; سنڌي شخصيتون: ڊاڪٽر سيد علي جعفر نقوي

19 June, 2022

ڊاڪٽر سيد علي جعفر نقوي

ڊاڪٽر سيد علي جعفر نقوي

(ڄم ۱۹۳۴ع _ وفات ۲۰۲۲ع)

ڊاڪٽر محمد علي محمدي



ھندستان جي امروھ مان ڪيترائي شاعر، اديب، عالم پيدا ٿيا. امروھي سادات مان ڊاڪٽر سيد علي جعفر نقوي به ھڪ ھو. اڄ SIUT جي ڊاڪٽر بخش علي بروھي سان ڪچھري ڪندي خبر پئي ته ڊاڪٽر نقوي صاحب ۲۵ اپريل ۲۰۲۲ تي لاڏاڻو ڪري ويو. انا للہ و انا اليہ راجعون.


سائين ڊاڪٽر نقوي صاحب ابتدائي تعليم امروھ جي ھئي. ايم بي بي ايس پاڪستان ۾ اچڻ کانپوءِ ڊو ميڊيڪل ڪاليج مان ڪيائين.. ان کان پوءِ جناح اسپتال مان ھائوس جاب ۽ آر ايم او رھڻ کانپوءِ انگلنڊ مان ايم آر سي پي ڪيائين. اتي ئي گردن جي بيماري (Nephrology) ۾ ٽريننگ ڪيائين.. پاڪستان واپس اچي جناح اسپتال جي وارڊ نمبر ۲۲ کي گردن جي بيماري جو وارڊ بڻائين. ۱۹۷۰ع ڌاري انگلينڊ مان ڊائلاسز جون مشينون بہ کڻي آيو. ھن کان اڳ ۾ پاڪستان ۾ Peritoneal ڊائلاسز جو رواج ھو. سائين نقوي صاحب اڳتي ھلي ڪڊني سينٽر جو باني ڊائريڪٽر ٿيو. ريٽائرمينت کان پوء ھو او ايم آء ۾ ڪنسلٽيشن ڪندو. ھو پاڪستان جو مايہ ناز ماھر ھو.

ڳالھ ھينئن ٿي ته سوئي بلوچستان ۾ ۲۰۰۱ع ۾ مون کي بلڊ پريشر جو عارضو ٿيو ۽ بدن تي سوڄ به ظاھر ٿيڻ سان گوڏن جو سور بہ رھڻ لڳو، ستت ئي ڪراچي اچي مڊ ايسٽ اسپتال (جيڪا ھاڻي ڊھي ٽاور بڻجي چڪي آهي) ۾ ڊاڪٽر مرحوم عبدالحق سان مليم. دل جو عارضو تہ ڪو نہ نڪتو پر ڊاڪٽر صاحب گوشت جي منع ڪري ڇڏي. ڪجھ مھينن کان پوءِ ھلڻ چلڻ کان لاچار ٿي پيس. جلد ئي ڪراچيءَ جي مشهور ڊاڪٽر مرحوم محمد ياسين جيڪو انڪل سريا اسپتال ۾ ويھندو ھو. ان سڀ ٽيسٽون ڪرايون ۽ پيشاب ۾ پروٽين جو اخراج وڌيل ھئڻ جي ڪري ڊاڪٽر جعفر نقوي صاحب کي ريفر ڪيو. ھن جلد ئي او ايم آء اسپتال ۾ داخل ڪيو.. چوويھن ڪلاڪن جي جمع ڪيل پيشاب ۾ ۳ گرام کان به وڌيڪ پروٽين خارج ٿئي پئي. ڊاڪٽر نقوي صاحب فورًا گردي جي Biopsy ڪري، ڪڊني سينٽر ٽشو موڪلي، مون کي ڊسچارج ڪري، رزلٽ اچڻ جو انتظار ڪرڻ جو چيو. ھفتي کان پوءِ رپورٽ ۾ FSGS ظاھر ٿيو.

سائين نقوي صاحب Cyclosporine شروع ڪئي، ھن دوا جا پنھنجا سائيڊ افيڪٽ ٿيا، پر ڊاڪٽر صاحب مانيٽرنگ لاءِ گھرائيندو رھيو. ھر ڀيري ويھارو کن ٽيسٽون ٿينديون ھيون. ڊاڪٽر ھئڻ جي ناتي ڪڏھن به فيس نه وٺندو ھو حتي ڪہ بائپسي پروسيجر جي به چارج نہ ڪيائين، مون مرحوم کي چيو ته مون کي سڀ ڪمپني ادا ڪندي. ان تي جواب ڏنائين ته ريٽائرڊ ٿيڻ کان پوءِ تڪليف ٿيندو. اللہ جي مھرباني سان گردن جو فعل مان مانيٽر ڪري نوجوان نيفرالاجسٽ سان مشورو ڪندو آھيان.

ڊاڪٽر مرحوم جعفر نقوي صاحب جو ھر دفعي توجہ سان معائنو ۽ فون تي به مشوري ڏيڻ ۾ ڪنجوس نہ ھو.. درحقيقت سائين واقعي مسيحا ھو. رب پاڪ سندس مغفرت فرمائي، کيس جنت الفردوس عطا فرمائي آمين.

 

(ڊاڪٽر محمد علي محمدي جي فيسبڪ ٽائيم وال تي ۲۳ مئي ۲۰۲۲ع تي رکيل/ کنيل)

No comments:

راءِ ڏيندا