هئي، شاعري جي باري ۾ صرف مٿاڇري ڄاڻ ھيس.

وائيس چانسلري کانپوءِ مونکان صرف پڇيائين، مون اڃان ۶ پروفيسرن جو احوال ئي نه ڪيو ته هن ان تي آرڊر suspension جو جاري ڪري ڇڏيو. جتوئي به ڳالهائي نه سگهيو ته مان ڇا ٿي ڳالهائي سگهيس. پيرزادي پروفيسرن کي ٻئي هنڌ نوڪري ڏيڻ لاءِ چيو ته مان چيو ته مان پاڻ ڀٽي کي ايئن ئي چوڻ ٿي چاهيو، پر هن آرڊر جاري ڪري ڇڏيو.

ڀٽي ڪرسي لاءِ چيو ته اها خراب آھي. جڏنهن ماڻھو ڪرسي تي هوندو آھي ته ان کي ماڻھو وڪوڙي ويندا آھن ۽ مغروري ٿي ويندي آھي ان جو خيال ڪجان. مان پاڻ ايئن ڪيو ۽ ھو پاڻ ان ساڳي ڳالھه جو کاڄ ٿي ويو.

بينظير ذھين آھي، پر هن کي خوشامدڙين جو گهيرو آھي.

پليجي جي آءُ خلاف ناهيان،  مو سراج (ميمڻ) کي چيو ته پليجي کي فون ڪري چئو ته مان تو لاءِ نه چيو آھي ۽ ھن به حيرت ظاهر ڪئي. پليجي کي اياز تمام گهڻو ياد آھي. هن کي استاد بخاري جا ته ٻه ٽي شعر ياد آھن. پليجو اياز سان محبت ڪري ٿو.

پٺاڻ ( افغاني) materialist نه ٿيندا آھن. افغانستان ۾ انقلاب impose ڪيو ويو. انقلاب import نه ٿيندا آھن. اهي اندران ئي ڦٽندا آھن. فرنٽيئر مان ڪوبه حصو ورهاڱي وقت هندستان حوالي نه ٿيو.

ڇا سنڌين ۾ ولولو ۽ سجاڳي آھي.

آزادي، نجات جا ۵ سيڪڙو event هوندا آھن. ۹۵ سيڪڙو محنت، جدوجهد ۽ قرباني هوندي آھي. آزادي رتوڇاڻ سان ايندي آھي، ايتري سولي نه هوندي آھي.

(سندس چوڻ ھو ته غلامي بين الاقوامي بندوبست سان ٿيل آھي، وڏي ڪنهن عالمي disaster سان ئي جنونيت مان جان ڇٽندي ۽ سندس ڳالھه صحيح ثابت ٿي جو۲۰۰۱ع کانپوءِ انتها پسندي عالمي نشاني تي اچي وئي)

شيڪسپيئر، روسي ادب سميت ٻين ٻولين جي ادب تي ڳالهايائين. مونکي ويهاري ڇڏيائين ته بدر ابڙو اچي ان سان ملي شيخ اياز فائونڊيشن لاءِ صلاح ڪريو. هو آيو ۽ ساڻس ملياسين ڳالهين ۾ چيائين ته نوجوان حسن وساڻ ڀلو ماڻھو آھي. ان سان به مشورو ڪريو. مسڪرائيندي چيائين هو ٿوم جو فصل پوکيندو آھي.

انسان سندس ماءُ پيءَ جي رت مان ٺھيو، پوءِ اهي انهن جي ماءُ پيءَ مان، ۽ بالآخر باھه جو گولو، ان کان سولي ڳالھه ته قدرت جي آھي، هاڻ منهجو خدا تي ويساهه آھي ۽ ضرور قدرت آھي.

شيخ اياز سان هي ملاقات ۽ ڪچهري زندگي جو يادگار اثاثو آھي. سڀني سميت مون به کيس ڳاتو.

تو ڳاتا گيت بغاوت جا تو لاٿا زنگ ضميرن جا.

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۱۱ جنوري ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)



شيخ اياز

دادا سنڌي

اياز سنڌي شاعري جو نقطه آغاز آهي. هن سنڌي شاعري کي نوان اسلوب ۽ نوان لاڙا ڏنا. هن ڪلاسيڪي مقصد کي سماجي شعور ۽ سياسي سجاڳي پئدا ڪئي. هن جي شاعري، ڪوئل جي ڪوڪ بنجي نئين نسل جي ڪنن ۾اچي ڪڙڪي. ستل ۽ سست ذهن ڪَر موڙي اٿيو. سالن جا ڪهري ڪوٽ ڪِريا. نوجوان کري کوٽي کي سڃاڻڻ لڳو. اياز جي شاعري هڪ دور جي تاريخ آهي. حقيقي شاعر قوم جو نبص شناس ۽ روح هوندو آهي. هن جي نظر قوم جي هر فصل عمل تي هوندي آهي. اياز سنڌي قوم ۾ نئون روح ڦوڪي، کين زندهه رهڻ جا گُر سيکاريا آهن. هن جي شاعري قوم لاءِ آب حيات جو درجو رکي ٿي. اياز سنڌ جو سقراط آهي، جيڪو زهر پيئڻ کان پوءِ زندهه رهي ٿو. قوم کي آزادي جا نغما ٻڌائي ٿو. بقول تاج جويو ته شيخ اياز هڪ نالو نه پر هڪ تحرڪ ۽ تحريڪ آهي ۽ هڪ لهر جي ساڃاهه آهي. جيڪا ترقي پسند قومي ساڃاهه جي صحتمند قدرن کي ساڻ کڻي ڌرتي واسين تائين پهتي آهي.

شيخ اياز سنڌ جو مشهور عوامي انقلابي ۽ باغي شاعر آهي. هن سنڌي پڙهيل لکيل طبقي ۾ وڏي مقبوليت حاصل ڪئي آهي. منهنجي اياز سان واقفيت رشيد ڀٽي جي معرفت ۱۹۶۷ ع ڌاري ٿي هئي. سنڌي ادبي سنگت سکر جي گڏجاڻي ۾ اها ملاقات ٿي هئي. جتي مون افسانو به پڙهيو هو. ان کان پوءِ مان ساڻس ٻه ٽي دفعا آفيس ۾ به مليو هئس. هو خليق ۽ ملنسار هو، ڏاڍو قرب ڏيندو هو ۽ هر دفعي پنهنجو نئون ڇپيل ڪتاب به تحفي طور ڏيندو هو. هڪ دفعي مون کيس جويي صاحب کي پنهنجي پروموشن جي لاءِ شفارس ڪرڻ لاءِ چيو ته پاڻ جويي صاحب کي منهنجي لاءِ چيو هئائين. تازو گذريل ٻه سال پهرين ۱۹۸۷ع ۾ حيدرآباد ۾ سنڌي ادبي سنگت جي ايوراڊ تقريب ۾ شيخ صاحب سان ملاقات ٿي هئي.

۱۹۶۷ع ۾ اياز نقطه عروج تي هو، اهو ايوب جو دور هو. اياز پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ به چيو هو ته ان وقت خيرپور جي ڪمشنر درٻار علي شاهه مون کان پڇيو ته ”توکي ڇا گهرجي“. مون کيس چيو ته ”اظهار جي آزادي، قلم جي آزادي ۽ سنڌ جي آزادي، جيڪا ڳالهه کيس نه وڻي.“ مرحب قاسمي شيخ اياز کي هڪ شاعر نه هڪ اديب نه هڪ وڪيل بلڪ هڪ تاريخ ڪوٺيو آهي. هو هڪ دور آهي، زبان جو سفير ۽ انسان جي ڪرب ۽ اگهي جو آواز آهي. ( ۱۹۸۹ع)


 

شيخ اياز

گهڻ رخي شخصيت

انجنيئر اوڀايو خشڪ

مون ڪٿي پڙهيو آهي ته فلسفي جو تعلق دماغ سان، سائنس جو تعلق جسم سان ۽ ادب جو تعلق دل سان آهي. جڏهن دل اداس ٿيندي آهي ته ميران ٻائي جي تنبوري جون تارون ٽٽي پونديون آهن ۽ ڪائنات ماتمي بنجي ويندي آھي. دل جڏهن مستي ۾ ايندي آهي ته پهاڙي جهرڻن مان سهاڳ جا گيت ڦٽندا آهن. دل جڏهن بود ۾ ڀرجي ايندي آهي ته شاهه جو سر سارنگ جنم وٺندو آهي ۽ دل جڏهن بغاوت ڪندي آهي ته هوشو، هيمون، دولهه دريا خان، شهيد مالڪ خشڪ، شهيد ذڪريا ميمڻ، شهيد نظير عباسي، شهيد رزاق سومرو جهڙا ڪردار جنم وٺندا آھن. شيخ اياز ترقي پسند، قومپرست اديب هو. هن جتي شاعري جا واهڻ وهايا، اتي نثر ۾ به پاڻ ملهايو. اياز جي نثر توڙي نظم آمرن جي محلن کي لوڏي ڇڏيو. نه صرف هن جي ڪتابن تي بندش وڌي وئي، پر هن جي آزادي تي به وار ڪيا ويا ۽ هن کي جيل جي ڪال ڪوٺڙين ۾ بند ڪيو ويو. سندس لکيل ساهيوال جيل جي ڊائري انهي ڳالهه جو واضح ثبوت آهي. اها نومبر کان فيبروري ۶۹ع تائين سندس ٻي جيل ياترا هئي. ان کان پهرين ۶۵ ۾ چئن مهينن تائين جيل ۾ واڙيو ويو ۽ ٽيون دفعو مئي ۷۱ کان جنوري ۷۲ تائين سرڪاري مهمان رهيو.

اياز هڪ ترقي پسند شاعر هو، فن براءِ فن کي اهميت ڏيڻ بجاءِ فن براءِ عوام کي اهميت ڏني. هن جتي قومي گيت ڳايا، اتي هن سماج ۾ بک، غربت ۽ جهالت خلاف پڻ جهاد ڪيو. جيڪو هيٺ ڏنل شعرن مان پسي سگهجي ٿو جيئن ته

وڏو نانءُ الله جو، ڀر جي ڪجي ڪٿ

سڀ کان وڏي وٿ ٻاجھارا هي ٻاجهري

يا

روئندي روٽي لئي، نياڻي کي نڙي پئي

تڙي تي تڙي ھوند ڏني اڻ هوند کي

يا

اي هوا آءُ، هن جهوپڙي ۾ ڏيئي جي وٽ وساءِ

هاءِ بکايل، اڌ اگهاڙي نياڻي جي لڄ لڪاءِ.

شيخ اياز شروع ۾ اردو ۾ شاعري پڻ ڪئي. انهيءَ شاعري تي مشتمل سندس ڪتاب نيل کنٹھ اور نیم کے پتے، بوئے گل نالہ دل، دانش ایاز، میری شاعری میری صلیب، اوراق زیرین ۽ سخن آفرين ڇپيل آهن. اهي سڀ ڪتاب ۲۰۰۷ ۾ سنڌ ثقافت کاتي طرفان بوئے گل نالہ دل نالي ڪتاب ۾ يڪجا ڪري ڇاپيا ويا آهن. اردو شاعري لاءِ فهيم شناس ڪاظمي اياز کي سنڌ جو ٻيجل ۽ پبلو نرودا لکيو آهي. هن وڌيڪ لکيو آهي ته شيخ اياز پبلو نرودا وانگر مسلسل جدوجهد جي علامت آهي، جنهن زندگي جي آخر وقت تائين، احتجاج، انقلاب، حسن ۽ فطرت کي پنهنجي ڪينواس تي ائين چٽيو آهي، جو تاريخ هن جا هٿ چمڻ تي مجبور ٿي آهي. هن اهو به لکيو آهي ته برصغير جي جديد شاعري ۾ فيض احمد فيض کانسواءِ ٻيو ڪو به شاعر شيخ اياز جي همصري نٿو ڪري سگهي. اياز پوءِ اردو ۾ شاعري ڪرڻ ڇڏي ڏني. اياز لکيو آھي ته هن کي سنڌي شاعري تي جيڪا سنڌ ۾ موٽ ملي اها شايد اردو جي شاعري تي نه ملي ها.

شيخ اياز سنڌ جي لوڪ داستان کي هڪ نئون روپ ۽ سڃاڻپ ڏني. انهيءَ لاءِ شيخ اياز لکيو آهي ته “مون هر لوڪ داستان کي هڪ نئين علامتي زندگي ڏني آهي. مثلن سر ليلا چنيسر ۾ مون ذريعن ۽ مقصد (Means and Ends) جو فلسفو ڏنو آهي. سر نوري ڄام تماچي ۾ مون “تاريخ هيرو ٺاهين ٿا يا هيرو تاريخ ٺاهين ٿا” جو مسئلو اجاگر ڪيو آهي. سر مارئي ۾ مون وجوديت جو فلسفو پيش ڪيو آهي. سر مومل راڻو ۽ سر سسئي ۾ مون نظريي ۽ اصولن جي اهميت جي وضاحت ڪئي آهي. سر ڪاپائتي ۾ مون فن ۽ فن نه سکڻ جي نتيجن جي اپٽار ڪئي آهي. سر سورٺ فن ۽ فنڪار هڪ جان هئڻ جي حوالي سان آهي، مون انهيءِ ۾ وضاحت ڪئي ته فن ۾ اعلى پائي جي مهارت حاصل ڪندڙ کي ٻي جي جان وٺڻ جي بجاءِ پنهنجي جان ڏيڻ کپي. هن سر جا خاص ڪردار سورٺ راءِ ڏياج ۽ ٻيجل آهن. سورٺ، ٻيجل جي راڳ تي موهت ٿي پنهنجو سرقربان ڪيو”.

ان کان علاوه ڊرامي دودي چنيسر ۾ شيخ اياز انسانيت تي ويساهه جن اعليٰ قدرن جو ذڪر ڪيو آھي. جنگ تي وڃڻ کان اڳ ۾ چوي ٿو ته

جي تون وڙهندين ماريو ويندين

دودا تنهنجو ساهه ته ويندو

پر ماڻهو تان ويساهه نه ويندو.

شيخ اياز سنڌ جي قومي حقن جي حاصلات ۽ جدوجهد جي علامت آهي، هن جي سڄي شاعري ان سان ڀريل آهي. انهيءِ تي تفصيل سان لکڻ هڪ مضمون ۾ ممڪن نه آهي، انهيءِ تي الڳ ڪتاب لکي سگهجي ٿو. اڄ جڏهن هڪ طرف سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو هنيو پيو وڃي، سنڌ جي اقتصادي ڦرلٽ پڻ جاري آهي ۽ ٻي طرف سنڌ ۾ ڌارين آباد ڪاري ۾ روز بروز اضافو ٿي رهيو آهي، ان وقت سنڌ جي مسئلن جي حل لاءِ ڪا منظم جدوجهد هلائڻ جي بجاءِ سنڌ جي قومي تحريڪ جي اهڃاڻ شيخ اياز جو گهيرو ڪيو ويو آهي ۽ هن جي سڄي شاعري ۾ آخري دور ۾ لکيل دعائن کي بنياد بنائي شيخ اياز تي تنقيد جا تير وسايا پيا وڃن. ان موقعي تي مون کي عبدالواحد آريسر جا مولانا ابوالڪلام آزاد جي حوالي سان لکيل جملا ياد ٿا اچن، جنهن ۾ مولانا آزاد لکيو ته “جڏهن هلاڪو خان بغداد تي حملو ڪيو ۽ هن ڪتاب خانا ساڙيا ۽ ماڻهن جون سسيون وڍي انهن جا منارا پئي ٺاهيا ته ان وقت بغداد جا عالم انهيءَ بحث ۾ لڳا پيا هئا ۽ هڪ ٻئي کان سوال پي پڇيائون ته حضرت عيسى چوٿين آسمان تي آهي يا ستين آسمان تي. ” انهيءِ وانگر اڄ اسان جا دانشور شيخ اياز جي آخر دور واري شاعري ۽ سنڌ يونيورسٽي جو وائس چانسلر ٿيڻ واري ڳالهه کي بنياد ٺاهي، اياز کي غلط ثابت ڪرڻ ۾ لڳا پيا آهن. منهنجي خيال ۾ اياز جي شاعري اڄ به اهڙن دانشورن لاءِ هڪ قومي مورچي مثل آهي، جنهن ۾ هن چيو ته

هيءُ پنهنجي ڪرڻي ڀرڻي آ

پر سنڌ اياز نه مرڻي آ

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۲ مارچ ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)


شيخ اياز

آڪاش کان وڏو ڌرتي جو شاعر

سرمد ادل سولنگي

مهذب سماج، ملڪ ۽ قومن، جي سڃاڻپ اتان جا قلمڪار، عالم ۽ دانشور هوندا آهن. قومن جي وقار، تهذيب، تمدن، ڪلچر، ٻولي ۽ ادب جي بقا جو ضامن، ان ملڪ جو اديب، شاعر ۽ سرجڻهار طبقو هوندو آهي.

جديد سنڌ به ويهين صديءَ ۾ سنڌي شاعريءَ جي ميدان ۾ جيڪي وڏا شاعر پيدا ڪيا، تن ۾ شيخ اياز جو نالو سڀني کان مٿانهون آهي.

شيخ اياز، سنڌ جو اهڙو شاعر آهي جنهن کي شاهه لطيف سان گڏ، دنيا آڏو مثال طور پيش ڪري سگهجي ٿو. سنڌي شاعري صدين جو سفر ڪرڻ باوجود پنهنجو رشتو پنهنجي پيڙهه ۽ تاريخي ورثي کان ناهي ڇنو، شاعريءَ جي تاريخ جي سموري اٿل پٿل تي گهري نِگاهه رهي آهي، سنڌ ”ويدن“ کان وٺي لوڪ ادب تائين، لوڪ ادب کان شاهه لطيف تائين، شاهه لطيف کان شيخ اياز تائين، صدين جو سفر ڪندي اڻ ڳڻيون ڪاهون ڪندڙ ڌرين سان مزاحمتون ڪندي پنهنجو فني، فڪري ۽ تخليقي سفر ڪيو آهي.

شاعريءَ شيخ اياز کي ننڍي عمر ۾ ئي ڳولي ورتو هو، يارنهن ورهين جي ڄمار ۾ شڪارپور مان نڪرندر سدرشن رسالي ۾ سندس پهريون شعر ” مرد خدا “ جي عنوان سان ڇپيو ۽ پوءِ هن پوئتي مڙي نه ڏٺو. اياز ورهاڱي کان اڳ جديد سنڌ شاعري جو اهم حوالو بڻجي ويو هو، سندس نظم او باغي هو راج دروهي، ڀارت ۾ بلوي جا باني يا ڳاءِ انقلاب ڳاءِ هر انقلابي ۽ ترقي پسند کي زباني ياد هوندا هئا.

شيخ اياز ۲ مارچ ۱۹۲۳ع تي سنڌ جي تاريخي شهر شڪارپور ۾ شيخ غلام حسين جي گهر ۾ اک کولي، سندس اصل نالو مبارڪ علي هو پر ادبي کيتر ۾ هن شيخ اياز نالي طور مهانتا ماڻي. کيس پنجن سالن جي ڄمار ۾ پاڙي جي هڪ اسڪول ۾ داخل ڪرايو ويو. هن اسڪول ۾ ڪجهه عرصي تائين پڙهڻ بعد ورنيڪيولر اسڪول ۾ داخل ٿيو جتان ۳۱ مارچ ۱۹۳۴ع تي چار درجا پاس ڪري نيو ايرا هاءِ اسڪول شڪارپور ۾ داخل ٿيو. جتان ۳۱ مارچ ۱۹۳۹ع تي پنج درجا انگريزي ۾ پاس ڪري ۱۱ اپريل ۱۹۳۹ع تي گورنمينٽ هاءِ اسڪول شڪارپور ۾ داخل ٿيو ۽ اپريل ۱۹۴۱ع ۾ بمبئي يونيورسٽي مان ميٽرڪ پاس ڪيائين. اياز ۱۹۴۳ع ۾ سي اينڊ ايس ڪاليج شڪارپور مان انٽر ۽ ۱۹۴۵ع ۾ ڊي جي ڪاليج ڪراچي مان بي اي ڪئي.

۱۹۴۷ع کان ۱۹۵۵ع تائين هو سنڌي شاعري کان پاسيرو رهيو جنهن جو وڏو سبب سندس سمورا دوست، جيڪي گهڻي قدر هندو هئا سڀ جا سڀ ڀارت لڏي ويا ۽ پاڪستان ۾ کيس سمجهڻ وارا ٻه شخص وڃي بچا هڪڙو ابراهيم جويو ۽ ٻيو سوڀو گيانچنداڻي، انڪري هُن ڀارت کان آيل اردو اديبن جي محفلن ۾ وڃڻ شروع ڪيو ۽ اردو شاعري ڪرڻ لڳو، اياز ٿوري عرصي ۾ ئي اردو شاعري جو هڪ مجموعي جيترو شعر تخليق ڪيو جيڪو بعد ۾ ” بوءَ گل نالئه دل “ جي نالي سان ڇپيو.

ايڏو ڊگهو عرصو سنڌي شاعري کان ڏور رهندڙ اياز ساهيوال جيل جي ڊائري ۾ ان حوالي سان لکي ٿو ته

هڪ شام جو مون ابراھيم جويو کي، پنھنجا اردو نظم ٻڌايا، جي ھُن کي ڏاڍا پسند آيا. تڏھن به ابراھيم چيو” اياز توکي وري به مان چوان ٿو ته تون پنھنجي ڏات اجايو وڃائي رھيو آھين. تون پنھنجي ڏات کي منطقي نتيجي تي رُڳو سنڌي ۾ پھچائي سگھين ٿو. “ مون ڏُک سان ابراھيم کي ڏسي چيو؛ ”پر توکان سواءِ مونکي سنڌي ۾ٻڌڻ وارو ڪير آھي؟“

ان تي ابراھيم سختي سان چيو ھو، اسان ٻه ڪافي آھيون، اسان ٻه چاھيون ته، سنڌ کي بدلائي سگھون ٿا.

پوءِ اياز سنڌي شاعري جي کيتر ۾ واپسي ڪئي ۽ ڏسندي ئي ڏسندي هو سنڌ جو آواز بڻجي ويو. شاگرد جدوجهد، ون يونٽ خلاف هلندڙ تحريڪ ۾ سندس شاعري ٻرندي تي تيل جو ڪم ڪيو، اياز جي شاعري وقت جي آمريت جي ٿنڀن کي ڌوڏي ڇڏيو، هن لکيا ڌرتي جي آجپي جا گيت جن ۾ معياد جو ڪوئي فقرو نه هو.

اياز جنهن صدي ۾ ڄائو هو اِها پنهنجي اندر ۾ ڪيئي ظلم، جبر، جنگيون ۽ انقلاب ڏسي چڪي هئي جن مٿس انتهائي گهرو اثر وڌو هو ۽ اِهو ئي سبب آهي جو سندس شاعري ۾ جا بجا ان جو ذڪر ملي ٿو، هن پنهنجي ڪتاب ڪراچي جا ڏينهن راتيون ۾ لکيو ته ”ويهين صديءَ پنهنجي ديس ۾ ۽ عالمي سطح تي ڇا ڇا نه ڏٺو آهي! ڪيڏا نه لاها چاڙها، ڪيڏي نه سماجي ڪشمڪش، ڪيڏيون نه جنگيون ۽ انقلاب، جوانمراديءَ ۽ انسان دوستيءَ جا ڪارناما، ڪيتريون نه انسان دشمن ڪارروايون، جوهري بم، ڌرتيءَ جي چوڌاري ڦرندڙ مصنوعي سيارا (Satellite’s) زندان جي سيخن پٺيان ظلم جي زنجيرن ۾ جڪڙيل انسان ۽ خلا ۾ اُڏام ڪندڙ پکين کان هزارين ڀيرا وڌيڪ تيز خلاباز! ڇا، ان مشاهدي جو شاعر جي شعور تي اثر نه ٿيندو! ڇا جيڪي اسان جي ديس ۾ ٿيو آهي، دلين جون جُدايون، محبتن ۽ رفاقتن جاورهاڱا، خون ريزيون، زالن جون ڪپيل ڇاتيون ڪوڙيل مٿا، ابهمن جا سنگينن تي اڌو اڌ بدن، ريل گاڏين تي حملا، سرحد تي ننگا، بکايل، لُٽيل قافلا، فوجي تاني شاهيون، ڪتابن تي بندشون، نظربنديون، قيد، سياسي قتل، مذهب جي آڙ ۾ هر آزاديءَ جي گهُٽ ٻوساٽ، ڌرتيءَ جي دلالن جي چهري تي سرخوشي، افسر شاهيءَ جي ڦرلٽ، لوٽ کسوٽ، ڇا اِهو سڀ شاعريءَ تي اثر نه وجهندو؟ شاعر گونگا، ٻوڙا ۽ انڌا ته نه هوندا آهن“

بلڪل اياز پنهنجي دور جو سڀ کان وڌيڪ سجاڳ ذهن هو جنهن قلم کان گوليءَ جو ڪم ورتو ۽ هر ڏاڍ جبر کي للڪاريو. اياز، شيخ مجيب جي عوامي ليگ کانسواءِ ڪنهن به سياسي ڌر جو باضابطا پوئلڳ نه رهيو. پنهنجي سياسي وابستگي بابت هن چيو آهي ته ”مان سياسي جانور نه آهيان، پر پوءِ به تاريخ مون کي سياست ڏانهن ڌڪي، ان سان سلهاڙي ڇڏيو آهي، سرمد به سياسي ماڻهو نه هو، پر پوءِ به تاريخ جي طرفان ويڙهجي ويو ۽ آخر اورنگزيب هٿان مارايو ويو. مان به ته سرمد وانگر آهيان، منهنجو به ڪوئي دارا شڪوهه آهي ۽ ها، ڪوئي اورنگزيب به منهنجي آڏو آهي، مان اربندو گهوش نه آهيان ته پٺتي موٽي سگهان، مون عشق کي راند سمجهيو هو، تاريخ منهنجي سِسِي نيزي پاند اڇلي ڇڏي آهي، هاڻ پٺتي موٽڻ جو سوال ئي نٿو اُٿي، شيخ اياز جنهن جي شاعريءَ عام ۽ خاص ۾ هڪ جهڙي مقبوليت ماڻي، پنهنجي شاعري بابت هو چوي ٿو ته

مان شاعريءَ جو اڪبر اعظم آهيان،

منهنجي شاعريءَ ۾ ديوان عام به آهي

ته ديوانِ خاص به آهي.

منهنجو هر نظم تختِ طائوس آهي،

۽ منهنجو هر قافيو ڪوهِ نور وانگر درخشان آهي،

۽ منهنجي دل ۽ دماغ ۾ فيضي به آهي ته ابو الفضل به آهي.

۽ منهنجي پهلوءَ ۾ ڪائي جوڌا ٻائي به رهي آهي،

فرق فقط اِهو آهي،

ته منهنجي شاعريءَ نه ڪنهن پرتاپ کي جلاوطن ڪيو آهي ۽

نه ڪنهن چِتور جي قلعي کي مسمار ڪيو آهي.

اياز پنهنجي زندگي جا شروعاتي سال شڪارپور، ذهني واڌ ويجهه وارو عرصو ڪراچي ۽ وڏو وقت سکر ۾ گذاريو جتي هو وڪالت جي شعبي سان سلهاڙيل رهيو، هن ڪجهه عرصو ڄامشورو جي هوائن ۾ به گذاريو جتي هن سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائس چانسلر طور خدمتون انجام ڏنيون، پر ڄامشورو جون هوائون کيس راس نه آيون ۽ هو ملازمت جو مدو پورو ٿيندي ئي سکر هليو ويو، پر دل جي تڪليف ۽ سکر ۾ علاج جون مناسب سهولتون نه هئڻ سبب هو ڪراچي/ڪلفٽن ۾ پرنس ڪامپليڪس ۾ رهڻ لڳو.

هو واپس اُن شهر ۾ موٽي آيو هو جتي هُن پنهنجي جوڀن جا ڀرپور ڏينهن گذاريا هئا جتي هن نوان شعر لکيا ۽ نوان عشق ڪيا اُها ڪراچي جتي هن ڪيئي دوست ٺاهيا هئا جنهن لاءِ ڪڏهن لکيو هئائين” جهلملائيندڙ ڪراچي روشني جا گيت ڳائيندڙ ڪراچي“ اڄ اِها ڪراچي اونداهين جي ور چڙهي چڪي هئي، جنهن اياز جي چوڌاري دوستن ۽ چاهيندڙن جا ميلا هوندا هئا اُهو اياز لساني فسادن جي ور چڙهيل هن شهر ۾ اڪيلو رهجي ويو هو، اياز ان دور جي ڪراچي جي تصوير هن وائي ۾ چٽي آهي ” ڪونهي ڪو آڪاس ڪراچي ۾ “

اياز شروعاتي دور ۾ رومانوي شاعري ڪئي، جواني ۾ هن انقلاب، بغاوت جا گيت سرجيا، مئچورٽي ۾ هن ڪپر ٿو ڪن ڪري، پتڻ ٿو پور ڪري، ٽڪرا ٽٽل صليب جا، هنيئڙو ڏاڙهون گُل جيئن، واٽون ڦلن ڇائنيون، اڪن نيرا ڦليا، جهڙ نيڻان نه لهي جهڙا شاعري جا شاهڪار ڪتاب لکيا.

اياز بنگالي ٻولي جي مهان ڪوي رابندر ناٿ ٽئگور مان تمام گهڻو متاثر هو ۽ هن حياتي جي پڇاڙڪن ڏهاڙن ۾ گيتانجلي جي طرز تي دعائيه شاعري ڪئي جيڪا پڻ هڪ ڪلاسيڪ جو درجو رکي ٿي

اي خدا!

تون مون کي ايتري مهلت ڏيندين

ته منهنجي شاعري توکي

هڪ سجدو ڪري وَٺي.

اياز جي سوچ مختلف وقتن تي ڦيرو کاڌو پر ان باوجود هُن جي سنڌ سان محبت ماٺي نه ٿي، سڄي دنيا جو ادب سندس مُٺ ۾ هئڻ باوجود هن چيو

سنڌ کان سواءِ منهنجي شاعري اجائي آ

ڪائنات جي خوشبو سنڌ ۾ سمائي آ.

سنڌي ادب کي پنجاهه کان وڌيڪ شعر ۽ نثر جا ڪتاب ڏيندڙ هن مهان ڪوي دل جي بيماريءَ سان جهيڙيندي آخري دم تائين لکيو. آڪاس کان وڏي ڌرتي جي عظيم شاعر ۲۸ ڊسمبر ۱۹۹۷ع تي وفات ڪئي، کيس ڀٽائي جي نگري ۾ ڪراڙ ڍنڍ جي ڪپ تي مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.

ڪيڏا اڄ ڪراڙ تي جهر ڏيئا جهمڪن

ويٺا ڳالهيون ڪن، شاهه اياز پاڻ ۾. (ادل سومرو)

 

(ڏھاڙي عوامي آواز ڪراچيءَ ۾ ۳ مارچ ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)


 

شيخ اياز

جديد شاعريءَ جو مهندار

منظور کوسو

شاعري هڪ وجداني ڪيفيت جو نالو آھي. احساسن ۽ جذبن جو طاقتور ۽ اثرائتو اظھار شاعري ۾ ئي ممڪن آھي. تڏهن ئي ته چيو ويو آھي ته نثر جي سوين سٽن تي شاعريءَ جي هڪ سٽ ڀاري آھي. ٻين لفظن ۾ کڻي ايئن چئجي ته جذبا جڏهن لفظن جو لباس اوڙھين ٿا ته شعر وجود ۾ اچي ٿو. هڪ شاعر جي ان وجداني اظھار کي ڪو فرد پنهنجي سوچ جي تابع نٿو ڪري سگهي ته هو هِيئن ڇو ٿو چئي هن کي هيءَ ڳالھ ھن ريت چوڻ کپندي هئي پر هن هُونئن ڇو چئي؟ هن قسم جا اعتراض ۽ پابنديون سڀ اجايون ۽ جاهلانه آھن. شاعر جيئن محسوس ڪندو ۽ سوچيندو انهن شين جو اهڙي ريت اظھار ڪندو. شاعريءَ بابت هڪ نقاد واه جي ڳالھ ڪئي آھي هو چئي ٿو ته”شاعري هڪ اهڙي شيءِ آھي جا بيحس قوتن کي جاڳائي ٿي وجهي، ستل احساسن کي بيدار ڪري ٿي، مئل جذبن ۾ روح وجهي ٿي، دلين کي گرمائي ٿي، حوصلن کي وڌائي ٿي، مصيبتن ۾ سڪون ۽ مشڪلن ۾ ھمت بخشي ٿي ۽ ڪريل قومن کي وري اٿاري ٿي. جڏهن جديد شاعريءَ جي مهندار شيخ اياز جي شاعريءَ جو مطالعو ڪنداسين ته اهي سڀئي خوبيون اسان کي ان جي ڪلام ۾ بخوبي ملنديون. اياز جي شاعري هيڻي لاءِ ھمت، حوصلو ۽ اميد ته ڏاڍن لاءِ ڏهڪاءُ آھي.

متان ڀانئين ائين تون وسامي ويئي،

اڱر منهنجي آڳ ۾ اڄ به اٿيئي،

جن سان سڀيئي، ساڙين ڪوٽ ڪلور جا.

شيخ اياز جي شاعريءَ ۾ اسان کي انقلاب، مزاحمت، ڪاوڙ، محبت، عشق، راز ونياز، حسن ۽ جمال سڀ ڪجھ خوبصورت انداز ۾ ملندو. ڪٿي لفظ باه جا اڱر ته ڪٿي وري لفظن کي سانوڻ مينهن جيان پيو برسائي، جيئن هنن سٽن ۾؛

وار ڇوڙين ته گهٽائن کي ٻڌائيندي ڪر!

جي اهي اڀ تي ڇانئيون ته انڌيرو ٿيندو.

ڪنڌ تي ايئن وسيهر نه جهلائيندي ڪر!

رات جي بات ته ٻي آھ ائين ايندي ڪر!

پر جڏهن ڳالھ ڌرتيءَ سان محبت جي آهي ته جذبن جي شدت جو اظھار هن ريت ٿو ڪري؛

ڪاتيءَ ھيٺان ڪنڌ، پوءِ به نعرا نينهن جا،

سنڌڙيءَ جو سوڳنڌ، مرنداسين پر مرڪندي.

هو ماڻھن کي آجپي جو گس ڏيکاري ٿو. کيس خبر آھي ته آجپي جي خواهش رکڻ ڪري انسان لازوال ٿي پيو آھي، ماڻھن جي خوشحال زندگيءَ جو راز آزادي آھي ۽ غلامي هر برائي ۽ بيماريءَ جي جڙ آھي ۽ شاعر پنهنجي ڏات وسيلي آزادي حاصل ڪرڻ لاءِ تند کي تلوار سان هيئن پيو وڙھائي؛

مون ڏات انوکي آندي آ،

ٿي تند وڙھي تلوارن سان،

ٽڪرايا پنهنجا گيت جڏهن،

ٿو آءُ سندءِ ديوارن سان،

ٿا تنهنجا ڀاري برج لڏن،

تون هيڻو آن هٿيارن سان.

هو پنهنجي بيتن، گيتن، غزلن ۽ واين ۾ فقط جذبن جي تسڪين جو سامان فراهم نه ٿو ڪري پر منزل جو ڏس به ڏئي ٿو ۽ اياز ادب بابت هي راءِ رکي ٿو ته ”ادب فقط هڪ زلزلي ماپ جي اوزار وانگر نه آھي جو فقط قومي زندگيءَ جا سارا ڌوڏا ڏيکاري ٿو پر هڪ قطب نما وانگر به آھي جا منزل جو طرف ڏيکاريندو آھي“. اسان کي اياز جي شاعريءَ ۾ ھر جذبو هر احساس ۽ هر ڪيفيت ملندي غضب جو پاڙھو، هو دنيا جهان جي ڄاڻ رکندو هو، دنيا ۾ هلندڙ سياسي قومي تحريڪون، ادبي تحريڪون تاريخ علم ادب فلسفو هر فن کان بخوبي واقف هيو، ان جي علم لاءِ جمال ابڙو لکي ٿو ته ”شيخ اياز جبل جيڏو اوچو ۽ مضبوط آھي. ڄاڻ جو درياهه بلڪ سمنڊ آهي!“ ان ڪري انهن سڀني شين جو اثر اياز جي شاعريءَ تي واضح آھي ۽ وسيع علم جي ڪري سندس شاعري بيحد اثرائتي ۽ جدت سان ڀرپور آھي. انهن سڀني خوبين جي ڪري چئي سگهجي ٿو ته اياز جي شاعريءَ کي آفاقي حيثيت حاصل آھي. هر مظلوم ۽ محڪوم جيڪو به شيخ اياز کي پڙهندو سندس شاعريءَ کي پنهنجن احساسن جي زبان سمجهندو. سنڌ ۾ جيڪا به جديد ۽ معياري شاعري سرجي پئي وڃي سي سڀ اياز جي مٽيءَ مان جڙيل جام آھن. جيئن پاڻ چئي ٿو ته؛

مرنداسين ته مٽيءَ مان پنهنجي جڙندا ڪيئي جام،

نوان نوان متوالا ايندا هڻندا تن جي هام.

شيخ اياز جديد سنڌي شاعريءَ جو اهو ساحر آھي جو صديون گذري وينديون پر سنڌ هن جي سحر مان نڪري نه سگهندي. شيخ اياز پنهنجو نور نچوئي جيڪو علمي پورهيو اسان جي آڏو رکيو اهو سڄي جو سڄو اسان کي اکين تي رکڻو پوندو، اها مهان شاعر سان ناانصافي ٿيندي ته ان جا ڪي گيت ته ڳائيندا وتون ۽ ڪن کي نظرانداز ڪري ڇڏيون. شيخ اياز حميد سنڌي ڏانهن هڪ خط ۾ لکيو هو ته ”مون کي ڀٽائيءَ سان ايتري عقيدت آھي جو هر ڪتاب جو عنوان هن جي ڪلام مان کڻڻ چاهيان ٿو. مون کي هميشه ائين لڳو آھي ته اهو عنوان ڄڻ منهنجي ڪتاب جي سرورق تي ڀٽائيءَ جو هٿ آھي. “هڪ ٻي جاءِ تي چيو اٿائين ته ”مون کي جيڪي ڪجھ مليو اهو لطيف وٽان مليو آھي. “ جيئن لطيف پنهنجي ڪلام ۾ ٻين احساسن ۽ جذبن سان گڏ وحدت جي پرچار ڪري ٿو ۽ ”اول الله عليم، اعليٰ عالم جو ڌڻي. ” ڳائي ٿو تيئن شيخ اياز به لطيف جي واٽ وٺي ٿو هلي ”اٿي اور الله سان“ ۾ گويا آھي،

اي ڪاش! مان اهو ويچاريان ته هيءَ زندگي فقط تو لاءِ آھي

۽ تنهنجي وحدت منهنجي زندگيءَ جو مرڪزي نڪتو رهي.

يا رب! مان توکان الڳ ڇا آھيان؟

تون ابدي آھين، تون ئي هرڪمال جو مظھر آھين،

تون ئي هر گهري ڳالھ کان وڌيڪ گهرو آھين

۽ تو جهڙو دوست ڪوئي نه آھي.

هيءَ اها واٽ اهو فڪر آھي جيڪو اسان کي لطيف جي ڪلام ۾ ملندو، جنهن کي تصوف چيو وڃي ٿو، اياز هونئن به تصوف جي حڪمتن جو قائل هو پر هن پنهنجي پوئين دور ۾ ان حڪمتن جو کلي اظھار ڪيو آھي. هر عمر جي پنهنجي نفسيات، جذبا ۽ احساس ٿين ٿا ۽ شيخ اياز به انهن شين جي زير اثر رهي ڪري اظھار جو هڪ الڳ موضوع چونڊي ورتو اهو موضوع جيڪو سندس رهبر ڀٽائيءَ جي ڪلام ۾ جابجا موجود آھي؛

تون ئي منهنجو ساه تون ئي آن ويساه،

تون جو آنھ الله، مون کي مون کان ويجهڙو.

پوءِ جيڪڏهن احساسن جو اهڙو اظھار اسان ڀٽائيءَ جي رسالي ۾ قبول ڪيون ٿا ته پوءِ اياز جي شاعريءَ ۾ به قبول ڪرڻو پوندو. شيخ اياز پنهنجي نظم توڙي نثر هر رنگ ۽ هر ڪيفيت ۾ هڪ باڪمال شاعر ۽ ڀٽائيءَ جو عاشق آھي، جيئن چئي ٿو ته ”مان ڀٽائيءَ جي پيرن جي خاڪ، جي ڀٽائي نه هجي ها ته منهنجي شاعري وجود ۾ ڪيئن اچي ها. جيڪڏهن اسين اهو مڃون ٿا ته شيخ اياز ڀٽائيءَ جو تسلسل آھي ته پوءِ اسان ان جي ڪنهن به ڪوتا کي نظرانداز نه ٿا ڪري سگهون، اسان شاعر جي فڪر فهم ۽ تخيل کي پنهنجي سوچ ۽ نظريي جي تابع نه ٿا بڻائي سگهون.

 

(ڏھاڙي عبرت حيدرآباد ۾ ۵ مارچ ۲۰۲۳ع تي ڇپيل)



اياز جي گيتن ۾ موسيقيت

احسان دانش

شاعري ۽ موسيقي جي ميل بابت سنڌي ٻوليءَ ۾ ذوالفقار راشدي جي مضمون کي اهميت جي نگاهه سان ڏٺو ويندو آهي، جنهن ۾ هن موسيقيءَ کي شاعريءَ کان مٿاهون قرار ڏيندي، اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته شاعري موسيقيءَ جي محتاج آهي. هو لکي ٿو ته ”موسيقيءَ کي اُچي شاعريءَ جي ڪاڻ ڪڍڻ جي ايتري ضرورت ڪانهي. جڏهن به اسين ڪنهن راڳيءَ کي ڪجهه ڳائڻ لاءِ چوندا آهيون، ته ان جو مطلب بنيادي طور راڳ سان هوندو آهي، ۽ نه اُچن لفظن جي ٻڙن سان جڙيل ۽ جھنجھيل شاعريءَ سان.“ ان راءِ تي بحث جي وڏي گنجائش آهي، ڇوته راشدي صاحب جي اها راءِ عوامي ته ٿي سگھي ٿي پر ادبي هر گز نه. ادب ۾ لفظن جي وڏي حرمت ۽ تقدس آهي. بهرحال انهيءَ راءِ مان اها ڳالهه ته ضرور سمجھي سگھجي ٿي ته سٺي شاعريءَ ۾ موسيقيت موجود هوندي آهي، تڏهن ئي گائگ ان کي موسيقيءَ جي تند ۽ تار سان ملائيندو آهي. ها! ان حقيقت کان انڪار ممڪن نه آهي ته جيستائين ڪنهن شاعر کي ترنم جي آگهيءَ جو احساس نه هوندو، سندس ڪَن سريلا نه هوندا، ربابن جي رون رون تي رنو نه هوندو، سازن جي سوز کي هنئين سان نه هنڊايو هوندو، تبل ۽ تيج جي تال کي محسوس نه ڪيو هوندو ۽ سندس منُ آبشارن جي آوازن کان وٺي، پکين جي ٻولين تائين فطرت جي سُر ۽ ساز کان آشنا نه هوندو، تيستائين سندس شاعريءَ ۾ اهو جادوئي اثر ناپيد هوندو، جنهن کي اسين شاعري جي موسيقيت چئون ٿا.

سنڌي ٻولي جي وڏي ڏاهي فلسفي علامه آءِ آءِ قاضي، جڏهن شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي شاعريءَ کي دنيا جي وڏن نقادن جي راين کي سامهون رکندي پرکيو هو، تڏهن هن اسڪاٽلينڊ جي وڏي نقاد ٿامس ڪارلائل (Thomas Carlyle) جي قائم ڪيل ان معيار کي به سامهون رکيو ته ”عظيم شاعري اها آهي، جنهن ۾ ڳائڻ جي صلاحيت هجي.“ يعني جنهن شعر ۾ ترنم يا رڌم جي خوبي نه آهي ته اهڙي شعر کي عمدو ۽ اعلى شعر نه چئبو. ان مان ظاهر ٿيو ته شاعريءَ ۾ موسيقي جو هجڻ هڪ اڻٽر ڳالهه آهي. شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي شاعري ان خوبيءَ سان مالامال آهي، پر جڏهن اسين جديد سنڌي شاعريءَ جي ڳالهه ڪيون ٿا ته ان ۾ شيخ اياز هڪ اهڙي شاعر طور نظر اچي ٿو، جنهن جي ڪوتائن ۾ هڪ عجيب لئي ۽ تال محسوس ٿئي ٿي. هن پنهنجي شاعريءَ ۾ رڳو لفظي طور سُرندي، ڪينري، چڙي ۽ چنگ جي ڳالهه نه ڪئي آهي، پر هن جي لفظن مان انهن سازن جي گونج ٻرندي به محسوس ڪري سگھجي ٿي.

تون نانهه ته هي چنگُ، چڙو، چنڊ نه ڏي ساءُ

اي سير ـــ مئي! آءُ، هلي آءُ، هلي آءُ

(وڄون وسڻ آئيون ص ۷۷)

ابراهيم جويي ”جل جل مشعل جل“ جي مهاڳ ۾ لکيو آهي ته ”اياز جي شاعريءَ جي ترنم ۽ موسيقيءَ کان لطف اندوز ٿيڻ لاءِ هروڀرو شعر جي فني مهارت جي ضرورت به ڪونهي، ڇوته ان کي پڙهندي ۽ ٻڌندي، ازخود ان جي لئي ۽ ترنم کان ماڻهو متاثر ٿئي ٿو. اها فطري موسيقي اياز جي شعر ۾ ڪيئن ٿي پيدا ٿئي، ان تي ڪجهه ڌيان ڏيڻ ضروري آهي.“ (2) جويي صاحب جي ان راءِ مان اهو ئي ظاهر ٿئي ٿو ته موسيقيت، شاعريءَ کي فن جي معيار کان به مٿاهين حيثيت ڏئي ٿي. خاص طور اسين جڏهن اياز جي شاعريءَ کي ڏسون ٿا ته اها موسيقيت سان ايتري ته ڀرپور نظر اچي ٿي، جو اندر ۾ احساس جون اجھل لهرون اٿڻ لڳن ٿيون. هن جي شاعري ڪڏهن تڙپائي وجھي ٿي ته ڪڏهن پڙهندي پڙهندي ماڻهوءَ جو من جھومي پوي ٿو.

شاعري طبيعت تي

ايترو ته ڇانئي آ

هي اڀام ڇولين جي

ڄڻ ته ٻوڏ آئي آ

مڌ ۾ رتا ڪيئي

شعر لڙکڙائن ٿا

پوءِ به اُت آنڀوءَ سان

ڪينرو وڄائن ٿا

جيءَ ۾ جھمر آهي

پيار سوَ ڪٺا آهن

ڪير شعر ٿو جوڙي؟

بند ڪير ٿو ٽوڙي؟

هي اڀام ڇولين جي

هي اڏام ڇولين جي

اڳ ڪڏهن نه آئي آ

ڪيتري سُهائي آ

(راڄ گھاٽ تي چنڊ ص ۱۷۷)

هن نظم مان نه رڳو لفظن جي سهائي بکي ٿي پر ڇولين جي اڀام ۽ اڏام جو احساس موسيقيءَ جا مڌر ساز به ڇيڙي ٿو. ڪينري جي وڄت هڪ پاسي پيار جون عجيب ڪيفيتون پيدا ڪري ٿي ته ٻئي طرف ان ساز جي آواز تي جيءُ جھومڻ لڳي ٿو. نظم جي ترتيب ۽ بيهڪ نظم جي ترنم کي هيڪاندو وڌائي ڇڏيو آهي.

هونءَ ته شيخ اياز جي سموري شاعريءَ ۾ اها غنائيت ۽ موسيقي سمايل آهي، پر خاص طور هن جا نظم، غزل، گيت ۽ منظوم ڊراما ان خوبي سان سرشار آهن. انهن کي پڙهندي ماڻهو پاڻ کي سُرن جي لهرن ۾ لُڙهندي محسوس ڪري ٿو. اياز جا لفظ پڙهندڙ کي احساس جي هندورن ۾ لوڏين ٿا ۽ اندر جي تارن کي ڇيڙي هڪ اهڙي سرور واري ڪيفيت پيدا ڪن ٿا، جيڪا ڪڏهن خوابن جي رنگينين سان هم آهنگ ڪري ٿي ته ڪڏهن جاڳ ۾ جوڳ جون رمزون پسائي ٿي. هتي آءٌ رڳو اياز جي گيتن جي موسيقيت تي ڪجهه لفظ لکيا آهن.

گيت سنسڪرت لفظ ’گيه‘ مان ورتل آهي، جنهن جي معنى ئي آهي ”ڳائڻ“. ان جو مطلب ته گيت جو سُرَ، سازَ، آوازَ ۽ گائڪيءَ سان گھرو سٻنڌ آهي، تنهن ڪري گيت پنهنجي وجود ۾ سراپا موسيقي آهي. سنڌي ٻوليءَ ۾ ٻن قسمن جا گيت ملن ٿا. 1. لوڪ گيت 2. جديد گيت. لوڪ گيت جو ماخذ سنڌ جي قديم شعري صنف ”ڳيچ“ آهي، جڏهن ته سنڌيءَ ٻوليءَ ۾ جديد گيت هندي شاعريءَ کان متاثر ٿي لکيل آهي ۽ لوڪ گيت جي ڀيٽ ۾ اهو جديد دور جي صنف آهي، پر هڪ ڳالهه واضح آهي ته ٻنهي قسم جي گيتن جو بنياد سُر ۽ رس آهي. ”هڪ سٺي گيت کي روان ۽ سَرل هجڻ کپي، جيئن نديءَ جي لهر ۽ جيئن ڳوٺاڻي جي گفتگو ـــ گيت مشڪل ۽ نثري آهنگ وارن بحرن، ڳهرن ۽ کُهرن لفظن جي سٽاءَ جي اجائي پيچيدگي، جنهن سان ان جي لَئي متاثر ٿيندي هجي، ناپسند ڪري ٿو. گيت جو حسن ئي ان جي نغمگيءَ ۾ آهي، جنهن ۾ موسيقيت، لفظي آهنگ ۽ روانيءَ جو لطف ڀرپور نموني سمايل هجي.“ (۳) شيخ اياز لوڪ ۽ جديد گيت ۾ گڏ و گڏ تجربا ڪيا آهن، تنهن ڪري سندس گيت روايت ۽ جدت جو سنگم محسوس ٿين ٿا. هن جا گيت اهڙا مترنم نغما آهن، جن کي ٻڌندي ۽ پڙهندي ڪنن ۾ مڌر موسيقيءَ جا ساز ٻُرڻ لڳن ٿا.

محبت نه ڪڏهن مات ڪئي موت، هلي آءُ ـــ

سندم هوت هلي آءُ

ٽڙي آهه رتن جوت نه ڳڻ ڳوت، هلي آءُ

سندم هوت هلي آءُ

 

هلي آءُ نوان ڏينهن، نوان نينهن هلي آءُ

هلي آءُ، هلي آءُ

هلي آءُ، پيا مينهن ڀنا ڏينهن، هلي آءُ

هلي آءُ، هلي آءُ

 

ڏسي آس سندم پياس، اَچي اوت، هلي آءُ

سندم هوت هلي آءُ

محبت نه ڪڏهن مات ڪئي موت، هلي آءُ ـــ

سندم هوت هلي آءُ

(ڀونر ڀري آڪاس ص ۵۲ ــ ۵۱)

هي گيت آهي يا ڪو جادو، لفظ آهن يا وڏ ڦڙي جي برسات ــ هي لئي ۽ ترنم، هي باترتيب لفظن جون قطارون، هي لفظي ورجاءَ جو وهڪرو، هي سٽن جي سَرلتا، هي قافيه پيمائي جو ڪمال، سچ ته هي بي خوديءَ جي ڪيفيت ۾ چيل اهڙو نغمو آهي، جيڪو سڌو دل تي اثر ڪري ٿو. هن گيت جي تخيلي اڇل ۽ تخليقي وجدان هڪ پاسي پر هن جي لفظن مان اڀرندڙ سُر ۽ موسيقي ئي في الحال مدهوشي طاري ڪندڙ آهي. ”هلي آءُ، هلي آءُ“ جو لفظي ورجاءَ ڪنهن پراڻي پپر ۾ ٻڌل پينگهه ۾ جھولڻ جو لطف ڏئي ٿو. قمر شهباز پنهنجي مضمون ”اياز لفظن جو جادوگر“ ۾ لکي ٿو ته ”اياز کي پڙهندي مون شدت سان محسوس ڪيو آهي ته ”ورجاءَ“ واري عمل مان هو وجد واري ڪيفيت پيدا ڪرڻ جو ماهر آهي. لفظن کي سٽن ۾ وري وري دهرائڻ سان، جيڪو مانڊاڻ مچي ٿو، سو انسان جي بنيادي جبلت (Instinct) يعني ناچ لاءِ هٿ پير، اکيون ۽ آڱريون بي ساخته موڙڻ، مٽڪائڻ ۽ مچلائڻ لاءِ مجبور ٿو ڪري.“

تون آءُ، هلي آءُ، هلي آءُ، هلي آءُ

اي پيار، ڀلي آءُ، ڀلي آءُ، ڀلي آءُ

 

هي هيج ڀري سيج، هلي آءُ، هلي آءُ

هي چاهه ڀريو ساهه، هلي آءُ، هلي آءُ

هي سنگ ڀريا انگ، هلي آءُ، هلي آءُ

هي نينهن ڀريا ڏينهن، هلي آءُ، هلي آءُ........

(ڀونر ڀري آڪاس ص ۹۰)

”اياز جا گيت رس ڀري ٻوليءَ، لهجي جي تاثير، نازڪ خياليءَ، پيشڪش جي ڳنڀيرتا ۽ ويچارن جي گھرائيءَ سان پچي راس ٿيل آهن. جنهن ۾ وڻ ۾ پڪل ميوي جهڙو مٺاس ۽ هڳاءُ آهي. هن جي گيتن ۾ ترنم، رواني ۽ غنائيت آهي..... اياز جو گيت پڙهي اهو اندازو ڪري سگھجي ٿو ته اهو غير روايتي ترنم ۾ ڳوهيل آهي، جنهن کي سکيا، علم ۽ تجربي سان حاصل ڪري نه ٿو سگھجي، بلڪه اهو ترنم فقط شاعريءَ جي روح ۾ روانيءَ هجڻ سان ئي ممڪن ٿي سگھي ٿو.“ اياز جي گيتن جي جادو بياني، لطيف انداز، هم آواز لفظن مان پيدا ٿيندڙ سُر ۽ انهن جي اندروني موسيقي، سنڌي موزون شاعريءَ جو هڪ معجزو آهن. هن جا انيڪ گيت انهيءَ رمزيت ۽ غنائيت سان ٽمٽار آهن.

روئڻ سان رهن ها جي سُپرين

مان نيڻين نير نه روڪيان ها

 

مان ڳوڙها ڳاڙي ڳايان ها،

مان وک وک وار وڇايان ها،

وَرُ واريان ها، گھر گھوريان ها

مان سهسين سانگ رچايان ها

روئڻ سان رهن ها جي سُپرين

مان نيڻين نير نه روڪيان ها

(وڄون وسڻ آئيون ص ۵۳)

ـــــــــــــــــــــ

وهندي رهندي، وهندي رهندي، سون ورنُ سنڌو ــ

سون ورنُ سنڌو

ويرون اينديون، ويرون وينديون

آلڙَ ۾ به اسهندي رهندي، سون ورنُ سنڌو

(ڪپر ٿو ڪُنَ ڪري ص ۳۱۱)

ــــــــــــــــ

جان جان جيان آنءُ

تان تان تنهنجو نانءُ

مون کان مور نه وسري

(لڙيو سج لڪن ۾ ص ۴۳)

ـــــــــــــــ

موٽي هَلُ

موٽي هَلُ

موٽي هَلُ

 

توکي رستا روڪِن ٿا

ٽاڻي ٽاڻي ٽوڪِن ٿا

موٽي هَلُ

موٽي هَلُ

موٽي هَلُ

(چنڊ چنبيليءَ ول ص ۱۱۲)

مٿيان گيت نه رڳو پنهنجي سٽاءَ جي اعتبار کان مختلف ۽ منفرد آهن، پر سُرن جو هڪ جداگانه احساس ڏياريندڙ به آهن. پهرين گيت ۾ ”ڳوڙها ڳاڙي ڳايان“ ۽  ”وک وک وار وڇايان“ لفظن مان تجنيسِ حرفي جي خوبي اڀري گيت ۾ رڌم پيدا ڪري ٿي. ٻئي گيت ۾ ”وهندي رهندي، وهندي رهندي“ ۽ ”ويرون اينديون، ويرون وينديون“ جا لفظ پنهنجي اندر ساز ۽ آواز جو جادو رکن ٿا. ٽين گيت ۾ ”جان، جان“ ۽ ”تان تان“ جا لفظ پڻ ساڳي خوبي رکندڙ آهن. جڏهن ته چوٿين گيت جي لفظي ورجاءَ مان هڪ انوکي لَئي ۽ تال اڀري ٿي. شيخ اياز جا اڪثر گيت اهڙي سُر، ساز ۽ آهنگ سان رچيل آهن، جيڪي روح کي ڪيف ۽ سرور بخشين ٿا.

لوڪ رس جي حوالي سان اياز جي ”گيت پرولي“ سُر ۽ آهنگ جو هڪ انوکو مثال آهي. ”رُت آئي ڳاڙهن ٻيرن جي“ ۾ اياز جا لوڪ گيت ”لمڪيان ڙي لو“، ”سانوڻ ـــ ٽيج“، ”مڻيارُ“ ۽ ”ڪرهو“ يا ”ڇيڄ“، ”همرچو“ ۽ ”لوليون“ نج سنڌي ٻوليءَ جي هڳاءَ، نرم لهجي، نفيس احساسن، ثقافتي سونهن ۽ موسيقيت سان ڀرپور آهن. شيخ اياز جي گيتن لاءِ رسول بخش پليجي جي اها راءِ ڏاڍي وزنائتي آهي ته ”سندس (اياز جا) گيت لفظن جي خوبصورتيءَ، سٽاءَ جي سونهن، موسيقيت ۽ اثر ڪري فن جا ڄڻ تاج محل آهن.“

No comments:

راءِ ڏيندا