; سنڌي شخصيتون: سرواڻ سنڌي

19 June, 2022

سرواڻ سنڌي

سرواڻ سنڌي

ديس جي تصور جهڙو شاعر

عزيز قاسماڻي



انسان صحتمند معاشري جو رهبر آهي، اڳواڻ آهي، سرواڻ آهي، جڏهن سماج جي اڏاوت جو بنياد نئون نئون وڌو پئي ويو ته شعور جي، عمل جي مداخلت دنيا جي نقشي کي زمين کان کڻي ستين آسمانن جي بلنديءَ کان به اُتم ڏيکارڻ جا ويس ڪيا. ادب شعور جي پهرين ۽ عظيم اک آهي، جنهن بدصورت کي به خوبصورت ۽ خوبصورت کي اعليٰ هجڻ جا دليل نه رڳو پيش ڪيا پر ادب دريافت جو علم آهي، جنهن جي وسيلي قومن کي تهذيب ۽ تاريخ جوڙڻ ۽ سنوارڻ ۾ هٿي ملي. ۲۰ هين ۽ ۲۱ هين صدي ۾ ماورايت (Transcendentalism) اها تحريڪ آهي جنهن اظهارڻ جي سگهه کي ننڊ ۾ به ٿيندڙ لقائن ۽ منظرن ۽ واقعن کي پيش ڪيو آهي. تحت الشعور ۾ ڇا آهي ۽ تحت الشعور جي داخليت ۾ جيڪي موهه ۽ واقعا سمايل آهن انهن کي خارجي عنصرن جي اظهار جو لباس ڏئي ڪائنات جي اوجهل موضوعن سميت اندروني مادي عنصرن جي چرپر کي به رڪارڊ ڪري سامهون آندو آهي.


سرجڻهارن ۾ سرواڻ سنڌي ماورايت جي اظهار جو انوکو شاعر آهي، جنهن ڌرتي جي تهن جي اٿل پٿل سميت انساني شعور جي رستي سان ڌرتيءَ جي ماڻهن جي ديرينه معروضيت جي داخلي دنيا جي جذبن جي ترجماني ڪندڙ حقيقتن کي سامهون آندو آهي. ادب ۽ فن ۾ اهڙي تخليق جيڪا شعور ۽ لاشعور جي وچ واري خماريل ڪيفيت دوران تخليق ڏني وڃي، اشاريت سان ڀرپور عڪس يا عنصر نمايان جهلڪندي محسوس ٿين، ماوراءِ فڪر تحت ٺهيل ڪيترن ئي تصورن مان اها ڳالهه واضح ٿئي ته لاشعور ۾ تخليق جو اپرجڻ به شعور جي ٿانوَ مان ماوراءِ عنصر ڇلڪو کائي لاشعور ۾ گهر ٺاهين ٿا. اينڊري برٽن چوي ٿو ته “عڪس دماغ جي خالص تخليق آهي، جيڪو شين جي ڀيٽ مان نه پر ٻين مختلف فاصلن تي موجود حقيقتن جي ويجهڙائي ۽ قربت مان جنم وٺي ٿو، جيترو ٻن مختلف حقيقتن جو فاصلو هوندو اوترو ئي سگهارو عڪس ٺهندو.”

جي جاڳندي من ۾، ستي پڻ سيئي!

مٿئين مصرع شاهه ڪريم جي ماورايت جي فڪر جي ترجماني ۽ منشور جي بنيادي نقطي مان هڪ آهي. جيئن اينڊري برٽن ۽ فرائيڊ فن ۽ فڪر جا نمايان مهرا آهن، تيئن سنڌي شاعرن جو جيڪو سلسلو هن تحريڪ کي روان دوان رکي ٿو ان ۾ سرواڻ سنڌي جو اهم نالو آهي، جيڪو حقيقت ۾ خوابن جي ساڀيان کي لاشعور مان به کڻي ڌُنڌلن عڪسن کي، علامتن کي، اشاريت ۾ لاشعور جو اثر چٽو ۽ واضح ڪري سامهون آڻي ٿو.

جنهن جنهن مٽيءَ کي مهڪايو، ماريو ويو

جنهن جنهن سنڌڙيءَ لاءِ ڳايو، اک ۾ هو

پوري دنيا جو مشهور حقيقت پسندي جو ڪلچر آهي ته ماءُ انسان کي سڀ کان وڌيڪ پياري آهي، ان سان پيار جو عنصر اسان جي شعر جي پيداوار آهي ته تحت الشعور ۾ اهو خيال ڇو ٿو اچي ته جيڪو به ماءُ جي تعريف ڪندو ڇا ان کي ماريو ويندو، چيٿاڙيو ويندو، تيل ۾ ڪاڙهيو ويندو، سوُلي تي ٽنگيو ويندو، جڏهن ته پيار حاصلات جو نالو آهي، تغير جو نالو آهي، ۽ سرواڻ ديس جي تصور جهڙو شاعر آهي، جنهن وٽ ديس سڀ کان مٿانهُون آهي. ماءُ سان پيار ڌرتيءَ سان پيار ماڻهو جي رت ۾ شامل آهي. جيڪي ڌرتيءَ سان پيار ڪندڙ ٽولا آهن ڇا اهي پنهنجي ڌرتي سان پيار نه ٿا ڪن. ڇا اهي گروهه ڌرتيءَ تي فخر نه ٿا ڪن. اسان جي ته گُمان به نه هو ته ڌرتيءَ سان پيار جي سزا ايتري خطرناڪ هوندي جو اسان خواب ۾ به ڇرڪ ڀري اٿنداسين ۽ پوءِ ڌرتي سان پيار جي عيوض انسان زندگي جي حقيقتن کي به اشاريت ۽ ماورايت جي منظر ۾ هڪ عڪس جوڙندو جيڪو قوم جي ڪيترن ئي نسلن کي ننڊ ۾ عڪسبندي ڪندي ڌرتيءَ سان پيار جي عنصرن کي حقيقت پسندي کان آجو ڪري لاشعور جي تهن ۾ لڪائي وٺندو.

سرواڻ سنڌي فڪري لحاظ کان سگهارو خيال ڇرڪائيندڙ به آهي ۽ هو بهو ماورايت جي فن ۽ فڪر جو حسين امتزاج به آهي. هڪ ڪردار ڏيکاريل آهي، جنهن جون ٻه دنيائون آهن، ٻه مختلف ڪيفيتون آهن، هڪ حقيقت پسنداڻي ۽ ٻي مدهوشي واري جنهن ۾ هو تلخ حقيقت واري واديءَ پهريل دنيا آهي جنهن ۾ موضوعاتي عڪس جي نمائندگي ڪري ۽ جڏهن ته ٻي دنيا جنهن ۾ معروضيت ڏانهن ڀرپور انداز سان ان رويي تي روشني وجهي ٿو. هوش واري دنيا ۾ سنڌ سان پيار ۽ مرڪندڙ آزاد هوا وارو خيال، احسان ڄڻ ته بي مقصد آهي، اجايو آهي، اهو فضول آهي ۽ پيار واري ڪيفيت ۾ غنودگي اهو خيال پاڪ پويتر آهي، مثبت آهي، جماليات وارو آهي ۽ دلڪش آهي.

سرواڻ سنڌيءَ، سنڌي شاعري جو اهو شاعر آهي جيڪو پنهنجي موضوعن سميت جديد سنڌي شاعري جي به موضوعن تي لکندو رهيو آهي، حساسيت رکندڙ انسان جيڪو شعور جي اهم علمي معاملن، موضوعن ۽ فڪر ۾ پاڻ موکيندو رهيو آهي جديد شاعري جي هن انوکي فڪر ۾ ڪيترائي غزل ۽ نظم سرواڻ وٽ ملن ٿا ۽ انهن سڀني کي هن مختصر مضمون ۾ پيش نٿو ڪري سگهجي.

سرواڻ سنڌي غزل جو نمائنده شاعر آهي جنهن وٽ شاعراڻي فڪر جا اڪثر موضوع پنهنجي جوهر ۾ اعليٰ پد تي آهن، تخليق جي تخليقي اُپڙ ۾ شاعر جي موروضي انوالمينٽ نه ئي هجي پر نقاد ان تخليق کي پنهنجي ضرورت واري فڪر هيٺ پرکيندو آهي پر شاعر خيال کي پيش ڪرڻ جي صلاحيت سان گڏ هن جي مطالعاتي، مشاهداتي ۽ خيال کي لساني آهنگ ۾ پيش ڪرڻ جو پابند هجي ٿو. سرواڻ سنڌي قديم، جديد شاعراڻي فڪر کي سگهاري انداز سان پيش ڪرڻ جو نادر انداز رکي ٿو. اڄ ۲۷ مئي تي سندس ۴۳هين سالگره آهي ۽ دُعا آهي ته سنڌ جو هي خوبصورت شاعر، جديد سنڌي شاعري کي پنهنجا اڻڇُهيا خيال ايئن ئي ارپيندو رهندو! !

 

(ڏھاڙي پنھنجي اخبار ڪراچيءَ ۾ ۲۷ مئي ۲۰۲۲ع تي ڇپيل)

No comments:

راءِ ڏيندا