; سنڌي شخصيتون: حاجي انور مھر

20 June, 2022

حاجي انور مھر

حاجي انور مھر

آءُ اوهان جو خادم

سيد عرفان علي شاھ



ڪٽنب جي هڪ شاديءَ ۾ شرڪت لاءِ، مونکي جهڏي وڃڻو هو. دوستن سان گڏ پروگرام ڪجهه اهڙيءَ ريت جڙيو جو ٺٽي، سجاول کان ٿيندي بدين ۽ نئون ڪوٽ کان روشن آباد ۾ شادي کائي ڪري، ساڳئي رستي ڪراچي واپس اينداسين. رستو ڏاڍو ڏکيو هو تنهن ڪري فيصلو ٿيو ته واپسيءَ ۾ ميرپورخاص کان ٿيندي، ڪراچي وينداسين ۽ اهڙي نموني سفر شروع ٿيو. موٽر وي تي هڪ هوٽل نظر آيو، جتي چانهه پيئڻ لاءِ اسٽاپ ڪيو، عادت موجب سڀني پنهنجا پنهنجا موبائل فون ڏسڻ شروع ڪيا، مون جيئن ئي فيس بوڪ کوليو ته مونکي پهرين ئي پوسٽ ۾ حاجي انور مهر صاحب جي لاڏاڻي جي خبر ملي، ٽي چار ڀيرا پڙهڻ باوجود مونکي يقين نه آيو پر جيئن ئي مونکي يقين ٿيڻ لڳو ته آءِ پنهنجي موبائل فون ئي بند ڪري ڇڏي ۽ گڏ ويٺل دوست کي ٻڌايو ته حاجي صاحب لاڏاڻو ڪري ويو آهي. پنج منٽن تائين ان خبر جو مون تي ڪو به اثر نه ٿيو پر ان کانپوءِ ايئن پئي محسوس ٿيو جيئن ڪنهن خراب روح منهنجي اندر ۾ داخل ٿي ڪري ڪنٽرول سنڀالي ورتو هجي، هر گذرندڙ وقت منهنجي تڪليف ۾ واڌارو ڪري رهيو هو ۽ اهڙي نموني آءُ پندرهن منٽن اندر صفا بي حال ٿي ويس، ٿوري دير پهريان ننڊ پوري نه هئڻ ڪري بيحال هئس پر خبر ڏسڻ بعد ننڊ مونکان هزارين ميل پري وڃي چڪي هئي، ايتري ۾ مونکي فيس بوڪ تي هڪ ٻي پوسٽ نظر آئي، جنهن ۾ لکيل هو ته حاجي صاحب جو مڙهه سندس اباڻي ڳوٺ نيو پيو وڃي.


ڪراچيءَ کان ويندي وقت منهنجون نظرون روڊ تي کتل هيون ته ڪهڙي وقت حاجي صاحب ۽ آءُ هميشه لاءِ وڇڙڻ کان پهريان ڪجهه پَلَن جي مفاصلي سان گذرنداسين ۽ آءَ کيس آخري سلام سندس ئي لفظن، جيڪي هو هميشه پنهنجي مهمانن کي خدا حافظ چوڻ کانپوءِ ورجائيندو هو “مان اوهان جو خادم” ورجائيندس. آءُ حاجي صاحب جي مڙهه جو انتظار ڪندي ڪندي ماضيءَ جي يادن ۾ گم ٿي ويس. حاجي صاحب ۽ آءُ پهريون ڀيرو ۲۰۰۲ع ۾ ايم پي اي (MPA) چونڊيا هئاسين، ساڻس منهنجي ويجهڙائي ڪڏهن ٿي، اهو ته ياد ناهي پر اهو رشتو پڇاڙيءَ تائين جاري رهيو. آخري ڀيرو شايد ٻه ٽي مهينا پهريان هن مونکي ياد ڪندي چيو هو ته پنجاب جو هڪ سي ايس ايس آفيسر دوست سکر ۾ آيو ھو، جنهن جي پوسٽنگ هاڻي ڪراچي ۾ ٿي آهي، هو پڙهيل لکيل ۽ سٺو آفيسر آهي، مان کيس گهرايو آهي، توهان به اچو، سٺي ڪچهري ٿيندي، ڳالهين ئي ڳالهين ۾ هن مٿي ڄاڻايل آفيسر سان هڪ ڳالهه ڪئي، جيڪا آءٌ وساري چڪو هيس. هن فرمايو ته مان اسيمبليءَ ۾ صبعت الله شاهه تي هڪ تقرير ڪئي، جيڪا ختم ٿيڻ بعد عرفان پويان اچي ڪري منهنجو هٿ پڪڙيو ۽ چيو ته مهر صاحب آءُ اوهان کي معاف نه ڪندس ۽ قيامت ڏهاڙي اوهان کان سوال ڪندس، حاجي صاحب چيو ته مان پريشان ٿي ويس ته اهڙو ڇا ٿي ويو، منهنجي پڇڻ تي عرفان ٻڌايو ته ايترو علم ڇا توهان پاڻ سان گڏ کڻي ويندو توھان لکو ڇو نٿا ايندڙ نسلن لاءِ؟

آءُ رڳو حاجي صاحب سان ئي نه پر ڪنهن به ماڻهوءَ سان ملندو آهيان ته کيس التجا ڪندو آهيان ته خدا جي واسطي سنڌ جي تاريخ لکڻ ۾ پنهنجي حصي جو ڪم ضرور ڪيو، اڄ تائين اسان جي تاريخ غاصبن، فاتحن ۽ آمرن لکرائي آهي، هاڻي اسان جو وارو آهي. حاجي صاحب جي لاڏاڻي جي خبر ٻڌي ڪري جيڪا منهنجي حالت ٿي هئي، بينظير ڀٽو جي شهادت جو ٻڌي به منهنجو ساڳيو حال هو. شهادت جو ٻڌي هڪ ڪلاڪ تائين آءُ بلڪل نارمل رهيس، جهڙوڪ ڪا عام خبر هجي پر بعد ۾ آءُ ڪيترن ئي ڏينهن تائين صدمي ۾ رهيس. سياست جي تسبيح جا ڪجهه داڻا جيڪي بچيا هئا، انهن ۾ هڪ حاجي صاحب به هو. مون سان هو دل جو حال اوريندو هو، آءُ جڏهن به حاجي صاحب وٽ ويس، ڪجهه نه ڪجهه نئين ڳالهه سکي آيس، آءٌ پنهنجي ڪتاب ۾ ان جو ذڪر تفصيل سان ڪندس. حاجي صاحب ويندي وقت پنهنجو واعدو پورو نه ڪيو، ان جو جواب آءٌ ساڻس قيامت ڏهاڙي وٺندس پر دنيا اندر ان جي باري ۾ ڪجهه لکڻيون ضرور لکي ويندس. هميشه چمڪندڙ اکيون، مونکي ياد ناهي ته مون سندس اکين ۾ ڪڏهن به ٿڪاوٽ محسوس ڪئي هجي، خوبصورت سفيد ڏاڙهي، جنهن کي رنگ ڪرڻ لاءِ آءٌ هميشه حاجي صاحب کي چوندو رهندو هيس، جڏهن به ڪا ڳالهه ڪندو هيس ته سندس چهري تي مسڪراهٽ اچي ويندي هئي، سٺي لڳي يا خراب هر ڳالهه کي کلي ڪري ٽاري ڇڏيندو هو ۽ ٻئي هٿ ٻڌي ڪري چوندو هو ته توھان بادشاهه ماڻهو آهيو، مان غريب، ڇا ته عاجزي هئي. حاجي صاحب جي ڳوٺ ۾ سندس ھڪ وڏي لائبريري آهي، جيڪا هو پنهنجي آيل هر مهمان کي وڏي چاھه سان ڏيکاريندو هو، بلڪل ايئن جيئن اڄڪلهه جا سياستدان پنهنجون گاڏيون، گهر ۽ پيسا ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪندا آهن.

حاجي صاحب کي پنهنجن وڏيون تڪليفون ڏنيون. ۲۰۰۲ع ۾ سنڌ جو وڏو وزير جڏهن حاجي صاحب جي برادري جو شخص بڻيو ته مٿس پارٽي ڇڏڻ لاءِ وڏو دٻاءُ وڌو ويو، برادريءَ سندس بائيڪاٽ ڪيو پر هن پنهنجي پارٽيءَ سان غداري نه ڪئي، جنهن جو صلو کيس اهو مليو جو بينظير ڀٽو صاحبه جي شهادت بعد سندس سيٽ برادري جي چوڻ تي ڪنهن ٻئي کي ڏني وئي. ڏاڍو شريف ماڻهو هو، ڪتابن ۽ علم سان سياستدانن کي متاثر ڪرڻ پئي چاهيو، آخر تائين ايئن ئي رهيو. مونکي ن ليگ جي هڪ تمام سينيئر اڳواڻ ٻڌايو ته جڏهن مريم نواز لاڙڪاڻي آئي ته سنڌ جي هڪ وزير کيس ايترا ته مهانگا تحفا ڏنا جو هوءَ حيران ۽ شرمنده ٿي وئي. اھڙن سياستدان جي سامهون حاجي صاحب جي ڪتابن ۽ علم جي ڪهڙي حيثيت هئي؟ حاجي صاحب پنهنجا احساس لڪائيندو هو، پنهنجن ٻارن سان تمام گهڻو پيار ڪندو هو پر اظهار نه ڪندو هو. ننڍو هئڻ باوجود آءٌ ڪڏهن ڪڏهن ساڻس بي ادبي ڪري ويندو هئس، هو پنهنجي مهمانن جو ايترو ته قدر ڪندو هو جو مون ڪڏهن به سندس گهر ۾ ڪنهن نوڪر کي ماني لڳائيندي نه ڏٺو، سندس پٽ نه رڳو ماني لڳائيندا هئا پر ان وقت تائين بيٺل رهندا هئا جيستائين مهمان ماني کائي ڪري هٿ نه ڌوئين، اها ڳالهه مونکي ڪڏهن به پسند نه آئي ۽ آءُ مختف وقتن تي پنهنجي ناخوشگواريءَ جو اظهار به ڪندو رهيس. آءُ اڪثر ساڻس ايتري حجت ڪندو هيس جو ٻارڙن جي معاملي ۾ کيس هٽلر سان تشبيهه ڏيندو هيس، ان باوجود هو ڪڏهن به مون کان ناراض نه ٿيو، هٿ ٻڌي ڪري مسڪرائي چوندو هو سائين “مان اوهان جو خادم”.

اڃا تائين جڏهن سندس تصوير فيس بوڪ تي نظر ايندي آهي ته ايئن لڳندو آهي ڄڻ هو اکين ۾ اکيون ڏئي ڪجهه چوڻ وارو آهي، يقين ڪريو جڏهن تصوير نظر ايندي آهي ته مونکي حاجي صاحب تي ڏاڍي ڪاوڙ ايندي آهي، دل ۾ چوندو آهيان اوهان سٺو نه ڪيو، ايئن لڳندو آهي ڄڻ هو پاڻ پنهنجي مرضيءَ سان اسان کي ڇڏي ويو هجي. درندن جي دنيا ۾ هڪ ٻيو معصوم پکي، جنهن جي اڏام، جنهن جي ٻولڻ جو آواز ڪنن کي سرور پهچائيندو هو، منهنجي اکين ۽ ڪنن کي هميشه لاءِ پنهنجي آواز کان محروم ڪري هليو ويو، جنهن لاءِ آءُ کيس ڪڏهن به معاف نه ڪندس، لکيو بيشڪ قسمت جو هجي پر هو ويو ڪيئن؟ ان جي همت ڪيئن ٿي جو هو مونکي گدن جي وچ ۾ اڪيلو ڇڏي ڪري هليو ويو. آخري ڀيرو مونکي کلي ڪري هٿ ٻڌي ڪري چوي ته ها ته “مان اوهان جو خادم.” هميشه گاڏي تائين ڇڏڻ ايندو هو. لک ڀيرا منع ڪرڻ باوجود هو گاڏي جو در کولي ويهاري ڪري پوءِ در بند ڪندو هو. خدا حافظ جي جواب به چوندو ھو ته “مان اوهان جو خادم”. هي ڪهڙو خادم هو، جيڪو جلدي جلدي هليو ويو، آخري ڀيرو پاڻ تائين پڄڻ ته ڏئي ها. قبر ۾ لاهڻ جو موقعو ته ڏئي ها، قبر جي مٽي وجھڻ مھل مونکي کي به ته خدا حافظ چوي ها ۽ مان هٿ ٻڌي ڪري اوڇنگار ڏئي چوان ها؛ “حاجي صاحب! آءُ اوهان جو خادم”!

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۱۲ مئي ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)

No comments:

راءِ ڏيندا