ڪامريڊ رحيم ڪير سڏائي!
اشفاق لغاري
چمبڙ جي هاري تحريڪ
جي هاڪ تقريبن هر ڪنهن ٻڌي آهي. مسڻ جي مدرسي وارن ٻن هاڪاري مولوين جي ڪهاڻي به
پئي دهرائبي آهي. مسڻ ۽ چمبڙ وچ ۾ جيڪو زميني فاصلو آهي، اهو درد جي رشتي واري پل
نه هئڻ برابر جهڙو پئي ڇڏيو آهي. ڪامريڊ رحيم (دوستن جو مامو رحيم) جي اکين تي چمبڙ
۾ ٻرندڙ هارين جي لالٽين جي روشني پئي يا مسڻ جي ڏيئي هن کي نور بخشيو، اهو سوال ڪامريڊ
کان ڪرڻ رهجي ويو آهي. ڪامريڊ جو پهريون تعارف ٻالڪپڻ ۾ مون پنهنجي مامي الهه
بچائي (مامي بچو) کان گهريلو ڪچهرين ۾ ڪجهه هن ريت ٻڌو هو “رحيم آها وڏا ڪامريڊ، رحيم
دي شادي تي ڪامريڊين دي پوري بس نانگنا تي ڀريج آئي هئي.” ننڍي هوندي مٽن مائٽن جي
خوشين غمن وارن ڏينهن تي ڪامريڊ کي حسرت جي نگاهن سان پيو ڏسبو هو، حسرت اها ته ڪامريڊ
جهڙو مشهور ٿجي جو مامو بچو گهريلو ڪچهرين ۾ پيو ڪامريڊ جي قصن جيان هن حقير جا به
قصا ڪري.
ڪامريڊ رحيم جيوڻ
لغاري جي ننڍڙي ڳوٺ مان ۽ نانگنا شاخ جي ڪپ تان اٿي وڃي سن جي سائين جو جيئن ٿيو، اڄ
تائين نظرياتي طور اتي ئي آهي، باقي سياسي سرگرميون ڏينهن ٿيا هن بنا ڪنهن تي
الزامن جا پٿر وسائڻ جي ترڪ ڪري ڇڏيون. هن اندر جي ڏيئي کي ٻرندو رکڻ لاءِ انجمن
غلامان قلندر مان وڃي وٽ کنئي آهي ۽ اها وٽ اڃان تائين ٻري پئي. سائين احمد علي
قريشي کي سلسلي جي ٻين پيروڪارن جيان ڪامريڊ به بابا ڪري سڏيندو ۽ لکندو آهي. ڪيئي
لاها چاڙها آيا پر ڪامريڊ جي سياسي زندگي ۾ ڪو ڦيرو نه آيو بس اضافو اهو ٿيو جو هو
سنائي سان گڏ وڃي قلندري به ٿيو، سنائي سان گڏ قلندري ٿيڻ وارو ڀاڳ به صرف ڪامريڊ
جو ئي ٿي سگهي ٿو. نه ته سن وارن مان وڏي اڪثريت اکرن ۾ اڙجي قلندري ٿيڻ جو شرف
حاصل ڪري ناهي سگهندي.
ڪامريڊ رحيم پنگريو
شگر ملز کان وٺي سوئي سدرن گئس پهتو پر انهن سفرن کان پهريان هن کي حيدرآباد جي
هوائن پنهنجو قيدي ڪيو. هن جي ڪچهرين جي خوشبو حيدرآباد ۽ ڄامشورو مان شروع ٿي سڄي
سنڌ ۾ پکڙجي وئي. کٻڙن، ديوين ۽ ڊبهن واري ڳوٺ جيوڻ لغاري جو ڪامريڊ رحيم سڄي سنڌ
جي ڪچهرين جو مور بڻبو اهو هن جي خواب خيال ۾ به نه هو. غربت، حالتن جو جبر ۽ همت
افزائي جي کوٽ ماڻهو جي خوابن ۽ تصور جي دنيا کي به متاثر ڪريو ڇڏي. ڪامريڊ رحيم ڪچهري
اهڙي ڪندو جو ٻڌڻ واري جي ڪچهري دوران ريل ته ڇا ڪيئي ريلون نڪري وڃن پر خبر نه
پوندس. سائين جي ايم سيد، چاچي حفيظ قريشي، عبدالواحد آريسر کان وٺي ناز سنائي تائين
جا ايڏا ته دلچسپ قصا ۽ سياسي ڳالهيون ڪامريڊ رحيم ٻڌائيندو آهي جو جيئي سنڌ تحريڪ
جي تاريخ انهن واقعن ۽ قصن کانسواءِ ڇسي ڇسي رهندي. پنهنجي خودي ۽ ايمانداري جي ڪري
صحافت ۾ وڏو نالو ڪمائيندڙ سائين جي اين مغل سان ڪامريڊ جي دوستي پراڻي آهي ۽ مغل صاحب
جو ذڪر سياسي تقريرن ۾ ڪامريڊ وڏي ناز سان ڪندو رهيو آهي.
ڪامريڊ رحيم
انتهائي نياز نوڙت وارو آهي. راڄ ڀاڳ ۽ يارن دوستن ۾ پير ڀرڻ ڪامريڊ جي پراڻي
دلچسپي پئي رهي آهي. سنڌ يونيورسٽي پبلڪ ايڊمنسٽريشن شعبي ۾ ڪامريڊن سندس داخلا ڪيئن
ڪرائي، اهو قصو به ڏاڍو دلچسپ آهي. يونيورسٽي ۾ امتحاني پرچي جون تياريون پئي هليون
۽ ڪامريڊ رحيم کي وٺي وڃي وائيس چانسلر آفيس پهتا ته هن جي داخلا ڪريو. وائيس
چانسلر چئي داخلا ڪيئن ٿيندي صبح جو امتحان آهي، ڪامريڊ وائيس چانسلر آفيس ۾ فرش
تي ويهي ڪامريڊ جي داخلا ڪرائي پوءِ اٿيا ۽ ڪامريڊ پهريون سيمسٽر پڙهڻ بجاءِ سڌو وڃي
امتحان ۾ ويٺو. حيدرآباد ۾ ناز سنائي سان گڏ گرفتاري واري ڳالهه به مزيدار آهي. پڇاڻي
وارن پڇيو هٿيار ڪٿان آيا، ناز سنائي چئي فلاڻِي ڊي ايس پي ڏنا. جيڪو اتان جو ڊي
ايس پي هجي. خود ڏاڙهي پٽڻ ۽ شيشي جو فريم ٺهرائڻ واري ڳالهه به تاريخ جو يادگار آهي.
ڪامريڊ وڏن ٽهڪن سان اها ڳالهه ٻڌائيندو آهي. ڊاڪٽر دودي مهيري کي لڳل ڦٽڪن ۽ انهن
سان عبدالواحد آريسر پاران منسوب ڪيل رومانوي سياسي ڳالهه کي جنهن انداز سان ڪامريڊ
بيان ڪندو آهي، اها به ٻڌڻ ۽ ياد رکڻ جهڙي آهي. ڪامريڊ رحيم جيئي سنڌ جي واقعن، قصن
۽ ڪردارن کي تقريبن ايئن ئي بيان ڪندو آهي، جيئن عزيز ڀنگوار ڪيو آهي. ڪامريڊ جون
آئون کوڙ ڳالهيون سنگت ۾ خير جو ڪم سمجهي پيو اڳتي وڌائيندو آهيان پر پنهنجي راڄ ڀاڳ
مٽن مائٽن ۾ رحيم جي هڪڙي ڳالهه هر گهر ۾ فريم ڪرائي لڳائڻ ٿو چاهيان ته “لغاري هڪڙي
جدا سائنس آهن.”
پنهنجي ڀائيٽن، ڀاڻيجن
۽ مٽن مائٽن کي نانگنا ۽ لانڍي جي اونداهين غارن مان وٺي اچي حيدرآباد مسلم ڪاليج
۾ پڙهائيندڙ ڪامريڊ رحيم نه هجي ها ته شايد آئون به ڏاڏي موسي جون رڍون چاريندڙ پوٽو
۽ لانڍي (کاهي) جو لغاري ئي هجان ها. جيڪو مامو مون لاءِ رستو بڻيو، جنهن مونکي
پهريون ڀيرو حيدرآباد ڏيکاريو، جنهن وٽ مون ڪتاب ڏٺا، منهنجي انهي مامي عبدالحق کي
ڪامريڊ رحيم پنهنجي خاندان جي ٻن نوجوانن خدا بخش(مشهور وڪيل ڪي بي لغاري) ۽ ڪريم
بخش ڏاڏي سان گڏ حيدرآباد پڙهائڻ لاءِ وٺي آيو هو. ڪامريڊ رحيم ڳوٺ ۾، راڄ ۾ هڪ رول
ماڊل پئي رهيو آهي. تقرير هجي يا ڪچهري ڪامريڊ اهڙي ڪندو جو ٻڌندڙ پوءِ هيڏانهن هوڏانهن
لوڻو هڻي نه سگهندو. مامي رياض، چاچي محمد خان، چاچي ناصر، مني(امان الله لغاري)
چاچي سلطان سان گڏ ڪامريڊ جون ٻڌل ڪچهريون منهنجي زندگي جو اثاثو آهن. ڪامريڊ رحيم
جو پروفائل لکڻ کان هر ڀيري آئون رڳو ان ڪري لنوائي ويندو هئس جو هڪ ته هو لغاري
آهي، ٻيو برادري جو آهي، ٽيون امان جو ويجهو عزيز آهي. ڪٿي ڪو اها تهمت نه هڻي
وجهي ته اشفاق پنهنجي خاندان جي پذيرائي ٿو ڪري. ڪامريڊ يار، تو جهڙا خالص روح هاڻي
هن آلوده دنيا ۾ ڪٿي. . . تون جيئندو رهين. . . . ڪامريڊ ڪينسر جهڙي مرض کي پنجاب
سامراج سمجهي ان سان تقريبن گذريل پنجن سالن کان ويڙهه ۾ آهي ۽ بهادري سان وڙهي
رهيو آهي. ڪامريڊ جي ڳالهائڻ جي سگهه ڪئنسر سبب تمام گهڻي متاثر ٿئي آهي، هن کان براهه
راست ڳالهه تقريبن ٻڌي نٿي سگهجي پر ڪامريڊ جون ڳالهيون آهن جيڪي پيون ڳائبيون.
(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۱۴ مئي ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)
No comments:
راءِ ڏيندا