ڪوي ڪيسوڏان ڏيٿا
ڀارو مل امراڻي
کاروڙي چارڻ جو
رهواسي ڪيسو ڏان نه رڳو ڍاٽ جي دڙن جي چارڻي اتهاس تي چترائي جي ڇاپ آهي، پر پنهنجي
دور ۾ ڍاٽ جي دڙن مان گونجندڙ سنڌ جي تاريخ ۽ تهذيب جو سگهارو آواز آهي. ڪيسوڏان جي
ڪچهري ۾ تاريخي ۽ نيم تاريخي قصن ۽ ڪهاڻين جي ڪردارن کي سڻي محسوس ٿيندو آهي ته ‘سنڌ
جي اتهاس کي هڪ چارڻ کان وڌيڪ ڪير بيان ڪري سگهي ٿو!؟’ ڪيسوڏان پنهنجي ڌرتي جو چارڻ
آهي. هن جي من ۾ نه صرف پنهنجي مٽي جو شاندار ماضي آهي پر وطن جي روشن مستقبل جي
لاءِ تڙپ آهي. هن وطن جي واٽن تي چارڻي ڪوتا جا ڇانورا ڪيا آهن. تاريخ، تهذيب، علم،
ادب ۽ آرٽ جي راھ ۾ پير پٿون ڪندڙ پانڌيئڙن کي نئين ڏينهن نئون اتساھ بخشيو آهي.
ڪوي ڪيسوڏان جي ڪچهري
مان معلوم ٿيندو آهي ته سنڌ جي راڄن ۾ راڄ ڌڻين جون ڪيئن رهاڻيون رچنديون هيون. سگهڙن
سياڻن جا ٻول ڪيئن ٻُرندا هئا. ڳوٺن جا گوهر پنهنجي نئين نسل جي ڪئين تربيت ڪندا هئا.
ڍاٽ جي دڙن ۽ پارڪر جي پٽن تي چارڻن جا ڪهڙا ڳوٺ آباد هئا. نوجواني ۾ هن جي اکين
اهي چارڻ ڪوي ۽ سگهڙ سياڻا ڏٺا جيڪي نه صرف لوڪ گيت جو آلاپ سڻڻ سان ٻڌائيندا هئا
ته ڳائيندڙ ڪنواري ڪنيا آهي يا شادي شده عورت پر جنڊ پيهندڙ جو به پتو ٻڌائيندا
هئا.
ڪيسوڏان جو والد صاحب
آئيڏان۽ چاچو ستيڏان پنهنجي دور جا نامور سگهڙ سياڻا ۽ مانجهي مڙس هئا، جن جي اثر
۾ هن جي بنيادي تربيت ٿي آهي. نصابي تعليم ڪيسوڏان گهٽ ورتي آهي پر غير نصابي
تعليم هن تمام گهڻي ورتي آهي. توڙي جو هاڻي پوڙهاپڻ جو وائرو ڪيسوڏان جي وجود کي
گهيري رهيو آهي پر پوءِ به هُو لٺ جي سهاري پنهنجن وڏڙن کان وارثت ۾ مليل واٽ تي
هڙڪ هلي ڪچهري ۾ پهچي جوانن وانگر ڏات جا ڏيئا ٻاريندو رهي ٿو. سرسوتي کي سمرڻ دوران
هن کان ڪڏهن نيوڇور جي ٻالو برهمڻ جو نالو وسريو نه آهي. جنهن ٻال اوسٿا ۾ رامائڻ
جا ڇند ياد ڪرايا هئا.
ڪيسوڏان سان منهنجي
پهرين ملاقات ‘چتر ٻولي چارڻان’ جي اڻت دوران کاروڙي چارڻ ۾ ڏيول ديوي جي آسٿان تي
ٿي. چارڻي اتهاس تي مون ڪيترا ئي سوال ڪيا، هن هر هڪ سوال جو جواب وڏي ڏاهپ سان
ڏنو. ان ڪچهري کان پوءِ کاروڙي چارڻ ڏانهن منهنجو گهاڙُو گهڙجي ويو آهي. چيلهار
مان عمرڪوٽ اچڻ کان پوءِ کاروڙي چارڻ وڃڻ معمول بڻيل رهيو آهي کاروڙي چارڻ ۾ ڪيسوڏان
سان ڪچهري ۾ ڪڏهن مون سان گڏ ڊاڪٽر عبدالعزيز، ارباب نيڪ محمد ۽ شهاب نهڙيو رهيا آهن
ته ڪڏهن منهنجو جڳتڏان ۽ ڪئلاش ڏان جي قرب سان ميڙو متو آهي.
ڪيسوڏان سان ڪچهري
۾ ڪڏهن اسان جو موضوع مرادن جا ڇند ‘خدا جو ڪرتا عقل ۾ نهين آتا’ ۽ جوجهاڏان جا گيت
‘تون هي ترڻ تارڻ تون هي تون هي تون’ رهيا آهن ته ڪڏهن ڪانجي چارڻ جي ننگرپارڪر جي
راڻي رڻڇوڙ سنگھ تي چيل سورٺا ۽ مراري ڏان جي ماڻهپي ۽ مرياده تي چيل ڪوت رهي آهي.
سيڻي ۽ وينجهل جي دوهن سان گڏ اجلي جي ‘پيڇولي’ به پچاري آهي. ڪيسوڏان مدد خان پٺاڻ
جي لشڪر پاران لٽيل ڇاڇري جي المناڪ ڪهاڻي ٻڌائيندي انتهائي وڏي ڪرب مان گذري ٿو. ڪابل
۾ قيدي ٿيڻ کان پوءِ ڇاڇري جي ويڌي چارڻ اُپڪاري ڇند وسيلي ننڍي کنڊ جي درويشن کي داد
رسائي جي لاءِ ڪئين پڪار ڪئي هئي؟ اهو ڇند مون هن وقت تائين صرف ڪيسوڏان کان ئي ٻڌو
آهي. ڪيسيو ڏان کي ڪوي ڏيارام چارڻ جا سورٺا گهڻا ياد آهن. شاعري جي فني حسناڪي تي
ڳالهائيندي ڪوي ڏيارام جا سورٺا مثال طور پيش ڪندو آهي. مون کي ڪيسوڏان جو ٻڌايل
ڏيارام جو هي سورٺو وڻندو آهي ته؛
مردي موٽي مروڙ، بن
ڪوڏي بانڪا ڦري،
ڪنگلا گهر ڪروڙ، ڏيکي
نهين ڪو ڏيارما،
ازلي ۽ ابدي حقيقت
سان پختي وابستگي جو تذڪرو نڪرڻ تي ڪسيوڏان ڏيارام جا سورٺا سڻائي شاھ لطيف جي هن بيت
تي ايندو آهي؛
ڪاڏي ڪاهيان ڪرهو، چوڏس
چٽاڻو،
منجهين ڪاڪ ڪڪوري، منجهين
لڊاڻو
راڻو ئي راڻو، ريءَ
راڻي ناھ ٻيو ڪي.
آئون هر ڀيري هن جي
ڏاهپ ۽ ڪمال درجي جي حافظي تي حيرت ۾ پئجي موٽيو آهيان.
سهڻي شاعر ۽ سڀاويڪ
سياستدان سائين سردار شاھ کي به جڏهن سياسي مصروفيت مان ٿوري فرصت ملندي آهي، تڏهن
هُو هن چارڻ ڪوي سان رهاڻ رچائي پڇندو آهي ته، ‘پيار جي پورنماسي ۾ سڪ جي سمنڊ جي
جوار باٽا چارڻي ڇندن ۽ دوهن ۾ ڪيئن سمايل آهي!؟ سنڌي شاعري جو ارڏو نانءُ حليم باغي
چارڻي ڪوتا ۾ انقلابي آدرشن جي ولين تي ويچارڻ ۽ تصوف ۽ ويدانت جي نقطن کي نروار ڪرڻ
جي لاءِ ڪيسوڏان ڏانهن هليو ايندو آهي.
ڪيسوڏان پنهنجي ڪوتا
هڪ ته تمام گهٽ رچي آهي ٻيو ته ٻڌائيندو به گهٽ آهي. ڪڏهن ڪچهري موج واري مچي ويئي
ته هڪ ٻه سورٺا ۽ دوها ٻڌڻ جي ملي ويندا آهن.
ڪيسوڏان جو ننڍو ڀاءُ
ڏيوي ڏان به ناميارو ڪوي آهي. مانواري محقق ذوالفقار ڪلهوڙي چارڻي ادب تي انگريزي ۾
لکيل پنهنجي هڪ مضمون ۾ ٻنهي ڀائرن جي ڏات جو تذڪرو ڪيو آهي. پروفيسر شڪتيڏان ڪويا
پنهنجي ‘ڌرا سرنگي ڍاٽ’ ۾ ڪيسوڏان ۽ ڏيوي ڏان کي منظوم مڃتا ڏيندي لکيو آهي ته ؛
سپوت آئيڏان ست
ڪيسر ديو ڪويس،
ڏيٿا کاروڙي ڏيپي داکي
ڌن ڌن ديس،
(آئيڏان جا پٽ
ڪيسر(ڪيسوڏان) ۽ ديو (ڏيوي ڏان) ٻئي ڪوي ٿيا آهن. جن پنهنجي ڏات سان کاروڙي جي ڏيٿن
۾ پنهنجو نالو روشن ڪيو آهي. پوري ديس ۾ جن جي نالي نامياچاري آهي)
ڪيسوڏان جا ڇھ پٽ آهن
جن جو به تذڪرو ڪندي پروفيسر شڪتيڏان چور ٿو ته ؛
ڪيسر هندان کٽ ڪنور
تيج ڏان وڏ طور،
موهن ڀمر مرار جيُون
دولو ڀور دلير،
(ڪوي ڪيسر جا ڇھ پٽ آهن جن ۾ وڏو تيج ڏان آهي، موهنڏان، ڀمرڏان، مراري ڏان ڏولو ڏان ۽ ڀورڏان به ناليوارا آهن)
No comments:
راءِ ڏيندا