; سنڌي شخصيتون: جاويد احمد شيخ

27 June, 2022

جاويد احمد شيخ

جاويد احمد شيخ

املھ انسان - سلسلو ۱۸۴

حفيظ چانڊيو

اياز چيو ته:

هيرا ته ڏسو ڪنڪر نه هڻو، ايندو نه وري هي وڻجارو،

ڪجھ ڏات ڏسو پوءِ بات ڪيو، هي شور اجايو آ پيارا.

اسان جنهن سماج ۾ رهون ٿا، اتي منفرد ۽ صحتمند سوچ رکندڙ ماڻهن سان ساڙ ۽ حسد رکندڙن جو ڳاڻيٽو مڙوئي ڪجھ سرس رهيو آهي. جاويد احمد شيخ، به اهڙن املھ انسانن منجهاران آهي، جنهن جي زندگيءَ ۾ ان قسم جي ساڙيلن ۽ حاسد ماڻهن جو تعداد حد کان وڌيڪ رهيو آهي. هو اندر جو اجرو انسان آهي. لطيف سائينءَ جي سٽ

”سنها ڀانءِ مَ سَپَ، وياءَ واسينگن جا،

جنين سندي جھڙپ، هاٿي هنڌان ئي نه چري.“

ها هو ڏسڻ ۾ جيئن سهنڙو ڪهوءَ جي لٺ جيان سڌو سنئون نظر ايندڙ مخلص دوست آهي، ذاتي توڻي پروفيشنل زندگيءَ ۾ به هو ائين سڀني سان نياز مند رهيو آهي. توڙي جو ساڳين ئي ماڻهن کيس رنجايو، روح رهڙيو اٿن، ان باوجود پنهنجي اندر جي ٻاڦ ڪنهن آڏو ظاهر نه ڪئي اٿائين. هُن کي والدين جي اهڙي ته ڪا دعا ٿيل آهي جو دشمنن سان به پيار ۽ پنهنجائپ سان پيش ايندو رهيو آهي. مجال آهي جو ڪنهن به هڪ ماڻهوءَ کان انتقام ورتو هجئين. وٽس گفتار جا نت نوان گوهر آهن. سندس جنم ۱۸ مئي ۱۹۷۹ع ڌاري لاڙڪاڻي جي دڙي محلي سان تعلق رکندڙ هڪ مشهور سوناري بشير احمد شيخ جي گهر ۾ ٿيو. سونارڪو ڪم کين ابن ڏاڏن کان وٺي ورثي ۾ مليو، سندس والد لاءِ اڄ الائي ڪيترائي ماڻهو چوندا آهن ته ھو باڪمال شخص ھو، آرٽسٽ هو ته ڪو نه، پر پنهنجي حياتيءَ ۾ ئي پنهنجي نجي جڳھ تي عاليشان عمارت ڀرسان هڪ هال ٺهرايو هيائين، جنهن لاءِ هن ڪيترن آرٽسٽن کي چورائي موڪليو ته لاڙڪاڻي جا آرٽسٽ سندس اولاد جيان آهن. ڪنهن به ڪلب جي آرٽسٽ جيڪڏهن ريهسل لاءِ جيڪڏھن ڪا جڳھ نٿي ملي ته هن فقير منش ۽ آرٽ دوست ماڻهو جو آشيانو هنن لاءِ سدائين حاضر رهندو، نه صرف اهو هال پر هنن جي چانھ پاڻي جو بندوبست به سيٺ بشير احمد شيخ پاران هوندو. هر ماڻهوءَ کي هيءُ جهان ڇڏڻو آهي، سو جاويد احمد جي والد صاحب به کانئن ڪمهلو موڪلايو، جنهن جي وڇوڙي جو احساس کيس هيل تائين شدت سان محسوس ٿيندو آهي.

جاويد احمد شيخ، پرائمريءَ جا پنج درجا گورنمينٽ پرائمري اسڪول خير شاھ بخاري دڙي محلي مان پرائي، جتي هو هڪ جيڏن سان راند به کيڏيو ۽ محنت ڪري ٻه چار اکر پڙهي پيو. پڙهائي ۾ نهايت ذهين هو. پئسي پائي جي ڳڻتي کيس هئي ئي ڪو نه، سو احساسِ برتري باوجود ٻين دوستن جو کيس اونهو رهندو هو. شل ڪنهن اسڪول جي ٻار کي ڪا ٿوري تڪليف ٿئي، بس جاويد مٿس وڃي پهچندو، سندس سار سنڀال کان رهيل اسڪول جو ڪم پوري ڪرڻ تائين ان بيمار شاگرد جو معاون رهندو آيو. هن ميٽرڪ گورنمينٽ پائلٽ هاير سيڪنڊري اسڪول مان پرائي جتي هن اسڪول جي هر فنڪشن ۾ تقريرون ڪري شاگردي واري زماني اهڙو ته ڌاڪو ڄمايو جو تعليمدان کهڙي صاحب جهڙو سخت منتظم به سندس ساراه کان بغير رهي نه سگهندو هو. تقريري مقابلن سان گڏ هن پنهنجي پڙهائيءَ تي پڻ مڪمل توجھ ڏنو، هُن نه ٿي چاهيو ته سندس خطابت واري خفت ۾ کانئس اصل پاسو نه هليو وڃي. اسڪول جا شاگرد پڻ هن کي ڀائيندا هئا. هو استادن ۽ شاگردن ۾ ايترو پاپولر ٿيو جو سکر ڊويزن ۾ تعليم کاتي پاران رکيل هڪ فنڪشن ۾ پوري لاڙڪاڻي اسڪولن مان هن جو نالو چونڊيو ويو، ساڻس ٻه ٽي ڇوڪرا ٻيا به گڏايا ويا، جن جو تقريري فن تي هن وانگر ٺيڪ ٺاڪ دسترس هئي. هنن شاگردن کي سائين سرڪش سنڌي صاحب ۽ هڪ ٻئي استاد جي سرپرستي ۾ سکر مقرر هنڌ ڏانهن اماڻيو ويو، جتي تقريري مقابلو ٿيو. ججن پهرين پوزيشن هڪ ڇوڪريءَ کي ڏني، جيڪا مسلسل پهرين پوزيشن لاءِ بضد ٿي رت جا ڳوڙها روئي رهي هئي، سندس اکيون به سُڄل هيون، ان مقابلي ۾ جاويد احمد شيخ کي ٻي پوزيشن ملي، جڏهن ته ججن جي فيصلي مطابق ان پهرين پوزيشن جو اصل حقدار هيو ئي گورنمينٽ پائلٽ هاير سيڪنڊري اسڪول جو هونهار شاگرد جاويد احمد شيخ هو، پروگرام ختم ٿيڻ بعد خبر پئي ته اها ڇوڪري هڪ فوجي آفيسر جي نياڻي هئي.

انٽر ۾ هن انجنيئرنگ شعبي جي چونڊ ڪئي ۽ باضابطه پڙهڻ لاءِ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ داخلا ورتي هئي. ڪاليج واري ماحول ۾ رهندي هو مٽي ماٿي لاهيان جي نظرئي سان سلهاڙيل رهيو. منجهيل ۽ مجبور شاگردن جي جائز ڪمن لاءِ هو پرنسپال ڏانهن ويندو هو ۽ اهي مسئلا کڻي حل به ڪرائي ايندو هو.

۱۹۹۴ع ۾ مهراڻ يونيورسٽيءَ مان بيچرل آف انجنيئرنگ (سول) جي ڊگري پوري ڪري پهرين پوزيشن حاصل ڪيائين. پڙهائي جي معاملي ۾ هو ٽاپر رهيو آهي. ڊگري مڪمل ڪرڻ کانپوءِ کيس شهيد بينظير ڀٽو جنرل يونيورسٽي نوابشاھ ۾ پراجيڪٽ ڊائريڪٽر BPS-۱۹ جي نوڪري ملي، جتي هر پاسي هن ڪرپشن وارو ماحول ڏٺو، جنهن کان کيس گرنهن اچڻ لڳي هن زندگيءَ جي حقيقتن کي ڀاڪر ڀرڻ چاهيو، پر رشوت جي بازار گرم ڪندڙن جي سازشن کيس ڪم ڪرڻ کان بلڪل بيزار ڪرڻ جا سوين سبب پيدا ڪيا. شل نه ڪنهن اداري ۾ ڪو ماڻهو ڪم ڪرڻ وارو ۽ ايماندار پيدا ٿئي پوءِ سائين سڀئي اداري جا ناڪام ۽ هڏ حرام ماڻهو ان مخلص ۽ فرض شناس آفيسر جي اصل هٿ ڌوئي ڪڍ پئجي ويندا. ڪن شين کي بهتر ڪندي ڪندي هو نوڪري مان ايترو بيزار ٿيو، جو استعيفي ڏيڻ ۾ ئي عافيت سمجهي هيائين. يونيورسٽي جي نوڪري کانپوءِ ۲۰۱۳ع ۾ کيس نيشنل هاءِ ويز اٿارٽيءَ پراجيڪٽ ريزيڊنٽ انجنيئر طور ڪم ڪرڻ جي آڇ ملي، جتي کيس دل گهري ماهوار پگهار ملي. انجيئر هجڻ ڪري ۽ تجربي هجڻ سبب دبئي ۾ روڊ ڪٽنگ ارٿننگ انجنيئر ۾ ڪم ڪيو، ڪم سول ۽ اليڪٽريڪل جو جوائنٽ ورڪ هو، جتي هن چاهيو ته پنهنجي قابليت تي ٻاهرين ملڪ ۾ شهرت حاصل ڪري ته جيئن پاڪستاني انجنيئرس جي عزت ٿئي.

اهو شايد ۱۹۷۹ع جو زمانو هو پنهنجي والد صاحب سان پاڪستان ٽيليويزن نيٽ ورڪ جي ڊائريڪٽر مسٽر عبدالڪريم بلوچ سان ڪچهري پئي ڪئي، ان دوران سندس والد بشير احمد کي ڊائريڪٽر عبدالڪريم بلوچ هجت ۾ چئي ڏنو ته اسٽيج ڊرامي ۾ هڪڙي ٻار جو ڪردار ڪرڻو آهي، ڇو نه اڄ اوهانجي موجودگيءَ جو فائدو وٺجي، اوهانجي پٽ کان اهو Scene پرفارم ڪرائجي، جنهن تي جاويد جي والد صاحب بنا دير کيس هائوڪار ڪئي ۽ آئين جاويد احمد پهرين اسٽيج ڊرامي "سوداگر" ۾ پرفارم ڪيو، جنهن تي آئڊينس کيس ڀرپور نموني سان موٽ ڏني ته هو ايترو خوش ٿيو جو ڪپڙن ۾ نٿي ماپيو.

هو زماني جهڙو ناهي، نه ئي شارٽ ڪٽ ذريعي ڪا مڏي ميڙڻ ئي سندس خواب رهيو آهي. زمانو ديوانو آهي، جنهن وٽ ديواني جهڙا خواب ئي رهيا آهن. دنيا مٽجي وئي، مايا جي موھ ۾ اچي گهڻن پنهنجي اصولن کي صليب تي چاڙهي ڇڏيو پر نه مٽيو ته ڀائو جاويد احمد شيخ نه مٽيو. منجهس موجود اهڙي ته صوفياڻو رنگ هو، جنهن جي سچائي ۾ رڱجي هن دانشمندي ۽ ايمانداري سان پنهنجو لوهو مڃائڻ چاهيو. سندس اهڙي لگن ۽ جدوجهد کيس پيار جي لائق بڻايو. هزارها اختلاف هجن پر مجال آهي جو هن جي سامهون ساڻس ڪوئي اختلاف رکي ۽ سندس سيرت ۽ خلوص جو انڪاري ٿئي. اسٽيج ڊرامي سيريل وڃي ٿيا خير ۾ خوب محنت ڪئي هيائين. هو آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان لاڙڪاڻو جي انهن بانيڪار ميمبرن مان هڪ آهي جن آرٽ ڪائونسل جو بنياد وڌو. جاويد احمد شيخ گهڻو رخي شخصيت جو مالڪ آهي، سندس شخصيت جا سڀئي پاسا ڀرپور آهن، پر سندس سماجي خدمتن ۽ انساني همدردي وارو احساس سندس باوقار شخصيت جو حقيقي پاسو آهي. هو پرائي درد تي ڪنهن ٻار جيان روئي ته کيس پرچائڻ وارو ناهي هوندو. ڪرونا جي قھري وبائي لهر دوران هي يارڙو بيروزگار هيو، آءُ ڪن مستحق عورتن جي راشن وٺڻ ڪنهن سيٺ وٽ دوستن سميت بيٺو هوس ته دڙي محلي ۾ ئي ساڻس ملاقات ٿي، پڇڻ تي سمورو احوال ڪيو هو مانس، خوش خيرعافيت کانپوءِ هو ٻه راشن دڪان تان خريدي گهر ويو. رمضان مهينو هو شايد.. ان وبائي صورتحال ۾ بيروزگار هوندي به ڪن مجبور خاندانن جي سهائتا لاءِ هن پنهنجي گهر واري کان سندس سوني چوڙي وٺي، کپائي ضرورتمند گهراڻن تائين پنهنجي مدد پاڻ تحت راشن پهچائي مثال قائم ڪيو هو. گذريل اڱاري تي ڪنهن آرٽسٽ کانئس سوال ڪيو ته کيس موذي مرض آهي، انجي آپريشن ڪرائڻ لاءِ هن جي کيس مدد گهرجي، ته فورن کيسي مان کيس ۲۰ هزار مدد طور ڏنا. ان کان علاوه هڪ آرٽسٽ جي کيس خبر پئي ته سخت بيمار ٿي پيو آهي، ته پنڊپهڻ ٿي ويو، پاڻ سنڀالي وڃي ساڻس ملاقات ڪئي هيائين، کيس چيو هيائينس ته پيارا! ڌڻي توکي صحت عطا ڪندو، علاج معالج ۾ هن کيس پنهنجي ڪار جون چاٻيون ڏئي، هن کي مٺي ڏيندي چيو ته يار گاڏيون اچڻيون وڃڻيون آهن، تو جهڙي دلبر دوست تان اهڙيون گاڏيون قربان..!! هڪ ٻئي آرٽسٽ جي خبر پيس ته هن کي دل جي تڪليف ٿي آهي ۽ ڪراچيءَ جي اين آءِ سي ڊي اسپتال ۾ زندگيءَ ۽ موت جي ٻواٽي تي بيٺو آهي، سندس گهر پهتو، سرڪاري ڪوارٽر تي ساڻس ڪچهري ڪندي مالي مدد ۾ ۴۰ هزار ڏئي، گمبٽ جي اسپتال اماڻيائين، کيس دلداري ڏيندي چيو هيائين ته هو نه گهٻرائي، ضرورت پوڻ تي بس رڳو هو کيس هڪ ڏينهن پئسن لاءِ ميسيج ڪري، ڌڻيءَ کي پارت آهي، پئسا اڪائونٽ ۾ جمع ٿي ويندس. اڄ به اهو آرٽسٽ دوست هشاس بشاش جيون گهاري کيس اڻ ڳڻيون دعائون ڏئي رهيو آهي. هو انهن ماڻهن منجهان ڪونهي، جيڪي احساس کان مورڳو وانجهيل هوندا آهن، پر سندس مرڪندڙ مک تي سدائين انساني پرچار جون ڪومل ريکائون ۽ ڳڻتيون آسمان ۾ ستارن جيان ٽمڪي روشنائي جو ٿڌو احساس ڏئي رهيون آهن - هو انتهائي حساس دل ماڻهو آهي، ڪنهن جو ڪنهن سان تيز ڳالهائڻ به ناهي وڻندو، سندس زندگي ڀوڳنائن ۽ اذيت کان بنھ آجي زندگي ناهي، وک وک تي کيس ڪيترن امتحانن مان گذرڻو پيو. هو اعتبار کڄي ويل معاشري ۾ اڄ به بي پهچ ماڻهن ۽ بي وسن جو ڀرجهلو بڻيل آهي. سندس زندگي الائي ڪيترن المناڪ واقعن سان ڀري پئي آهي، پر هالار جيڏو حوصلو رکندڙ هن سنهڙي ۽ سهڻي ماڻهو گهٻرائيو ڪونهي، نه صرف پاڻ سينو کولي جيئي ٿو، پر دردن جي درياه احساس جي ٻيڙي ۾ سوار ٿي دکي دلين کي تاريندو رهي ٿو. هن گهگھ اونده ۾ هو اميدن جا ڏيئا اجهامڻ نٿو ڏئي. اداس ٿيڻ بدران مخصوص مرڪ کي پالي جوان ڪيو اٿائين. هڪ ڀيري هڪ آرٽسٽ وٽس آيو کيس چيائين ته هن جي گهرواري بيمار آهي.. کيس هن جي مدد گهرجي، هن نرم دل ۽ سماجي خدمتگار اکيون ٻوٽي کيس سندس گهرواري جي علاج لاءِ ۲۰ هزار مدد طور ڏنا. اها ڪجھ عرصي بعد کيس خبر پئي ته اهو آرٽسٽ ڪوڙو هو، جواري هو، جوا لاءِ هن سان ڪوڙ ڳالهايو، کيس اموشنل بليڪ ميل ڪيو ته جيئن هن کان ڪجھ پئسا وٺي سگهي، هڪ آرٽسٽ کيس صدا هنئي ته جاويد صاحب! منهنجي ڀيڻ کي ڪينسر آهي، سندس ۱۹ سال عمر آهي، هر هفتي ڪيموٿراپي ٿيندس، جنهن تي ۳۵۰۰ رپيا خرچ آهي. ان ادڙي جي علاج مڪمل ٿيڻ تائين ان غريب آرٽسٽ دوست کي کي مڪمل پئسا مدد ۾ ڏيندو رهيو. جاويد احمد شيخ، جي زندگيءَ ۾ جهاتي پائي ڏسجي ته سندس زندگي اهڙين کوڙ ڪارگذارين سان ڀري پئي آهي، جنهن ۾ هڪ هٿ سان ماڻهن جي مدد ڪئي ته ٻئي هٿ کي خبر نه پئي، انفرادي حيثيت ۾ هو شروع واري زماني کان ماڻهن جي اهنجن ۽ ايذاون کي پنهنجائي، سيني لائيندو رهي ٿو. هو اهڙن ضرورت مند ماڻهن جي لاءِ هڪ آسرو ۽ اميد آهي. سندس شاندار ڪارگذارين مان هڪ يادگار واقعو هتي ونڊجي، جنهن ۾ هن پنهنجي ايڪس ايل آءِ ڪرولا ڪار تي صوفن جي ڪوشن ٺهرائڻ لاءِ آرڊر ڏيڻ ويو، جتي آرڊر ڏئي واپس وريو ته سندس ڪار کي هڪ نوخيز نگاهن سان هڪ عورت ڏسي رهي هئي، سندس حسرت ڀري نگاهن کي ڏسي ڀر ۾ بيٺل اردو اسپيڪنگ همراه کان ان عورت جو ائين ڪار کي تڪڻ بابت پڇيو ته جواب ۾ ان همراه چيس ته سر! وه صوفي بناني والا بهائي اس کا شوهر هي، وه ميان بيوي کهتي هين که اک دن وه اپني گهاڙي ضرور لين گے.. ان صوفي ٺاهيندڙ ڪاريگر کي سڏي چيائين ته "وه کهڑي عورت آپ کي بيوي اور اس کي بهن هے، اس لئے وه يه گاڑي آپ ميان اور بيوي کو گاري دينا چاهتا هے. بس هر ماه اپني رزق حلال سے ۵ هزار انهين ماهوار قسط جمع کروائے، يه سن کر دوکان کا مالک آگے برها اور اسے کها که اس دور مين ايسي آسان قسطون پر اتني مهنگي گاري کيون دي رهے هيں، وه گاري پورهيت کے جگه مالک دوکان کو دے، جس پر جاويد مسکرا کر اسے کهتا هے که وه گاڑي صرف اس مزدور کے ليے اور اس کي گهر والي کے ليے هي هے، جسے اس نے بهن بلايا هے، وه ميان بيوي اس کي اس بات پر خوش هويے اور ان کے احسان مانے.

جاويد احمد شيخ به آرٽس ڪائونسل جو هن دفعي صدر ٿي آيو، کيس ڪيترا ئي خواب هئا. ھن ڪيترا ڪم ڪرڻ چاهيا، پر ڪلچر ڊپارٽمينٽ سان رابطي ۾ رهي، آرٽسٽ دوستن لاءِ وظيفا مقرر ڪرايائين، رڪيل فنڊس جاري ڪرايائين، کين هيلٿ ڪارڊ وٺرائي ڏنائين، جيڪي هينئر تائين ايڪٽو ناهن ٿي سگهيا. هن چاهيو ٿي ته آرٽس ڪائونسل لاڙڪاڻو ملڪ جي ٻين آرٽس ڪائونسل جيان عروج ماڻي، پر ڪن غير فطري ماڻهن جي سازشن کيس ائين ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيڻ ناهي ڏنو. اهي ميمبر گهٽ پر هڪ سياسي پارٽي جي دلالي ڪجھ وڌيڪ ڪندا رهن ٿا. بجيٽ ڦٻائڻ لاءِ انهن چنڊن جي چونڪ کيس ويجهڙائي ۾ بليڪ ميل ڪرڻ چاهيو، کيس چيو ته هو کين ڪوڙا ووچر صحي ڪري ڏئي، ته جيئن ايندڙ بجيٽ ۾ هو من پسند پئسا پنهنجي اڪائونٽ ۾ آڻي سگهن، سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي هنن سان ڪاوڙيو، نتيجي ۾ انهن مٿس بي بنياد الزام هنيا، جنهن جو لکت ۾ ۷ رڪني ڪاميٽي جو فيصلو لکت ۾ محفوظ ٿيو هو. آرٽس ڪائونسل لاڙڪاڻي ۾ اهي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ساڳيا ئي ماڻهو آهن، جن ممتاز ابڙي صاحب جهڙن ٻين کوڙ آرٽسٽ ماڻهن کي داٻا ڌڙڪا ڏئي دل جي دورن ۾ هميشه لاءِ خاموش ڪيو. اهي ٻه چار ماڻهو آرٽس ڪائونسل جي آڙ ۾ پناھ وٺي اتان جي آيل بجيٽ ڳڙڪائڻ گهرن ٿا. جاويد احمد جي اکين ۾ ڳوڙها تري اچن ٿا، پر پوءِ به ضمير جي عدالت ۾ هو پاڻ کي سرخرو سمجهي ٿو. هنن کان پاڻ کي وڌيڪ بهتر ۽ تعميري ڪردار جو مالڪ سمجهي ٿو. هو توڪلي ماڻهو آهي. کيس پڪ آهي ته آرٽس ڪائونسل لاڙڪاڻي مٿان هنن چئن چند جي شڪل ڇانيل ڪارا ڪڪر هوائن ۾ جيڏانهن جا آهن اوڏانهن هليا ويندا ۽ نئون سج اڀرندو، جنهن ۾ بوگس ووٽرن بدران نج آرٽسٽ ئي آرٽس ڪائونسل جي اليڪشن ۾ ووٽ ڏئي سگهندا ۽ آرٽ جي واڌاري لاءِ قائم اداري کي برباد ٿيڻ بدران ترقي واٺرائيندا.

(حفيظ چانڊيو جي فيسبڪ ٽائيم وال تان ۷ مارچ ۲۰۲۲ع تي کنيل)

جاويد احمد شيخ

املھ انسان - سلسلو ۱۸۴

حفيظ چانڊيو

اياز چيو ته :

هيرا ته ڏسو ڪنڪر نه هڻو

ايندو نه وري هي وڻجارو،

ڪجھ ڏات ڏسو پوءِ بات ڪيو

هي شور اجايو آ پيارا.

No comments:

راءِ ڏيندا